روزانه حديث:
حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام فرمايو حيا، ايمان جو حصو آهي ۽ ايمان (جو مقام) بهشت آهي، بي حيائي ظلم و جفا (جو مقام) جهنم آهي. (ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 4562 )
نيوز ليٽر
اسان جو نيوز ليٽر حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اي ميل ايڊريس ڏيو.
اسلامي فلم سيڪشن

توحيد


درس 1

الله تعالى جي توحيد.

وصف؛ الله تعالى جي توحيد مان مراد هيءَ آهي ته؛

“الله تعالى جهڙو نه ئي ڪير آهي ۽ نه ئي ڪير ٿي سگهي ٿو”

توحيد جا قسم

الله تعالى جي توحيد کي سمجھڻ خاطر، بنيادي طور ٻن حصن ۾ ورهائجي ٿو؛

(الف) فڪر ۾ توحيد؛

وصف؛ سوچ ۽ فڪر ۾ الله تعالى کي بي مثال مڃڻ يعني اهو ايمان رکڻ ته؛

“الله جهڙو نه ئي آهي نه وري ڪير ٿي سگهي ٿو.”

هن قسم جي توحيد کي سمجھڻو آهي ۽ ان کي مڃڻو آهي، هن قسم جي توحيد تي عمل ڪرڻ انسان لاءِ ممڪن ناهي. مثال طور ؛ توحيد ذات يعني اهو مڃڻ ته الله تعالى جهڙي ذات نه ئي ڪنهن جي آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن جي ٿي سگھي ٿي.

(ب) عمل ۾ توحيد؛

وصف؛ عمل ۾ توحيد، فڪري توحيد جي تقاضا آهي يعني

“فڪر ۾ توحيد جي عملي مظاهري کي عمل ۾ توحيد چيو ٿو وڃي”.

هن قسم جي توحيد کي صرف سمجھڻ ۽ ان کي مڃڻ ڪافي نه آهي، بلڪ ان سان گڏ ان تي عمل ڪرڻ به ضروري آهي. مثال طور؛ توحيد عبادت يعني جڏهن اهو مڃيو ويو ته عبادت جي لائق صرف الله تعالى آهي ته پوءِ صرف الله تعالى جي ئي عبادت ڪرڻ گهرجي.

1.     ذات ۾ توحيد.

وصف؛

توحيد ذات مان مراد هي آهي ته؛

“ذات يا وجود ۾ الله تعالى جهڙو نه ڪير آهي ۽ نه ئي ڪير ٿي سگھي ٿو.”

هن قسم جي توحيد ۾ ٻه ڳالهيون مڃڻ لازمي آهن؛

(الف) ؛ الله تعالى “احد” آهي يعني سندس ذات يا وجود مرڪَب ناهي، جيئن اسان صفات سلبيه ۾ ثابت ڪري آيا آهيون.

(ب) ؛ الله تعالى “واحد” آهي يعني سندس ذات يا وجود اهڙو آهي، جو اهڙو وجود هڪ کان وڌيڪ ٿيڻ ممڪن ئي ناهي.

دليل؛ اسان صفات ثبوتيه ۾ بيان ڪري آيا آهيون ته الله ۾ هر ڪمال لامحدود پيماني تي موجود آهي، وري صفات سلبيه جي بحث ۾ چئي چڪا آهيون ته الله تعالى زمان ((Time ۽ مڪان ((Place جي حد بندين کان پڻ لامحدود (Infinite) آهي.

عقلي قاعدو آهي ته ؛

“جيڪا به شيءِ لامحدود هوندي اها هڪ کان وڌيڪ نٿي ٿي سگهي.”

مثال ؛

ان ڳالهه کي سمجھڻ لاءِ اسان هڪ مثال ڏيون ٿا. جيڪڏهن اسان اهو نظريو رکون ته هن ڪائنات جي ڪا به حد ۽ پڇاڙي ناهي جتي وڃي کٽي. هن ڪائنات ۾ اسان جنهن به طرف وڃون ته ڪڏهن به ان جو ڪنارو نه ملندو. هاڻي ان قسم جي ڪائنات جو پنهنجي ذهن ۾ تصور ڪرڻ کان پوءِ ڇا اسان ان سان گڏ ٻي ڪائنات جو ذهن ۾ تصرو آڻي سگھون ٿا؟

هرگز نه، ڇو ته جڏهن اسان جي تصور ڪيل پهرين ڪائنات ئي لامحدود آهي ۽ ڪٿي کٽي ئي نٿي ته پوءِ ٻي ڪائنات کي تصور ۾ ڪٿي رکندا سين؟ ٻي ڪائنات جو تصور ته اسان اتان کان ڪندا سين جتي پهرين وڃي کٽي، پر هتي ته پهرين ڪائنات ئي نٿي کٽي.

          انڪري جڏهن اسان پهرين ڪائنات کي لامحدود تصور ڪيو سين ته اهو تصور اسان کي ٻي ڪائنات جي تصور ڪرڻ کان ئي روڪيندو!. مطلب ته اسان جنهن شيءِ کي لامحدود مڃيو ته پوءِ اهڙي شيءِ کي هڪ کان وڌيڪ تصور نه نٿا ڪري سگهون. الله تبارڪ و  تعالى جو وجود، نه ڪمال جي لحاظ کان محدود آهي نه ئي وري زمان ۽ مڪان جي حد بندين ۾ سمائجي ٿو يعني هر لحاظ کان لامحدود وجود آهي. ان ڪري وجود ۾ هن جهڙو نه ٻيو آهي ۽ نه ئي وري ٿي سگهي ٿو.

2.        صفات ۾ توحيد.

وصف:

توحيد صفات مان مراد هي آهي ته؛

“الله تعالى جون صفتون هن جي عين ذات آهن”

ان وصف جي وضاحت هن ريت آهي ته؛ الله تعالى جون صفتون ثبوتيه ٻن حصن ۾ ورهائجن ٿيون؛

(1) صفات ذات؛ جنهن ۾ قديم، قادر، حي، مريد ۽ عالم شامل آهن.

(2) صفات فعل؛ جنهن ۾ متڪلم، مدرڪ، صادق، حڪيم، خالق، رحمان ۽ رحيم وغيره شامل آهن؛

انهن ٻنهي ۾ فرق هي آهي ته صفات ذات، الله تعالى جي ذات (وجود) جون خاصيتون آهن، جڏهن ته صفات فعل، الله تعالى جي ذات سان تعلق نه ٿيون رکن، پر الله تعالى جي فعل جون خصوصيتون آهن. مثال طور هڪ ڇري تيز ڌار واري آهي اها سندس وجود جي صفت آهي. هاڻ سوال هي آهي ته؛ الله جي ذات ۽ ان جون صفات (صفات ذات) ٻه شيون آهن، يا هڪ ئي شيءِ آهي. جيئن اسان صفات سلبيه ۾ چئي آيا آهيون ته؛ الله تعالى جو صفات ذات ۾ ٻه شيون نه آهن بلڪ هڪ ئي شيءِ آهي. ان ڪري توحيد صفات مان مراد هي آهي ته؛

“الله تعالى جون صفات ذات هن جي ذات ئي آهن.”

يا

“الله تعالى جون صفات عين ذات آهن.”

يا

“الله تعالى جون صفات زائد بر ذات (ذات کان علاوه) نه آهن.”

دليل؛

جيڪڏهن اسان الله تعالى جي صفات ذات (قديم، قادر، حي، مريد ۽ عالم) ۽ ذات کي ٻه شيون مڃيندا سين ته؛

(1)  الله تعالى جي ذات پنهنجي فعل ۾ انهن جي محتاج ٿي پوندي جڏهن ته الله تعالى محتاج ناهي.

(2)  اهي صفتون به الله تعالى وانگر قديم ٿي پونديون، جڏهن ته قديم صرف الله تعالى ئي آهي، (پنهنجي ذات ۽ صفات سان گڏ).

(3)  الله تعالى، ذات ۽ صفات جو مرڪب ٿي پوندو، جڏهن ته الله مرڪب ناهي.

3. توحيد افعال.

توحيد افعال مان مراد هي آهي ته؛

“حقيقي (مستقل) فاعل صرف الله تعالى ئي آهي”.

فاعل ٻن قسمن جا ٿي سگهن ٿا، هڪ اهو جيڪو پنهنجي وجود ۽ پنهنجي قدرت سان فعل انجام ڏئي ۽ ٻيو اهو جيڪو ٻئي جي عطا ڪيل وجود ۽ قدرت سان فعل انجام ڏئي. پهرين فاعل کي “حقيقي فاعل” يا “مستقل فاعل” ۽ ٻئي کي “قريبي فاعل” چئبو آهي.

مثال طور؛ جيڪڏهن انسانڪنهن جي مدد ڪئي ته ان ۾ حقيقي عاعل الله تعالى آهي ۽ قريبي فاعل انسان آهي.

سموري جهان ۾ حقيقي عاعل صرف الله تعالى ئي آهي. جيڪو پنهنجي وجود ۽ قدرت سان فعل انجام ڏئي ٿو، باقي سڀ الله جي ڏنل وجود ۽ طاقت سان عمل ڪن ٿا. انڪري توحيد افعاليءَ جي وصف هن طرح پڻ ڪري سگھجي ٿي.

“پنهنجي قوت سان فعل انجام ڏيندڙ صرف الله تعالى آهي.”

الله تعالى جي سڀني فعلن کي وري ٻن قسمن ۾ ورهائي سگھجي ٿو.

(الف)؛ خالقيت؛ يعني نه هجڻ واري حالت مان، هجڻ واري حالت ۾ آڻڻ.

(ب)؛ ربويت؛ يعني جيڪا شيءِ وجود رکي ٿي ان جي وجود کي باقي رکڻ ۽ پالڻ، هن صفت ۾ الله تعالى جون باقي سڀ صفتون مثلا؛ رحمان، رحيم، رزاق، ستار وغيره اچي ٿيون وڃن.

           توحيد افعاليءَ مطابق هن سموري جھان ۾ حقيقي خالق ۽ حقيقي رب (پنهنجي قوت سان پيدا ڪندڙ ۽ پنهنجي قوت سان پاليندڙ) صرف الله تعالى آهي.

توحيد ربوبيت جا قسم؛

توحيد ربوبيت ٻن قسمن ۾ ورهائجي ٿي؛

(1) ربوبيت تڪويني:

وصف:

“هن سموري ڪائنات جي وجود ۽ صلاحيتن جو پالڻهار صرف هڪ الله آهي.”

دليل:

(1) جيئن ته الله تعالى کانسواءِ هر شيءِ سندس مخلوق آهي يعني انجو وجود ۽ قوتون هر وقت الله وٽان ملنديون رهن ٿيون، انڪري ڪائنات ۾ ڪوبه موجود پنهنجو وجود ۽ قوت رکي ئي نٿو جو ان سان ڪنهن کي پالي.

(2) هن ڪائنات جي موجودات ۾ اعلى درجي جي هم آهنگي ۽ تنظيم، توحيد خالقيت ۽ ربوبيت تي بهترين دليل آهي. مثال طور؛ زمين تي موجود آڪسيجن کي، ساه کڻڻ ذريعي انسان جذب ڪري ٿو ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ٻاهر ڪڍي ٿو. ان جي ابتڙ ٻوٽا ۽ وڻ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي غذا طور استعمال ڪن ٿا ۽ آڪسيجن خارج ڪن ٿا. اهڙي طرح زمين تي موجود آڪسيجن جو مقدار قائم رهي ٿو، ٻين لفظن ۾ انسانن ۽ ٻوٽن جي زندگيءِ ۾ هم آهنگي آهي. جيڪڏهن هن ڪائنات جو خلقڻهار ۽ پالڻهار، هڪ نه هجي ها ته،ڪائنات ۾ اهو نظم ۽ هم آهنگي نه هجي ها.

مثال طور؛ جيڪڏهن ٽن مصورن کي چيو وڃي ته گڏجي هڪ پکي جي تصوير ٺاهيو، هڪ منڍي ٺاهي، ٻيو ڍڍر ۽ ٽيون پڇ. هاڻي جيڪڏهن انهن ٽنهي جي ٺاهيل حصن کي پاڻ ۾ جوڙيو ۽ پکي ٺاهيو ته توهان ڏسندا ته اها تصور بلڪل بي ڊولي هوندي، سر وڏو هوندس ته پير ننڍا، انڪري ڪائنات جو هي هم آهنگ ۽ منظم نظام ٻڌائي ٿو ته ان جو خالق ۽ هلائڻ وارو هڪ ئي آهي.

(2) ربوبيت تشريعي:

وصف:

          “هن سموري ڪائنات جو حاڪم ۽ قانون ساز صرف هڪ الله آهي.”

دليل؛   جيئن ته ڪنهن به شيءِ لاءِ حڪم ۽ قانون اهو ئي ڏيئي ٿو سگھي جيڪو مالڪ هجي. جيئن ته انسان سميت هن ڪائنات جو حقيقي مالڪ صرف الله تعالى ئي آهي انڪري انجو حاڪم ۽ قانون ساز به صرف اهو ئي ٿي سگهي ٿو.

(4)  توحيد الوهيت.

وصف؛

توحيد الوهيت مان مراد هيءِ آهي ته؛

“الله تعالى کانسواءِ ڪو به عبادت جي لائق ناهي.”

دليل؛   عبادت جو اڪثر حصو جيئن ته تعريف، ثنا ۽ واکاڻ تي مشتمل هوندو ۽ هر طرح سان ڪامل، هر نقص ۽ عيب کان پاڪ، پنهنجي ذات ۽ صفات ۾ لا محدود صرف الله تعالى ئي آهي، انڪري عبادت جي لائق به صرف اهو آهي. 

درس 2

ب. عمل ۾ توحيد.

          “فڪر ۾ توحيد جي عملي مظاهري کي عمل ۾ توحيد چيو ٿو وڃي.”

انسان جا سڀئي اختياري عمل سندس سوچن ۽ نظرين مان ئي ڦٽن ٿا. جيڪڏهن انسان جي سوچ توحيدي بڻجندي ته لازمي طور ان مان ڦٽندڙ عمل پڻ توحيدي بڻجي ويندا. توحيدي سوچ، جن توحيدي عملن کي پيدا ڪري ٿي، انهن جو نالو “توحيد عملي” آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته توحيد عملي توحيد فڪري کان جدا ڪا شيءِ ناهي بلڪ توحيد فڪريءِ جو عملي مظاهرو آهي.

انسان جا عمل ٻن قسمن جا آهن؛

1) جسماني عمل؛ مثال طور؛ عبادت ۽ اطاعت وغيره.

2) روحاني عمل ؛ مثال طور؛ محبت، نفرت ۽ توڪل وغيره.

عملي توحيد جو دائرو ايترو ته وسيع آهي جو انسان جا سڀئي جسماني ۽ روحاني عمل ان ۾ شامل ٿي وڃن ٿا. هتي اسان ڪجھ عملن جو ذڪر ڪنداسين.

(1) توحيد عبادت

وصف؛

توحيد عبادت مان مراد هيِءَ آهي ته؛

          “عملي طور عبادت صرف الله تعالى جي ڪجي.”

دليل؛

توحيد عبادت، حقيقت ۾ توحيد الوهيت جو عملي مظاهرو آهي. جيئن ته عبادت جي لائق صرف الله تبارڪ وتعالى آهي. انڪري عملي ميدان ۾ به صرف سندس ئي عبادت ٿيڻ گھرجي.

(2) توحيد اطاعت.

وصف؛

توحيد اطاعت مان مراد هيِءَ آهي ته؛

“عملي طور، ذاتي اطاعت صرف الله تعالى جي ڪجي.”

دليل؛ توحيد اطاعت، حقيقت ۾ توحيد افعال جو عملي مظاهرو آهي. جيئن ته سموري ڪائنات جو خالق،مالڪ ۽ رب (پالڻهار) صرف الله تعالى آهي ۽ ڪنهن به شيءِ تي حڪم مالڪ جو ئي هلڻ گهرجي. انڪري عملي ميدان ۾ حڪم صرف الله تعالى جو ئي هلڻ گهرجي.

          ها! البت جنهن جي اطاعت جو حڪم الله تعالى ڏنو آهي ۽ جيترو ڏنو آهي، ان جي اطاعت، ان نيت سان، انهن حدن اندر ڪرڻ، حقيقت ۾ الله تعالى جي ئي اطاعت آهي.

(3) توحيد استعانت.

وصف؛

توحيد استعانت مان مراد هيِءَ آهي ته؛

          “حقيقي مدد ۽ نصرت صرف الله تعالى کان گھرجي.”

دليل؛ توحيد استعانت (مدد گھرڻ) به حقيقت ۾ توحيد افعال جو ئي عملي مظاهرو آهي. جيئن ته سموري مخلوق ۾ مدد سميت جيڪي به صلاحيتون آهن اهي الله تعالى جون ئي آهن، انڪري حقيقي (پنهنجي قوت سان مددگار پڻ صرف الله تعالى ئي آهي.

          ها! البت جنهن کي الله تعالى پنهنجي فيض پهچائڻ جو ذريعو ۽ وسيلو بڻايو آهي ان کان ان ئي حيثيت سان مدد گھرڻ، الله تعالى کان مدد گھرڻ آهي.

(4) توحيد محبت.

وصف؛

توحيد محبت مان مراد هيِءَ آهي ته؛

          “ذاتي محبت صرف الله تعالى سان ئي ڪجي.”

دليل؛ توحيد محبت، حقيقت ۾ توحيد ذات ۽ افعال جو روحاني مظاهرو آهي. انسان جي دل ان سان محبت ڪري ٿي.

v     جنهن وٽ ڪمال هجي.

v     جنهن احسان ڪيو هجي.

v     جنهن جي ساڻس محبت هجي.

جيئن ته سمورو ڪمال الله تعالى وٽ آهي، ان ڪري ڪو به نقص ۽ عيب ناهي ۽ سموري ڪائنات ۾ حسن ۽ ڪمال الله تعالى جو ئي آهي. انسان مٿان سڀ احسان خدا جا ئي آهن، ان سان گڏوگڏ الله انسان سان بي انتها محبت ڪري ٿو. انڪري انسان جي محبت جو مرڪز صرف الله تعالى ئي هجڻ گھرجي.

          ها! البت جنهن سان الله تعالى محبت جو حڪم ڏنو آهي، ان سان ان حيثيت سان محبت ڪرڻ حقيقت ۾ خود الله سان محبت ڪرڻ آهي.

(5) توحيد توڪل.

وصف؛

توحيد توڪل مان مراد هيءَ آهي ته؛

          “حقيقي توڪل صرف الله تعالى تي ڪجي.”

دليل؛ توحيد توڪل (ڀروسو) حقيقت ۾ توحيد افعال جو روحاني مظاهرو آهي، جيئن ته هر فعل جو حقيقي فاعل ۽ هر شيءِ جو حقيقي مالڪ صرف لله تعالى ئي آهي ۽ اهو مٿس نهايت رحم ۽ ڪرم ڪرڻ وارو آهي، انڪري هر ڪم ۾ توڪل ۽ اعتماد به ان تي ئي ڪرڻ گھرجي.

          ها! البت جنهن شيءِ ۾ الله تعالى جيڪو اثر رکيو آهي، انجي اثر تي ان حيثيت سان اعتماد رکڻ حقيقت ۾ الله تعالى تي ئي اعتماد رکڻ آهي.

free spy apps for android phones top free spy apps best android spy app
women who cheat women who like to cheat how many people cheat

ڀلي ڪري آيا


اسان جا سوشل ميڊيا جا صفحه پسند ڪريو.
رابطو ڪريو

© سڀ حق ۽ واسطا صراط المستقيم وٽ محفوظ آهن