روزانه حديث:
حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام فرمايو حيا، ايمان جو حصو آهي ۽ ايمان (جو مقام) بهشت آهي، بي حيائي ظلم و جفا (جو مقام) جهنم آهي. (ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 4562 )
نيوز ليٽر
اسان جو نيوز ليٽر حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اي ميل ايڊريس ڏيو.
اسلامي فلم سيڪشن

حضرت امام محمد تقي عليه لاسلام


ذاتي ڪوائف

 

نالو:                     محمد3

لقب:                    جواد، تقي

ڪنيت:                         ابوجعفر

والد:                     امام علي رضا3

والده:                    خيزران

ولادت جي تاريخ:     10 رجب سن 195 هه

هنڌ:                     مدينو منور

امامت جو عرصو:    17 سال

شهادت جي تاريخ:    ذي القعد، سن 220 هه

هنڌ:                      بغداد ، عراق

شهادت جو سبب:      معتصم عباسي جي حڪم تي ام الفضل

                          بنت مامون زهر ڏنو .

عمر:                     25 سال

مرقد مبارڪ:          ڪاظمين ــ عراق

 

امام محمد تقي3

ولادت

امام رضا3 جي عمر 45 سالن کان مٿي ٿي چڪي هئي ليڪن اڃا تائين کين ڪا به اولاد نه ٿي هئي. پيغمبر ۽ آئمہ جي روايتن مطابق شيعا انهيءَ ڳالهه جا معتقد هئا ته نائين امام کي اٺين امام جو پٽ هئڻ گهرجي. تنهن ڪري شيعا ڪڏهن ڪڏهن امام جي خدمت ۾ اچي پنهنجي انهيءَ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندا هئا ۽ امام جن جواب ۾ انهن جي دل رکندي فرمائيندا هئا ”خدا اسان کي پُٽ ڏيندو“.(1) نيٺ انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون ۽ رجب مهيني جي ڏهين تاريخ سن ۱۹۵ هه ولايت جي آسمان تي نائون تارو اڀريو. سندن نالو ”محمد“ ڪنيت ”ابوجعفر“ ۽ سڀ کان مشهور لقب ”جواد ۽ تقي“ آهي. سندس امڙ سڳوري جو نالو ”سبيڪه“ هو(2) امام رضا3 هن جو نالو ”خيزران“ رکيو. پاڻ رسولِ خدا جي زوجه محترمه ”ماريا قبطيا“ جي خاندان مان هئي. هن خاتون جي عظمت ۽ بزرگي لاءِ ايترو ڪافي آهي جو امام موسيٰ ابن جعفر4، هن جي امام رضا3 جي زوجيت ۾ اچڻ کان ڪيئي سال اڳ هن بيبي جون چند خاصيتون بيان فرمايون هيون ۽ پنهنجي هڪ اصحابي، ابن سليط کي چيائون ته جيڪڏهن تنهنجي ملاقات ممڪن ٿئي ته انهيءَ تائين منهنجا سلام پهچائجان. (3)

ابو يحيٰ صنعاني نقل ڪن ٿا ته مان امام رضا3 جي خدمت ۾ حاضر هيس ته ماڻهو امام جواد3کي کڻي آيا. جيڪو انهي وقت ننڍڙو هو. حضرت جن فرمايو ”هي اهو مُبارڪ ٻار آهي جو اسان جي شيعن لاءِ هن کان وڌيڪ مُبارڪ ٻار پيدا نه ٿيو آهي.“ (4) شايد امام جي قول جو دليل اهو هجي، جنهن ڏانهن انهيءَ کان اڳ ۾ اشارو ٿي چڪو آهي. انهيءَ لاءِ جو امام جواد3 جي پيدائش شيعن جي اها ڳڻتي لاهي ڇڏي ته امام رضا3 جو ڪو به جانشين نه آهي. تنهن ڪري سندس ولادت ايمان ۽ اعتقاد جي پختگي جو سبب بڻي.

امامت جو تَعيُن

جيتوڻيڪ نائين امام جي امامت بحث جي محتاج نه آهي ڇاڪاڻ ته رسول اڪرم ۽ پوين امامن جي واضح اعلان کانسواءِ هي ڳالهه به آهي ته پاڻ اٺين امام جا اڪيلا فرزند هئا ۽ انهن کانسواءِ خاندانِ علوي ۾ ڪو به انهيءِ الاهي منصب لائق نه هو. ڪيئن به اسان هتي مثال خاطر سندن امامت متعلق امام رضا3 جا چند واضح بيان پيش ڪريون ٿا.

1ــ محمد بن ابي عباد نقل ڪن ٿا ته مان امام رضا3 کان ٻڌو. پاڻ فرمائي رهيا هئا ته مون کان بعد ابوجعفر منهنجي خاندان ۾ منهنجو وصي ۽ جانشين ٿيندو. (5)

2 ــ عبدالله ابن جعفر نقل ڪري ٿو ته مان صفوان ابن يحيٰ سان گڏ امام رضا3 جي خدمت ۾ پهتس. امام جواد3 به جيڪو ٽن سالن جو هو، اتي ويٺو هو. مان امام کان پڇيو ته جيڪڏهن ڪو حادثو پيش اچي ته توهان جو جانشين ڪير ٿيندو؟ امام، ابوجعفر ڏانهن اشارو ڪيو ۽ فرمايو ”منهنجو پٽ“ مون عرض ڪيو ته هن عمر ۾؟  پاڻ فرمايائون ته ”ها، انهيءَ عمر ۾، خداوند عالم حضرت عيسيٰ ابن مريم کي پنهنجي حجت قرار ڏنو، جيتوڻيڪ هو ان وقت ٻن سالن جو ٻار هو.“ (6)

3 ــ خيراني پنهنجي پيءُ کان روايت ڪري ٿو ته ”بابي چيو ته مان خراسان ۾ امام رضا وٽ ويٺو هيس ته ڪنهن امام کان پڇيو ته جيڪڏهن اوهان سان ڪو حادثو پيش اچي ته پوءِ ڪنهن ڏانهن رجوع ڪيو وڃي.“

پاڻ فرمايائون ”منهنجي پٽ ابوجعفر ڏانهن“ ڇاڪاڻ ته سائل امام جواد3 جي عمر کي زياده نه سمجهيو. تنهن ڪري امام وڌيڪ فرمايو ته الله حضرت عيسيٰ ابن مريم کي نبوت ۽ رسالت تي فائز ڪيو، جيتوڻيڪ ان وقت سندس عمر، ابوجعفر جي هن وقت واري عمر کان به گهٽ هئي. (7)

والد سان گڏ

امام جواد3 پنهنجي عمر جا اٽڪل ڇهه سال(8)پنهنجي والد محترم امام رضا3 سان گڏ گذاريا. جنهن سال امام رضا کي خراسان موڪليو ويو.

پاڻ پنهنجي بابي سان گڏ مڪي هليا آيا. طواف دوران نهايت غور سان پنهنجي والد محترم جي اعمالن ۾ هر هڪ ڳالهه جو جائزو ورتائون ۽ محسوس ڪيائون ته امام اهڙي ريت خدا جي گهر کان موڪلائي رهيا آهن ڄڻ ٻيهر موٽي اچڻو ئي نه اٿن.انهيءَ ڪري ئي جڏهن سندس چهري تي غم جا آثار موجود هئا. حجر اسماعيل جي اندر ويٺا هئا. امام رضا3 جي خادمن مان هڪ کيس اتان اٿڻ لاءِ چيو ته پاڻ فرمايائون ”مان هتي ئي رهندس ۽ پنهنجي جاءِ تان نه چُرندس جيسيتائين خدا جو حُڪم نه ٿئي.“ نوڪر اها ماجرا امام رضا3 سان بيان ڪئي ته امام پاڻ پنهنجي پٽ وٽ هلي آيو ۽ فرمايائين: ”منهنجا لال اٿي ته اسان هلون.“ پاڻ عرض ڪيائين: ”بابا سائين اسان ڪيئن هلون جڏهن اسان ڏسي رهيا آهيون ته اوهان ڪعبي کان ائين موڪلائي رهيا آهيوجيئن ٻئي ڀيري اوهان کي واپس نه اچڻو آهي.....“[1]

 هڪ معصوم ٻار کان ڇهن ورهين جي عمر ۾ اهڙن ڪمالات ۽ ذاتي بلاغت جو اظهار ٿي رهيو آهي.

امامت

نبوت وانگر امامت به هڪ الاهي عطيو آهي. جنهن کي جڳ جو ڌڻي پنهنجن چونڊيل ۽ لائق ٻانهن کي عطا ڪري ٿو ۽ انهيءَ بخشش ۾ عمر کي ڪو به دخل نه آهي. نائون امام اٺن يا نون سالن  جي عمر ۾ امامت ۽ رهبري جي منصب تي فائز ٿيو.

معليٰ ابن محمد روايت ڪري ٿو امام رضا3 جي وصال کان پوءِ مان امام جواد3 سان مليس ۽ هن جي قدوقامت کي چتائي ڏٺو ته جيئن شيعن اڳيان سندن وصف بيان ڪري سگهان. ايتري ۾ پاڻ اٿي بيٺا ۽ فرمايائون: ”اي معليٰ! خدا امامت کي به نبوت وانگر بيان ڪيو آهي.“ ۽ فرمايائون ”وَاَتَيَناَهُ الحُکمَ صَبِيّاً،“.(9)اسان يحيٰ کي ننڍپڻ ۾ نبوت ڏني.(10)

اخلاق ۽ فضائل

آئمہ معصومين جي خاصيتن مان هڪ خاصيت، حقيقتن جي سڃاڻپ ۽ انهن جو ادراڪ عام ماڻهن جي قوت ادراڪ کان مٿانهون هو. اهڙي ذاتي ڪمال ۽ عقلي اوسر جي ظاهر ٿيڻ ۾ ننڍپڻ جو دخل نه آهي. انهيءَ ڪري ئي انهن صاحبن جي زندگي ۽ عادتون ڄائي ڄم کان ئي ٻين لاءِ اسوه حسنه جو نمونو رکن ٿيون. انهن سڳورن جي علمي برتري ۽ ڪمال جي مرتبن لاءِ عالمن ۽ بزرگن جو اعتراف انهي حقيقت جو ثبوت آهي.

امام محمد تقي3جي اخلاقي فضيلتن جو گوشو بيان ڪرڻ کان اڳ ۾ اهل سنت جي عالمن جو انهي باري ۾ نظريو بيان ڪريون ٿا.

سبط ابن جوزي فرمائي ٿو:

”محمد جواد3 ...علم، تقويٰ ۽ سخاوت ۾ پنهنجي والد بزرگوار  جي رستي تي هو.“[2]

 ابن تيميه جو بيان آهي ته:

”محمد ابن علي، جنهن جو لقب جواد هو، بني هاشم جي سڳورن ۽ ناليرن شخصيتن مان هو. هو سخاوت ۽ سڳورائپ ۾ مڪمل شهرت رکندا هئا. انهيءَ ڪري جواد نالو پئجي ويس.“[3]

الف ــ سخا ۽ بخشش

امام جواد3، بخشش، عطا ۽ ڪرامت جو مڪمل مظهر هو. ماڻهو سندن عطائن ۽ مهربانين مان فيضياب ٿيندا رهندا هئا. انهيءَ حقيقت جي نشاندهي ”جواد“ جي لقب مان ٿئي ٿي. علي بن ابراهيم پنهنجي والد کان نقل ڪري ٿو: ”مان امام جواد جي خدمت ۾ حاضر هيس ته صالح ابن محمد (قم جي اوقاف جو متولي) اتي آيو ۽ عرض ڪيائين ته منهنجا مولا، منهنجي لاءِ وقف جي پيداوار مان ڏهه هزار درهم حلال ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته اسان انهيءَ کي پنهنجي خاندان تي خرچ ڪري ڇڏيو آهي.“ امام خوشيءَ سان فرمايو، مون حلال ڪيو. (11 

ب ــ ٻين لاءِ وَاههَ کولڻ

بست سجستاني* قبيله بني حنيفه جو هڪ شخص روايت ڪري ٿو ته مان معتصم جي خلافت جي شروعاتي دور ۾، مڪي جي سفر ۾ امام سان گڏ هيس. حڪومت جا ڪجهه ذميدار شخص به دسترخوان تي حاضر هئا. مان امام کي عرض ڪيو ته ”مان اوهان تان گهور وڃان، منهنجي علائقي جو حاڪم اوهان جي گهراڻي جي دوستدارن منجهان آهي. مان خراج جي سلسلي ۾ انهيءَ جي محڪمي جو قرضدار آهيان ۽ مون ۾ ادا ڪرڻ جي طاقت نه آهي، جيڪڏهن اوهان مصلحت سمجهو ته انهيءَ ڏانهن هڪ خط لکي ڏيو ته جيئن هو انهيءَ سلسلي ۾ اسان جي حق ۾ محبت جو ثبوت ڏئي.“ امام فرمايو ته مان انهيءَ کي نه ٿو سڃاڻان. مون عرض ڪيو، ته جهڙي طرح چيو آهي ته هو اوهان جو دوست ۽ عقيدتمند آهي. تنهن  ڪري پڪ سان اوهان جو خط مون لاءِ ڪارائتو ٿيندو. امام ڪاغذ قلم کنيو ۽ لکيائين: ”.... خط آڻيندڙ تنهنجي عقيدي جي ساراهه ڪئي. ڄاڻي وٺ ته پنهنجي عمل ۾ جيڪو احسان ۽ نيڪ ڪم ڪندين اهو تنهنجي لاءِ فائديمند ٿيندو. انهيءَ لاءِ پنهنجي ديني ڀاءُ سان حسن سلوڪ ۽ نيڪي ڪريو ۽ ڄاڻو ته ڌڻي تِر جيتري شيءِ جي باري ۾ به توکان پڇندو“[4] مون خط ورتو ۽ نڪري پيس جڏهن خط ۽ پنهنجي پهچڻ جو اطلاع سجستان جي انچارج وٽ پهتو ته هو شهر کان ٻه فرسخ پري تائين استقبال لاءِ آيو ۽ خط وٺي ان کي چميائين ۽ اکين سان لاتائين ۽ مون کان پڇيائين ته تنهنجي ڪهڙي حاجت آهي؟ مون هن سان پنهنجي پريشاني بيان ڪئي. هن حڪم ڪيو ته منهنجو نالو قرض واري رجسٽر تان ختم ڪيو وڃي ۽ جيسيتائين اهو انچارج آهي منهنجي ٽيڪس معاف ڪئي وڃي. انهيءَ کانسواءِ هن منهنجي تمام گهڻي خدمت ڪئي ۽ جيسيتائين جيئرو رهيو، انهيءَ خط جي برڪت سبب هن منهنجي حق ۾ حسن سلوڪ ۽ نيڪي ۾ ڪا به ڪَسَر ڪا نه ڇڏي. (12)

محمد ابن سهل قمي روايت ڪري ٿو ته مان مديني ويس ۽ امام جواد وٽ پهتس ۽ مون چاهيو ته کانئن هڪ وڳو گهُران، پر گهُري نه سگهيس.پوءِ سوچيم ته پنهنجي خواهش لکي ڏيان ۽ مون خط لکيو....ليڪن دل ۾ خيال ٿيو ته خط نه ڏيان، مون خط ڦاڙي ڇڏيو۽ مڪي ڏانهن روانو ٿيس. انهيءَ حالت ۾ هڪ شخص کي مون ڏٺو جنهن جي هٿ ۾ هڪ ڳنڍڙي هئي ۽ هو مون کي قافلي ۾ ڳولڻ لڳو ۽ مون تائين پهتو ۽ چيائين، منهنجي آقا هي وڳو تولاءِ موڪليو آهي. (13)

امام جي شخصيت

امام جواد3 امامت جي مقدس نوراني پاڇي ۽ خدا جي عبادت ۽ بندگي ۾ اهڙي ته سماجي شخصيت ۽ حيثيت حاصل ڪئي. جنهن جو اعتراف دوست ۽ دشمن ٻئي ڪن ٿا. سندن وڏي ۾ وڏي دشمن مامون، پنهنجي ڌيءَ جي ساڻن شادي جي سلسلي ۾ عباسين جي اعتراض جي جواب ۾ چيو:

”مون کيس انهيءَ ڪري چوڊيو جو ننڍپڻ جي باوجود علم ۽ فضل ۾ هن کي سڀني کان مٿانهون ڏٺو.“[5]

سندن شخصيت سندس والد بزرگوار وٽ اهڙي هئي جو امام رضا3 جوڪاتب محمد بن ابي عباد بيان ڪري ٿو ته امام رضا3 پنهنجي فرزند محمد کي سدائين ڪنيت سان ياد فرمائيندا هئا. (14) ۽ جڏهن امام جواد3 جو خط پهچندو هو،ته فرمائيندا هئا ته ”ابوجعفر مون کي لکيو آهي“ (15)

 محمد ابن حسن ابن عمار روايت ڪري ٿو ته، ٻن سالن تائين مديني ۾ علي ابن جعفر جي خدمت ۾ ويندو رهيس، انهن جيڪا روايت پنهنجي ڀاءُ موسيٰ ابن جعفر کان ٻڌي هئي مون سان بيان ڪندا هئا ۽ مان لکندو رهندو هيس. هڪ ڏينهن مان مسجد نبوي ۾ وٽس ويٺو هيس ته امام جواد3 جن آيا. علي ابن جعفر3 بغير جُتي ۽ ردا جي پنهنجي جاءِ تان اٿيو. امام جي هٿن کي چميائين، سندس تعظيم ڪئي. امام هن کي فرمايو، اي چاچا! اوهين ويهو. خدا اوهان تي رحمت نازل ڪري. تنهن تي علي ابن جعفر3  وراڻيو، اي منهنجا سردار، مان ڪيئن ويهي سگهان ٿو، جو اوهان بيٺا آهيو، جڏهن علي ابن جعفر موٽي اچي ويٺو ته سندس دوستس کيس ملامت ڪندي چيو ته، اوهين هن جي پيءُ جا چاچا آهيو ۽ اهڙي طرح هن جو احترام ڪريو ٿا؟ علي ابن جعفر فرمايو، چپ ڪيو،خدا هن اڇي ڏاڙهي کي امامت جي لائق نه سمجهيو (پنهنجي ڏاڙهيءَ ڏانهن اشارو ڪندي) ۽ انهيءَ جوان کي انهيءَ جي لائق ڄاتو ۽ امام بڻايو. (ڇا توهين چاهيو ٿا ته) انهيءَ جي فضيلت جو انڪار ڪريان؟ توهين جيڪي چاهيو ٿا، انهيءَ کان خدا جي پناهه گهران ٿو، مان انهيءَ جو ٻانهو آهيان.[6]

امام جو مؤقف

سندن ست ساله زمانه امامت ۾ سندن همعصرن مامون ۽ معتصم نالي ٻه خليفا هئا، انهن جي حڪومت جي زماني ۾ سندن مؤقف امام علي رضا3 جي مؤقف کي جاري رکڻ هو ۽ انهيءَ جو سبب هي هو جو خلافت جي مشنري جي مؤقف ۾ ڪا به تبديلي نه آئي ۽ ٻنهي خليفن جو مؤقف هڪڙو ئي رهيو. جيئن اڳ ۾اسان ٻڌايو آهي ته امام رضا3 جي ولي عهدي ڪري امامت جو مؤقف بني عباس جي طاقت جي مرڪزتائين پهچي چڪوهو۽ جيئن ته حڪومت پنهنجي مؤقف کي تبديل نه ڪيو، تنهن ڪري ويهي رهڻ درست نه هو. خلافت جي انتظاميه انهيءَ مسئلي کي ڀليءَ ڀت سمجهي ورتو هو. امام رضا3 کي عيد نماز کان روڪڻ به ان حقيقت جي ڪري هو. مامون انهيءَ کان ڊڄندو هو ته صرف هڪ نماز پڙهائي خلافت حاصل ڪرڻ لاءِ امام زمين هموار نه ڪري وٺي.

شادي جي سازش

مامون ڏاڍا وَسَ ڪيا ته امام رضا3 کي زهر ڏيڻ وارو واقعو ڍَڪ پردي ۾ ڳجهيءَ طرح نڀجي اچي. ليڪن تمام ڍَڪ پردن ۽ رياڪارين جي باوجود آخرڪار علوين تي هي ڳالهه کُلي پئي ته امام جو قاتل هن کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪونهي. تنهن ڪري مامون گهڻو ناراض ٿيو ۽ انتقام تي لهي پيو. انقلابين کي ٿڌو ڪرڻ ۽ سندن راضپي وٺڻ لاءِ مامون اٺين امام جي فرزند لاءِ مهرباني ۽ دوستي جو اظهار ڪيو ۽ گهڻو فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ هن ارادو ڪيو ته پنهنجي ڌيءُ ”ام الفضل“ جي شادي امام جواد3 سان ڪري ۽ هن ڪوشش ڪئي ته امام رضا3 تي ولي عهدي ٿاڦي هن جنهن فائدي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ٻيو رشتو قائم ڪري اهو فائدو حاصل ڪري سگهي.

عباسي مامون جي انهيءَ ارادي ڊِنا ۽ ان کان اڳواٽ روڪڻ لاءِ جيڪا امام رضا3 جي زماني ۾ پيدا ٿي ويئي هئي، گڏ ٿي هڪ وفد جي صورت ۾ مامون وٽ آيا ۽ چوڻ لڳا.... گذريل زماني ۾ اسان ۽ علوين جي درميان جيڪي ڪجهه ٿيو، اوهان ان کان چڱي طرح واقف آهيو ۽ اوهين هي به ڄاڻو ٿا ته پهرين خليفن انهن کي شهر بدر ڪيو هو ۽ کين بي عزتو ڪيو هو. اسان هن کان پهريائين امام رضا3 جي ولي عهدي مان فڪرمند هئاسين، ليڪن خدا اها مشڪل مِٽائي ڇڏي.

هاڻ اسان توکي خدا جو واسطو وجهون ٿا ته اوهين اسان کي ٻيهر ڏک نه ڏيو ۽ انهيءَ شادي کي ختم ڪريو ۽ پنهنجي ڌيءَ بني عباس جي ڪنهن اهڙي فرد سان پرڻايو جيڪو انهيءَ رشتي جي لائق هجي. مامون انهن جي جواب ۾، علوين جي بزرگن، اڳوڻن خليفن جي غلطين ۽ ولي عهدي جي مسئلي جي تائين ڪندي امام جواد3 جي تعريف ۽ بزرگي بيان ڪئي ۽ چيو ته هن جوان کي اوهان کان وڌيڪ سڃاڻان ٿو. هي اهڙي خاندان مان آهي، جنهن جو علم خدائي ڏات آهي. هن جا ابا ڏاڏا سدائين ديني علم ۽ ادب ۾ ماڻهن کان بي نياز هئا. [7]

ڏيکاءَ ذريعي انهي شادي مان سياسي مقصد حاصل ڪرڻ کانسواءِ مامون جو ٻيو ڪو به مقصد نه هو. جيڪي مقصد هو حاصل ڪرڻ گهُرندو هو. انهن مان چند ڏانهن هيٺ اشارو ڪجي ٿو.

1ــ هن جو ارادو هو ته اها سڱابندي ڪري پنهنجي دامن تي لڳل قتلِ امام رضا3 جي داغ کي ڌوئي ڇڏي ۽ پنهنجي خلاف علوين جي اعتراض ۽ قيام کي روڪي سگهي ۽ اهل بيت جي دوستدارن ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهي وڃي.

2 ــ پنهنجي ڌيءَ کي امام جي گهر موڪلي سدائين لاءِ حضرت جي ڪمن جي نگراني ڪرائي.

3 ــ مامون جو خاص خيال هي هو ته انهيءَ شاديءَ جي ذريعي امام کي عيش عشرت جي درٻار سان وابسته ڪري ڇڏيندو ۽ کيس بدڪار ۽ عيش عشرت واري زندگي گذارڻ تي آماده ڪري ڇڏيندو. انهيءَ رستي سان امام جي عظمت ۽ تقدس کي ڌَڪُ رسائي کين عصمت ۽ امامت جي بلند مقام تان ڪيرائي ماڻهن جي نگاهن ۾ حقير ڪري ڇڏيندو.

 محمد ابن ريان روايت ڪري ٿوته، مامون، امام کي بدڪارين ڏي لاڙڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو پر وريس ڪجهه نه، هن جي ڌيءُ جي شادي جي جشن ۾ هڪ سؤ اهڙيون خوبصورت ٻانهيون موجود هيون جيڪي جوهرات سان ڀريل جام پنهنجي هٿن ۾ کنيون بيٺيون هيون. مامون هنن کي چيو ته امام جي اچڻ وقت ان ڏانهن وڌو. اهي ٻانهيون استقبال لاءِ اڳتي آيون، امام جواد3 بغير ڪنهن توجهه جي اتي پهتو ۽ پاڻ عملي طور هي ٻڌايو ته اسان انهن ڪمن کان بيزار آهيون. (16)

مامون انهن مقصدن ۽ ٻين تائين پهچڻ لاءِ امام رضا3 جي شهادت کان هڪ سال پوءِ سن ۲۰۴ هه ۾ امام جواد3 کي مديني مان بغداد وٺي آيو ۽ پنهنجي ڌيءَ سان هن جي شادي ڪرايائين ۽ تاڪيد ڪيائين ته امام بغداد ۾ ئي هن جي سينگاريل محلاتن ۾ زندگي گذاري.

ليڪن امام مديني ڏانهن واپس وڃڻ تي زور ڀريو ته جيئن مامون جي ٺاهيل نقشي کي ختم ڪري ڇڏي. انهي ڪري ئي پنهنجي زال سان گڏ مديني موٽي آيا ۽ سن ۲۲۰ هه تائين مديني ۾ مقيم رهيا.

علمي ۽ ثقافتي ڪوششون

امام جواد3 جن نه چاهيندي به مختلف صورتن ۾ خلافت جي مشنري جي نگراني هيٺ زندگي گذاري، مگر انهيءَ دوران امڪاني حد تائين سماجي ۽ ثقافتي محاذن تي ڪوششون ڪندا رهيا. انهن محاذن مان هڪ محاذ ”بحث ۽ مناظري“ جو آهي. امام انهيءَ مؤقف تي پنهنجي والد بزرگوار جي روش کي برقرار رکيو ۽ پاڻ انهن جلسن ۾ شريڪ ٿيا جيڪي مامون، امام جي علمي ۽ ثقافتي حيثيت کي شڪست ڏيڻ لاءِ منعقد ڪرايا هئا. امام حقائق ۽ معارف اسلام جي بيان سان گڏوگڏ، درٻار خلافت سان لاڳاپيل فقيهن جي روش ۽ درٻاري قاضي القضاة وغيره جا وکا پڌرا ڪري ڇڏيا.

مامون نائين امام جي امامت جي شروعات ۾ درٻار ۾ مناظرو ڪرايو. هڪ ڪچهري، جنهن ۾ بني عباس جا گهڻا فرد ۽ ممتاز درٻاري شخصيتون موجود هيون، مامون انهيءَ زماني جي قاضي القضاة ”يحيٰ بن اقثم“ کي امام کان سوال ڪرڻ لاءِ چيو، هن پهريون سوال هن طرح ڪيو.

اوهان ان ماڻهوءَ جي باري ۾ ڇا ٿا فرمايو، جنهن حالت احرام ۾ شڪار ڪيو هجي؟ امام فرمايو (مسئلي جون مختلف صورتون آهن) حرم جي اندر هو يا ٻاهر، هن کي انهيءَ ڪم جي حرمت جي خبر هئي يا نه، ڄاڻي واڻي شڪار ڪيائين يا غلطي وچان، غلام هو يا آزاد، شڪار ننڍو هو يا وڏو، هن پهريون دفعو ائين ڪيو يا ٻيو ڀيرو، شڪار پکي هو يا ٻيو ڪو، ننڍو هو يا وڏو شڪار ڪرڻ بعد پنهنجي انهيءَ ڪم تي ڦڪو ٿيو يا ٻيهر به ڪرڻ جو ارادو رکندڙ هو، شڪار رات جو ڪيائين يا ڏينهن ۾، انهيءَ جو احرام عمري جو هو يا حج جو؟

امام جڏهن انهيءَ مسئلي جون اهڙيءَ طرح عالماڻي انداز ۾ تشريحون بيان ڪيون ته يحيٰ بن اقثم جون ڏندين آڱريون اچي ويون. هن جي چهري تي شڪست جا آثار صاف ڏسڻ ۾ پئي آيا. هن جي زبان هٻڪڻ لڳي، اهڙي طرح هو انهن صورتن مان ڪنهن به هڪ جو تعين نه ڪري سگهيو ۽ موجود ماڻهن امام جي علمي صلاحيت ۽ قدرت ۽ قاضي القضاة جي شڪست جو اندازو ڪري ورتو. (17)

امام جواد3، مامون جي منعقد ڪيل جلسن کان سواءِ ضروري موقعن تي اسلامي ثقافت جي واڌاري ۽ ان ڏس ۾ شڪ شبهن کي ختم ڪرڻ لاءِ مختلف شهرن ۽ طرفن کان مديني ۾ ايندڙ   عالمن ۽ دانشمندن سان بحث ۽ گفتگو ڪرڻ لاءِ به ويهندا هئا. مثال خاطر هڪ واقعو ڏجي ٿو، بغداد ۽ ٻين شهرن جا 80 ماڻهو حج کان بعد مديني آيا ته جيئن امام جواد3سان ملاقات ڪن. اهي ماڻهو پهريائين عبدالله ابن موسيٰ (امام جي چاچي) سان مليا،  ليڪن هو انهن جي مسئلن جي جواب کان قاصر رهيو. ايتري ۾ امام جواد3 پهتا ۽ انهن جي هڪ هڪ مسئلي جو جواب ڏنائون. عالم نهايت خوشيءَ مان انهيءَ ڪچهري مان اٿيا ۽ امام لاءِ دعا ڪئي. (18)

امام جي ننڍپڻ کي ڏسندي، انهن جلسن ۽ ڳالهين دوران جيڪو مسئلو مناظري جي ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڌيان جوڳو هو، سو امام جي امامت جو مسئلو هو.

هڪ طرف امام علمي ڏکيائين کي سولو بڻايو ۽ امامت جي مؤقف جي تشريح ۽ حق کي چٽو ڪري انهن ماڻهن کي حقيقت کان آگاهه ڪيو.  جيڪي سندن ننڍي وهيءَ ڪري سندن امامت جي باري ۾ شڪ ۽ شبهي ۾ مبتلا هئا. انهن جي ذهنن کي هر هڪ شڪ ۽ شبهي کان صاف ڪيائون ۽ ٻئي طرف عبدالله ابن موسيٰ، امام جو چاچو وغيره... جهڙن ماڻهن کي بغير لياقت جي جيڪي پنهنجو پاڻ کي امامت جي جاءِ والارڻ لاءِ جاکوڙي رهيا هئا، تن کي عملي طور ميدان کان پري ڪري کين ڪنڊائتو ڪري ڇڏيائون.

خاص ماڻهن جي تربيت

امام جواد3جي علمي ۽ ثقافتي ڪمن مان هڪ ڪم اهڙن ممتاز ماڻهن جي تربيت هئي، جن مان هر هڪ کي ثقافت ۽ معارف اسلامي جو هڪ منارو سڏيو وڃي ٿو.

مرحوم شيخ طوسي، امام جواد3 جي شاگردن، راوين، اصحابن  جو تعداد تقريباً هڪ سؤ ڏهه (110) ٻڌايو آهي. (19) اتان معلوم ٿئي ٿو ته تڏهوڪي دور ۾ ماڻهن جو امام سان ملڻ ڪيترو محدود ۽ مشڪل هو، ليڪن ان جي باوجود، انهن محدود ماڻهن مان ڪجهه چمڪندڙ چهرا موجود آهن، جملي انهن مان:

1 ــ ابوجعفر محمد ابن سنان زهري

2 ــ احمد ابن ابي نصر بزنطي

3 ــ ابوتمام حبيب ابن اوس طائي

4 ــ ابوالحسن، علي ابن مهريار اهوازي

5 ــ فضل ابن شاذان نيشاپوري

6 ــ ذڪريا ابن آدم وغيره.

امام جي مڪتب مان تربيت ورتل شخصن مان هر هڪ ڪنهن نه ڪنهن نموني پريشاني ۽ سختي ۾ مبتلا هو. نيشاپور جي حاڪم عبدالله ابن طاهر، فضل ابن شاذان کي نيشاپور مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ پوءِ انهيءَ جي ڪتابن جي جانچ ڪيائون. جڏهن سندن ڪتابن، مواد ۽ مضمونن کان ماڻهن کيس آگاهه ڪيو، تڏهن هن کي اطمينان ٿيو ۽ چيائين ته مان هن جي سياسي عقيدي  کي به ڄاڻان ٿو. (20)

ابو تمام حبيب به انهيءَ دشمني کان بچي نه سگهيو. انهيءَ دور جا امير جيڪي خود به شاعر ۽ اهل ادب هئا. سي به هن جي شعر کي ٻڌڻ لاءِ تيار نه هئا، جڏهن ته ابو تمام پاڻ ان دور جو بهترين شاعر هو. جيڪڏهن سندس نالي وٺڻ کانسواءِ ڪنهن سندس شعر پڙهيو ۽ اميرن کي پسند به آيو ته انهيءَ ٻڌڻ کان پوءِ ته اهو ابو تمام جو شعر آهي، اتي جو اتي اصلي ڪتاب کي ڦاڙي ڇڏڻ جو حڪم ڏيندا هئا. (21)

معتصم جي دور حڪومت ۾

مامون جي وفات کان پوءِ سن ۲۱۸ هه ۾ هن جو سڳو ڀاءُ سندن جاءِ تي ويٺو امام جواد3 جي سلسلي  ۾ هن به مامون واري سياست اختيار ڪئي. جڏهن مديني ۾ امام جي مقبوليت کان ڊنو ته سن ۲۳۰ هه ۾ امام کي زوريءَ مديني کان بغداد وٺي آيو ته جيئن نزديڪ کان سندس نگراني ڪري سگهي. هن جي حڪومت ۾ هڪ شخص چوري باسي ۽ هن خليفي سان خواهش ظاهر ڪئي ته الاهي حد جاري ڪري کيس پاڪ ڪيو وڃي. معتصم سڀني فقيهن کي جلسي ۾ گڏ ڪيو ۽ امام جواد3کي به گهرايو. پهريائين هن ابن ابي داؤد (22) کان سوال ڪيو ته چور جو هٿ ڪهڙي جاءِ تان ڪپڻ گهرجي؟ ابن ابي داؤد چيو چنبي کان

۽ پنهنجي دليل ۾ قرآن جي آيت ”فَامسَحُوا بِوُجُهِکُم وَاَيديِکُم.....“ پڙهي،

فقيهن جو هڪ گروهه هن جي تائيد ۾ هيو. ليڪن ٻئي  گروهه هن نظريي جي مخالفت ڪئي ۽ چيائون ته هٿ ٺوٺين کان وڍڻ گھرجي ۽ هنن پنهنجي نظريي جي تائيد ۾ آية ”فَا غسِلُو وُجُوهَڪُم وَاَيدِيَکُم اِلَي الَمرَافِقِ“ (23) کي دليل بڻايو.

معتصم، امام جواد3 جي طرف منهن ڪيو ۽ پڇيائينس ته: ”انهيءَ مسئلي ۾ اوهان جو نظريو ڪهڙو آهي؟“ امام فرمايو ته: ”انهن ماڻهن پنهنجو نظريو پيش ڪيو، هاڻي مون کي معاف ڪر.“ معتصم اصرار ڪيو، امام کي قسم ڏيئي چيائين ته پنهنجو نظريو بيان ڪريو. امام فرمايو ته، جيئن ته تو قسم ڏنو آهي، تنهن  ڪري مان پنهنجو نظريو بيان ڪريان ٿو، ٻنهي گروهن غلط فيصلو ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته چور جون فقط آڱريون ڪٽيون وينديون. پاڻ فرمايائون انهيءَ لاءِ جو رسولِ خدا فرمايو آهي ته سجدو ستن عضون سان ٿئي ٿو ”پيشاني (نراڙ) ٻنهي هٿن جون تريون، ٻئي گوڏا ۽ ٻئي پير (ٻنهي پيرن جا آڱوٺا)“ تنهنڪري چور جو هٿ جيڪڏهن ٺوٺين کان يا چنبي کان وڍيو ويندو ته هن جو هٿ نه رهندو جو هو سجدو بجا آڻي نه سگهندو خدا فرمائي

ٿو”ان المساجد لله فلا تد عوامع الله احداً(24) (سجدي جون جايون خدا لاءِ آهن،

بس خدا سان گڏ ڪنهن کي نه پڪاريو) تنهن ڪري جيڪي خدا لاءِ آهي. انهيءَ کي وڍيو نه ويندو.

معتصم کي امام جو نظريو پسند آيو ۽ هن حڪم ڏنو ته چور جون آڱريون وڍيون وڃن ابن ابي داؤد خود هن واقعي جو راوي آهي، چئي ٿو ته هن مجلس ۾ مون شرم کان موت گھُريو.

هي ٽن ڏينهن کان پوءِ معتصم وٽ ويو ۽ چيائينس ته چند ڏينهن اڳ واري ڪچهري حڪومت جي ڀلائي ۾ نه هئي. ڇاڪاڻ ته سڀني عالمن ۽ حڪومت جي ٻين ممتاز ماڻهن جي سامهون تو ابوجعفر جي فتويٰ کي، جنهن کي اڌ مسلمان پنهنجو رهنما  مڃيندا آهن ۽ امر خلافت ۾ توکان وڌيڪ سمجهندا آهن، ٻين جي نظريي تي وڌيڪ ترجيح ڏني، اها خبر ماڻهن ۾ پکڙجي وئي ته خود ان جي شيعن لاءِ دليل بڻجي ويندي.

معتصم، جيڪو اڳ ۾ ئي هر طرح جي دشمني پنهنجي دل ۾ رکندو هو، امام کي رستي تان هٽائڻ لاءِ وجهه ڳوليندو هو. ابي داؤد جي ڳالهين سان دهلجي ويو ۽ امام کي قتل ڪرڻ جي باري ۾ سوچڻ لڳو.(25) نيٺ پنهنجي انهيءَ ناپاڪ ارادي کي عملي جامون پهرايائين ۽ امام جواد3 کي جنهن جي ڄمار 25 بهارن کان مٿي نه ٿي هئي، ساڳي سال ذي القعد مهيني جي پوين ڏهاڙن ۾ امام کي بغداد ۾ گهرائي زهر سان شهيد ڪري ڇڏيو. (26) امام جي جسد اطهر کي سندن ڏاڏي سائين حضرت امام موسيٰ ابن جعفر4  جي پاسي ۾ قبر جي حوالي ڪيو ويو. اڄ به انهن ٻنهي امامن جون مقدس مزارون ڪاظمين جي نالي سان مشهور آهن.

 


حوالا

1 ــ انوار البهيہ ص 227 / بحار ج 50 ص 15 ۽ڪتاب ”عيون المعجزات“ تان نقل ٿيل.

2 ــ بحار، ج 50 ص 7 ، 11، 13، 14. هڪ قول مطابق ان ئي سن ۾ رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ سندن ولادت ٿي.

3 ــ بحار، ج 50 ص 11 / انوار البهيہ ص 225.

4 ــ ڪافي ج پهريون ص 252 ”في باب النص ابي الحسن الرضا“ / انوار البهيہ ص 226 ــ 225.

5 ــ عيون اخبار الرضا ج 2 ص 242.

6 ــ بحار ج 50 ص 35.

7 ــ ارشاد مفيد ص 319 / ڪافي ج پهريون ص 259 ــ ۽ 315.

8 ــ امام رضاء جي عمر جا آخري ٻه سال سن 201 هه کان سن 203 هه تائين مراد ناهن جڏهن کين خراسان نيو ويو.

9 ــ سورة مريم آيت 11.

10 ــ ارشاد مفيد ص 225 / مناقب ج 4 ص 389.

11 ــ بحار، الانوار ج 50 ص 105 نقل ٿيل ڪافي ۽ غيبت شيخ تان.

12 ــ بحار، ج 50 ص 89 ــ 86 / انوار البهيہ ص 238 ــ 237.

13 ــ بحار، ج 50 ص 44 خرائج راوندي تان نقل ٿيل.

14 ــ عرب احتراماً هر ڪنهن کي ان جي ڪنيت سان سڏيندا هئا.

15 ــ عيون اخبار الرضا ج 2 ص 242.

16 ــ بحار، ج 50 ص 63 ــ 61 / مناقب ج 4 ص 396 / ڪافي ج 1 ص 414 ــ 413

17 ــ ارشاد مفيد ص 321 ــ 320 / مناقب ج 4 ص 381 / اعلام الوريٰ ص 352 ــ 351 / بحار، ج  ص 76 ــ 75 / ڪشف الغمہ ج 3 ص 145 ــ 144 / الفصول المهمہ ص 268.

18 ــ بحار، ج 50 ص 100.

19 ــ رجال شيخ طوسي ص 409 ــ 397.

20 ــ رجال ڪشي ص 539 ــ 538.

21 ــ مروج الذهب ج 3 ص 485 ــ 483.

22 ــ مامون، معتصم، واثق ۽ متوڪل چئني خليفن جي دور ۾ بغداد جو وڏو  قاضي القضاة هيو.

23 ــ سورة مائده آيت 6

24 ــ سوره جن آيت 28

25 ــ بحار، ج 50 ص 7 ــ 5 / تفسير عياشي ج پهريون 320 ــ 319 / انوار البهيہ 243 ــ 241.

26 ــ بحار، ج 50 ص 1 ڪن راويتن ۾ آيو آهي ته معتصم مامون جي ڌيءَ ”ام الفضل“ ذريعي امام کي زهر ڏياري.

(بحار، ج 50 ص 1 / اعيان الشيعہ ج 2 ص 36.)

 



[1] کَيفَ اَقُومُ وَقَد وَدَعتَ البَيتَ وِدَاعاً لارُجُوعَ بَعدَهُ

          (ڪشف الغمہ ج 3 ص 153 ــ 152 / سيرة الآئمہ الاثنا عشر ج 2 ص 443 / انوار البهيہ ص 202.)

[2] وَکَانَ عَليٰ مِنهَاج اَبِيھِ فِي العِلمِ وَالتَقَيٰ  وَالزُهدِ وَالجُودِ (تذڪرة الخواص 321)

[3] مُحَمَدُ بنِ عَلِي الجَوَادِ کَانَ مِن اَعيَانِ بِني هَاشِمِ وَهُوَ مَعرُوفُ بِالسَخَاءِ وَالجُودِ وَلِهٰذا سُمِي الجَوَادُ. (منهاج السنة 2 ص 127.)

[4] بست افغانستان جو هجڪ جهونو شهر آهي، جيڪو بلوچستان ۽ هند جي رستي ۾ آهي. هن جو مرڪز سجستان هو. جنهن جو اطلاق وسيع علائقي تي ٿيندو هو. هرات کان 80 فرسخ تي آهي. (معجم البلدان والمنجد ــ باب اعلام ــ ڪملہ، بست و سجستان) *اَمَا بَعدُ فِـــاِنَ مُوصِلَ کِتَابِي هذا ذَکَرَ عَنکَ مَذهَباً جَمِيلاً وَاَنَ مَالَڪَ مِن عَمَلِکَ مَا اَحسَنَت فِيھِ فَاَحسَنِ اِليٰ اِخوَانِکَ وَاعلَم اَنَ اللهَ عَزَوَجَلَ سَائِلُکَ عَن مَثَاقِيلِ الذَرِوَ الخَردَلِ.

[5] اِختَرتُھ لِتَبرِيزِهِ عَليٰ کَافَةِ اَهلِ الفَضلِ فِي العِلمِ وَالفَضلِ مَع صِغَرِ سِنِھِ.(بحار ــ ج 50 ص 75)

[6] نَعُوذُ بِاللهِ مِمَا تَقُولُونَ، بَل اَنالَھُ عَبدُ. (ڪافي ج پهريون ص 258 / انوار البهية ص 228 ــ 227)

[7] اِنِي اَعرَفُ بِهٰذَا الفَتَيٰ مِنکُم وَاَنَ اَهلَ هٰذا البَيتِ، عِلمُهُم مِنَ اللهِ وَمَوَادُہُ وَالِهَامُھ لَم تَزِل آبَائُھ اَغِنيَاءَ فِي عِلمِ الدِينِ وَالاَذبِ عَنِ الرِعَايَا النَاقِصَةِ عَن حَدِ الکَمَالِ.  

(بحار ــ ج 50 ص 75 ــ 74 / ارشاد ص 320 ــ 319 / ڪشف الغمہ ج 3 ص 144 / مناقب ج 4 ص 381 ــ 380 / اعلام الوريٰ ص 151.)

women who cheat when your husband cheats how many people cheat

ڀلي ڪري آيا


اسان جا سوشل ميڊيا جا صفحه پسند ڪريو.
رابطو ڪريو

© سڀ حق ۽ واسطا صراط المستقيم وٽ محفوظ آهن