روزانه حديث:
حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام فرمايو حيا، ايمان جو حصو آهي ۽ ايمان (جو مقام) بهشت آهي، بي حيائي ظلم و جفا (جو مقام) جهنم آهي. (ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 4562 )
نيوز ليٽر
اسان جو نيوز ليٽر حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اي ميل ايڊريس ڏيو.
اسلامي فلم سيڪشن

حضرت امام موسي ڪاظم عليه السلام
pictures of hiv rashes site what causes aids virus


 ذاتي ڪوائف

 

نالو:                   موسيٰ 3

لقب:                  عبد صالح، ڪاظم، باب الحوائج

ڪنيت:               ابوالحسن، ابوابراهيم

والد:                   امام جعفر صادق 3

والده:                  بيبي حميده

ولادت جي تاريخ:  صبح، ڇنڇر ڏينهن، 7 صفر سن 128 هه

هنڌ:                   ”ابواء“ مڪي ۽ مديني جي وچ ۾ هڪ هنڌ

امامت جو عرصو:  35 سال

شهادت جي تاريخ:  25 رجب، سن 183 هه

هنڌ:                   بغداد جي قيد خاني ۾

شهادت جو سبب:   هارون رشيد جي حڪم سان زهر ڏنو ويو.

عمر:                  55 سال

مرقد مبارڪ:        ڪاظمين ــ عراق


امام موسيٰ ڪاظم 3

ولادت

ستون امام موسيٰ ابن جعفر4۷ صفر سن ۱۳۸ هه تي مقام ابواء[1] ۾ پيدا ٿيا. (1) سندن والد بزرگوار امام جعفر ابن محمد4هيا. ۽ امڙ سڳوري حميده بربرية هئي. جنهن جوتعلق هڪ بافضيلت غير عرب خاندان سان هيو. سندن امڙ خانداني وصفن ۽ انساني فضيلتن  سان مالامال هئي. امام جعفر صادق3 جن بيبيءَ جي متعلق فرمائن ٿا ته ”حميده نج سون جيان پليدگيءَ کان پاڪ آهن. اسان جي مٿان ۽ اسان جي پوئين امام تي خدا جو هي لطف آهي ان جي قدمن کي ان اسان جي گهر تائين پهچايو.“ (2)

امام جعفر صادق3 جي گهر ۽ ان جي علم مان لاڀ پرائڻ کان پوءِ پاڻ ان منزل تي پهتيون جو امام حڪم فرمايو ته ”مسلمان عورتون ديني مسئلا حل ڪرڻ لاءِ بيبي جي خدمت ۾ حاضر ٿين“. (3)

امام جعفر صادق3 جن پنهنجي پٽ جي ولادت جي خبر پوڻ کان پوءِ فرمايو ته: ”مون کان پوءِ واري امام ۽ خدا جي بهترين مخلوق جي ولادت ٿي آهي.“ (4)

والد جي خدمت

امام موسيٰ ڪاظم3جن ننڍپڻ کان ئي والد جي نگراني ۽ خاص تربيت هيٺ ۽ مهربان ماءُ جي نوازش جي پاڇي ۾ ڪمال ۽ رشد جا مرحلا طئي ڪيا. پنهنجي زندگيءَ جا 20 سال پاڻ پنهنجي والد بزرگوار جي بافيض خدمت ۾ حيات جي تعمير ڪرڻ واري فڪري ڪارخاني ۾ گذاريا ۽ ان سموري وقت ۾ هر جاءِ تي پنهنجي والد بزرگوار جي بلند ۽ بيش قيمت ڪمن مان الهام پرائيندا رهيا ۽ سندن  علم ۽ ڏاهپ مان فيضياب ٿيندا رهيا. تمام گهٽ عرصي ۾ ان دانش گاهه مان جنهن جي پيڙهه سندن والد جي هٿان قائم ڪئي وئي هئي. پاڻ ايڏو وڏو مرتبو حاصل ڪيائون جو ان جعفري دانش گاهه جي توسيع ۽ تڪميل ۾ پنهنجي والد جا ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا. 

اخلاقي فضيلتون

امام موسيٰ ابن جعفر4 جن نه فقط علمي اعتبار کان پنهنجي  زماني جي جملي دانشورن ۽ علمي شخصيتن جي حيثيت کي اوجھل ڇڏيو پر اخلاقي فضيلتن، روشن ۽ امتيازي صفتن جي باعث هر ماڻهوءَ جي زبان تي سندن اسم مبارڪ هو.  اهي سڀ افراد جيڪي امام جي پُر افتخار زندگي کان آگاهه هئا اُهي امام جي اخلاقي عظمت ۽ ممتاز فضيلت آڏو ڪَنڌُ نوائي رکندا هئا، ابن حجر عسقلاني اهلِ سنت جو هڪ وڏو دانشمند ۽ محدث لکي ٿو ته:

موسيٰ ڪاظم3 پنهنجي والد جي علوم جا وارث ۽ فضل و ڪمال جا ڌڻي هئا. پاڻ جڏهن تمام گهڻو بردباري ۽ درگذر (جيڪو رويو پاڻ نادان ماڻهن سان اختيار ڪندا هئا) جو اظهار ڪيائون ته کين ڪاظم (ڪاوڙ پيئڻ وارو) جو لقب مليو. ان زماني ۾ علمي معارف ۽ علم ۽ بخشش ۾ ڪو به ماڻهو سندن سطح تائين پهچي نه سگهندو. (5)

امامت

امام جعفر صادق3 جي اصحابن مان ڪي ماڻهو امام جي وڏي پٽ اسماعيل کي خاندان جو چشم و چراغ سمجهڻ ڪري، پنهنجو پيشوا ۽ امام  سمجهندا هئا پر جوانيءَ ۾ ئي اسماعيل جي موت، انتظار ڪرڻ وارن کي نراس ڪري ڇڏيو. ڇهين امام به ان جي موت جي خبر عام ڪري ڇڏي ۽ قوم جي وڏن کي ان جي ميت به ڏيکاري وئي ته جيئن (ان جي امامت واري) عقيدي کي پاڙؤن سڪائي ڇڏجي. (6)

امام جعفر صادق3 اسماعيل جي موت کان پوءِ عباسي حڪومت جي گهٽ ۽ ٻوسٽ جي باوجود مناسب موقعن تي مختلف طريقن سان پاڻ کان پوءِ ٿيڻ واري امام موسيٰ ابن جعفر3 جي طرف پنهنجي اصحابن جي رهنمائي فرمائي، ان جا ٻه نمونا پيش ڪجن ٿا.

علي ابن جعفر3 نقل ٿو ڪري ته منهنجي والد امام جعفر صادق3 پنهنجي صحابين جي هڪ ٽولي کي چيو: ”منهنجي پٽ موسيٰ3 جي متعلق منهنجي وصيعت قبول ڪجو ڇو جو اهو منهنجي سڀني پٽن ۾ انهن ماڻهن کان جيڪي مون کان بعد منهنجي يادگار بڻبا. برتر آهي ۽ مون کان پوءِ منهنجو جانشين ۽ خدا جي سڀني بندن تي ان جي حجت آهن.“ (7)

منصور بن خازم نقل ٿو ڪري ته ”مون امام جعفر صادق3 کي عرض ڪيو ته جيڪڏهن اوهان کي ڪو حادثو پيش اچي ته اسان جو امام ڪير ٿيندو؟ امام پنهنجي فرزند موسيٰ3 جي ساڄي ڪلهي تي هٿ رکي فرمايو: جيڪڏهن مون کي ڪو حادثو پيش اچي ته منهنجو هي پٽ اوهانجو امام بڻبو.“ (8)

امامت جو زمانو

موسيٰ ابن جعفر6 پنهنجي والد جي شهادت کان پوءِ سن ۱۴۸ هه ۾ 20 سالن جي عمر ۾ اسلامي معاشري جي قيادت جي ذميداري سنڀالي، پاڻ پنهنجي امامت جي زماني ۾ جيڪا 25 سالن جي ڊگهي عرصي تي ڦهليل آهي. پنهنجي دور جي خليفن منصور دوانقي، مهدي، هادي ۽ هارون الرشيد جا همعصر رهيا.

امام موسيٰ ڪاظم3جي جهاد جي شڪل ۾ روش، ان روش جي سلسلي جي پهرين ڪڙي هئي جا امام جعفر صادق3 معاشري جي حالات سان مهاڏو ڏيندي مخالفن جي محاذ آرائي تي اختيار ڪئي هئائون.

ان زماني جي اسلامي معاشري تي حڪومت ڪرڻ واري حالتن جي تجزيي جي بنياد تي امام موسيٰ ڪاظم3 جي جهاد جي اصلي محور تي تحقيق ڪنداسين.

الف ــ امام صادق3 جي علمي تحريڪ جي تحقيق

پنهنجي والد بزرگوار جي رحلت کان پوءِ امام موسيٰ ڪاظم3ان عظيم يونيورسٽيءَ جي علمي ۽ فڪري رهبري کي پنهنجي ذمي کنيو. جنهن جو بنياد مديني ۾ پئجي چڪو هو ۽ پاڻ ڪيترن ئي محدثن، مفسرن، فقيهن، متڪلمن ۽ تمام اسلامي دانشمندن جي پنهنجي تربيتي مڪتب فڪر ۾ پرورش ڪيائون ۽ وسيع اسلامي فقهه کي پنهنجي جديد خيالن ۽ نظرين سان غني ۽ مالامال ڪري ڇڏيائون.

منصور جي جابرانه حڪومت ۽ سياسي حالتن جي گهُرجن هيٺ امام پهرين مرحلي ۾ پنهنجي جهاد کي اهڙي شڪل ڏيئي رهبري جي عظيم ذميداري کي معارف جي نشر و اشاعت ۽ باطل عقائد کي ٻنجو ڏيئي نڀايو.  هيٺيون واقعو ان جي جبر جي هڪ شڪل کي نِروار ٿوڪري.

امام جعفر صادق3 کي جڏهن منصور دوانقي زهر ڏنو ته ان کان پوءِ هن پنهنجي امڪاني مخالفن کي رستي تان هٽائڻ جو مناسب موقعو سمجهيو ۽ مديني جي حاڪم محمد سليمان کي لکيو ته جيڪڏهن جعفر بن محمد4 ڪنهن کي پنهنجو جانشين مقرر ڪيو آهي ته ان کي حاضر ڪر ۽ ان جو ڪنڌ لاهي ڇڏ!

مديني جي حاڪم جواب ۾ لکيو ته ”جعفر ابن محمد4 پنهنجي وصيعت نامي ۾ 5 ماڻهن کي پنهنجو وصي ۽ جانشين قرار ڏنو آهي انهن جا نالا هي آهن: 1 ــ منصور دوانقي، 2 ــ محمد ابن سليمان (مديني جو حاڪم)، 3 ــ عبدالله ابن جعفر (امام جو وڏو فرزند)، 4 ــ موسيٰ بن جعفر4، 5 ــ حميده امام جي زال، ۽ خط جي آخر ۾ مديني جي حاڪم خليفي کان پڇيو ته انهن مان ڪنهن جو ڪنڌ لاهيان!؟”

منصور جي ته وهم ۽ گُمان ۾ به نه هو ته ڪي اهڙا حالات سامهون ايندا. کيس ڏاڍي ڪاوڙ چڙهي ۽ چيائين ته: ”ان مان ته ڪنهن کي به قتل ڪري نه ٿو سگهجي“ (9)

امام جعفر صادق3 اهڙو سياسي وصيعت نامو تحرير فرمائي امام موسيٰ ڪاظم3کي قتل کان بچائي ورتو. ٻي صورت ۾ امام موسيٰ ڪاظم3جو قتل يقيني هو.

امام موسيٰ ڪاظم3 جي علمي ۽ ثقافتي ڪوششن مان ٻه اهم نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا.

1 ــ اهڙي علمي ۽ فڪري آمادگيءَ جو هئڻ جنهن جي ذريعي فلسفن ۽ مختلف فڪري ۽ اجتماعي مڪتبن سان مقابلو ڪري سگهجي. اهڙن فڪرن مڪتبن ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ الحادي ۽ شعوبيه[2] مڪتب فڪر هئو جيڪو اسلام جي بنيادن کي للڪاري رهيو هو.

هڪ مذهبي پيشوا هئڻ جي ناتي اهڙن عقيدن تي خطرن ۽ آفتن جي مقابلي ۾ امام جو ڪردار هي هو ته مضبوط دليلن سان اصولي راهن طرفان رهنمائي ڪري اهڙن افڪارن سامهون ديوار بڻجي بيهي ۽ اهڙن فڪرن کي بيڪار ثابت ڪري اسلامي ماحول کي ڪُفر، زندقه ۽ شعوبيه وغيره کان پاڪ ڪن. ان جهاد جي ڏکيائين ۾ واڌاري جو سبب مسلمانن جو نظرياتي اختلاف بڻيو ۽ ان وقت جي حڪومتن به ماڻهن جي افڪارن جو رُخ ڦيرڻ لاءِ انهن اختلافن کي پيدا ڪيو.  قرآني لفظن جي قديم هئڻ واري نظريي جي پيدائش، معتزله ۽ اشاعره فرقن جو ظهور ۽ چئن فقهن جو قانوني شڪل اختيار ڪرڻ ان (ڳالهه) جا واضح نمونا آهن. امام جو اهو قدم عباسي خلافت لاءِ تمام ڳرو هو. امام جي مڪتب فڪر ۾ تربيت حاصل ڪرڻ وارا افراد جيڪي ان سلسلي ۾ وڏي مهارت ۽ فعاليت جا حامل هئا تن تي سختي ڪئي وئي ۽ عقيدي جي باري ۾ زبان کولڻ کان روڪيو ويو. ايسيتائين جو هشام ابن حڪم جي جان جي حفاظت لاءِ جيڪو مختلف جماعتن ۽ مڪتب فڪر جي ماڻهن سان بحث ۽ مناظري ۾ ڪمال مهارت رکندڙ هئو، پاڻ امام جن ڪنهن ماڻهوءَ کي ان وٽ موڪلي کيس وقتي طور تي بحث ۽ مناظري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. هشام به مهدي عباسيءَ جي موت تائين ڪا به اهڙي ڳالهه (بحث مناظرو) نه ڪئي. (10)

2 ــ فقهه جي علم، حديث، ڪلام، تفسير ۽ ٻين علمي شيعن ۽ بزرگن ۽ بافضيلت شاگردن جو فيض ماڻڻ، سيد ابن طاؤس نقل ڪن ٿا ته ”امام جا ويجها (پيارا) اصحاب درس ۾ حاضر ٿيندا هئا جو ڪجهه به امام کان ٻڌندا هئا ان کي انهن ڪاغذن تي جيڪي اهي قميص جي ٻانهن ۾ لڪائي رکندا هئا، لکندا رهندا هئا.“ (11)

اهو سڀ ڪجهه انهن حالتن ۾ ٿي رهيو هئو جڏهن عباسي حڪومت امام جي عملي فعاليت تي پابندي هڻي ڇڏي هئي. امام جي شاگردن تي سختي ڪئي پئي ويئي. ظاهر آهي ته ان صورت ۾ امام جو اسم مبارڪ به نه پيو وٺي سگهجي. تنهن ڪري پاڻ ابوابراهيم، عبد صالح، عالم، صابر ۽ امين جي لقبن سان ياد ڪيا پئي ويا.

انهن سختين جي باوجود امام علمي، اسلامي ۽ ثقافتي تحريڪ جي ارتقاء ۾ نهايت وڏو قدم کڻڻ ۽ سوين دانشمند ۽ علمي شخصيتن جي تربيت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا.[3]

(انهن مان) محمد ابن عمير، علي ابن يقطين، هشام ابن حڪم، هشام ابن سالم، يونس ابن عبدالرحمٰن ۽ صفوان ابن يحيٰ جو نالو نموني طور وٺي سگهجي ٿو.

امام جي شاگردن جي روحاني عظمت ۽ انهن جي علمي ۽ مجاهداڻه  شخصيتن، مخالفن، خاص ڪري حڪومتِ وقت کي وائڙو ڪري ڇڏيو. انهن کي ان خطري اچي منجهايو ته ڪٿي هي پنهنجي حيثيت ۽ محبوبيت جي ڪري ماڻهن ۾ انقلاب نه آڻي ڇڏين. ان ڪري ئي هو هميشه اهڙن ماڻهن کي مقرر ڪندا رهندا هئا جيڪي انهن جي نگراني ڪندا رهن. نموني جي طور تي پيش آهي: (ته) ابن ابي عمير امام موسيٰ ڪاظم3 جي ممتاز صحابين مان ڳڻيو ويندو هو. پاڻ ان ڳالهه ۾ ڪامياب ٿيا ته مختلف بحثن تي (هن) پنهنجا پنجاهه (50) جلد يادگار ڇڏيا. هارون جنهن کي امام موسيٰ ڪاظم3 جي نزديڪ محمد ابن عمير جي مؤقف جو اجمالي اطلاع هيو ان محمد جي فعاليت ۽ ڪارڪردگيءَ تي نظر رکڻ لاءِ جاسوسن کي مقرر ڪري ڇڏيو. انهن اطلاع ڏنو ته عراق جي سڀني شيعن جا نالا محمد وٽ موجود آهن. اها خبر ملندي ئي ابن ابي عمير هارون جي حڪم سان گرفتار ڪري قيد ۾ وڌو ويو ۽ شيعن جا نالا ۽ راز معلوم ڪرڻ لاءِ مٿس سختي ڪئي وئي پر هُن ڪجهه به ٻڌائڻ کان نابري واري ڇڏي. (12)

ب ــ امامت جو تحفظ ۽ عمومي انقلاب لاءِ راهه جي همواري

امامت جي تحفظ لاءِ موسيٰ ابن جعفر4جو مجاهداڻو منصوبو هن ريت هئو:

1 ــ پنهنجي حمايتن جي مدد ۽ انهن جي نگراني ڪرڻ ۽ عباسي حڪومت سان مقابلي وارو مؤقف اختيار ڪرڻ لاءِ کين مُنظِم ڪرڻ.

2 ــ امام جن پنهنجي طرفدارن کي حڪم ڏيندا هئا ته عباسي حڪومت سان هر سطح جو معاملو ۽ رابطو ٽوڙيو وڃي.

صفوان بن مهران سان امام جي گفتگو امام جي ان صريحي نظريي ۽ مؤقف کي بيان ڪري ٿي. امام صفوان کي فرمايو “تنهنجي هر ڳالهه سٺي آهي، سواءِ هڪ ڳالهه جي، اُها هيءَ آهي ته تون پنهنجو اُٺ هارون کي ڀاڙي تي ٿو ڏين. صفوان عرض ڪيو ”مان کيس حج جي سفر لاءِ ڀاڙي تي ڏيان ٿو ۽ پاڻ ان سان گڏجي نه ٿو وڃان.“ تنهن تي چيائونس ”ڇا ڪِرائي تي ڏيڻ کان پوءِ تنهنجي خواهش اها نه ٿي رهي ته مڪي کان واپسيءَ تائين هارون جيئرو رهي ته جيئن توکي ڀاڙو ادا ڪري؟“ صفوان چيو ”ها! ڇو نه“، امام فرمايو: ”جيڪو ڏاڍن جي بقا کي دوست ٿو رکي اهو مججھائن ڳڻيو وڃي ٿو ۽ جيڪو به انهن سان گڏ آهي ان جي جاءِ جهنُم آهي“.[4]

امام موسيٰ ڪاظم3 پنهنجي دوستن کي هر ان عهدي کي قبول ڪرڻ کان جهليندا هئا جيڪو ظالم حڪومت جي لاءِ ڏَڍُ جو باعث هجي. پاڻ زياد ابن سلمه کي فرمايائون: ”اي زياد! جيڪڏهن مان ڪنهن مٿانهين تان ڪِري ٽڪڙا ٽڪڙا ٿي وڃان ته منهنجي لاءِ ان کان بهتر آهي ته ظالم حڪومت کان ڪو منصب قبول ڪريان يا ان جي ڪنهن ڏاڪي تي قدم به رکان.“

موسيٰ ابن جعفر4جن اها روش اختيار ڪري اهو پئي چاهيو ته عباسي خلافت جي جائز هئڻ واري خيال کي غلط قرار ڏيڻ سان گڏوگڏ ان کي ڪُنڊائتو بڻائي، کيس عوامي مرڪز بڻجڻ کان محروم ڪري ڇڏجي. امام عباسي ستمگر حڪومت سان سهڪار کي حرام ڪرڻ جي باوجود پنهنجي لائق ۽ اعتبار جوڳن اصحابن جي اهم عهدن تي قائم رهڻ جي مخالفت نه [5]ڪئي ان لاءِ جو هڪ طرف ته اهو ڪم حڪومت جي مشنريءَ ۾ نفوذ جو باعث بڻيو ته ٻئي پاسي ان ڳالهه جو پڻ ڪارڻ بڻيو ته جيئن ماڻهو خاص ڪري امام جا چاهڻ وارا سندن حمايت ۾ جمع ٿين.

علي ابن يقطين جو حڪومت جي مشنري ۾ قوت حاصل ڪرڻ ان منصوبي جو هڪ جُز هو. علي ابن يقطين ستين امام جي ناليرن شاگردن مان هڪ هو. هو هڪ پاڪيزه نفس ۽ امام جي لاءِ اعتماد جوڳي شخصيت جو مالڪ هو. عباسين سان هن رابطو قائم ڪيو ۽ هارون طرفان وزارت لاءِ چونڊيو ويو ۽ علي ابن يقطين امام جي موافقت سان ئي اهو منصب قبول ڪيو. (13) بعد ۾ پاڻ ڪيئي ڀيرا چاهيائين ته استعفيٰ ڏي پر امام کيس روڪيو. (14)

هڪ ڏهاڙي امام موسيٰ ڪاظم3 کيس چيو ته : هڪ ڪم جو واعدو ڪر ته آءٌ تنهنجي لاءِ ٽن ڳالهين جي ضمانت کڻان ٿو.

1ــ تون قتل نه ڪيو ويندين.

2 ــ تنگ دست نه ٿيندين.

3 ــ قيد نه ٿيندين.

علي ابن يقطين چيو ته جنهن ڪم جو مون کي پابند بڻجڻو آهي اهو ڪم ڪهڙو آهي؟ امام فرمايو اُهو ڪم اِهو آهي ته: ”جڏهن اسان جي دوستن مان ڪو تو وٽ اچي ته ان جي ضرورت پوري ڪر ۽ ان جي عزت به ڪر.“ علي ابن يقطين اهو قبول ڪيو. (15)

پاڻ جيسيتائين ان عهدي تي رهيا شيعن واسطي هڪ مضبوط قلعو ۽ اعتماد جوڳي پناهه گاهه ڳڻيا ويندا هئا ۽ انهن ڏکين حالتن ۾ زندگيءَ جي حفاظت لاءِ گهربل اعتبار قائم رکڻ ۽ امام جي دوستن کي اقتصادي طور تي آزاد بڻائڻ ۾ پاڻ هڪ وڏو اثرائتو ڪردار ادا ڪيائين.

2 ــ خلافت جي مشنري جي مقابل امام جو چٽو ۽ پڌرو مؤقف  جيڪو ان ڳالهه تي قائم هو ته خلافت سندن حق آهي ۽ پاڻ ان مقام کي بچائڻ ۾ سڀني ماڻهن تي برتري رکندڙ هئا.

امام جي ان مؤقف کي واضح ڪرڻ لاءِ هڪ وضاحت

هارون رشيد حج تان موٽندي رسول اڪرم جي قبر مطهر تي حاضرٿيو ۽ قريش ۽ ٻين قبيلن جي ڪيترن ئي ماڻهن جي سامهون پاڻ سڳورن تي هن ريت سلام ڪيو ”السلام عليڪ يا ابنِ عم“ (سلام هجي اوهان تي اي سؤٽ!) ۽ نبي سان پنهنجي ان نسبت تي فخر جو اظهار ڪيائين. امام موسيٰ ڪاظم 3 پاڻ اتي موجود هئا. جڏهن اهو ٻڌائون ته ضريح مقدس وٽ بيهي فرمايائون: “السلام عليڪ يا ابة” (سلام هجي اوهان تي اي بابا! سائين) هارون ان ڳالهه تي ڏاڍو ڪاوڙيو. ايترو جو سندن منهن جو رنگ ئي مٽجي ويو. پر ردِعمل ڪجهه به ظاهر نه ڪري سگهيو. (16)

نيٽ هڪ ڏهاڙي امام کي چيائين ته ”اوهين اها دعويٰ ٿا ڪريو ته اوهين فرزندِ پيغمبر آهيو. جڏهن جو اهو ته علي3 آهي (يعني اوهين علي3 جي اولاد آهيو!)“ امام فرمايو: ”جيڪڏهن رسول خدا جيئرا هجن ها ۽ توکان تنهنجي ڌيءَ جي رشتو (پنهنجي لاءِ) گهُرن ها تون قبول ڪرين ها؟“ هارون چيو ”سبحان الله ڇو نه! ان حالت ۾ ته مان عرب و عجم ۽ قريش تي فخر ڪريان ها“. امام فرمايو ته : ”جيڪڏهن رسولِ خدا جيئرا هجن ها ته اسان کان ڌيءَ جو رشتو نه گهُرن ها ۽ نه ئي مان قبول ڪيان ها“. هارون پڇيو ”ڇو ؟“ پاڻ فرمايائون ”ڇو جو نبي منهنجو والد ٿئي (ماءُ جي طرفان) پر تنهنجو پيءُ نه ٿئي“. (17)

3 ــ امت جي انقلابي لاڙي کي سُجاڳ ڪرڻ ۽ انقلابي تحريڪن جي پٺ ڀرائي: منصور جي زماني ۾ ۽ ان کان پوءِ ڪيترن ئي متقي ۽ حق طلب علوي ساداتن جن کي امامن سان ويجهي نسبت هئي، ظلم و ستم جي خاتمي، عدالت، امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جي نشر و اشاعت جي لاءِ قيام ڪيو ۽ نتيجي ۾شهيد ٿيا.

ڪيئي انقلاب ڳجهيءَ طرح امام سان ڳنڍيل هئا ۽ کانئن رهنمائي حاصل ڪندا هئا. جهڙوڪ حسين ابن علي جيڪو مديني جي علوي (سادات) گهراڻي مان هو[6]

سندن قول مطابق امام موسيٰ ڪاظم3 جي صلاح[7] سان هادي عباسي جي خلاف قيام ڪيائون لڳ ڀڳ ٽي سؤ ماڻهن جو هڪ ٽولو ساڻ ڪري مديني کان مڪي طرف روانا ٿيا. سرزمين “فخ” تي خليفي جي سپاهين سان مقابلو ٿيو. سخت جنگ کان پوءِ علوين شڪست کاڌي ۽ واقعه ڪربلا جيان عباسين به سڀني شهيدن جا ڪنڌ لاٿا ۽ مديني کنيون آيا ۽ هڪ ئي جاءِ تي جتي اميرالمؤمنين جي فرزندن جي جماعت ۽ انهن سان گڏ امام موسيٰ ڪاظم3 ويٺل هئا. انهن “سِرن” کي ڏيکارڻ لاءِ کنيون آيا.  اتي امام موسيٰ ابن جعفر4کانسواءِ ڪو به نه ڪُڇيو. پاڻ جڏهن حسين ابن علي (قيام فخ جي رهبر) جو سر ڏٺائون ته فرمايائون: “ِانَالله وَاِنَا اِلَيهِ رَاجِعُونَ” خدا جو قسم هي ان حالت ۾ درجه شهادت تي رسيو آهي جو مسلمان ۽ صحيح ڪم ڪرڻ وارو هيو. گهڻا روزا رکندڙ هئو: راتين جو جاڳندڙ هو، امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر ڪندو هئو.[8]

 هادي عباسي کي جڏهن پتو پيو ته علوي ستين امام جي مرضيءَ تي عمل ڪن ٿا ته هو فخ جي قضيي کان پوءِ سخت ڪاوڙيو ۽ امام جي قتل جو ارادو ڪيائين ۽ چيائين ”خدا جو قسم حسين، موسيٰ ابن جعفر4جي حڪم تي منهنجي خلاف قيام ڪيو. ڇو جو ان خاندان جو امام سواءِ موسيٰ ابن جعفر4جي ٻيو ڪونهي، جيڪڏهن مان کيس جيئرو ڇڏيان ته خدا مون کي قتل ڪري،.[9]

امام جي خلاف جيڪي چغليون خليفن وٽ پهتل هيون ۽ جيڪي خليفن کي اعتراض هئا ان مان خبر ٿي پوي ته امام حڪومتي مشنريءَ جي خلاف سختي سان تيار هئا ۽ ان جي تختي اونڌي ڪرڻ لاءِ فڪرمند هئا.

راوين لکيو آهي ته مهدي عباسي امام کي چيو ”ڇا اوهين اسان کي پنهنجي خروج کان محفوظ رکندا؟“ (18) ان سان گڏوگڏ هارون پنهنجي ان قدم جي حق ۾ دليل ڏنو جنهن تحت امام کي گرفتار ڪيو ويو هو. “مان ڊڄان ٿو ته هي فتنو کڙو ڪندو ۽ خون وهائيندو“. (19)

ج ــ خليفن جي عيش ۽ عشرت خلاف جنگ

اَموي ۽ عباسي خليفا، انهن جا امرا ۽ اهلڪار عيش و عشرت ۽ ٺَٺَ ٺانگر واري زندگي گذاريندا هئا. اهي ماڻهو جيڪا ٽيڪس ۽ پيسو عوام کان اڳاڙيندا هئا ان کي وسيع و عريض سلطنت جي آبادڪاري ۽ ترقي ۾ استعمال ڪرڻ ۽ ماڻهن جي ڀلي ۽ آرام ۾ خرچ ڪرڻ بدران سلطنتي محفلن جي ٺاهه جوڙ، عيش و عشرت ڪرڻ ۽ خوبصورت محل جوڙڻ ۾ خرچ ڪندا هئا.

هاورن جي زندگي ۾ ٻين خليفن جي ڀيٽ ۾ اها خاصيت وڌيڪ چٽي نظر ٿي اچي. هارون بغداد ۾ نهايت خوشنما محل جوڙايا. پنهنجي عظمت ۽ ظاهري وڏ ماڻهپ ڏيکارڻ لاءِ موسيٰ ابن جعفر4 کي اوڏانهن وٺي ويو. طاقت جي نشي ۾ مست وڏائي مان ٽِڏي پڇيائين ”هي محل ڪيئن آهي؟“ پاڻ فرمايائون:

”فاسقن جو گهر آهي. انهن جِن جي متعلق خدا فرمايو آهي ته  جيڪي ماڻهو زمين تي ناحق تڪبر ڪن ٿا. اسان جلدي کين پنهنجي آيتن کان کين ڦيري ڇڏينداسون (هن ريت ته) جڏهن اُهي ڪنهن آيت يا نشانيءَ کي ڏسندا ته ان تي ايمان نه آڻيندا ۽ جيڪڏهن هدايت جي رستي کي ڏسندا ته پنهنجي رستي جي سبب ان جو انتخاب نه ڪندا(اهو فقط ان لاءِ جو) انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ ان کان غافل ٿي ويا“. سورة اعراف/ 146.

هارون ان اُتر تي سخت ڪاوڙيو. هن غضبناڪ انداز ۾ پڇيو ته: ”پوءِ هي گهر ڪنهن جو آهي؟“ امام وراڻيو:

”هي گهر ڪجهه وقت کان پوءِ اسان جي شيعن جو ٿيندو پر(هن وقت) فتني جي جڙ ۽ ٻين لاءِ آزمائش آهي.“ هارون چيو: ”(جيڪڏهن هي شيعن جو آهي ته) گهر ڌڻي وٺي ڇو نه ٿو؟“ امام فرمايو: ”آباد هيو ته مالڪ کان کسيو ويو آهي ۽ هاڻي جيسيتائين ٻيهر آباد نه ٿيندو تيسيتائين موٽائي نه وٺبو“. (20)

شهادت

هارون جي ڏاڍ خلاف امام موسيٰ ڪاظم3 جي رويي کيس (هارون) ان ڳالهه تي اُڀاريو ته هو امام کي نظر بند ڪري ۽ ماڻهن سان امام جي رابطي کي ڪٽي ڇڏي. ان سبب هن امام کي گرفتار ڪري زندان اُماڻيو پر مديني کان ٻاهر وٺي وڃڻ لاءِ هارون مجبور ٿيو ته ٻه پالاڻ ٺهرايا وڃن ۽ هر هڪ کي مديني جي جدا جدا دروازن کان وٺي وڃجي ۽ ٻنهي پالاڻن سان ڪجهه شهسوار فوجي هلن. (21) اهو امام جي عقيدتمندن جي ڀؤ کان نه ڪيو ويو هو پر هارون کي اهو فڪر هو ته هن وٽ ڪجهه اهڙا ماڻهو ۽ ڪجهه ٽولا تيار آهن جيڪي ان موقعي تي حملو ڪري امام کي خليفي جي ڀاڙيتن کان ڇڏائي ويندا جنهن لاءِ هن اهڙي احتياطي تدبير اختيار ڪئي هئي. حضرت موسيٰ ابن جعفر4 جن کي پهرين بصري جي زندان ۾ وڌو ويو ۽ هڪ سال کان پوءِ هارون جي حڪم سان بغداد منتقل ڪيو ويو ۽ ڪنهن سان به ملاقات جي اجازت نه هئي ۽ (ان حالت ۾) قيد ۾ رهيا. (هارون جي قيد ۾ امام جو ڪيترو عرصو رهيا ان ڳالهه اختلاف آهي چار سال ۽  ڏهه  سال  به لکيل آهي.) (22)    نيٺ ۲۵ رجب المرجب سن ۱۸۳ هه ۾ ”سندي بن شاهڪ“ جي

قيد خاني ۾ هارون جي حڪم سان کين زهر ڏنو ويو. ٽن ڏينهن کان پوءِ شهيد ٿيا ۽ بغداد ۾ قريش جي مقبري ۾ دفن ڪيا ويا. (23) (اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته امام موسيٰ ڪاظم ۽ امام محمد تقي (جواد) 4جن جي تربت اطهر اڄڪلهه ڪاظمين جي نالي سان مشهور آهي.) شهادت کان پوءِ هارون جي ماڻهن گهڻو زور ڀريو ته ماڻهو اها ڳالهه مڃين ۽ گواهي ڏين ته موسيٰ ابن جعفر3 کي زهر نه ڏنو ويو پر پاڻ (طبعي) موت سبب دنيا مان لاڏاڻو ڪيو اٿن ته جيئن ان بهاني سان دامن کي اهڙي سنگين ڏوهه جي داغ کان بچائي سگهن ۽ ماڻهن جي ممڪن شورش به رڪجي وڃي.

اهو ٻيو واضح ثبوت آهي جيڪو عباسي حڪومت ڪرڻ واري نظام سان امام جي تڪرار (واري پاليسي) طرف اسان جي رهنمائي ٿو ڪري.

عملي ۽ اخلاقي سيرت جا نمونا

الف ــ عبادت:

خدا جي خصوصي معرفت کين وڌ ۾ وڌ عبادت ۽ پروردگار سان عاشقاڻي راز و نياز طرف مصروف رکندي هئي. جنهن ڪري اجتماعي ڪمن مان واندڪائي کان پوءِ پاڻ عبادت ۾ وقت گذاريندا هئا.

جڏهن هارون جي حڪم سان کين زندان داخل ڪيو ويو ته پاڻ خدا جي بارگاهه ۾ عرض ڪيائون ”پروردگار! (وڏي) عرصي کان  مان چاهيان پيو ته مون کي تون پنهنجي عبادت جي لاءِ فرصت ڏي!! هاڻي منهنجي خواهش پوري ٿي آهي، تنهن جي ڪري مان تنهنجو شُڪر ادا ٿو ڪريان!ِ[10]

جڏهن پاڻ قيد خاني ۾ هئا ته ڪڏهن هارون ڇت تي بيهي مٿان زندان ۾ ڏسندو هو ته لباس جهڙي ڪا شيءِ ڪوٺڙي جي هڪ ڪُنڊ ۾ پيل آهي. هڪ ڀيري هن پڇي ورتو ته هي لباس ڪنهن جو آهي؟ ربيع وراڻيو: ”اهو لباس نه پر موسيٰ ابن جعفر4 آهي جيڪو گهڻو ڪري سجدي جي حالت ۾ ٿو رهي.“ هارون چيو؟ ”سچ آهي ته پاڻ بني هاشم جي وڏن عبادت گذار ماڻهن مان آهي“ ربيع پڇيو: ”ته پوءِ ان تي ايتري سختي ڇو ٿو ڪرين!؟“ هارون چيو: ”افسوس! ان کانسواءِ ڪو دڳ ئي ڪونهي“. (24)

امام هن دعا کي تمام گهڻو پڙهندا هئا ”اللهم اني اسئلک الراحة عندالموت والعفو عندالحساب“ (خدايا مان توکان موت جي وقت آرام ۽ حساب جي وقت بخشش جو طلبگار آهيان.) (25) عبادت جي بيان لاءِ اهو جملو ڪافي آهي جيڪو اسان سندن زيارت ۾ پڙهون ٿا ”درود هجي موسيٰ ابن جعفر4 تي سڄي رات لڳاتار استغفار ۾ گذارن ٿا، سجدي ۾ رهن ٿا گهڻي مناجات ۽ آه و زاري فرمائن ٿا.“[11]

 

ب  ــ درگذر ۽ بردباري

امام موسيٰ ڪاظم3 جي درگذر ۽ سندن بردباري بينظير ۽ ٻين لاءِ عمل جو نمونو هئي. سندن لاءِ ”ڪاظم“ جو لقب ان خصلت کي بيان ڪرڻ وارو ۽ ڪاوڙ پيئڻ ۽ شهرت جي نشاندهي ڪرڻ وارو آهي. مديني ۾ هڪ شخص هو، هو سدائين امام کي (پنهنجي بڪواس ۽ توهين) جي ذريعي تڪليف پهچائيندو رهندو هو. امام جي ڪجهه صحابين اها صلاح ڏني ته سندن سِر ئي گُم ڪجيس. امام کين ائين ڪرڻ کان روڪيو ۽ ان جي گهر جو پار پتو پڇي (مديني کان ٻاهر هڪ ٻَنيءَ ۾ ”گهر“ هيس ) اوڏانهن روانا ٿيا. ۽ ان ئي حالت ۾ جيئن پاڻ  چوپائي تي سوار هئا ان جي پوک ۾ داخل ٿيا، اهو شخص رڙيون ڪرڻ لڳو ته اسان جي پوک پائيمال نه ڪر! امام ڪا پرواهه نه ڪيس ۽ سواريءَ جي ئي حالت ۾ پاڻ ان وٽ پهتا ۽ سواريءَ تان لهي ان کان کلي پڇيائون: ”هن زراعت لاءِ ڪيترو پئسو تو خرچ ڪيو آهي؟“. هن چيو : ”سؤ دينار“ پاڻ فرمايائون: ”گهڻي فائدي جي اميد اٿئي؟“ هن وراڻيو:”ٻه سؤ دينار“ پاڻ کيس ٽي سؤ دينار ڏنا ۽ فرمايائون:

”پوک به تنهنجي آهي، (۽) جيتري تو اميد لڳائي آهي خدا توکي اوترو ئي عطا ڪندو“. اهو شخص اٿيو ۽ امام موسيٰ ڪاظم3 جي سِر مبارڪ جو بوسو ورتو ۽ پنهنجن ڪوتاهين کان درگذر ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. امام جن مرڪيا ۽ واپس وريا.

ان کان پوءِ هڪ ڏهاڙي اهو شخص مسجد ۾ ويٺو هيو ته امام موسيٰ ابن جعفر4 اتي پهتا جڏهن هن شخص جي نگاهه امام تي پئي ته ان چيو:

”خدا بهتر ٿو ڄاڻي ته پنهنجي رسالت کي ڪهڙي خاندان ۾ قرار ڏئي.“

(الله اعلم حيث يجعل رسالة) سندس دوستن کانس اچرج مان پڇيو ته:  ڇا ڳالهه آهي؟ تون ته اڄ کان پهرين ان کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو هئين!“ هن ٻيهر به امام لاءِ دعا گهُري ۽ پنهنجن دوستن تي ڪاوڙجي پيو.

امام پنهنجي اصحابن کي جيڪي ان جي قتل جو ارادو رکن پيا فرمايو: ”ڇا ٺيڪ آهي توهان جي نيت؟ يا اسان جو سلوڪ جيڪو ان کي سنئين راهه تي آڻڻ جو ڪارڻ بڻيو؟“ (26)

 

ج  ــ محنت ۽ ڪوشش

امام موسيٰ ڪاظم3 وٽ ٻني هئي جتي پاڻ پوکي راهي ۾ لڳا رهندا هئا. حسين ابن علي امام جو شاگرد ۽ صحابي پنهنجي پيءُ کان روايت بيان ڪري ٿو ته: ”مون امام موسيٰ ابن جعفر 4سان سندن پوک ۾ ان حالت ۾ ملاقات ڪئي جو پاڻ محنت مشقت سبب پيرن تائين پگهر ۾ شَل هئا.“ مون کين چيو: ”مان اوهان تي قربان ٿيان اوهان جا ماڻهو (ڪُڙمي) ڪٿي آهن؟ اوهين پاڻ ڇو مشغول آهيو؟“ پاڻ فرمايائون: ”مون کان ۽ منهنجي والد کان به وڌيڪ بزرگ پنهنجن پوکن ۾ ڪم ڪندا هئا“ مون عرض ڪيو: ”اهي ڪهڙا ماڻهو آهن؟“ پاڻ فرمايائون: ”منهنجو ڏاڏو رسولِ خدا ۽ امير المؤمنين ۽ اسان جا آباوً“ تنهن کان پوءِ پاڻ فرمايائون: ”پوکي راهي پيغمبرن، مرسلن ۽ صالحن جو ڪم آهي.“[12]

د ــ سخاوت ۽ ڪرم

بخشش ۽ ڪرم ستين امام جي صفتن مان هڪ چٽي صفت هئي. پاڻ پنهنجي مالي وسيلن کي، پوکي راهي جي ذريعي جو ڪجهه کين حاصل هو، اهڙي ريت ضرورتمندن جي حوالي ڪندا هئا جو مديني ۾ چوڻي مثل، ماڻهو پاڻ چوندا هئا ته ”ان ماڻهوءَ تي تعجب آهي جنهن وٽ موسيٰ ابن جعفر3 جي بخشش ۽ عطا جي ٿيلهي ته پهتي هُجي. ۽ اهو پوءِ به تنگدستيءَ جو اظهار ڪندو هجي.“ (27)

سندن سخاوت ۽ ڪرم متعلق ابن صباغ مالڪي لکي ٿو ته:

”موسيٰ ڪاظم3 پنهنجي زماني جي ماڻهن ۾ عابد ترين، دانا ترين سڀ کان وڌيڪ ڀلارا ۽ پاڪ نفس انسان هئا. پاڻ پئسا ۽ کاڌي پيتي جو سامان مديني جي ڏکويل ماڻهن تائين پهچائيندا هئا. ۽ ڪنهن کي به اها سُڌ نه هوندي هئي ته اهي شيون ڪٿان آيون آهن. پر سندن رحلت کان پوءِ پتو پيو.“ (28)

هڪ شخص جنهن جو نالومحمد ابن عبدالله بڪري هيو. پنهنجيون گهُرجون ماڻڻ لاءِ  مديني آيو پر کيس ڪجهه به نه مليو. موٽ تي امام سان ملاقات ٿيس هن سڄي ڳالهه امام جي خدمت ۾ عرض رکي ۽ امام حڪم فرمايو کيس تقريباً ٽي سؤ (300) دينارن سان ڀريل ٿيلهي ڏني وڃي. ته جيئن پنهنجي وطن خالي هٿين نه موٽي. (29)

هه ــ عاجزي ۽ نهٺائي

امام موسيٰ ابن جعفر4هڪ ڪاري رنگ واري نهايت بد صورت ماڻهوءَ وٽان لانگهائو ٿيا امام کيس سلام چيو ۽ ان جي ڀرسان ويهي رهيا. ان سان حال احوال اوريئون ۽ سندن حاجت روائيءَ لاءِ پنهنجي آمادگيءَ جو اظهار فرمايائون امام کي چيو ويو ته: ”اي فرزند رسول! ڇا اوهين اهڙي ماڻهو وٽ ويهو ٿا ۽ ان کان ضرورتون پڇو ٿا؟!“ پاڻ فرمايائون: ”هو خدا جي ٻانهن مان هڪ ٻانهو آهي ۽ خدا جي شهرن ۾ هو اسان جو پاڙيسري آهي، حضرت آدم3 جيڪي بهترين پدر آهن. هن جا والد آهن ۽ آئينِ اسلام جيڪو سڀني دينن کان اعليٰ ترين دين آهي ان اسان کي ۽ هن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو آهي.“[13]

 

 حوالا

1 ــ بحار ــ ج 48 ص 1 / مناقب ــ ج 223.

2 ــ بحار ــ ج 48 ص 6 / ڪافي ــ ج پهريون ص 298.

3 ــ انوار البهية ــ ص 123.

4 ــ بحار ــ ج 48 ص 3

5 ــ الصواعق المحرقہ ــ ص 203.

6 ــ بحار ــ ج 48 ص 21

7 ــ اعلام الوريٰ ــ ص 291 / ارشاد مفيد ــ ص 290 / بحار ــ ج 48 ص 20.

9 ــ بحار ــ ج 47 ص 3 / مناقب ابن شهر آشوب ــ ج 4 ص 220

10 ــ رجال ڪشي ــ ص 266/معجم رجال الحديث ــ ج 19 ص 279 ــ 278.

11 ــ انوار البهية ــ ص 170 ــ 169.

12 ــ رجال ڪشي ــ ص 591.

13 ــ ايضاً ــ ص 433.

14 ــ بحار ــ ج 47 ص 136.

15 ــ رجال ڪشي ــ ص 433 / بحار ــ ج 48 ص 136.

16ــ ارشاد مفيد ــ ص 298 / تاريخ بغداد ــ ج 13 ص 31 / مناقب ــ ج 4 ص 220 / اعلام الوريٰ ــ ص 197 / الصواعق المحرقہ ــ ص 204 / تذڪرة الخواص ــ ص 314 / بحار ــ ج 48 ص 103 / احتجاج طبرسي ــ ج 2 ص 167.

17 ــ عيون اخبار الرضا ــ ج پهريون ص 68 / احتجاج طبرسي ــ ج 2 ص 163 / بحار ــ ج 48 ص 129 ــ 125.

18 ــ وفيات الاعيان ــ ج 2 ص 256.

19 ــ بحار ــ ج 48 ص 213، 232 / ارشاد مفيد ــ ص 200 / مقاتل الطالبين ــ ص 364.

20 ــ ”اُخِذَت مِنُہِ اَمِرَةُ وَلاَ ياُخُذهَا اِلاَّ مَعمُورَةَّ“ (بحار ــ ج 48 ص 138 / تفسير عياشي ــ ج 2 ص 20 / تفسير بهان ــ ج 2 ص 37)

21 ــ الفصول المهمة ــ ص 239 / مناقب ــ ج 4 ص 327 / ارشاد مفيد ــ ص 200 / اعلام الوريٰ ــ ص 299 / مقاتل الطالبين ــ ص 234.

22 ــ تذڪرة الخواص ــ ص 314/سيرة الآئمة الاثني عشر ــ ج 2 ص 351 / بحار ــ ج 48 ص 206 ــ 228. (مهدي عباسيءَ جي قيد ۾ جيترا ڏينهن رهيا اهو عرصو مٿي ڄاڻايل مدت کان علاوه آهي.)

23 ــ اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته امام موسي ڪاظم ۽ امام محمد تقي (جواد) 4جن جي تربيت اطهر اڄ ڪلهه ڪاظمين جي نالي سان مشهور آهي.

(الفصول المهمة ــ ص 241 / انوار البهية ــ ص 181/ تاريخ ابو الغداءِ ــ ج 2 ص 16).

24 ــ بحار ــ ج 48 ص 108 / حياة الامام موسيٰ بن جعفر ــ ج پهريون ص 142 ــ 140 / عيون اخبار الرضا ــ ج پهريون ص 78 ــ77.

25 ــ ارشاد مفيد ــ ص 296 / مناقب ــ ج 4 ، 318 / اعلام الويٰ ــ ص 296.

26 ــ ارشاد مفيد ــ ص 297 / تاريخ بغداد ــ ج 4 ص 28 / مناقب ــ ج 4 ص 319 / دلائل الامامہ ــ ص 151 ــ 150 /بحار ــ ج 48 ص 103 ــ 102 / اعلام الويٰ ــ ص 296 / مقاتل الطالبين ــ ص 332.

27 ــ عَجَباً لِمَنَ جَالَئتَہُ مَرَةَ مُوسيٰ فَشَکَي القِلَةَ (عمدة الطالب ــ ص 196)

28 ــ  فصول المهمہ ــ ص 237.

29 ــ المجالس السنية ــ ج 2 ص 527.

 



[1] ابواء ، مڪي ۽ مديني جي وچ تي هڪ هنڌ جو نالو آهي، رسول الله جن جي امڙ ۽ جناب وهب جي ڌيءُ بيبيءُ آمنہ جي تربت انئي هنڌ آهي.

[2] شعوبيه غير عرب ماڻهن جي هڪ ٽولي جو نالو آهي، جيڪو عمر جي خلافت دوران نيشنلسٽ مخالف فڪر سان ظاهر ٿيو، اموي ۽ عباسي دور حڪومت ۾ کين وڌيڪ رونق ملي. اهي ماڻهو مسلمان معاشري ۾ اختلاف ۽ ڏار وجهڻ ۾ اهم سبب بڻيا. (حياة الامام الموسيٰ ابن جعفر  ــ ج  2 ص 110 ــ 117 وازه نامه اجتماعي و سياسي ــ محمد حسين رهجو ص 114. )

[3] مرحوم شيخ طوسيؒ پنهنجي ڪتاب (رجال) ۾ موسيٰ بن جعفر3 جي شاگردن جو تعداد 272 لکيو آهي،  پر حياة الامام موسي ابن جعفر3 جي مؤلف محترم امام جي 321 شاگردن جا تفصيلي حالات درج  ڪيا آهن. ڏسو: حياة الامام موسيٰ ــ ج 2 ص 374 ــ 224.

[4]  مَن اَحَبَ بَقَائَهُم فَهُوَ مِن هم کَانَ مِنهُم کَانَ وَرَدَالنَارَ     (رجال ڪشي ص 441 / معجم  الرجال حديث جلد 9 ص 122)

[5] يَا زِيَاد لَو اِن اَسقَط مِن شَاهِقِ فَانقطَحُ قَطعَةً قَطعَةً  اُحِبُ اِلَيَ مِن اَن اَتَولَيٰ مِنهُم عَمَلاً اَو اَطَاءَ بِسَاطَ رِجلِ مِنهُم.     (مڪاسب شيخ مرتضيٰ انصاري، باب ولايت جائر ص 48 / تنقيح المقال ــ مامقاني ج 1 ص 453.)

[6] سندس نسب هن ريت  آهي حسين ابن علي ابن حسن ابن حسن ابن حسن بن علي ابن ابي طالب3. پاڻ سرزمين ”فَخ“ ۾ جا مڪي کان هڪ فرسخ (اٽڪل ساڍن پنجن ڪلوميٽرن کان ٿورو گهٽ)  جي فاصلي تي واقع آهي. عباسي سپاهين هٿان قتل ڪيا ويا ان لاءِ پاڻ ”صاحب فخ“ يا ”شهيد فخ“جي نالي سان مشهور آهن.

[7] بيروت جي هڪ اداري دارالمعرفت  مان ڇپيل ڪتاب ”مقاتل الطالبين“ جي ص 457 تي ”ذکر من خرج مع الحسين“ جي سِري هيٺ حسين ابن علي ۽ يحيٰ ابن عبدالله جي ڳالهين جو متن ڏسو ”ماخرجنا حتي شاورنا اهل بيتنا وشاورنا موسيٰ بن جعفر فامرنا بالخروج“ اسان انقلاب برپا نه ڪيو آهي پر پنهنجي اهل بيت ۽ موسيٰ ابن جعفر سان مشوري کان پوءِ.

[8] مَضَيٰ وَاللهِ مُسلِماً صَالِحاً صَوَاماً قَوَاماً آمِراً بِالمَعرُوفِ نَاهِيَا عَنِ المُنکرِ مَاکَانَ مِن اَهلِ بَيتِھ مِثلُھ   (مقاتل الطالبين)

الله جو قسم هي مسلمان، صالح، وڏو روزيدار، قيام ڪندڙ، نيڪيءَ جو حڪم ڪندڙ، برائي کان روڪيندڙ هو ۽ اهل بيت ۾ ان جهڙو ٻيو ڪوناهي.

[9] وََاللهِ مَاخَرَجَ حُسَينُ اِلاَ عَن اَمرِه وَلاَ اَتَبِعُ اِلاَ مُحَبَتَھ لاَنَھ صَاحِبُ الوَصِيَھِ فِي اَهلِ هٰذَا البَيتِ قَتَلنِيَ اللهَ اِن اَبقَيتَ عَلَيھِ.   (بحار الانوار جلد 48 ص 151)

[10] اَللهُم اِنَکَ تَعَلَمُ اِنِي کُنتُ اَسئَلُکَ آن تُفَرِ غَنِي لِعِبَادَتِکَ وَقَد اَستَجِبتُ مِنِي فَلَکَ الحَمدُ عَليٰ ذَالَکَ

    (مناقب جلد 4 ص 318 / بحار جلد 8 / ارشاد مفيد ص 200 / الفصول المهمہ ص 240 ــ ٿوري فرق سان.) امام جو هي جملو قيد خاني وڃڻ کان اڳ امام جي اجتماعي ڪمن ۾ مشغوليت جي شدت کي بيان ڪري ٿو.

[11] اَلصَلَوٰةُ عَليٰ مُوسَيٰ بنِ جَعفَرِ اَلَذِي يُحيِي اللَيلَ بِالسَهَرِ اِلَي السَحَرِ بِمُواصَلَةِ الاِستِغفَارِ حَلِيفِ السَجَدَةِ والطَوِيلَھِ وَالدُمُوعِ الغَزِيرَةِ وَالمُنَا جَاتِ الکَثِيرَةِ وَالضَرَاعَاتِ المُتَصِلَةِ. (انوار البهيہ مرحوم شيخ عباس قمي ص 188.)

[12] وَهُوَ مِن عَمَلِ النَبِينَ وَالمُرسَلِينَ وَالصَالِحِينَ

(من لايحضره الفقيہ جلد 3 ص 8 البيروت واري ڇاپي جي ص 401 تي/بحار الانوار جلد 48 ص 5.)

[13] عَبدُ مِن عِبَادِاللهِ وَاَخُ فيِٰ کِتَابِ اللهِ وَجَارُ فِي بَلاَدِ اللهِ يَجمَعُنَا وَاِيَاهُ خَير الاَبَاءِ آدَمُ وَاَفضَل الاَديَانِ الاِسلاَمُ.

                                                                             (تحف العقول ص 35.)

 

ڀلي ڪري آيا


اسان جا سوشل ميڊيا جا صفحه پسند ڪريو.
رابطو ڪريو

© سڀ حق ۽ واسطا صراط المستقيم وٽ محفوظ آهن