روزانه حديث:
حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام فرمايو حيا، ايمان جو حصو آهي ۽ ايمان (جو مقام) بهشت آهي، بي حيائي ظلم و جفا (جو مقام) جهنم آهي. (ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 4562 )
نيوز ليٽر
اسان جو نيوز ليٽر حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اي ميل ايڊريس ڏيو.
اسلامي فلم سيڪشن

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام


ذاتي ڪوائف 

 

نالو:                  جعفر 3

لقب:                  صادق

ڪنيت:               ابوعبدالله

والد:                   امام محمد باقر 3

والده:                  امِ فروه بنت قاسم بن محمد بن ابي بڪر

ولادت جي تاريخ:    17، ربيع الاول 86 هه

هنڌ:                   مدينو منور

امامت جو عرصو:   34 سال

شهادت جي تاريخ:   25 شوال، سن 148 هه

شهادت جو سبب:    منصور دوانقيءَ جي حڪم سان زهر ڏنو  

                         ويو.

عمر:                   65 سال

مرقد مبارڪ:         جنت البقيع ــ مدينو منور


  

امام جعفر صادق3

 

ولادت

ولايت جي آسمان جو ڇهون ستارو حضرت جعفر ابن محمد4 ۱۷ ربيع الاول تي پنهنجي ناني سائين، رسول خدا جي ڄمڻ واري تاريخ، سن ۸۶ هه ۾مديني ۾ ڄايا. سندن هاڪاري ڪنيت ”ابوعبدالله“ ۽ نهايت مشهور لقب ”صادق“ هو.(1) بابو سڳورو امام محمد باقر3 ۽ جيجل امان امِ فروه ڌيءَ قاسم ابن محمد بن ابي بڪر هُين، جيڪا امام جعفر صادق3 جي قول مطابق متقي، با ايمان ۽ نيڪوڪار عورتن مان هيون[1] سندن ڄمار 65 ورهيه هئي. ٻارهن سال پنهنجي ڏاڏي امام زين العابدين3 جي جهولي ۾ ۽ اڻويهه ورهيه پنهنجي پيءُ امام محمد باقر3 سان گڏ گهاريائون. سندن امامت جو زمانو چوٽيهه سال يعني سن 114 هه کان 148 هه تائين رهيو. (2)

پرورش جو ماحول

امام جي زندگيءَ جو اڌ زمانو پنهنجي ڏاڏي سڳوري ۽ عالي قدر پيءَ جي پرگهور ۾ گذريو. اهو املهه زمانو سندن لاءِ هڪ اهڙو بلند مدرسو ۽ خاندانِ وحي کان علم ۽ ڏاهپ توڙي فضيلت ۽ خدائي معرفت پرائڻ جو ڀلوڙ موقعو هو.

امام جن ننڍي لاڪون ئي ڏکن ڏولاون سان ڏکايل ڪٽنب ۾ پلجي وڏا ٿيا. امام زين العابدين3 جي خاندان جهڙو ڪو گهراڻو نه ملندو جنهن اهڙا ڏک ۽ ڏاکڙا ۽ روحاني سور ۽ ڏوجهڙا ڏٺا هجن. امام حسين3 ۽ سندن صحابين جي دل ڏاريندڙ ياد، معصوم ٻارڙن ۽ رسول الله جي آڪهه جي ڳوڙهن امام سجاد3 جي گهراڻي جي مڙني فردن کي ماتم ۽ دائمي ڏک ۽ غم ۾ مبتلا رکيو هو. امام جعفر صادق3 جن اهڙي گهراڻي  ۾ اکيون کوليون ۽ جيئن جيئن وڏا ٿيندا ويا پنهنجي زماني جي سياسي ۽ اجتماعي حالات کان وڌيڪ واقف ٿيندا ويا. سندن اکين آڏو نون نون افقن جا دروازا کلندا ويا. ٻئي پاسي، ڏاڏي ۽ پيءُ سڳوري وٽ علمن جي اڃايلن جي محدود تعداد ۾ اچ وڃ سان مختلف اسلامي علمن ۽ علمي ۽ فقهي بحثن جو پاڻ مشاهدو ڪيو هئائون. اصولِ امامت کي مضبوط ڪرڻ، احڪامن کي بيان ڪرڻ، اسلام جي اصلي تهذيب جي نشر ۽ اشاعت ۽ اهل بيت جي روش تي، قرآن جي تفسير جي راهه ۾ پنهنجي والد جي ڪيل ڪوشش ۽ ڏکيائين جو پاڻ ويجهائي کان مشاهدو ڪري رهيا هئا ۽ ڪٽنب ۾ وڏي پٽ جي عنوان سان انهن سڀني ڪمن ۾ شريڪ هئا.

اخلاق ۽ سندن سيرت

امام جعفر صادق3 جن اسلامي اخلاق ۽ انساني فضائل جا مڪمل نمونا هئا. جيئن پاڻ  پنهنجي پوئلڳن کي فرمايائون:

”کوُنوُا دُعَاةَ النَّاسِ بِغَيرِ اَلسِنَتِکُم“(3)

ماڻهن کي سواءِ زبان جي (پنهنجي عمل سان) ڪانڍ ڏيو!

زندگي جي سڀني پاسن ۾ اسلام جي روشني جو درس پهچائڻ لاءِ پنهنجي سڄي ڄمار وقف هُين.

هاڻي اسان سندن اخلاق ۽ سيرت جي چند نمونن ڏانهن اشارو ڪنداسين. ان اميد سان ته سندن رستي تي هلڻ وارن ۽ سندن مڪتب جي نگهباني ڪندڙن لاءِ سيرت جو نمونو بڻجي.

 

الف ــ حلم ۽ بربادي

حفص بن ابي عائشه کان روايت آهي ته امام جعفر صادق3 جن پنهنجي نوڪر کي ڪنهن ڪم لاءِ موڪليو پر جڏهن هن دير لاتي ته پاڻ ئي ان ڪم ڪرڻ لاءِ نڪري پيا غلام کي ڏٺائون ته هڪ ڪنڊ ۾ سمهيو پيو آهي. پاڻ ان جي مٿن کان ويهي وڃڻو جهلائڻ لڳا. غلام کي جڏهن جاڳ ٿي ته پاڻ رڳو ايترو چيائونس ته اهو ٺيڪ ناهي ته انسان ڏينهن جو به سمهي ۽ رات جو به، رات تنهنجي لاءِ آهي ۽ ڏينهن اسان جي لاءِ (4)

ب ــ عفو ۽ درگذر

امام جعفر صادق3 جن کي ڪنهن ٻڌايو ته توهان جي فلاڻي ڀائٽي ماڻهن ۾ توهان کي گهٽ وڌ ڳالهايو آهي. پاڻ اٿيا ۽ وضو ساري ٻه رڪعتون نماز پڙهيائون ۽ نماز کان پوءِ پاڻ روئيندي فرمايائون ”پالڻهار! مون تنهنجو حق ادا ڪيو، تنهنجي سخا ۽ ڪرم سڀني کان وڌيڪ آهي. تون هن کي درگذر ڪر ۽ هن جي ڪيِتَنِ جو پڇاڻو نه ڪر.“(5)

ج ــ حاجتمند جي مدد

ابو جعفر خثعمي نقل ڪري ٿو ته امام جعفر صادق3 جن هڪ ٿيلهي جنهن ۾ 50 دينار هئا هڪ ماڻهو کي ڏيڻ لاءِ مون کي ڏني ۽ پاڻ زور ڪيائون آ ته منهنجو نالو نه ٻڌائجان ۽ جڏهن مون اها ٿيلهي هن ماڻهو کي ڏني ته هن ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هي ڪنهن جي پاران مدد آئي آهي؟ اهو ڪير همراهه آهي جيڪو چند ڏهاڙن کان پوءِ اها امداد موڪلي ڏيندو آهي؟ جنهن سان منهنجي هڪ سال جو خرچ پکو هلي ويندو آهي پر کيس امام صادق3 کان شڪايت هئي ته پاڻ پڄندي هوندي به اسان جي مدد نه ٿا ڪن. (6)

د ــ امام ۽ زراعت

ابو عمرو شيباني نقل ڪري ٿو ته: امام جعفر صادق3 کي مون ڏٺو ته ٿلهو ۽ کهرو وڳو پهريل اٿن ۽ حالت هيءَ اٿن جو پگهر ٽمين پيو ۽ بيلچو کنيون ٻنيءَ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. مون عرض ڪيو “توهان تي گهور وڃان، بيلچو مون کي ڏيو ته جيئن توهان جي بدران آءٌ ڪم ڪريان.” پاڻ چيائون:”مون کي اهو وڻي ٿو ته انسان معاش جي  حصول لاءِ گرمي جي تپش جي اذيت سَهي.“[2]

شخصيت ۽ عظمت

امام جعفر صادق3 جي عظمت ۽ شخصيت کي نمايان ڪرڻ لاءِ ايترو ئي کوڙ آهي ته سندن ڪٽر دشمن، منصور دوانقيءَ جڏهن امام جي شهادت جي خبر ٻڌي ته هن روئي ڏنو ۽ چيائين ”ڇا جعفر ابن محمد3 جو مٽ ملي سگهندو؟“(7)

مالڪ ابن انس جيڪو اهل سنت جي چئن امامن مان هڪ آهي، فرمائي ٿو ته جعفر ابن محمد3 جو مثال نه ڪنهن اک ڏٺو، نه ڪنهن ڪن ٻڌو، ۽ ڪنهن انسان جي دل ۾ ايندو ته علم، عبادت ۽ تقويٰ جي اعتبار کان جعفر ابن محمد کان مٿانهون ڪو ٿيندو. (8)

ابن ابي العوجا ــ ان دور جي ماده پرستن جو امام ــ امام جي شخصيت جو اعتراف ڪندي چوي ٿو ته ”هو(امام صادق)بشر کان مٿانهان آهن ۽ جيڪڏهن ڌرتيءَ تي ڪنهن روحانيءَ جو وجود ٿي سگهي ٿو اهو بشر جي صورت ۾ جعفر ابن محمد3 آهي.“ (9)

علمي مقام

رڳو امام جعفر صادق3 جي نهايت مٿاهين علمي شخصيت ۽ سندن علم جو پڙاڏو ان زماني جي معاشري  ۾ ايترو ته پکڙيو جو علمي محفلن ۽ فضل ۽ دانش جي مجلسن ۾ انتهائي عظمت ۽ احترام سان کين “صادق آلِ محمد” سان ياد ڪيو ويندو آهي ۽ دوست ۽ دشمن هر ڪنهن علمي مقام ۾ سندن برتري جي باري ۾ ساراهه جا ڍُڪ ڀريا.

امام ابوحنيفو ــ اهل سنت ۾ حنفي مسلڪ جو امام فرمائي ٿو: مون جعفر ابن محمد3کان وڌيڪ فقيهه ڪنهن کي به ڪو نه ڏٺو، هڪ ڏينهن منصور جي حڪم مطابق مون چاليهه فقهي مسئلا تيار ڪيا ته جيئن خليفي جي روبرو جلسي ۾ کانئن سوال ڪريان. سوال پوري ٿيڻ کان پوءِ امام جعفر صادق3 جن انهن مان هڪ هڪ سوال جي باري ۾ اهڙو ڪامل جواب ڏنو جو سڀن مڃيو ته پاڻ سڀني کان وڌيڪ علم ۽ آگهي رکن ٿا. (10)

ڊاڪٽر عبدالقادر محمود ــ مصر جو هڪ ڏاهو ۽ چوٽي جو ليکڪ آهي. هي صاحب پنهنجي ڪتاب ”الامام الصادق رائد السنة والشيعة“ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته:

”امام جعفر صادق3 اهلِ سنت ۽ شيعن ٻنهي جا مرجع آهن. ان ڳالهه جي خبر هجڻ ئي ڪافي آهي ته هو فقهه جي امامن ابو حنيفه ۽ مالڪ ۽ ڪيميا جي ماهر جابر بن حيان جا استاد آهن، سندن وجود هڪ مڪتب ۽ مذهب سان مخصوص ناهي بلڪه سڀني لاءِ آهي.“

همعصر حڪمران

امام جعفر صادق3 جن سن ۱۱۴ هه ۾ امت جي رهبري جي ذميواريسنڀالي. چند خليفا جن ۾ ڪي بني اميه ۽ بني عباس جا سندن هم عصر هئا، اموي خليفن مان هشام ابن ملڪ، وليد بن يزيد، يزيد ابن وليد، ابراهيم ابن  وليد ۽ مروان حمار هئا. جڏهن ته بني عباس جي خليفن منجهان ابوالعباس سفاح ۽ منصور دوانقي سندن هم عصر هئا.

بني اميه جا جرم

سن ۴۰ هه ۾ اميرالمؤمنين3جي شهادت کان پوءِ معاويي جي هٿن ۾ حڪومت جي واڳ اچڻ کان وٺي سن ۱۳۲ هه تائين جيڪو بني امين جيحڪومت جي پڄاڻيءَ جو سال آهي. اسلامي دنيا عملي لحاظ کان بني اميہ وارن جي قبضي ۾ هئي. لڳ ڀڳ هڪ صدي تائين اموين جي حڪومت تاريخ اسلام جي دورن ۾ انتهائي ردي حڪومت ۽ اسلام لاءِ ٽڪو هئي. ان زماني ۾ اسلام ۽ مسلمان بني اميه جي هٿن ۾ کيڏونئڙو هئا. مسلمان خاص ڪري نبوت جي گهراڻي جا پوئلڳ، سختي ۽ گهُٽ ۾ زندگي گذاري رهيا هئا. اميرالمؤمنين علي3واسطي اڻ سهائيندڙ ۽ گُٿا لفظ استعمال ڪرڻ بني اميہ جي منصوبن ۾ سرِفهرست هو. ڪربلا جو دل ڏاريندڙ قضيو ۽ سيدالشهداء حسين ابن علي4 جي شهادت ان ٽولي جي پاپن جو اوج ڳڻيو ويندو هو. ڪربلا واري رتوڇاڻ کان پوءِ به ڪيترن بزرگ شيعن ۽ علوين کي اهل بيت جي طرفدار هجڻ جي ڏوهه ۾ يا ته قتل ڪيو ويو يا سالن جا سال اونداهن ۽ خوفائتن قيد خانن ۾ انتهائي ردي حالت ۾ رکيو ويو.

وليد ابن عبدالملڪ حڪومت جي واڳ سنڀالڻ کان پوءِ پنهنجي پهرين تقرير ۾ چيو ”جيڪو به انسان اسان سان سرڪشي ڪندو اسان ان جو ڪنڌ لاهي ڇڏينداسين ۽ جيڪو چپ ڪري ويهندو ان کي چپ جو ڏک ماري وجهندو.“ (11)

بني اميه ملحد ۽ خدا کان غافل هئا. انهن منڍ کان ئي دين اسلام ۽ پيغمبر اڪرم سان وير رکيو. بدر ۽ احد وغيره جي جنگ پيغمبر، اميرالمؤمنين ۽ سندن گهراڻي لاءِ ڪيني ۾ شدت جو ڪارڻ بڻي. پوءِ جيئن وجهه ملين پلاند ۾ اسلام ۽ اسلامي امت کي ختم ڪرڻ ۾ ڪنهن به دوکي ۽ فريب ۾ وسان  نه گهٽايائون.

اموي حڪومت جي انت اچڻ جا سبب

تاريخ ۾ بني اميه جي خاندان خلاف عراق، ايران ۽ افريقا جي مسلمانن جي قيام جا ڪيترائي اسباب ڦهليل آهن. اسان انهن سمورن سببن مان رڳو ٽن سببن جيڪي سڀني وَجهَن کان وڌيڪ اموي تخت ۽ تاج جي بربادي جو ڪارڻ بڻيا ذڪر ڪريون ٿا.

1ــ امام جو سانده جهاد ۽ سندن پکيڙيل سوجهرو

ان ۾ شڪ ناهي ته امامن ۽ سندن صحابن جي پکيڙيل روشني ۽ سندن مقابلا خاص ڪري ڪربلا جي قضيي بني اميه جي خلاف نفرت ۽ شورش پکيڙڻ ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو. جهڙوڪ امام جعفر صادق3 جن پنهنجي سموري ڄمار ۾ ۽ انهن سالن ۾، جڏهن بني اميه حڪومت ڪري رهيا هئا، جيسيتائين بني اميه جي نگرانين ۽ پابندين اجازت ڏنن پاڻ روشني پکيڙڻ ۽ ظلم ڏاڍ  خلاف جنگ ۾ رڌل رهيا. هشام جي حڪومت ۾ هڪ سال جڏهن امام جعفر صادق3 جن پنهنجي بابي سڳوري ساڻ حج لاءِ اسهيا هئا. حاجين جي عظيم اجتماع ۾ پاڻ تقرير ڪيائون ۽ ان تقرير ۾ اهل بيت جي امامت ۽ رهبريءَ جي باري ۾ فرمايائون.

”حمد ۽ شڪر ان الله جو جنهن محمد% کي حق ساڻ موڪليو ۽ اسان کي سندس وسيلي ڪرامت بخشيائين. اسان ماڻهن منجهه خدا جا چونڊيل ٻانها آهيون. ڇوٽڪارو اهو ماڻيندو جيڪو اسان جو پوئلڳ هوندو ۽ نڀاڳو ۽ بخت ۽ ڦٽل اهو آهي جيڪو اسان سان دشمني ڪندو آهي. ڪي ماڻهو زبان سان اسان جي دوستي جو اظهار ڪن ٿا پر دل سان اسان جي دشمنن جا دوست آهن.“(12)

ان تقرير سببان هشام مديني جي حاڪم کي حڪم ڏنو ته انهن ٻنهي سڳورن کي شام موڪلي ڏي. امام محمد باقر ۽ امام جعفر صادق4  جن دمشق پهتا ۽ اموي خليفن جو سلوڪ ڏٺائون. (13 

2ــ اقتصادي دٻاءُ

اپت ۽ درآمد ۾ واڌ جا امڪان پيدا ڪرڻ بدران اموي حڪومت ٽيڪس ۽ خراج وغيره اڳاڙڻ تي گهڻو زور ڏيندي هئي. ڪيئن به اهو خليفو جنهن وٽ اقتدار ايندو هو اهو رائج ميزان کي اڃان وڌائي ڇڏيندو هو.

انهن خليفن، سمورن هارين ۽ پوک ڪندڙن کي مجبور ڪيو ته قانوني ٽيڪس ڏيڻ کانسواءِ ساسانين جيان ”نوروز جو هديو“ جي نالي سان ڪجهه واڌو مال کانئن وٺن. پهريون شخص جنهن ان کي قانوني شڪل ڏني، اهومعاويو هو ۽ رڳو ڪوفي ۽ ان جي ڀرپاسي کان هڪ سال جو نوروز هديو تيرهن ملين درهم کان به وڌيڪ ٿيندو هو ان مان سمجهي سگهجي ٿو ته ٻين جاين تي، جيئن هرات، خراسان وغيره جو ڪيترو هديو ٿيندو هوندو. (14)

سمورن هنڌن جي حالت اقتصادي اعتبار کان ردي هئي. خاص ڪري عراق جيڪو بني اميه جي وڏن سرنديءَ وارن ۽ مالدار ماڻهن جي رهڻ جو هنڌ ۽ سائو ستابو ۽ برڪت ڀريو پرڳڻو هو. جيڪو گهڻو ڪري خليفي يا حڪومت جي ماڻهن لاءِ مخصوص هو حاڪمن ۽ سندن ويجهن جي هٻڇي  طبيعت وسيع ۽ عريض اسلامي ملڪ جي عجيب حالت بڻائي ڇڏي هئي.[3]

عمر بن عبدالعزيز جي زماني ۾ ڪجهه زور گهٽيو ۽ ماليات جا  مشڪلات نبريا پر عمر بن عبدالعزيز کان پوءِ حالت پلٽو کاڌو ۽ ساڳي صورت پيدا ٿي وئي ۽ بحراني حالت وڌندي وئي.

 

3 ــ غير عرب کي نظر انداز ڪرڻ

بني اميه جي حڪومت عربيت جي بنياد تي قائم ٿي هئي. انهن سڀئي عهدا عربن کي ڏئي ڇڏيا هئا ۽ اسلام جي ٻئي گروهه (غير عرب) کي موالي جي نالي سان سڏيندا هئا.[4] جيڪي غير عرب هئا انهن کي بصري کان تڙي ڇڏيو هئائون. اهي پناهگير پنهنجن مظاهرن ۾ واه محمدا واه محمدا جا نعرا هڻندا هئا، کين نه پيو سُجهي ته ڪٿي وڃي پناهه وٺن. (15) ڪي چوندا هئا ته ٽن شين گڏهه، ڪُتي، ۽ موالي سان نماز ٽٽي پوي ٿي. (16)

هڪ ڏهاڙي معاويو موالين (عجمين) جي وڌندڙ تعداد کي ڏسي ڪاوڙ ۾ آيو ۽ ارادو ڪيائين ته انهن مان اڌ کي قتل ڪري ڇڏي پر “احنف“ کيس ائين ڪرڻ کان روڪيو. (17)

جڏهن عرب نسل جو ڪو ماڻهو سامان وٺي موٽندو هو ته رستي ۾ عجميءَ کي ڏسي سامان زمين تي رکندو هو. هاڻ عجميءَ جو فرض هو ته هو کيس گهر تائين پهچائي. (18)

انهن سببن ۽ ٻين سببن جي ڪري اموي حڪومت خلاف هڪ ٻئي پويان هنگاما ۽ شورشون برپا ٿيون[5] ۽ هر هڪ تي اها ڳالهه روشن ٿي ته سواءِ حڪمراني ۽ تسلط حاصل ڪرڻ جي اموين جو ڪو بيو مقصد ناهي. ان ڦوٽهڙي واري دور ۾ ماڻهو ائين اٿيا جو ملڪ جو ڪنٽرول سندن هٿن مان نڪري ويو ۽ مروان حمار آخري  اموي خليفي جي زماني ۾ ملڪ جي حالت ايتري ابتر ٿي وئي جو هاڻ ڌماڪو ٿيڻ وارو ئي هو.

ٻئي طرف ماڻهو سمجهي چڪا هئا ته خاندان پيغمبر جا افراد جيڪي اسلامي معاشري ۾ محبوب ترين ماڻهو آهن ۽ عدالت ۽ تقويٰ جو نمونو ڄاتا ويندا هئا ۽ فقط اهوئي محڪم ۽ اطمينان جوڳو مرڪز آهي جن کي اڳتي آڻڻ کانسواءِ ڇوٽڪاري جي ڪا راهه نه آهي. سچ پچ اهل بيت امت اسلامي جا جيئرا جاڳندا مقصد هئا. جيڪي سڀني جي جسم ۾ زندگي جو روح ڦوڪي رهيا هئا. اهو ئي سبب آهي جو سڀ تحريڪون ۽ انقلاب ”رضاءِ آلِ محمد“ جي نعري سان ايران، عراق ۽ اتر آفريقا ۾ ڪمال جي منزل تي پهتا ۽ آخر 90 ساله حڪومت بني اميه جو خاتمو آڻي ڇڏيو.

امام ۽ تحريڪن جو رابطو

انقلاب جي شروع  ۾ نگاهون امام جعفر صادق3 ۾ کُتل هيون ڇو جو کانئن وڌيڪ مناسب ٻيو ڪو ڪونه هو جنهن کي ماڻهو سڃاڻيندا هجن، پر امام جيئن ته ماڻهن جي نِيتُن ۽ ضمير کان آگاهه هئا، پاڻ منڍ کان ئي موافقت جو اظهار نه ڪيو. جڏهن جو ان کان اڳ اختلاف به نه ڪيائون. امام جن ڄاڻن پيا ته هر قيام توڻي “رضاءِ آلِ محمد” جي نالي ٿي رهيو آهي پر مقصد ڪجهه ٻيو آهي. ڪاميابيءَ کان پوءِ انقلاب جو منهن موڙي اهي ماڻهو پنهنجي  نالي تي توڙ کي پهچائيندا. ان حقيقت کي امام جي اقوالن مان معلوم ڪري سگهجي ٿو.

 عبدالله بن حسن امام جعفر صادق3 جن کي خواهش ڏيکاري ته پاڻ دعوت جي اڳواڻي ڪندڙ صفاح ۽ منصور سان گڏجن. پاڻ فرمايائون: ”رضاءِ آلِ محمد“ جي نعري جي پاڇولي ۾ انهن تحريڪ هلائي آهي پر اهي ڪاميابيءَ جي موقعي تي توکي ۽ تنهنجن ٻنهي پٽن کي پوئتي ڌڪي پنهنجو پاڻ کي حڪمران جي حيثيت ۾ پيش ڪندا. (19)

سدير صيرفي کي ان تحريڪ سان تعاون ڪرڻ جي جواب ۾ پڻ فرمايائون: ”انهن ماڻهن ۾ اخلاص نه ٿو ڏسان“ (20)

ابومسلم خراساني، جنهن عباسين کي حڪومت تائين پهچايو، هڪ خط ۾ امام جعفر صادق3 جن کي لکيو ”مان ماڻهن کي اهل بيت سان دوستي جي دعوت ڏيان ٿو، ڇا اوهين چاهيو ٿا مان اوهان جي بيعت ڪريان؟“ امام جواب ڏنو ”نه ئي تون اسان جي مڪتب جو ماڻهو آهين ۽ نه هي زمانو اسان جو زمانو آهي.“

بني عباس جو زمانو

بني عباس ”عباس ابن عبدالمطلب“، پيغمبر جي چاچي جي اولاد مان هئا. انهن ابتدا ۾ سيد الشهداء جي خون جي انتقام ۾ آلِ محمد جي خوشنودي ۽ اموين جي ظلم ۽ ڏاڍ سان نبرڻ جي نالي تي ماڻهن کي پنهنجي آس پاس گڏ ڪيو ۽ ايراني، جيڪي اولاد علي3سان محبت رکندا هئا انهن مان فائدو ورتو ۽ انهن بني اميه سان جنگ ڪئي ته جيئن اموين کان حڪومت کسي جيڪو ان جو حقدار آهي، ان جي حوالي ڪجي. نيٺ انهن ابومسلم خراساني ۽ جعفر بن محمد3 جي حوالي ڪرڻ بجاءِ پاڻ ئي ان تي قبضو ڪري ورتو.  (22)

شروع ۾ بني عباس اسلام کي ظاهر ڪري ان عنوان سان ته ”اسان آلِ پيغمبر آهيون“ اها ڪوشش ڪئي ته پاڻ کي رسول خدا جو سچو پچو وارث ۽ خلافت لاءِ نهايت مناسب ظاهر ڪن ۽ جيئن ته اهي ٻين جي ڀيٽ ۾ اها ڳالهه چڱي طرح ڄاڻيندا هئا ته هو پاڻ ان منصب جي لائق نه آهن. ان لاءِ فقط اقتدار هٿ ۾ ايندي ئي اڳوڻن ظالمن جيان هنن به پنهنجي سلطنت جي حفاظت جي لاءِ امام جعفر صادق3 ۽ سندن محبن تي سختي ۽ دٻاءٌ وجهڻ شروع ڪيو ۽ هر طرح ڪوشش ڪيائون ته معاشري کي خاندان نبوت کان پري رکيو وڃي ته جيئن حڪومت جا خاندانِ پيغمبر جي نالي تي اسلام جو دم ڀريندي ماڻي وئي آهي ڪٿي هٿان نڪري نه وڃي.

بني عباس جي پهرين خليفي صفاح چار سال ۽ ٻئي خليفي منصور 56 سال يعني امام جعفر صادق3 جي شهادت کان ڏهه سال پوءِ به اقتدار ماڻيو. امام ان سڄي عرصي ۾ خصوصاً منصور جي دور حڪومت ۾ نهايت ڏکيائي ۽ نگراني ۾ زندگي گهاري. هونئن ته پاڻ حڪومت جي ذريعي سچي اسلام جا قاعدا قانون دنيا آڏو پيش ڪيا پر مناسب حالتن ۾ وقت جي حاڪمن تي اعتراض ۽ انهن کي ٽوڪڻ کان به پاسو نه ڪيائون. جڏهن منصور هڪ خط ذريعي گهريو ته پاڻ، کين نصيحت فرمائن ته پاڻ جواب ۾ لکيائون ”جيڪو دنيا کي چاهي ٿو اهو توکي نصيحت نه ڪندو ۽ جيڪو آخرت کي چاهي ٿو اهو تنهنجو ساٿ نه ڏيندو.“[6]

هڪ ڏهاڙي منصور جي منهن تي هڪ مک اچي ويٺي ۽ هر هر اڏري وري وري پئي ويٺي نيٺ منصور بيزار ٿيو ۽ ڪاوڙ ۾ امام کان جيڪي اتي ويٺل هئا. پڇيائين: ”خدا مک کي ڇو پيدا ڪيو آهي؟“ امام فرمايو: ”ته جيئن ان ذريعي جابرن کي ذليل ۽ خوار ڪري.“[7]

امام جعفر صادق3 هر ممڪن صورت ۾ پنهنجي روشن بيانن ۾ ولي امر ۽ اسلام جي واڳ سنڀالڻ وارن جا شرط بيان فرمايا ۽ بني عباس جي اصلي چهري ۽ ان جي شڪل ۽ صورت کي پڌرو ڪري ڇڏيو.

هڪ ڏهاڙي سندن اصحابن مان هڪ صحابي کانئن پڇيو ته اوهان جا ڪجهه پوئلڳ تنگدستي ۾ گذران ڪري رهيا آهن. کين آڇ ٿي آهي ته هو هنن (بني عباس) لاءِ گهر ٺاهن ۽ واهه کوٽين ۽ ائين اجرت حاصل ڪن. اهو ڪم اوهان جي نظر ۾ ڪيئن آهي؟ پاڻ فرمايائون:

”مان اها ڳالهه پسند نه ٿو ڪيان ته انهن لاءِ هڪ ڳنڍ ٻڌان يا هڪ ليڪو ڪڍان پوءِ ڀل اهي ان جو ڪيترو ئي پئسو ڇو نه ڏيندا هجن. ڇو جو جيڪي ماڻهو ظالمن جي مدد ڪن ٿا، قيامت ۾ باهه جون قناتون انهن کي گهيري ۾ ورتيون رهنديون جيسيتائين خدا سڀني ٻانهن جو فيصلو نه فرمائي.“ [8]

اصلاحي منصوبو

بحراني حالتن،  ذاتي ڇڪتاڻ ۽ مخالفن سان جنگ، گڏوگڏ اها جيڪا امام محمد باقر3 جن اول ئي سنوت ۾ آندي هئي. اهي سڀ  ملي ان ڳالهه جو سبب بڻيا ته امام جعفر صادق3 جن اميدن جو اهو سچو مظهر ليکجن جنهن جو انتظار شيعن ورهين کان ڪيو هو ۽ اهڙو ”قيام ڪرڻ وارو“ بڻجن جيڪو پنهنجن وڏن جي ڊگهي ويڙهه کي نتيجي تائين پهچائيندو.

جابر ابن يزيد نقل ڪري ٿو ته: ڪنهن امام محمد باقر3 کان سندن کان پوءِ قيام ڪرڻ واري جو نالو پڇيو ته امام جن ابوعبدالله (امام جعفر صادق3) جي ڪُلهي تي هٿ رکيو ۽ فرمايائون: ”بَخدا هي آلِ محمد6 جو قيام ڪرڻ وارو آهي.“[9]

”قيام“ آئمہ6 ۽ شيعن جي آڏو اهوئي مفهوم رکي ٿو جيڪو مفهوم ان لفظ  مان اڄ ورتو وڃي ٿو. قيام ڪرڻ وارو اهو شخص آهي جيڪو ٿاڦيل قوت جي خلاف ۽ اسلام جي حاڪميت لاءِ عوامي لحاظ کان ميدان ۾ بيهي. ان مفهوم جو لازمي پهلو ميدان ۾ سورهيائي ڏيکارڻ نه آهي. پر هر طرف کان (اهو لفظ) اعتراض ۽ حملي کي ضرور ظاهر ڪري ٿو.

ان بنياد تي امام جعفر صادق3 پنهنجي هڪ اعتراض ڀري، اصلاحي تحريڪ شروع ڪن ٿا. پر سندن اهو قيام آخري مرحلي (يعني جنگي قدم) تائين ۽ آخرڪار قدرت حاصل ڪرڻ تائين پهچندو  يا نه؟ اِهي اُهي ڳالهيون آهن جن جو يقين ايندڙ واقعن ۽ پيش رفت جي ڪيفيت تي قائم آهي. ان کان پهرين ٻه امام، امام زين العابدين ۽ امام محمد باقر4 ان ڏکئي رستي جي پهرين مرحلي کي پار ڪري چڪا هئا. هاڻ سندن وارو هو ته پاڻ  آخري قدم کڻن ۽ پنهنجن وڏن جي ڪوششن کي توڙِ رسائين. اتفاق سان سياسي ۽ گڏيل حالتون به جهڙوڪ اشارو ڪيو ويو آهي، سازگار آهن. امام جن مناسب حالتن مان فائدو وٺندي بنيادي ڪم ۽ پنهنجي سخت ذميداريءَ جو آغاز فرمايو.

هن جاءِ تي اسين سندن 33 ساله امامت جي املهه جاکوڙ ۽ ڪوشش سان ڀرپورزندگي جي اهم ڪمن مان ٻن اهم ڪارنامن ڏانهن اشارو ڪري رهيا آهيون.

1 ــ امامت جي مسئلي جو بيان ۽ ان جي تبليغ

2 ــ اسلامي تهذيب ۽ ثقافت جو بيان ۽ ان جي نشر و اشاعت لاءِ جعفري دانش گاهه جو بنياد رکڻ. 

الف ــ امامت جي مسئلي جو بيان ۽ ان جي تبليغ

پيغمبر جي وفات کان پوءِ شيعا امامن جي تبليغ ۾ سرِفهرست ڪم پيغمبرجي اهلِ بيت جي امامت کي مڃڻ رهيو آهي. ان عنوان کي امام زادن جي تحريڪ ۾ به پسي سگهجي ٿو. زيد بن علي ابن الحسين ان جو واضح مثال آهي.

امام جعفر صادق3 جي تبليغ به ان قاعدي کان ٻاهر نه هئي. پاڻ ان ڳالهه جي پرچار ۽ اشاعت جي وقت پنهنجو پاڻ کي اهڙي مرحلي تي بيٺل ڏٺائون، جتي وقت جي حاڪمن جو انڪار ڪرڻ ۽ پاڻ کي ولايت ۽ امامت جي حقيقي حقدار جي حيثيت سان پيش ڪرڻ گهرجي. ايسيتائين جو پاڻ ان سلسلي ۾ ان تي بس نه ڪيائون پر پنهنجي نالي سان پنهنجن وڏن جا نالا به ٻڌائن ٿا ۽ ان بيان سان پنهنجي امامت کي پنهنجن وڏن جي امامت تي قائم  ٿيڻ جو لازمي نتيجو ڳڻين ٿا ۽ اهو ٻڌائڻ لاءِ ته اسين اُهي ناهيون جن جو ڪو بنياد نه آهي، پنهنجي سلسلي ۾ پيغمبر سان ثابت ڪن ٿا. ان تاريخي حقيقت کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي روايتون موجود آهن. نموني جي طور تي عمرو ابن ابي المقدام جي روايت، جيڪا شايد ان باب ۾ ذڪر ٿيل روايت مان بهترين روايتن آهي ان کي پيش ڪريون ٿا. هو نقل ڪري ٿو ته:

امام جعفر صادق3کي اسان ڏٺو ته ۹ ذي الحج (عرفه ڏهاڙي) عرفات جي ميدان ۾ ماڻهن جي درميان بيٺا آهن ۽ بلند آواز سان (هن پيغام) پاڻ ٽي ڀيرا ورجايائون.

”اَيُهاَ الناَسُ اِنَّ رَسُول اللّٰهِ کانَ الاِمَام، ثُمَّ کانَ عَلِي بن اَبِي طَالِب، ثُمَّ الحَسَن، ثُمَّ الحُسَين، ثُمَّ عَلِي بن حُسَين، ثُمَّ مُحَمَد بن عَلِي ثُمَّ  ھٰہُ....[10]

يعني اي انسانو! (مسلمانن جو) پيشوا پيغمبر هئا ان کان پوءِ علي ابن ابي طالب4۽ تنهن کان پوءِ (سندن فرزند) حسن ۽ حسين، حسين کان بعد علي ابن الحسين پوءِ محمد ابن علي6 ۽ کانئن پوءِ آءٌ امام آهيان. تنهن ڪري جيڪو سوال پڇڻو اٿَو پڇو.

امام منهن مبارڪ ساڄي پاسي ڪيو ۽ تي ڀيرا اهو پيغام پيش ڪيائون وري پويان ڦري با آواز اهو پيغام ورجايائون. (23) اهڙي طرح پاڻ ٻارهن ڀيرا پنهنجي ڳالهه بيان ڪيائون ۽  امامت جو سَنهيو وڏي واڪي بلند عرفات ۾ جمع ٿيڻ وارن انهن سڀني جي ڪنن تائين پهچايائون. جيڪي مسلم علائقن مان آيل هئا ته جيئن ان ريت اسلامي دنيا ۾ اهو پيغام ڦهلجي وڃي.

ب ــ اسلامي ثقافت جي نشر و اشاعت

ان پيغام، علمي ۽ فڪري اڻٿڪ ڪوششن سان، فڪري ۽ اسلامي ثقافت جي ميدان ۾ بنياد جي گهرائي ۽ مضبوطي ماڻي. آئمہ جي زندگي ۾ ان جي جيڪا صورت هئي ان کان وڌيڪ واضح نمايان ۽ وسيع صورت ۾ ان کي ڏسي سگهجي ٿو. ايسيتائين جو شيعه فقھ ”فقھ جعفري“ جو نانءُ اختيار ڪيو ۽ جن امام جي سياسي ڪم کي نظر انداز ڪيو آهي اهي به ان ڳالهه تي متفق آهن ته کين وسيع ترين علمي ۽ فڪري تعليم جا وسيلا موجود هئا.

سندن علمي تحريڪ ايڏي ته پکڙِي جو سمورن اسلامي علائقن کي پنهنجي اندر سموهي ڇڏيائين. چوڏس سندن علم  جو چوٻول هئو ۽ هنڌين ماڳين سندن نالو هئو. (24)

پاڻ هڪ وڏي اسلامي دانش گاهه (جنهن جو بنياد سندن والد بزرگوار قائم فرمايو هو) جوڙڻ، ان ۾ چار هزار ماڻهن جي مختلف علمن ۾ تربيت ڪرڻ(25) ۽ اهڙين اهم شخصيتن کي عالم اسلام جي حوالي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا جيڪي پنهنجي زماني جا روشن ڏيئا ۽ وقت جا محقق ڄاتا وڃن ٿا.

سندن ڪارناما فقط تفسير، حديث ۽ فقهه تائين محدود نه آهن، پر پاڻ فلسفي، ڪلام، رياضيات ۽ ڪيميا جي علم جا در کولڻ ۾ ڪامياب ٿيا. هشام بن حڪم، فضل بن عمر، مومن طاق، هشام ابن سالم، فلسفي ۽ ڪلام ۾ سندن ممتاز شاگرد هئا. زُراره، محمد ابن مسلم، جميل بن دراج، حمران ابن اعين، ابوبصير ۽ عبدالله ابن سنان فقهه، اصول ۽ تفسير ۾ ماهر هئا، جابر ابن حيان رياضيات ۽ ڪيميا ۾ ماهر هئو، جابر ڪيميا جو ابو سڏجي ٿو. هي اهو شخص آهي جنهن امام جعفر صادق3 کان علم ڪيميا پرايو ۽ ان علم تي هڪ ڪتاب لکيو، ليبارٽري قائم ڪئي ۽ جوڳيون ايجادون ڪيائين. (26)

اهم نُڪتو

جيڪا ڳالهه هت بيان ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪا ڳالهه امام جعفر صادق3 جي زندگي جي باري ۾ جاکوڙ ڪرڻ وارن ڪيترن ماڻهن کان ڳجهي رهجي وئي آهي. سا ان تحريڪ جو سياسي ۽ احتجاجي رُخ آهي. مقدمي طور اها ڳالهه ڄاڻڻ گهرجي ته هي اسلامي خلافت فقط هڪ سياسي مشنري نه آهي پر خلافت، هڪ سياسي ۽ مذهبي قيادت جو نانءُ آهي ۽ اسلام ۾ خليفو سياست کانسواءِ ماڻهن جي ديني ڪمن ۾ مذهبي اڳواڻي جو پڻ ذميوار آهي.

اها حقيقت ان ڳالهه جو ڪارڻ بڻي ته خلافت جي پهرين ڪڙي کان وٺي پوءِ وارن حڪمرانن کي جيئن ته ديني ڄاڻ جو تمام ٿورو حصو مليل هئو يا مڪمل طور تي دين کان اڻڄاڻ هئا. ان لاءِ ان گهٽتائي کي پاڻ سان واسطو رکڻ وارين ديني شخصيتن مان پورو ڪندا رهيا ۽ پنهنجي حڪومت لاءِ ڀاڙي تي فقيهه، مفسر۽ محدث حاصل ڪري چاهيائون ٿي ته دين ۽ سياست گڏجي پون ۽ ضرورت پوڻ تي پنهنجي خيال پٽاندڙ سولائي سان، اهڙن ماڻهن ذريعي، ديني حڪم مصلحت جي گهرجن مطابق بدلائي ڇڏين.

ان مقدمي کان پوءِ وڏي وضاحت سان اها ڳالهه سمجهي سگهجي ٿي ته ”فقہ جعفريه“ خلافت سان واڳيل فقيهن جي مقابل فقط هڪ ديني عقيدي جو معمولي اختلاف نه هو پر هيٺ ڏنل ٻن اعتراض ڀرين عنوانن جو حامل هو.

1ــ حڪومت جي ديني نظام کان اڻڄاڻائي ۽ ماڻهن جي فڪري معاملن جي ذميداري کڻڻ کان ڪمزوريءَ جو اظهار، نتيجي ۾ ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻ ته حڪومت ۾ خلافت جو عهدو قبولڻ جي صلاحيت نه آهي.

2 ــ فقهي احڪامن جي بيان ۾ مصلحت سببان جن (ديني) احڪامن ۾ مٽ سٽ ٿيل آهي انهن احڪامن جي پڌرائي ڪرڻ ۽ فقيهن جي حڪومت ڪرڻ وارين قوتن جي خواهشن جي پيروي ڪرڻ کي وائکو ڪرڻ.

امام جعفر صادق3 اسلامي ۽ تفسيرِ قرآن کي حڪومتي عالمن جي طريقي جي خلاف هڪ الڳ طريقي سان بيان فرمائي عملي طور تي ان مشنري خلاف جهاد لاءِ اٿي بيٺا ۽ حڪومت جي مذهبي نقاب کي لاهي ڇڏيو.

امام سان سندن تدريسي ۽ فقهي ڪارڪردگيءَ تي منصور پاران ڌمڪي، دٻاءُ، مهاڏو اٽڪائڻ گڏوگڏ حجاز ۽ عراق جي ناليرن فقيهن کي حڪومت جي گادي واري شهر ۾ گهرائڻ لاءِ منصور جو اصرار انهيءَ ئي احساس ۽ توجهه جو ڪارڻ هو.

امام جعفر صادق3 گهربل حالتن ۾ ان ئي تنقيدي بيان کي جيڪو سندن فقهه ۽ تفسير جي درس ۾ هيو. ماڻهن آڏو رکن ٿا، هڪ حديث ۾ کانئن نقل ڪيو ويو آهي:

”اسان ئي اهي آهيون جن جي فرمانبرداري (ڪرڻ) کي الله واجب قرار ڏنو آهي. جڏهن جو توهان اهڙن ماڻهن جي پيروي ڪريو ٿا جن کان جهالت جو ماڻهو ڪو به عذر الله آڏو پيش ڪري نه سگهندا“[11]

حاصل ڪلام هي ته امام جعفر صادق3 جن پنهنجي علمي تحريڪ ذريعي خلافت جي مشنري سان واڳيل عالمن ۽ گمراهيءَ ۾ ڦاٿل عوام ۾ رائج ديني سڃاڻ جنهن کي اموي ۽ عباسي حڪومت جي سياسي حالت پيدا ڪيو هيو. جي خلاف پنهنجي احتجاجي تحريڪ کي اڃا به سخت ڪري ڇڏيو ۽ مقابلي لاءِ اٿي کڙا ٿيا.

غالين، زنديقن، مُرجئن، خوراج، صوفين ۽ مختلف گروهن جي انحرافي رستن کي پنهنجي مباحثي ۽ مناظري ذريعي اسلامي امت لاءِ وائکو ڪري ڇڏيائون. ڇاڪاڻ ته انهن گروهن انحراف پکيڙڻ لاءِ سازگار حالات ٺاهي ڇڏيا هئا.

شهادت

منصور بني عباس جو ظالم خليفو باوجود ان جي ته هن امام کي پنهنجي نگراني ۽ تمام محدود ماحول ۾ رکيو هو. امام تي پنهنجا جاسوس مقرر ڪري ڇڏيا هئا، پوءِ به سندن وجود کي معاشري ۾ برداشت ڪري نه سگهيو ۽ جنهن جي امامت ۽ رهبريءَ جو آواز ڏوراهن اسلامي علائقن ۾ پکڙجي چڪو هو تنهن کي هن زهر ڏيڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو.

امام جعفر صادق3 ۱۵ شوال ۱۴۷ هه تي 65 ورهين جي ڄمار ۾ منصورجي زهر سان شهيد ٿيا. سندن جسم مبارڪ کي سندن والد بزرگوار جي پاسي ۾ جنت البقيع ۾ دفنايو ويو.

دانش گاهه جعفريه جا تربيت يافته افراد

امام جعفر صادق3 جي عظيم درسگاهه ۾ گهڻن ئي اهڙن شاگردن تربيت ورتي جن مختلف مضمونن ۾ علم ۽ اسلامي معارف کي حاصل ڪري ٻين کي به نوازيو.اسان سندن اعليٰ مقام ۽ بزرگيءَ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ انهن شاگردن مان جن هن درسگاهه مان تربيت ماڻي ڪجهه شاگردن جومختصر تعارف ڪرايون ٿا.

حمران بن اعين

اعين جو خاندان عام طور تي آئمہ 6 جو پيروڪار هو. حمران ۽ ان جو ڀاءُ ”زُراره“ ٻئي شيعن جي اعليٰ شخصيتن مان ليکيا ويندا هئا ۽ پنهنجي زماني جا دانشمند ۽ بافضيلت فرد هئا. امام محمد باقر ۽ امام جعفر صادق4جي بزرگ صحابين مان ڄاتا ويندا هئا. حمران معنوي بزرگي ۽ اعليٰ مقام رکڻ کانسواءِ قرآني علم ۽ بيان، علم (جهڙوڪ) نحو، لغت ۽ عربي ادب ۾ به ماهر هئا سندس نظرين مان کانئس پوءِ ايندڙ سنَد وٺندا رهيا.(28) امام جعفر صادق3 سندس متعلق فرمايو ”حمران بن اعين، هڪ اهڙو ايمان وارو شخص آهي جيڪو ڪڏهن به پنهنجي دين کان ڦرڻ وارو نه آهي.“ ۽ پاڻ اهو به فرمايائون ”حمران بهشت وارن مان آهي.“ (29) هشام ابن سالم نقل ٿو ڪري ته هڪ ڏينهن هڪ جٿي سان مان، امام جعفر صادق3جي خدمت ۾ حاضر هيس. شامين مان هڪ ماڻهو اتي پهتو..... امام کانئس پڇيو ”ڇا ٿو چاهين؟“ هن چيو ”مان اوهان سان مناظرو ڪرڻ آيو آهيان.“ امام فرمايو ”ڪهڙي عنوان تي مناظرو ڪرڻ ٿو چاهين؟“ هن چيو ”قرآن جي متعلق؟“ امام کيس ”حمران“ سان ڳالهائڻ لاءِ فرمايو. هن چيو ته ”مان اوهان سان مناظرو ڪرڻ آيو آهيان. حمران سان نه!“ پاڻ فرمايائون ”جيڪڏهن تون حمران کي شڪست ڏني ته پوءِ ڄڻ تون مون کان کٽيئي“ (پوءِ) شامي حمران سان بحث ڪرڻ لڳو ان جيڪو پڇيس ان جو جوڳو جواب مليس نيٺ ٿڪجي پيو. امام کانئس پڇيو ته تو حمران کي ڪيئن محسوس ڪيو؟ هن چيو ته ”هو هڪ ماهر استاد آهي، جيڪو مون کانئس پڇيو هن جواب ڏنو“. (30)

مفضل ابن عمر

مفضل، امام جعفر صادق3جي بزرگ صحابين مان هڪ صحابي هو ۽ هڪ مشهور فقيهه ڄاتو ويندو هو. جيڪو امام جي سونپيل ڪجهه فرائض جو ذميوار هو. (31)

شيعن جو هڪ وفد مديني آيو ۽ انهن امام آڏو خواهش ڪئي ته ڪنهن اهڙي شخص جو تعارف ڪرايو جنهن ڏانهن ديني مسئلن لاءِ ضرورت وقت رجوع ڪري سگهجي. امام فرمايو: .جنهن جو جيڪو سوال آهي اهو اچي مون کان پُڇي“. انهن ماڻهن اصرار ڪيوته اوهين ڪنهن جو تعارف ڪرايو. امام فرمايو:”مون مفضل کي توهان لاءِ مقرر ڪيو آهي هو جيڪو چئي مڃو ڇو ته هو سواءِ حق جي ڪجهه به نه ٿو چوي.“ (32)

 امام جعفر صادق3 ڪجهه ملاقاتن ۾ توحيد جي باري ۾ جناب مفضل کي خاص درس ڏنا، جن جو مجموعو ڪتابي صورت ۾ ”توحيد مفضل“ جي نالي سان مشهور آهي. هي درس مفضل تي امام جي مخصوص عنايت ۽ امام آڏو سندس اعليٰ مرتبي ۽ مقام جا شاهد آهن.

جابر بن يزيد جعفي

جابر ڪوفي جو رهاڪو هو پر امام کان (دين جو علم) پرائڻ لاءِ مديني پهتو ۽ سندن مڪتب مان فيض پرائڻ بعد عملي ۽ معنوي بلندي تي پهتو ۽ سندن خاص اصحاب ۾ شامل ٿيو.

امام جعفر صادق6 کان سوال ٿيو ته ”اوهان وٽ جابر جو ڇا مقام آهي؟“ امام فرمايو: ”جابر منهنجي آڏو ائين آهي جيئن پيغمبر آڏو سلمان هو.“ (33)

  پاڻ شيعا عقيدي جو کليو کلايو دفاع ڪرڻ ڪري سدائين مخالفن جي تنقيد جو شڪار رهيو، جڏهن پاڻ حقيقتن جي بيان لاءِ ناسازگار ماحول ڏٺائين ته ڪيترين ئي حديثن جي بيان ڪرڻ کان ڪناروڪيائين جيڪي پاڻ امام محمد باقر ۽ امام جعفر صادق6 کان ٻڌيون هئائين. پاڻ فرمائيندو هو ته ”پنجاهه هزار حديثون منهنجي سيني ۾ آهن جن مان اڃان هڪ حديث به بيان نه ڪئي اٿم.“ (34)

حوالا

1 ــ اعلام الوريٰ ــ ص 266 / ارشاد مفيد ــ ص 270 / مناقب ابن شهر آشوب ــ ج 4 ص 279 ــ 280.

2 ــ بحار ــ ج 47 ــ ص 4 ، 6.

3 ــ الحياة ــ ج پهريون ص 290 / قرب الاسناد ــ ص 52.

4 ــ مجار ــ ج 47 ص 56 / مناقب ــ ج 4 ص 274 / اعيان الشيعہ ــ ج پهريون ص 663 / الوسائل ــ ج 11 ص 211.

5 ــ مشڪاة الانوار.

6 ــ بحار ــ ج 47 ص 54 / مناقب ــ ج 4 ص 273.

7 ــ (بحار ــ ج 47 ــ ص 112) ”...... واين مثل جعفر؟“

8 ــ  الامام الصادق والمذاهب الائمہ ــ ج پهريون ص 53 / التهذيب ــ ج 2 ص 104 / مناقب ج 4 ص 275/ بحار ــ ج 47 ص 28.

9 ــ الامام الصادق والمذاهب الائمہ ــ ج پهريون ص 54.

10 ــ ايضاً ص 53.

11 ــ تاريخ طبري ــ ج 6 ــ ص 423/ تاريخ ڪامل ابن اثير ــ ج 4 ص 523.

12 ــ دلائل امامة ــ طبري ص 104.

13 ــ ايضاً

14 ــ تاريخ يعقوبي ــ ج 2 ص 218.

15 ــ السيادة العربية ــ ص 56 / تاريخ التمدن الاسلامي ــ ج پهريون ص 274 / الحياة السياسية الامام الرضا ــ ص 36.

16 ــ ۽ 17 ــ العقد الفريد ــ ڇاپو مصر سن 1937 ــ ج 2 ص 370 / تاريخ التمدن الاسلامي ــ ج پهريون ص 341 / الحياة السياسية الامام الرضا ــ ص 26.

18 ــ ضحي الاسلام ــ ج پهريون ص 25 / الحياة السياسية الامام الرضا ــ ص 27.

19 ــ زندگاني پيشوايان اسلام ــ تحرير استاد جعفر سبحاني ــ ص 74.

20 ــ ايضاً .

21 ــ الملل والنحل ــ شهرستاني ــ ج پهريون ص 154 / ينابيع المودة ــ ص 381 / الحياة السياسية الامام الرضا ــ ص 41.

22 ــ تفصيل لاءِ ڏسو ڪتاب الحياة السياسية الامام الرضا ــ ص 63 ــ 29.

23 ــ بحار ــ ج 47 ــ ص 58.

24 ــ الصواعق المحرقہ ــ ص 120.

25 ــ مناقب ابن شهر آشوب ــ ج 4 ص 247 / ارشاد مفيد ــ ص 271/بحار ــ ج 47 ص 28.

26 ــ ر ــ ڪ ــ مطرح الانظارشرح حال جابر۽ تاريخ ابن خلقان ــ ترجمو امام صادق3.

27 ــ امام محمد باقر ۽ امام صادق3 جي زندگي جي تاريخ جي ترتيب ۽ تدوين جي ڪتاب ”پيشوا صادق“ مصنف استاد ۽ امام شناس محقق، رهبري جمهوري اسلامي حضرت آيت سيد علي خامنه اي ــ مان ٻين ڪتابن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ استفادو ڪيو ويو آهي.

28 ــ قاموس الرجال ــ ج 3 ص 413.

29 ــ رجال ڪشي ــ ص 176 ــ 180.

30 ــ ايضاً ــ ص 276.

31 ــ جامع الرواة ــ ج 2 ص 258.

32 ــ ”اسمعوا منہ واقبل ا عجنہ فان لا يقول علي الله وعلي الا الحق“ (رجال ڪشي ــ ص 327 / قاموس الرجال ــ ج 3 ص 416).

33 ــ قاموس الرجال ــ ج 3 ص 335.

34 ــ صحيح مسلم ــ ج پهريون ص 201 ــ پر رجال ڪشي ص 194 تي جابر جي قول مطابق انهن حديثن جو تعداد ستر هزار نقل ٿيو آهي.


[1] وَ کانَت اُمِيّ مِحّن آمَنَت وَ اتّقَت وَ اَحسَنَت  (اصولِ ڪافي ــ ج پهريون ص 472 بحار ــ ج 47 ص 7)

[2] اِنِي اُحِبُ اَن يَتَاذَي الرَجُلُ بِجَرِ الشَمسِ فِي طَلَبِ المَعِيشَةِ (بحار ــ ج 47 ص 57)

[3] عراق ۾ شام جي گورنر خالد ابن عبدالله قسري جي سالياني آمدني تيرهن ملين دينار هئي (ڏسو البدايہ والنهايہ ــ ج 9 ص 23) هشام جي زال وٽ اهڙو وڳو هو جنهن جا ڌاڳا سون جا هئا ۽ ان تي بي بها هيرا جڙيل هئا ۽ ايترا هئا جو انهن جي بار کان هلي نه سگهندي هئي. ملهه ڪٿڻ وارا ان جو مُلهه ڪٿي نه سگهيا. جڏهن گورنر ۽ خليفي جي گهروارين جي اها حالت هئي ته پاڻ خليفي جي ڪهڙي حالت هوندي (ڏسو بين الخفاء والخلفاء ــ ص 28.)

[4] موليٰ جو جمع موالي آهي. جنهن جي معني آزاد ٿيل غلام آهي. شايد ان ئي مناسبت ڪري غير عربن کي هو ”موالي“ چوندا هئا.

[5] جيڪي تحريڪون بني اميه جي خلاف هليون، انهن ۾ پوري طرح مذهبي رنگ ۽ وجهون هيون، مثال طور:

1 ــ مديني وارن جي تحريڪ ”حره وارو واقعو“

2 ــ ڪوفي ۽ عراق جي قارين جي تحريڪ سن 83 هه ۾ ”دير جماجم“ جي عنوان سان ان کان اڳ مختيار  ۽ توابين جو قيام ــ سن 67 هه ۾.

3 ــ امربا المعروف ۽ نهي عن المنڪر جي نالي تي سن 126 هه ۾ يزيد بن وليد جو معتزلين خلاف قيام.

4 ــ عبدالله ابن زبير جو قيام جيڪو شام کان سواءِ ٻين علائقن تي قابض هيو.

5 ــ هشام جي خلاف آفريڪا ۾ اٿيل شورش

6 ــ ”طالب الحق“ نالي سان هڪ شخص جي قيادت ۾ خارجين جي تحريڪ.

7 ــ حارث بن سريع جو سن 112 هه ۾ قيام، هن ماڻهن کي خدا ۽ سنت ڏانهن دعوت ڏني ٿي.

8 ــ زيد بن علي ابن الحسين3 جو سن 120هه ۾ قيام ۽ ٻيا قيام

البته ڪجهه شورشون حڪمراني جي غرض سان به برپا ٿيون جيئن آل مهلب جو سن 102 هه ۾ قيام ۽ مطرف بن مغيره جو قيام وغيره. (الحياة السياسية الامام الرضا ــ ص 22.)

[6] مَن اَرَادَ الدُّنيَا لاَيَنصَحُکَ ــ وَمَن اَرَادَ الاَخِرَةَ لاَيصحَبُکَ. (بحار ــ ج 47 ــ ص 184.)

[7]  ... فَقَالَ المَنصُورُ: يَا اَبَا عَبدِاللهِ لِمَ خَلَقَ اللهُ الذُبَابَ؟ قَالَ: لِيُذِلَ بِھِ الجَبَابِرَةُ. (مناقب ــ ج 4 ص 215 / الفصول المهمہ ص 236 / ڪشف الغمہ ــ ج 2 ص 158 /بحار ــ ج 27 ص 166.)

[8] .... مَا اُحِبُ اَنِي عَقَدِتُ لَهُم عَقدَةً اَو وَڪِيَت لَهُم وَکَاءَ وَاَنَ لِي مَابَينَ لاَ بَتَيهَا وَلاَ مَدَةَ بِقَلَمِ اِنَ اَعَوَانَ الظَلَمَةِ يَومَ القِيٰمَةِ فِي سَرَادِقِ مِن نَارِ حَتيٰ يَحکُمَ اللهُ بَينَ العِبَادِ.    (وسائل ــ ج 12 ص 129)

[9] *عَن اَبِي جَعفَرِ عَلَيھِ السَلامُ قَالَ: سُئِلَ عَنِ القَائِمِ عَلَيھِ السَلاَمَ فَضَرَبَ بِيَدِھِ عَليٰ اَبي عَبدِ اللهِ فَقَالَ: هٰذا وَاللهِ قَائِمَ آلِ مُحَمَدِ.

      (بحار ــ ج 47 ص 13 / ڪافي ــ ج پهريون ص 307/ ارشاد مفيد ــ ص)

[10] راوي بيان ڪري ٿو ته جڏهن آءُ منيٰ ۾ آيس ته مون عربي لغت جي ڄاڻُن ۽ ماهرن کان پڇيو ته ”هہ“ ڇا هي. انهن ٻڌايو ته ”هہ“ فلاڻي قبيلي وارن جي زبان جو لفظ آهي ۽ ان جي معنيٰ هن  ريت آهي ”انا فاسئلوني“ يعني مان، تنهن ڪري مون  کان سوال ڪيو.

[11] نَحُنُ قَوم فَرَضَ الله طَاعَتَنَا وَ اَنتُم تاتمون بِمَنَ لا يعذرُ الناس بِجَهَالَتَہ  (الڪافي، ج 1 ص 181)

ڀلي ڪري آيا


اسان جا سوشل ميڊيا جا صفحه پسند ڪريو.
رابطو ڪريو

© سڀ حق ۽ واسطا صراط المستقيم وٽ محفوظ آهن