روزانه حديث:
حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام فرمايو حيا، ايمان جو حصو آهي ۽ ايمان (جو مقام) بهشت آهي، بي حيائي ظلم و جفا (جو مقام) جهنم آهي. (ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 4562 )
نيوز ليٽر
اسان جو نيوز ليٽر حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اي ميل ايڊريس ڏيو.
اسلامي فلم سيڪشن

حضرت امام محمد باقر عليه السلام


 ذاتي ڪوائف

 

نالو:                          محمد 3

لقب:                         باقر

ڪنيت:                      ابو جعفر3

والد:                         امام علي زين العابدين3

والده:                       فاطمہ بنت امام حسن3

ولادت جي تاريخ:        جمع ڏينهن، پهرين رجب سن 57 هه

هنڌ:                         مدينو منور

امامت جو عرصو:       19 سال ، 10 مهينا،  ٻارهن ڏينهن

شهادت جي تاريخ:       7 ذي الحج، آچر ڏينهن سن 114 هه

شهادت جو سبب:      هشام بن عبدالملڪ جي حڪم سان  

                           زهر ڏنوويو.

عمر:                       57 سال

مرقد مبارڪ:            جنت البقيع ــ مدينو منور

 

امام محمد باقر3

ولادت ۽ ننڍپڻ

اسان جي پنجين پيشوا جي ولادت جمعي ڏينهن رجب مهيني جي پهرين تاريخ سن ۵۷ هه ۾ مديني شهر ۾ ٿي. (1) سندن نالو محمد3، ڪنيت ابوجعفر3 ۽ هاڪارو لقب باقر آهي. روايت آهي ته پاڻ سڳورن کين هن لقب سان ياد فرمايو هو. امام محمد باقر3 جن جا ماءُ پيءُ ٻنهي طرفن کان فاطمي ۽ علوي هئا اهو هيئن ته سندن بابو سائين امام زين العابدين، امام حسين4 جو فرزند هيو ۽ سندن امڙ ”ام عبدالله“ امام حسن3جي ڌيءُ هئي. پاڻ امام زين العابدين3 جهڙي عظيم پيءُ جي محبت ڀري جهولي ۾ پلجي وڏا ٿيا ۽ فضيلت واري ماءُ جي ٿڃ پيتائون. بيبي صاحبه عالمه ۽ مقدسه هئي. امام جعفر صادق3 کان روايت آهي ته منهنجي ڏاڏي اهڙي سچار هئي جو امام حسن3جن جي اولاد مان ڪا به ضاعفان سندن فضيلت ۽ مرتبي تائين نه پهچي سگهي.[1]

پاڻ اڃا چئن ورهين جا مس ٿيا هئا جو ڪربلا جو خوني قضيو ٿيو. پاڻ پنهنجي ڏاڏي حضرت ابا عبدالله الحسين3جن سان ساڻ هئا. ڪربلا واري قضيي کان پوءِ پنهنجي ڄمار جا چوٽيهه سال پنهنجي بابي سائين سان گڏ گذاريائون. جوانيءَ جي ئي ڏينهن کان علم، ڏاهپ، فضيلت ۽ تقويٰ ۾ ناماچار هئن ۽ اڳتي هلي مسلمانن جي علمي مشڪلاتن جي حل جا مرجع سمجهيا ويا. جتي به هاشمين، علوين ۽ فاطمين جي مٿانهپ جو ذڪر نڪرندو هو، پاڻ جن کي ئي مڙني ڳڻن شجاعت ۽ سورهيائي ۽ سڳورائپ جو اڪيلو وارث ڄاتو ويندو هو. سندس شرافت ۽ سڳورائپ کي هيٺ لکيل حديث مان معلوم ڪري سگهجي ٿو.

پاڻ سڳورن پنهنجي هڪ صحابي، جابر ابن عبدالله انصاري کي فرمايو، اي جابر تون جيئرو هوندين ۽ منهنجي پٽ محمد ابن علي ابن الحسين6، جنهن جو توريت ۾ نالو باقر آهي، سان ملندين، ملڻ شرط منهنجا سلام ڏجانس. پيغمبر رضا ڪئي ۽ جابر تمام وڏي ڄمار ماڻي.  هڪ ڏينهن امام زين العابدين3 جي گهر پهتو ۽ امام محمد باقر3 جيڪي اڃا ننڍا هئا، کي ڏٺائين. کين چيائين هيڏانهن اچو. امام جن ڏانهنس وڌي آيا، جابر چيو ٿورڙو ڦرو، امام جن ڦريا، جابر سندن جسم ۽ هلڻ جو انداز ڏسي چيو: ڪعبي جي رب جو قسم هي مهانڊن ۾ هوبهو پيغمبر تي ويو آهي. پوءِ منهن ورائي امام سجاد3 کان پڇيائين، هي ٻار ڪير آهي؟ امام فرمايو: هي مون کان پوءِ امام، منهنجو پٽ محمد باقر3 آهي. جابر اٿي امام جي قدمن کي چمندي چيو اي پيغمبر جا فرزند مان توهان تان صدقي ٿيان توهان پنهنجي ناني سائين رسول الله جا سلام ۽ صلواتون قبول فرمايو. انهن توهان لاءِ سلام ڏنا آهن. امام باقر3 جون اکيون ڀرجي آيون. چيائون جيسيتائين اُڀ ۽ ڌرتي باقي آهن اوسيتائين صلواتون ۽ سلام هجن منهنجي ناني پيغمبر خدا تي ۽ توتي به سلام هجي اي جابر، تون سندن سلام مون تائين پهچايا. (2) 

اخلاق ۽ عادتون

پاڻ متواضع، بخشش ڪرڻ وارا، مهربان ۽ صابر هئا. اخلاق ۽ عادتن ۾ جيئن جابر چيو هوبهو اسلام جي عظيم الشان پيغمبر جو عڪس هئا. شام ملڪ جو هڪ شخص مديني ۾ رهيل هو. امام وٽ گهڻو ايندو ويندو هو، ۽ چوندو هو ته ڌرتيءَ جي گولي تي مون کي جيترو ساڙ تو سان آهي اوترو ڪنهن ٻئي سان ڪونهي ۽ توهان ۽ توهان جي گهراڻي کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن سان دشمني ناهي. جيڪڏهن تون  ڏسين ٿو ته تنهنجي گهر اچان وڃان ٿو  ته رڳو ان ڪري ته تون هڪ سخنور ۽ خوش بيان اديب آهين. پر امام جن ساڻس نهايت ئي سهڻي سلوڪ سان پيش ايندا هئا ۽ ڏاڍو نرمائيءَ سان ڳالهائيندا هئس. ڪجهه ڏهاڙن کان پوءِ بيمار ٿي پيو، وصيعت ڪيائين ته جڏهن مان مري وڃان ته منهنجي جنازي نماز امام  محمد باقر3 جن پڙهائن. بهرحال سندن واسطيدار کيس مُئل سمجهي امام وٽ آيا ۽ عرض ڪيائون ته هو شامي فوت ٿي ويو آهي. وصيعت ڪئي اٿائين ته توهان سندس جنازي نماز پڙهو. امام فرمايو، مئو ناهي اٻهرا نه ٿيو، منهنجي پهچڻ تائين ترسجو. ان کان پوءِ پاڻ اٿيا ۽ ٻه رڪعتون نماز پڙهي دعا لاءِ هٿ کنيائون ۽ ڪجهه وقت سر سجدي ۾ رکي ڇڏيائون ۽ پوءِ شاميءَ جي گهر ويا ۽ سندس مٿن کان ٿي ويٺا ۽ کيس ڀت سان ٽيڪ ڏياري ويهاريائون. شربت گهرائي هن جي منهن ۾ وڌائون ۽ سندس واسطيدارن کي چيائون ته هن کي ٿڌيون شيون ڏنيون وڃن. پوءِ پاڻ موٽي آيا. اڃا ٿوري دير ئي مسَ گذري ته شامي چاق ٿي ويو. هو امام وٽ آيو ۽ عرض ڪيائين: مان شاهدي ٿو ڏيان ته اوهان ماڻهن تي خدا جي حجت آهيو. (3)

2ــ ان زماني جي صوفين مان هڪ شخص محمد بن منڪدر جو بيان آهي ته هڪ ڏينهن ڇِتي گرميءَ ۾ مديني کان ٻاهر نڪتس، مون محمد باقر3کي ڏٺو . ٻه غلام به ساڻن گڏ هئا، دل ۾ چيو ته قريش جي بزرگن مان هڪ بزرگ دنيا جي سُک ۽ راحت جي چڪر ۾  لڳو پيو آهي. کيس ڪجهه نصيحت ڪريان، ويجهو وڃي سلام ڪيومانس، سندن مٿي ۽ ڏاڙهيءَ مان پگهر پئي ٽميو. امام جن انهيءَ حالت ۾ مون کي (سلام جو) جواب ڏنو. عرض ڪيو مان خدا توهان کي سلامت رکي توهان جهڙي شخصيت هن ڪاڙهي ۾ دنيا ميڙڻ ۾ لڳي پئي آهي. جيڪڏهن هن حالت ۾ موٽ اچي وڃيو ته ڇا ڪندؤ؟ فرمايائون خدا جو قسم جيڪڏهن موت آيو ته اپائڻهار جي اطاعت ۾ مرندس. ان ڪري ان جي وسيلي سان پاڻ کي توهان توڙي ٻين جي محتاجيءَ کان بچايان ٿو. مان ان حالت ۾ موت کان ڊڄان ٿو ته الله نه ڪري جو گناهه جي ڪم ۾ لڳو رهان. اها ورندي ملڻ تي چيومان توهان تي خدا جي رحمت هجي چاهيم پئي ته توهان کي نصيحت ڪريان پر اٽلندو توهان مون کي نصيحت ڪري خبردار ڪيو. (4)

علمي مقام

سندن علم به ٻين امامن وانگر وحي جي چشمي مان فيض حاصل ڪندو هو. جابر بن عبدالله وٽن ايندو رهندو هو ۽ سندن علم مان پيو پرائيندو هو. هو هر هر چوندو هو اي علم کي کولڻ وارا! مان گواهي ٿو ڏيان ته توهان ننڍپڻ ۾ ئي خدا جي علم سان مالامال آهيو. (5)

اهل سنت جي عالمن مان هڪ صاحب عبدالله ابن عطا مڪي چوندو هو ته آءٌ امام محمد باقر3 آڏو اڪابر عالمن کي جهڙي ريت حقير ڏسندو هئس اهڙو ڪنهن ٻئي جي سامهون  نه ڏٺو.

حڪم بن عتبيه، ماڻهن وٽ جنهن جو علمي مقام تمام بلند هو، امام محمد باقر3 جي سامهون ان جي حالت اهڙي هوندي هئي جهڙي شاگرد جي استاد سامهون (6) سندن علمي مرتبو  اهڙو هو جابر بن يزيد جعفي کانئن روايت ڪندي وقت چوندو هو، اوصيائن جي وصيءَ ۽ نبين جي علمن جي وارث محمد بن علي بن الحسين6 جن هيئن چيو آهي.......... (7)

هڪ همراهه عبدالله ابن عمر کان هڪ مسئلو پڇيو. هو جواب نه ڏئي سگهيو ۽ سوال ڪرڻ واري کي امام محمد باقر3 جو ڏس ڏئي چيائينس ته ان ٻار کان سوال جو جيڪو جواب ملئي مون کي به ٻڌائجان. هن شخص امام کان پڇيو ۽ مطمئن ٿيڻ وارو جواب ٻڌڻ کان پوءِ عبدالله بن عمر کي وڃي ڪري ٻڌايائين. عبدالله چيو: ”هي اهو خاندان آهي جنهن جو علم خدائي ڏات آهي.“ (8)

حضرت امام محمد باقر3 جن علم ۽ ڏاهپ جا ايترا اسرار ۽ رمزون ظاهر ڪيون آهن جو سواءِ مت کسيل ۽ دل جي انڌي جي ٻيو ڪو به ان جو انڪار نه ٿو ڪري سگهي. اهوئي سبب آهي جو پاڻ مڙني علمن کي کولڻ وارا ۽ علم ۽ ڏاهپ جو جهنڊو ڦڙڪائڻ واري جو لقب حاصل ڪيائون. (9)

پاڻ مديني ۾ هڪ وڏي علمي يونيويسٽي قائم ڪئي هئائون جنهن ۾ علم جي اُڃ اُجهائڻ خاطر سوين شاگرد سندس خدمت ۾ حاضر ٿي سيراب ٿيندا هئا. رسول الله جن جي صحابن مان جيڪي همراهه جيئرا هئا. جهڙوڪ جابر بن عبدالله انصاري وغيره ۽ تابعن مان ڪي بزرگ جيئن جابر جعفي، ڪيسان سختياني، ۽ فقيهن مان ڪي فرد جيئن ابن مبارڪ زهري، اوزاعي، ابو حنفيه، مالڪ، شافعي ۽ زياد بن منذر ۽ مصنفن مان ڪي فرد جيئن طبري، بلاذري، سلامي ۽ خطيب پنهنجي تاريخن ۾ کانئن روايتون لکيون آهن.(10) 

امام ۽ اموي خليفه

امام محمد باقر3 جي امامت جو زمانو، جيڪو لڳ ڀڳ 19 سالن تي ڦهليل هئو. سندن زماني ۾ اموي حڪمران وليد بن عبدالملڪ، سليمان بن عبدالملڪ، عمربن عبدالعزيز، يزيد بن عبدالملڪ،  هشام بن عبدالملڪ هئا. انهن حڪمرانن منجهان سواءِ عمر بن عبدالعزيز جي، جيڪو (ٻين جي ڀيٽ ۾) عدالت پسند هو. باقي جملي حڪمران ظالم، هٺيرا ۽ مطلق العنانيءَ ۾ پنهنجي اڳوڻن کان گهٽ نه هئا ۽ اڳتي هلي انهن امام محمد باقر3 لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون.

امام محمد باقر3 جي دورِ امامت جي سياسي ٻوسٽ وارين حالتن جي آگاهي لاءِ اسان منجهائن هر هڪ جي باري ۾ اجمالي گفتگو ڪيون ٿا.وليد سن ۸۶ هه ۾ حڪومت جي واڳ سنڀالي ۽ ۱۵ جمادي الآخر سن ۹۶ هه ۾ مري ويو. مسعودي جو بيان آهي ته وليد هڪ ضديرو، جابر ۽ ظالم بادشاهه هو.(11) پڻس وصيعت ڪئي هئس ته حجاج بن يوسف جي عزت ڪري، چيتي جي کل پائي (12) ترار تيار رکي ۽ جيڪو سندس مخالفت ڪري ان کي ماري ڇڏي. (13) هن به پيءُ جي وصيعت مطابق پيءُ وارا پير ورتا ۽ حجاج کي ڇوٽ ڇڏي ڏنائين ته جيئن ۽ جهڙي طرح وڻيس مسلمانن کي آزاري ۽ ڪيس ڪلور ڪري.

عمر بن عبدالعزيز، وليد پاران مديني جو حاڪم هو. حجاج جي آزار کان تنگ ٿي جيڪو به ڀڄندو هو وٽس سام پوندو هو. عمر، وليد کي لکيو ۽ رعيت سان حجاج جي ظلمن جي شڪايت ڪئي. وليد، عمر جي شڪايت تي ڪن ڏيڻ بدران، حجاج جي خوشنوديءَ لاءِ عمر بن عبدالعزيز کي مديني جي گورنريءَ  تان معزول ڪري ڇڏيو ۽ حجاج کي لکيائين ته ”توکي جيڪو وڻي ان کي حجاز جو حاڪم بڻاءِ حجاج، وليد کي خالد بن عبدالله قسريءَ جي لاءِ سفارش ڪئي جيڪو پاڻ به سندس جهڙو ئي خونخوار شخص هو. وليد اها سفارش قبول ڪئي. (14)

وليد جو حجاج تي ويساهه ڪرڻ ۽ پيءُ جي تائيد، وليد جي آرڏائي ۽ سندس تباهه ڪاري تي بهترين دليل آهي.

پنهنجي ڀاءُ کان پوءِ اقتدار جي واڳ سليمان بن عبدالملڪ جي هٿ ۾ آئي ۽ جمعي ڏينهن صفر مهيني جي ڏهين سن ۹۷ هه ۾ مُئو.  هو ڏاڍو پيٽو ۽ عورتن تي دل هاري ويهندڙ هو. سندس دورِ خلافت ۾ عياشي ۽ درٻار ۾ عيش ۽ نشاط جون محفلون اوج تي هيون. ڪيترن ئي خواجه سرائن کي هن پنهنجي درٻار ۾ رکيو هو. ۽ پنهنجو ڳچ وقت حرمِ سرا جي عورتن سان گڏ گهاريندو هو. هوريان هوريان اهو گند ملڪ جي ننڍن وڏن ڪامورن ۾ ڦهلجي ويو ۽ پوءِ وڏي پيماني تي سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويو.(15) هن ٻه سال ۽ ڪجهه مهينا حڪومت ڪئي، منڍ ۾ هن نرمي ڏيکاري، عراق جي جيلن جا دروازا  کولي ڇڏيائين ۽ بي ڏوهين کي آزاد ڪري ڇڏيائين ان هوندي به هن جي زندگي ظلم ۽ ستم کان خالي نه هئي. هن خالد بن عبدالله قسري کي جنهن ڏاڍاين ۽ ڏوهن ۾ حجاج سان ورهايو نه هو کيس پنهنجي جاءِ تي رهڻ ڏنائين.

کانئس پوءِ عمر بن عبدالعزيز حڪومت جي مسنَد تي ويٺو. ۲۵رجب المرجب سن ۱۰۱ هه ۾ فوت ٿيو. هي ڪنهن حد تائين پريشانين ۽ مصيبتن تي بڇڙاين ۽ تفرقي سان جنگ ڪرڻ، ان خواري ۽ بدنامي جي داغ کي جيڪو ان وقت حڪومت جي دامن تي لڳل هو. يعني علي3کي ڀڳل لفظ ڳالهائڻ کي ڌوئڻ، فدڪ کي سائڻ فاطمہ / جي اولاد کي موٽائڻ ۽ امام محمد باقر3 جي حوالي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

 ان کان پوءِ يزيد بن عبدالملڪ سندس جاءِ تي ويٺو ۽ پنهنجن عملدارن کي هيٺ ڏنل خط لکي پنهنجي حڪومت جو آغاز ڪيائين.

”عمر بن عبدالعزيز ڌوڪو کاڌو، توهان ۽ توهان جي اوسي پاسي جي ماڻهن  کيس ڌوڪو ڏنو...... خط ملندي ئي اڳوڻن سهڪارين ۽ پنهنجي دوستن کي گڏ ڪيو ۽ ماڻهن کي انهن جي اڳوڻي حالت ڏانهن ورايو، ڀلي کڻي هو ماليات کي ادا ڪرڻ جي سگهه رکندا هجن يا نه، جيئرا رهن يا مري وڃن، لازم آهي ته خراج ادا ڪن.“ (16)

يزيد بن عبدالملڪ پنهنجي نالي ڀائي يزيد بن معاويه وانگر سواءِ عياشي، ڏوهن، مستي ۽ عورتن سان عشق بازي جي ٻيو ڪو به ڪم نه هو. هو اخلاقي ۽ ديني اصولن جو بنهه پابند نه هو. سندس خلافت جو زمانو بني اميه جي حڪومت جو اونداهو دور ڳڻيو ويندوآهي. هن جي زماني ۾ قصيدن ۽ شعر جي جاءِ ساز ۽ آلاپ والاري ۽ ان شعبي کي ايتري وسعت ڏئي ڇڏي هئائين جو مختلف شهرن مان راڳي، لنگها ۽ مڱڻهار دمشق گهرايا ويندا هئا. ۽ اهڙي ريت عياشي، هوس پرستي، شطرنج ۽ تاش جو عربي معاشري ۾ رواج پئجي ويو. (17)

کانئس پوءِ هشام بن عبدالملڪ حڪومت جون واڳون ورتيون، هو بخيل، بد اخلاق، ظالم ۽ بي رحم هو. نه ڇڙو اهو ته هن بڇڙاين جي اصلاح ۽ سڌاري لاءِ ڪو اپاءُ نه ورتو، هٿان بني اميه جي ڪُڌن ڪرتوتن کي هٿي ڏنائين. هن پنهنجي گورنر کي لکيو ته شيعن سان سختي ڪريو سندس جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. هن حڪم ڏنو ته انهن جي آثارن کي ميساري سندن خون وهايو وڃي ۽ کين عام حق کان محروم ڪري ڇڏيو. هن حڪم ڏنو ته ”شاعرِ اهل بيت ڪمَيت جو گهر اُجاڙي ڇڏيو ۽ ڪوفي جي حاڪم کي لکيائين ته اولاد پيغمبر جي مدح ڪرڻ جي جرم ۾ ڪُمَيت جي زبان وڍي ڇڏيو.“

هشام ئي هو جنهن زيد بن علي ابن الحسين4 جي انقلاب کي چيڀاٽي ڇڏيو ۽ سندس پاڪ جسم کي مثلي ڪرڻ (نڪ، ڪن ۽ چپ وڍڻ) کان پوءِ ڪوفي جي ڪليسا ويجهو انتهائي ڏکائيندڙ نموني ڦاهي چاڙهيو. امام محمد باقر3جن جو پنهنجي خلافت جي زماني ۾ اهڙن خلافت جي دعويدارن سان مهاڏو ۽ مقابلو هو. ان سببان سندن حياتي جو دور مڪمل نموني سندن بابي سائين امام زين العابدين3جي زندگي جو منطقي سلسلو آهي.

خلافت جي مقابلي ۾ امام جو مؤقف

هشام، امام محمد باقر3 ۽ سندس پياري پٽ حضرت امام جعفر صادق3 جن جي عزت ۽ وقار کان ڏاڍو ڊنل هو. انهيءَ ڪري پنهنجي حاڪميت جي ڌاڪ ويهارڻ ۽ خلافت جي مقابلي ۾ امام جي اجتماعي حيثيت ۽ وقار کي ڌڪ رسائڻ لاءِ هن مديني جي حاڪم کي حڪم ڏنو ته انهن ٻنهي بزرگن کي شام موڪل، گڏوگڏ هن پنهنجي درٻاري اميرن ۽ ڀاڙيتن کي تيار ڪري ڇڏيو. طئي اهو ڪيائون ته اڳ ۾ خليفو ۽ پوءِ درٻاري امير (جيڪي سڀ جا سڀ مشهور ۽ نمايان ماڻهو هئا) امام محمد باقر3 کي تهمتن ۽ بهتانن سان ورائي وڃن. انهيءَ عمل سان هشام جا ٻه مقصد هئا. پهريون مقصد اهو هو ته انهيءَ سختي ۽ تهمتن سان امام کي هيسائي ۽ دٻائي، گهرٻل مقصد حاصل ڪري وٺي. هن گڏجاڻي ۾ ٻن متضاد محاذن جا وڏا رهبر شريڪ هئا. سو هن چاهيو پئي ته ائين ڪري امام جن کي (معاذالله) ذليل ڪيو وڃي، جيڪو سندس ٻيون مقصد هو. بهرحال امام محمد باقر3 جن جڏهن درٻار ۾ اندر گهڙيا. دستور مطابق جيڪو طريقو هو ته هر اچڻ وارو ”اميرالمؤمنين“ جي مخصوص لقب سان خليفي کي سلام ڪندو هو، ان جي بدران امام جن اتي ويٺل ماڻهن ڏانهن منهن ڪري ”سلام عليڪم“ چيو. پوءِ اهو انتظار ڪرڻ کانسواءِ ته ويهڻ لاءِ ڪو چئي، پاڻ ويهي رهيا. اهڙي بي ڊپائي ۽ جرئت  تي هشام جي دل ۾ ڪيني ۽ حسد جي باهه ڀڙڪي اٿي ۽ هن پنهنجو سٽيل پروگرام شروع ڪري ڏنو. چيائين توهان علي (3) جي اولاد سدائين مسلمانن جي ايڪي کي ٽوڙيندا آهيو ۽ پاڻ ڏانهن دعوت ڏئي منجھن ڦوٽ وجهندا آهيو. اڻ ڄاڻائي سببان (معاذ الله) پاڻ کي پيشوا ۽ امام سمجهو ٿا. هشام ڪا مهل ائين وات هڻندو رهيو. پوءِ چپ ٿي ويو. کانئس پوءِ سندس ڀاڙيتن بَڪَ ڪئي.

امام محمد باقر3 جن انهيءَ دوران ماٺ رهيا ۽ اطمينان سان ويٺا رهيا. جڏهن سڀ ڄاڙي هڻي ٿڪجي ماٺڙي ڪري ويا ته پاڻ اٿي بيٺا ۽ ويٺلن ڏانهن منهن ڪري اڳ ۾ خدا جي حمد ۽ ثنا ۽ پوءِ پيغمبر تي صلوات ۽ سلام کان پوءِ انهن جي گمراهي کي وائکو ۽ پنهنجي حيثيت سان گڏ پنهنجي گهراڻي جي پوئين افتخار ۽ حيثيت کي بيان ڪندي فرمايائون:

 ”اي مسلمانو! توهان ڪاڏي وڃي رهيا آهيو ۽ هو توهان کي ڪاڏي وٺي وڃڻ چاهي ٿو؟! اسان جو ئي وسيلو هو جنهن ذريعي خدا توهان جي ، وڏن جي هدايت ڪئي، اسان جي ئي هٿن سان توهان جي ڪمن جو اختتام ٿيندو. جيڪڏهن اڄ توهان وٽ هي چند ڏهاڙن جي حڪومت آهي ته اسان وٽ حڪومت هوندي اسان جي صاحبي (حڪومت) کان پوءِ ڪو به راڄ (حڪومت) نه ڪندو. اسان ئي اهي اهل عاقبت آهيون جن لاءِ خدا فرمايو آهي ته عاقبت متقين جي لاءِ آهي.“[2]

امام جي مختصر ۽ ڌوڏيندڙ تقرير تان هشام آپي مان نڪري ويو ۽ سختي کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه سُجهيس. هن امام کي قيد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، امام جن زندان ۾ حقيقتون پڌريون ڪيون، زندان جي نگران هشام کي ٻڌايو، اها ڳالهه کانئن سٺي نه ٿي جو ڪيترن ئي سالن کان شام کي علوين جي تبليغ ۽ پهچ کان پري رکيو هئن. هن حڪم ڏنو ته امام ۽ سندن ساٿين کي زندان مان ڪڍي سخت پهري ۾ مديني پهچايو وڃي ۽ اڳ کان به وڌيڪ سخت احڪام ڪڍيائين! ته دڳ ۾ ڪنهن به ان عتاب هيٺ آيل قافلي سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي ۽ نه ئي کين کاڌ خوراڪ ۽ پاڻي وڪڻڻ جو حق آهي.... (18)

اسلامي ثقافت کي نئين حياتي بخشڻ

امام محمد باقر3انهن حالتن ۾ جو هڪ پاسي حڪمرانن جي سخت گيري ۽ ٻي طرف تقيي جي ضرورت هئي. ان هوندي به ان ڳالهه ۾ ڪامياب ٿي ويا ته تعليم ۽ تربيت ذريعي نهايت ئي اونهي پاڙن واري علمي تحريڪ ٺاهي ورتائون. پاڻ منڍ کان ئي تشيع جي بنيادي ۽ بامقصد دعوت جي اشاعت جي وڏي پيماني تي ڪوشش شروع ڪئي. ان ڪوٺ جي وسعت ايڏي هئي جو شيعن جي علائقي مديني ۾ ڪوفي کان پڻ ڪي ٻيا نوان علائقا شيعي فڪر جي اثر هيٺ  آيا. ان ڏس ۾ ٻين هنڌن کان وڌيڪ خراسان جو نالو وٺي سگهجي ٿو. حج جي زماني ۾ عراق، خراسان ۽ ٻين شهرن کان هزارين مسلمان کانئن فتويٰ وٺندا هئا.

اسلامي معارف جي هر باب متعلق کانئن سوال ڪندا هئا. نام نهاد فقيه جيڪي مختلف علمي ۽ فڪري مڪتبن سان وابسته هئا. سندن آڏو پنهنجي پر ۾ منجهيل ۽ ڏکيل مسئلا رکندا هئا ته جيئن امام جن مُنجهي پون. ۽ ماڻهن سامهون لاچار چپ ٿي وڃن. امام جن انهن نظرين مان هر نظريي جي وضاحت ڪندا هئا. پاڻ شيعت جي بنيادن، اصولن، فروعن بابت پيرائتي وضاحت سان گڏوگڏ ان جي اعليٰ ڳُڻن کي محدود سطح ۽ ڳاڻ ڳڻين ماڻهن مان ڪڍي کيس آفاقي بڻايائون ۽ مڪتب جي مفهومن جي نشر ۽ اشاعت ذريعي فردن جي پرورش ڪيائون ۽ حقيقي اسلام کي مجسم بڻايائون  ان ڪري ڪيترن ئي شهرن ۾ ان جو رد عمل پڌرو ٿي ويو هو، انهن ڳالهين سببان ماڻهو سندن شيدائي ٿي پيا ۽ پاڻ عوام ۾ تمام گهڻو اثر پيدا ڪري ورتو هئائون. توڙي جو خلافت بني اميه جي زماني ۾ مضر ۽ حمير قبيلن جي وچ ۾ جهيڙي جي باهه جا شعلا آسمان کي پهچڻ لڳا. پر اسان ڏسون ٿا ته ٻنهي قبيلن منجهه امام جا مڃڻ وارا هئا جهڙوڪ باقاعدا شيعو ڪوٺرائيندڙ شاعر فرزدق تميمي مضري ۽ ڪميت اسدي حميري پر ٻنهي ڄڻن جي وچ ۾ امام ۽ اهل بيت جي دوستي ڪري قِتُ ڪو نه پيو.

اسلامي نظام جي تشڪيل

امام محمد باقر3 جن حالتن سارو معاشري مٿان مڙهيل حڪومت سان ظاهر ظهور هٿ ڳنڍڻ ۽ مهاڏي ڏيڻ کان پاسو ڪيو. ان جي بدران وڌ ۾ وڌ فڪري ۽ ثقافتي ڪم ڪيائون. جيڪو نظرياتي ٻج  ڇٽ به هئي ته سياسي تقيو به. ليڪن اهو حڪمت ڀريو انداز امام جي لاءِ امامت جي ڪلي رخ کي ويجهن دوستن ۽ سچن شيعن ۽ مڃڻ وارن آڏو واضح ڪرڻ ۾ رڪاوٽ نه بڻيو ۽ اهو انداز مڃڻ وارن جي دلين ۾ هن عظيم شيعه مقصد کي به جيارڻ ۾ رڪاوٽ نه بڻجي سگهيو ته اسلام جي نظام کي زنده ڪرڻ لاءِ مقابلو ضروري آهي. امام باقر3 جن جو آسوند طريقن مان هڪ طريقو هي به هو ته پاڻ دل کي وڻندڙ خوشخبري ڏيندا هئا جنهن جو وقت ايترو پري به نه هو.

راوي چوي ٿو ته، اسان ابو جعفر3جن جي ڪچهريءَ ۾ ويٺا هئاسين ته هڪ پيرسن آيو. سلام ڪري چيائين ته اي رسول الله جا فرزند خدا جو قسم مان توهان جو ۽ توهان جي چاهڻ وارن جو سنگتي آهيان. اها سنگت ان لالچ ۾ ڪا نه رکي اٿم ته ڪو زندگيءَ جو سُک ماڻيندم. مون ته توهان جي ”امر“ ۽ ”نهيءَ“ جي حڪم آڏو مٿو ٽيڪيو آهي. آءُ انهيءَ انتظار ۾ آهيان ته توهان جي ڪاميابيءَ جو زمانو ويجهو اچي. مولا! ڇا اسان لاءِ ڪو آسرو آهي.؟

امام جن انهيءَ پوڙهي کي پنهنجي ڀر ۾ ويهاري فرمايو:

اي پير مرد! ڪنهن شخص منهنجي پيءُ علي ابن الحسين 4کان ساڳيو تو وارو سوال ڪيو هو. منهنجي بابي کيس چيو هو ته جيڪڏهن انهيءَ اوسيئڙي ۾ مري وئين ته پيغمبر، علي، حسن، حسين ۽ علي ابن الحسين6  جي بارگاهه ۾ پهچي وينديون ۽ جيڪڏهن حياتي هوندئي ته هن ئي دنيا ۾ اهو ڏينهن ڏسندين جو تنهنجون اکيون روشن ٿي ويندين ۽ هن دنيا ۾ اسان سان گڏ اسان جي پاڙي ۾ نهايت مٿاهون مقام ماڻيندين. (19)

ان قسم جا بيان اهڙي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ دل ٻڌرائيندڙ خواب وانگر اسلامي نظام ۽ علوي حڪومت جي جوڙجڪ لاءِ ڏکن ۾ پاهه ٿيل شيعن جي دلين ۾ اميد جا ڪرڻا ۽ تحرڪ ۾ آڻيندڙ لهر اٿارن پيا ۽ مستقبل ۾ ان ڳالهه (اسلامي نظام ۽ نظامِ امامت) کي يقيني ۽ اڻٽر صورت ۾ پيش ڪندا هئا. امام جو اهو وهنوار ان ڳالهه جو مثال آهي ته حضرت جن جو تعلق پنهنجن ويجهن اصحابن سان ڪيئن هو ۽ اها روش هڪ ٻئي سان منظم ۽ مرتب رابطي جي نشاندهي  به ڪري ٿي. اهائي اها حقيقت هئي جيڪا خلافت جي مشنري کي رد عمل ظاهر ڪرڻ تي اڀاريندي هئي. عام طور تي ساڱي واڱي ۽ واقفڪار ويريءَ سان منظم ردعمل جي ذريعي اڳلي بابت چئي سگهجي ٿو ته هو ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهي.

هشام ۽ سندس خلافت جي مشنريءَ بابت ”بلاذري“ لکيو آهي ته اموي خليفن ۾ هشام پاڻ توڙي سندس مشنري نهايت ئي زبري ۽ مڪمل اقتدار جي مالڪ هئي. جيڪڏهن امام محمد باقر3 سان (خلافتي مشنري) کُهرو پوندو هئي ته ان جي وجهه اها هئي جو سندن (امام محمد باقر3 جن جي) روش ۽ عمل کان هشام هيسيل ۽ ڊنل هو ۽ سندن پاڪ وجود کانئس سٺو نه ٿي ٿيو. ان ڳالهه کان انڪار ڪري ئي نه ٿو سگهجي ته جيڪڏهن امام محمد باقر3 فقط عملي زندگيءَ ۾ سرگرم ۽ فعال رهن ها ۽ تنظيم سازيءَ جي ڳڻ نه ڪن ها ته خليفو پنهنجي لاءِ ان ڳالهه ۾ ڀلائي نه ڀانئين ها ته هو ڪٺورائپ ۽ شدت سان کين مهاڏي ڏيڻ لاءِ اڀاري ۽ نتيجي ۾ امام جي پوئلڳن ۽ سنگتين کي، جن جو ڳاڻيٽو گهٽ نه هو، پنهنجي مٿان ڪاوڙائي ۽ پنهنجي مشنري کي پڻ ڏچي ۾ ڏئي. 

امام محمد باقر3 جي مڪتب جا تربيت يافته

 امام محمد باقر3 جي مڪتب ۾ مثالي ۽ ناليرن شاگردن سکيا ورتي هئي منجهائن ڪن ڏانهن هتي اشارو ڪجي ٿو.

·   ابان ابن تَغلِب: هن صاحب ٽن امامن، چوٿين، پنجين ۽ ڇهين امام جي خدمت ۾ حاضري ڏني، ابان پنهنجي زماني جي علمي شخصيتن مان هڪ هو. تفسير، حديث، فقه، قرائت ۽ لغت تي پورو پورو مَلڪو هيس. ابان جي فقهي منزلت کي ڏسندي ئي امام محمد باقر3 جن کيس فرمايو ته مديني جي مسجد ۾ وڃي ويهه ۽ ماڻهن کي فتويٰ ڏي، مان شيعن ۾ تو جهڙو ڏسڻ چاهيان ٿو.(20) جڏهن امام جعفر صادق3 ابان جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي ته پاڻ فرمايائون: خدا جو قسم ابان جي موت منهنجي دل کي ڏکارو ڪري وڌو آهي.(21)

·   زراره ابن اعين: شيعا عالمن، امام محمد باقر3 ۽ امام جعفر صادق3 جي شاگردن مان ڇهن ڄڻن کي مٿاهون ڳڻيو آهي ۽ زراره انهن منجهان هڪ آهي. امام جعفر صادق3جن فرمائن ٿا ته جيڪڏهن بُريد ابن معاويه، ابوبصير، محمد ابن مسلم ۽ زراره نه هجن ها ته نبوت جا آثار ميسارجي وڃن ها. اهي ماڻهو خدا جي حلال ۽ حرام جا امين آهن. (22) ۽ وري فرمائن ٿا ته: بُريد، زراره ۽ محمد ابن مسلم ۽ احول، زندگي ۽ موت ۾ مون کي سڀني کان وڌيڪ پيارا آهن.

·   ڪمَيُت اسدي: هڪ انقلابي ۽ بامقصد شاعر هئو. پاڻ شعرن کي نهايت شيرين انداز ۾ اهل بيت جي دفاع ۾ پيش ڪندو هو. سندس شعر ماڻهن ۾ نئون روح ڦوڪيندڙ ۽ (دشمن کي)خوار خراب ڪرڻ وارا هئا. ايتري تائين جو درٻار خلافت طرفان لڳاتار موت جا ڌڙڪا ڏنا ويندا هئس. ڪميت امام محمد باقر3 جو شيدائي هو ۽ محبت جي رستي ۾ هن پاڻ کي وساري ڇڏيو هو، هڪ ڏينهن امام جي آڏو امام جي مدح ۾ ڪجهه شعر پڙهيائين پئي ته امام جن ڪعبي ڏانهن منهن ڪري ٽي ڀيرا فرمايو: پالڻهار! ڪميت تي رحمت نازل فرماءِ پوءِ ڪميت کي چيائون ته پنهنجي خاندان وارن کان تنهنجي لاءِ هڪ لک درهم ورتا اٿم، ڪميت چيو، ”آءُ سون چاندي جو طالب ناهيان رڳو هڪ جُبو عطا ڪريو، امام جن کيس جُبو ڏئي ڇڏيو“. (23)

·   محمد ابن مسلم فقيہ اهل بيت: امام محمد باقر ۽ امام جعفر صادق4 جي سچن دوستن مان هو. پاڻ ڪوفي جا رهواسي هو ليڪن امام جي اٿاهه ۽ علم مان استفادو ڪرڻ خاطر مديني هليو آيو.

عبدالله ابن يعفور ٻڌائي ٿو ته:  مون امام جعفر صادق3 کي عرض ڪيو ته ڪڏهن مون کان سوال ٿيندا آهن جن جو جواب مون کي ڪو نه ايندو آهي ۽ توهان تائين به رسائي نه ٿي سگهندي آهي. آخر مان ڇا ڪيان؟ پاڻ محمد ابن مسلم  جو نالو وٺي چيائونس ته کانئس ڇو نه ٿو پڇين؟ (24)

ڪوفي ۾ رات جي وڳڙي ۾ هڪڙي ضائفان محمد ابن مسلم جي گهر آئي ۽ چيائينس منهنجي نوهَن مري وئي آهي ۽ سندس پيٽ ۾ ٻار جيئرو آهي اسان ڇا ڪيون؟

محمد چيو: امام محمد باقر3 جن جيڪو فرمايو آهي ان مطابق پيٽ چيري، ٻار ڪڍي ميت کي دفن ڪري ڇڏجي.

پوءِ محمد ان مائي کان پڇيو ته منهنجو گهر توکي ڪيئن مليو؟

مائي چيو:  آءُ اهو مسئلو پڇڻ ابوحنيفي وٽ آئي هئس، هن چيو ان باري ۾ آءُ ڪجهه نه ٿو ڄاڻان پر تون محمد ابن مسلم وٽ وڃ جيڪڏهن هو فتويٰ ڏئي ته مون کي به ٻڌائجان(25)

شهادت کان پوءِ به مقابلي جو جاري رکڻ

امام محمد باقر3جي رهبريءَ جو اڻويهين (19) سالن وارو زمانو نهايت ئي ڏکين حالتن ۽ وَر وڪڙ واٽن مان لنگهيو، آخر ۾ سندن گهٽ پر برڪت ڀري عمر جي پڄاڻيءَ جو وقت آيو ته پاڻ پنهنجي پاران اموي سلطنت تي نهايت ئي ڪاپاري وار ڪيائون.

امام جن پنهنجي فرزند امام جعفر صادق3 جن کي حڪم ڏنو ته سندن پئسن مان هڪ حصو(اٺ سئو درهم)ڏهن سالن جي عرصي تائين سندن عزاداري ۽ روئڻ وارن تي خرچ ڪن. عزاداري حج جي مُند ۾ مِني جي ميدان ۾ برپا ڪيو.[3]

 حج جو زمانو ڏورانهن ڏينهن کان ايندڙ اڻ واقف دوستن جي وعدي گاهه آهي. جيڪڏهن ڪو نياپو سنيهو اهڙو هجي جيڪو سموري اسلامي دنيا تائين پهچائڻو هجي ته ان کان ڀلو موقعو ٻيو ڪو نه آهي. حج جا اعمال ڪجهه ڏينهن تائين لاڳيتو الڳ الڳ جاين تي ڪيا ويندا آهن. انهن جاين مان سڀ کان وڌيڪ مناسب جاءِ منيٰ آهي. ڇو ته عرفات کان موٽندي حاجي ٽي راتيون اتي ترسندا آهن. انهيءَ ڪري واقفيت ۽ همدرديءَ لاءِ سڀني هنڌن کان وڌيڪ وَجُهه اتي ئي ملندو آهي ۽ اها فطري ڳالهه آهي ته ان برپٽ ۾ هر سال مجلس عزا برپا ٿيندي ته هر ماڻهوءَ جي نظر ان تي پوندي ۽ هوريان هوريان ماڻهو ان کان واقف ٿي ويندا ۽ پاڻ ئي سوال ڪرڻ لڳندا ته ڪيترن ئي سالن کان مديني جا ڪجهه ماڻهو (اهو مدينو جيڪو اسلام جو مرڪز  ۽ اصحابن جو ٿاڪ آهي) حج جي مُند ۾ منيٰ ۾ مجلس برپا ڪندا آهن. اها به عالم اسلام جي بلند شخصيت محمد ابن علي ابن الحسين6 جي لاءِ ! ته ڇا سندن موت طبعي نه هو؟  کين ڪنهن قتل ڪيو يا زهر ڏنو ويو آهي؟ ۽ ڇو؟ نيٺ به انهن ڇا چيو ۽ ڇا ڪيو؟ ڇا ان جو ڪو سبب  آهي ۽ سندن ڪا دعوت هئي؟ ڇا سندن وجود خليفي لاءِ خطري جو باعث هو؟ ڪئين شبهات ۽ مبهم ڳالهيون ۽ انهن پٺيان ڪيترائي سوال ۽ جستجو واريون ڳالهيون ۽ پوءِ عزارادن يا سُڌ رکندڙن طرفان جيڪي ان عزا جي مجلس ۾ شريڪ هئا. جي پاران انهن جا جواب.

اهو هو امام محمد باقر3 جو ڪامياب نقشو، شهادت کان پوءِ جهاد جو نقشو ۽ اهو آهي ان برڪت ڀري زندگيءَ جو وجود جن جوموت ۽ زندگي خدا لاءِ آهي.

شهادت

ستين ذي الحج سن ۱۱۴ هه ۾ 57 سالن جي ڄمار ۾ ظالم اموي بادشاهه هشام بن عبدالملڪ جي هٿان حضرت امام محمد باقر3زهر سان شهيد ٿيا.(26) شهادت واري رات پاڻ پنهنجي پٽ حضرت جعفر ابن محمد4 کي فرمايائون:

”آءٌ اڄ رات هن دنيا کي ڇڏي ڏيندم. مون هينئر بابي سائين کي ڏٺو آهي هو وڻندڙ شربت جو پيالو مون وٽ کڻي آيا آهن. ۽ مون اهو پيتو ۽ پاڻ مون کي عالمِ بقا ۽ حق جي ديدار جي بشارت ڏني اٿن.“

امام جعفر صادق3 جن ان خداداد علم جي بي ڪنار درياءَ جي پاڪ تَن کي امام حسن مجتبيٰ ۽ امام زين العابدين4 جي ڀر ۾ جنت البقيع ۾ خاڪ جي سپرد ڪيو ويو. (27)

 

حوالا

1 ــ  مصباح المتهجد شيخ طوسي ــ ص 557 / بحار ــ ج 46 ص 213.

2 ــ امالي شيخ صدوق ــ ص 2111 / بحار ــ ج 416 ص 223.

3 ــ  امالي شيخ طوسي ــ ص 261 / بحار ــ ج 46 ص 233 ــ 234

4 ــ ارشاد مفيد ــ ص 264 / بحار ــ ج 46 ص 287 / مناقب ــ ج ص 201.

5 ــ علل الشرائع ــ ج پهريون ص 222 / بحار ــ ج 46 ص 225.

6 ــ ارشاد مفيد ــ ص 363 ــ بصيرتي قم مان ڇپيل

7 ــ ارشاد مفيد ــ ص 263 / بحار ــ ج 46 ص 286 ۽ 289.

8 ــ مناقب ابن شهر آشوب ــ ج 4 ص 97 / بحار ــ ج 46 ص 289.

9 ــ الصواعق المحرقہ ــ ص 120.

10 ــ مناقب ــ ج 4 ص 195 / بحار ــ ص 294 ــ 295.

11 ــ مروج الذهب ــ ج 3 ص 157.

12 ــ .......

13 ــ مروج الذهب ــ ج 2 ص 160 ــ 161.

14 ــ ڪامل ابن اثير ــ ج 4 ص 577.

15 ــ تاريخ سياسي اسلام ــ ج پهريون ص 324.

16 ــ العقد الفريد ــ ج 5 ص 176.

17 ــ تاريخ سياسي اسلام ــ ج پهريون ص 324.

18 ــ مناقب ابن شهر آشوب ــ ج 4 ص 190 / بحار ــ ج 46 ص 312 / دلائل الامامہ للطبري ــ ص 108.

19 ــ بحار ــ ج 46 ص 361 ــ 362

20 ــ جامع الرواة ــ ج پهريون ص 9 / معجم رجال الحديث ــ ج پهريون ص 147.

21 ــ جامع الرواة ــ ج پهريون ص 9 / معجم رجال الحديث ــ ج پهريون ص 147.

22 ــ جامع الرواة ــ ج پهريون ص 171.

23 ــ سفينة البحار ــ ج 2 ص 496 / مناقب ابن شهر آشوب ــ ج 4 ص 197.

24 ــ جامع الرواة ــ ج 2 ص 164.

25 ــ رجال ڪشي ــ ص 162 ڇاپو دانشگاهه مشهد

26 ــ بحار ــ ج 46 ص 217.

27 ــ بحار ــ ج 46 ص 213 ــ 215.

 

 



[1] کانَت صِدَيقةً لَم تُدرِک فِي آل الحسن اِمراةٌ مِثلُها.

[2] اَيُهَا النَاسُ اَينَ تَذهَبُونَ وَاَينَ يُرَادُ بِکُم؟ بِنَاهَدَي اللهُ اَوَلَکُم وَبِنَايَختِمُ آخِرُکُم فَاِن يَکُن لَکُم مِلک مُعَجَل فَاِنَ لَنَا مِلکاً مُوَجَلا وَلَيسَ مِن بَعدِ مِلکِنَا مِلکُ  اِنَااَهلُ العَاقِبَھِ، يَقُولُ اللهُ تَعَاليٰ وَالعَاقِبَةُ لِلمُتَقِينَ (مناقب ابن شهر آشوب ــ ج 4 ص 189)

[3] عَن اَبِي  عبداللّٰه قَالَ: قَالَ لِي اَبِي: يَا جَعفَرُ اَوقفِ لِي مِن مَالِي کَذَا وَکَذا اَلنَوَادِبَ تَندِبُنِي عَشرُ سِنِينَ بِمَنَيٰ اَيَامِ منَي.(بحار ــ ج 46 ص 220)

ڀلي ڪري آيا


اسان جا سوشل ميڊيا جا صفحه پسند ڪريو.
رابطو ڪريو

© سڀ حق ۽ واسطا صراط المستقيم وٽ محفوظ آهن