روزانه حديث:
حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام فرمايو حيا، ايمان جو حصو آهي ۽ ايمان (جو مقام) بهشت آهي، بي حيائي ظلم و جفا (جو مقام) جهنم آهي. (ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 4562 )
نيوز ليٽر
اسان جو نيوز ليٽر حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اي ميل ايڊريس ڏيو.
اسلامي فلم سيڪشن

حضرت امام مهدي عليه السلام


ذاتي ڪوائف

 

نالو:                    رسولِ خدا جا نالي ڀائي

لقب:                  مهدي، مَوعود، امام عَصر، صاحبُ الزمان

                        بقية الله، قائم............ اَروَاحُناَ لَہُ الفِدَا

والد:                   امام حسن عسڪري3

والده:                  جناب نرجس خاتون

ولادت جي تاريخ:   15 شعبان المعظم سن 255 يا 256 هه

هنڌ:                   سامرا ــ عراق

غيبت صغريٰ:      260 هه کان شروع ٿي ۽ 269 هه                               

                       ائين (لڳ ڀڳ 80 سال رهي)

غيبت ڪبريٰ:             229 هه کان شروع ٿي ۽ جيسيتائين خدا

                       چاهيندو باقي رهندي.

ظهور جو زمانو:  سندن ظهور به خدا جي مشيعت تي ٻڌل  

                       آهي.ظهور کان پوءِ سندن حڪومت هوندي.

 

قائم آل محمد مهدي

اَرۡوَاحُ الۡعَالَمِينَ لِتُرَابِ مَقدَمِہ الۡفداء

ولادت

شيعن جو ٻارهون امام ۽ پيغمبر اسلام جو آخري وصي، جمعي ڏينهن صبح صادق مهل ۱۵ شعبان ۲۵۵ هه يا ۲۵۶ هه ڌاري سامرا ۾ ڄايا. (1) آئمہ جن پنهنجن شيعن کي سندن نالي وٺڻ کان جهليو هو. ايترو چيائون ته پاڻ پيغمبر جن جا هم نام آهن. سندن  ڪنيت ساڳي پيغمبر جي ئي ڪنيت آهي. (2) سندن نهايت مشهور لقب مهدي، قائم، حجة ۽ بقية الله آهن. سندن  والد بزرگوار يارهون امام حضرت امام حسن عسڪري3 ۽ امڙ نرجس (3) بنت ”يوشعا“ آهن. بيبي صاحبه جن قيصر روم جي پٽ ۽ جناب عيسيٰ جي هڪ حواري ”شمعون“ جي نسل مان هيون. هن عظيم المرتبت خاتون جي عظمت لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي ته امام حسن عسڪري3 جي پڦي ”جناب حڪيمہ“ جيڪا خاندان امامت جي هڪ بزرگ خاتون آهي، تنهن کين پاڻ ۽ پنهنجي گهراڻي جي سردار جوخطاب ڏنو آهي ۽ پاڻ کي جناب نرجس جي نوڪرياڻي سمجهنديون هيون. (4) جڏهن بيبي نرجس جن روم ۾ هيون ته هڪڙي ڏينهن خواب ۾ ڏٺائون ته پيغمبر جن آيا ۽ امام حسن عسڪري3 جن سان سندن عقد ڪري ڇڏيو. پاڻ خواب ۾ سائڻ فاطمہ/ جن جي دعوت تي مسلمان ٿيون.  پر پاڻ پنهنجن مٽن کان پنهنجو اسلام ڳجھو رکيائون. نيٺ کين خواب ۾ حڪم مليو ته ٻانهين ۽ قيصر جي خدمتگارن جي وچ ۾ لڪي ڪري ان لشڪر سان گڏ جيڪو مسلمان  سان جنگ لاءِ سرحد جي طرف وڃي رهيو آهي. ان سان هلي پئو. بيبي صاحبه جن ائين ئي ڪيو۽ سرحد تي ڪجهه ٻين ماڻهن سان گڏ اسلامي لشڪر جي قيد ۾ اچي ويون ۽ کين بغداد آندو ويو. هي واقعو لڳ ڀڳ ۲۴۸ هه ڌاري پيش آيو. جيڪو پڻ امام علي نقي3جو سامرا ۾ قيام جو تيرهون سال هيو ۽ ان وقت امام حسن عسڪري3 جي عمر سورهن سال هئي. امام علي نقي3 جي قاصد هڪ خط بغداد ۾ بيبي نرجس کي ڏنو. جيڪو رومي زبان ۾ لکيل هو ۽ قاصد برده فروشن کان بيبي صاحبہ جن کي خريد ڪري سامرا وٺي آيو. جيڪو ڪجهه جناب نرجس خاتون جن خواب ۾ ڏٺو هو امام علي نقي3 جن ائين ئي بيان ڪيو ۽ بشارت ڏنائون ته هوءَ يارهين امام جي گهرواري ۽ اهڙي فرزند جي ماءُ بڻجندي جيڪو سڄي دنيا کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي زمين کي عدل ۽ انصاف سان ڀري ڇڏيندو. ان کان پوءِ پاڻ جن جناب نرجس کي پنهنجي ڀيڻ بيبي حڪيمہ جي حوالي ڪيو ته جيئن کين اسلامي احڪام سيکارن، ٿورن ڏينهن کان پوءِ جنابِ نرجس امام حسن عسڪري3 جي زوجيت ۾ آيون. (5)

”حڪيمہ“ جڏهن به امام حسن عسڪري3 وٽ اينديون هيون دعا ڪنديون هيون ته ڌڻي کين پٽ عطا ڪري. بيبي صاحبه جن نقل ڪن ٿيون ته هڪ ڏينهن مان روز جي معمول مطابق امام جي زيارت لاءِ ويم ۽ ساڳي ئي دعا ڪيم. امام جن فرمايو، جيڪو پٽ توهان منهنجي لاءِ خدا کان گهري رهيون آهيو سو اڄوڪي رات ڄمڻ وارو آهي.  مون عرض ڪيو سردار اهو ٻار ڪنهن مان ڄمندو؟ پاڻ فرمايائون ته ”نرجس“ مان. آءٌ اٿيس ۽ نرجس کي جستجوءَ جي نگاهه سان ڏٺم.  حمل جي ڪا به علامت ڏسڻ ۾ نه پئي آئي امام مرڪيو، چيائون اَسر جي اڇاڻ مهل توهان تي علامت ظاهر ٿي ويندي. ان ڪري جو موسيٰ جي ماءُ وانگر جنهن جو حمل ظاهر نه ٿيو هو ۽ ولادت جي وقت تائين ڪنهن کي به ان بيبيءَ جي حمل جي سُڌ ڪا نه هئي ان ڪري جو فرعون، موسيٰ جي ڳولا ۾ ضاعفن جا پيٽ چيرائي ڇڏيندو هو ۽ هي مولود جيڪو اڄ رات ڄمندو موسيٰ جيان آهي. جناب حڪيمہ جن نقل ڪن ٿيون ته مان سحر جي اڇاڻ تائين بيبي نرجس جي نگراني ڪندي رهيس. جڏهن ته بيبي نرجس نهايت آرام  سان منهنجي ڀر ۾ ستيون پيون هيون. ايسيتائين جو بيبي فجر جو ڇرڪ ڀري اٿيون مون کين پنهنجي هنج ۾ سمهاريو ۽ خدا جو پاڪ اسم پڙهي مٿن شوڪاريومانِ. امام جن ڀر واري ڪمري مان آواز ڏنو ته مٿن ”سوره اناانزلناه“ دم ڪيو. مون ”سوره انا انزلناه“ پڙهڻ کان پوءِ نرجس جي حالت کي ڏسڻ لڳيس. پاڻ فرمايائون ته

جيڪا توهان جي سردار خبر ڏني هئي، سا ظاهر ٿي وئي. مون سوره قدر جي تلاوت پئي ڪئي،  ته هوڏانهن ٻار به ماءُ جي پيٽ ۾ ساڳي سورة  مون سان گڏ تلاوت ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ مون سان گڏ پڙهندو پئي هليو ۽ مون کي سلام ڪيائين جنهن تي مان ڏڪي ويس. امام حسن عسڪري3 مون کي سڏ ڪيو ته خدا جي حڪم ۾ عجب نه کائو خداوند عالم اسان کي ننڍپڻ ۾ حڪمت سان ڳالهائڻ جي قوت عطا ڪندو آهي ۽ وڏي ٿيڻ کان پوءِ زمين تي حجت قرار ڏيندو آهي. اڃا امام جي ڳالهه پوري ئي نه ٿي هئي ته يڪايڪ نرجس جن غائب ٿي ويون ائين جيئن سندن ۽ منهنجي آڏو  پردو اچي ويو هجي. مان آواز  ڏيندي امام ڏانهن ويم. امام جن فرمايو پُڦي توهان اتي ئي وڃو. نرجس کي ان ئي جاءِ تي ڏسندؤ  مان اتي موٽيس ئي مس ته منهنجي ۽ نرجس جي آڏو آيل پردو گُم ٿي ويو ۽ مان نرجس کي اهڙي طرح نور ۾ غرق ڏٺو جو منهنجين اکين ۾ نرجس کي ڏسڻ جو تابُ نه رهيو. انهيءَ حالت ۾ مون هڪ ٻار کي ڏٺو جنهن جو سر سجدي ۾ هو ۽ پنهنجي آڱر مٿي ڪري  چئي رهيو هو:

”اَشهَدُ اَن لاَ اِلٰہَ اِلاَللهُ وَحدَهُ لاَشرِيکَ لَہُ وَاَنَ جَدِي مُحَمَداً رَسُولُ اللهِ وَاَنَ اَبِي اَمِيرُ المُومنِيِن“

ان کان پوءِ هڪ هڪ امام  جي امامت جي گواهي ڏنائين ۽ فرمايائين: پالڻهار! منهنجي واعدي کي پورو ڪر ۽ منهنجي ڪم کي توڙ رساءِ، منهنجن قدمن کي ثابت رک ۽ استواري عطا ڪر ۽ منهنجي ذريعي ڌرتيءَ کي عدل ۽ انصاف سان ڀري ڇڏ.[1]

ڳجهي ولادت

امام حسن عسڪري3 جي دور امامت ۾ عباسي حاڪمن کي ڦڦڙي متل هئي اها ڦڦڙي گهڻائي ۾ وارد ٿيل حديثن جي آڌار تي هئي. جيڪي پيغمبر ۽ آئمہ کان بيان ڪيل هيون. انهن ۾ ذڪر اچي چڪو هو ته امام حسن عسڪري3 کي پٽ ڄمندو جيڪو (غير الاهي) حڪمتن جي بنياد کي ڊاهيندو ۽ تاج ۽ تخت کي اونڌو ڪندو. هو دنيا کي عدل ۽ انصاف سان ڀري ڇڏيندو. (6) ان ڪري ئي امام حسن عسڪري3 جن کي ڏاڍي ڳڻتي ۽ اونو هو هوڏانهن خلافت جي مشنري اها ڪوشش ڪري رهي هئي ته هن نئين ايندڙ ٻار جي پيدائش کي روڪي ڇڏي. (7) اهوئي سبب هو جوحضرت مهدي عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي حمل ۽ ولادت جي وقت کي ماڻهن کان ڳجهو رکيو ويو ۽ خدا سندن حمل کي جناب موسيٰ3 جيان مخفي رکيو. ولادت کان پوءِ سواءِ خاص اصحابن ۽ دوستن جي ڪنهن به مهدي عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف کي نه ڏٺو ۽ اهو به هڪ هڪ ٿي ڪري نه ميڙ جي صورت ۾.

خاص ماڻهن لاءِ اعلان

امام حسن عسڪريءَ3 جي روش اها هئي ته پنهنجي پٽ کي عام ماڻهن جي نگاهه کان لڪائي رکڻ جي باوجود مناسب موقعي مهل سان ڀروسي جوڳن ماڻهن کي حضرت مهديءَ عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي وجود کان آگاهه ڪندا رهندا هئا ۽ کين ماڻهن آڏو آڻي فيض پهچائيندا هئا. ته جيئن اهي خاص ماڻهو امام مهديءَ عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي پيدائش ۽ وجود جو يقين حاصل ڪري مشاهدو ماڻين ۽ مهل سِر ٻين شيعن کي به ٻڌائن ته جيئن کانئن (امام حسن عسڪري3) پوءِ ماڻهو گمراهيءَ ۾ نه پئجي وڃن.ان ئي سبب ڪري امام مهدي عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي ولادت کان وٺي امام حسن عسڪري3 جي شهادت تائين 5 کان 6 سالن جي عرصي دوران امام حسن عسڪريءَ3 جي تمام ويجهن ماڻهن، شاگردن ۽ خاص اصحابن امام مهديءَ عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي زيارت ڪئي. نموني طور چند واقعن ڏانهن اشارو ڪريون ٿا:

2 ــ معاويہ ابن حڪيم محمد ابن  ايوب بن نوح ۽ محمد بن عثمان  عمري جن نقل ڪيو آهي ته شيعن مان اسان چاليهه ڄڻا امام حسن عسڪري3 جي خدمت ۾ حاضر ٿياسين، امام جن پنهنجي ٻچڙي کي کڻي اچي اسان کي ڏيکاريو ۽ فرمايائون: مون کان پوءِ هي اوهان جو امام ۽ جانشين آهي. ان جي پيروي ڪجو ۽ ان کان پري نه وڃجو نه ته تباهه ٿي ويندؤ ۽ توهان جو دين ناس ٿي ويندو ۽ هيءَ به ڄاڻي وٺو ته اڄ کان پوءِ توهان هن کي نه ڏسندؤ(8)

 3 ــ احمد بن اسحاق قمي نقل ڪري ٿو ته جڏهن حضرت مهدي عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جن ڄايا ته منهنجي ڏاڏي ”احمد بن اسحاق“ وٽ هڪ خط اسان جي آقا امام حسن عسڪري3 جي پاران پهتو جنهن کي امام جن پنهنجي مبارڪ هٿن سان لکيو هو. هن خط ۾ لکيل هو ته، اسان وٽ هڪ ٻار ڄائو آهي. ضروري آهي ته تون ان جي ڄمڻ جي خبر کي لڪاءِ، اسان پنهنجي ويجهن مٽن کي مٽيءَ ۽ دوستن کي دوستي جي بنياد تي آگاهه نه ٿا ڪيون. هونئن به اسان ڪنهن سان  به هيءَ ڳالهه ناهي کولي. اسان ان ڳالهه کي پسند ڪيو ته هن مولود جي ولادت جي خبر توکي ڏيون ته جيئن ڌڻي هن جي سببان توکي خوش ڪري جيئن الله تعاليٰ اسان کي خوش ڪيو آهي. (9)

حجة خِدا جو مُبارڪ حليُو ۽ خصوصيت

پيغمبراڪرم ۽ آئمہ معصومين کان جيڪي ڪثرت سان روايتون نقل ٿيون آهن انهن جي بنياد تي مؤرخن ۽ محدثن امام عصر جي مُهاڊن ۽ خصوصيتن کي پنهنجن ڪتابن ۾ بيان ڪيو آهي. هتڙي انهن مان ڪجهه ڳالهين ڏي اشارو ڪيو وڃي ٿو. (10) جوان، ڪڻڪائو رنگ، گهاٽيون ۽ سهڻيون اکيون، ويڪرا ڪُلها، سفيد چمڪندڙ  ۽ ويڪرا ڏند مبارڪ، سنهون ۽ خوبصورت نڪ، بلند ۽ روشن پيشاني، رات جي اوجاڳي ڪري مٿي جا وار ڪُلهن تي وکريل (11) گهٽ گوشت وارا ڳل هيڊاڻ مائل، سڄي ڳٽي تي تر ۽ ڪُلهن جي وچ ۾ نبوت جهڙي نشاني هي هُئا امام زمانه عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي مبارڪ شبيه جا نقش، سندن خصوصيتون هي آهن: پاڻ پاڪ پيغمبر ۽ جناب فاطمہ زهرا/ جي اولاد مان آهن. امام حسين3 جي نسل منجهان نائين نمبر تي، اڳواڻ، خاتم الاوصياء، آخري نجات ڏياريندڙ ۽ عالمي قائد آهن ۽ سڄي دنيا جيڪا ظلم ۽ ڏاڍ سان ٽٻ هوندي تنهن کي عدل ۽ انصاف سان ڀري ڇڏيندا.

امام حسن عسڪري3 جي شهادت

امام زمانه اَرۡوَاحُ الۡعَالَمِينَ لِتُرَابِ مَقدَمِہ الۡفداء جن پنهنجي والد جي شهادت کان پوءِ ۲۶۰ هه  ۾ امامت جي ذميواري سنڀالي، امام حسن عسڪري3جي بيماري جي زماني ۾ سندن پٽ جي ڳولها جي ڪوشش مان جڏهن ڪجهه ڪونه وريو ته سندن  شهادت کان پوءِ معتمد ”ابوعيسيٰ متوڪل“ کي مقرر ڪيو ته هو امام حسن عسڪري3 جي جنازي تي نماز پڙهي هن به بني هاشم ۽ باقي رهيل ماڻهن کي امام جو منهن مبارڪ ڏيکاريو ته جيئن ماڻهن جي سامهون ظاهر ڪري ته امام پنهنجي طبعي موت سان دنيا مان موڪلايو آهي. پوءِ هن امام جي جنازي تي نماز پڙهي ۽ حڪم ڏنائين ته جنازو کنيو وڃي. (12) البته ان کان اڳ ۾ امام جي گهر ۾ بغير ڪنهن ظاهري ڏيکاءَ جي هڪ ٻي نماز ڪجهه خاص ماڻهن جي شرڪت ۾ پڙهي ويئي هئي ۽ ان جو واقعو هن ريت آهي ته جعفر ابن علي جو ان زماني ۾ سياست جي ميدان ۾ ظاهر نه ٿيو هو ۽ اڃا تائين اندر لڪايون ويٺو هو رڳو اهو ڏسي ڪري ته ظاهر ۾ امام حسن عسڪري3 جو ڪو شرعي وارث ناهي. ان موقعي کان فائدو وٺندي پاڻ کي امام جي شهادت کان پوءِ وارث ۽ جانشين جي عنوان سان ظاهر ڪرڻ لاءِ امام  جي سلسلي ۾ ماڻهن سان تعزيت ۽ پنهنجي امامت جي مبارڪباد قبول ڪرڻ لاءِ گهر جي دروازي تي بيهي رهيو. نماز لاءِ جنازو تيار ٿيندي ئي جعفر اڳتي وڌيو ته جيئن پنهنجي ڀاءُ جي جنازي نماز پڙهائي ۽ ان اتي جيڪا نئين حيثيت ظاهر ڪئي هئي نماز پڙهائڻ سان وڌيڪ پختي ٿي وڃي. (13) اُمالڪ هڪ ٻار ڪڻڪ رنگو، وار پريشان، ڪشاده ڏندن مبارڪن وارو ظاهر ٿيو ۽ هن جعفر جي عبا کي ڇڪي چيو چاچا سائين! توهان پوئتي ٿي بيهو، آءٌ پنهنجي پيءُ تي نماز پڙهڻ لاءِ وڌيڪ حقدار آهيان. (14) جعفر ڪڇيو پڇيو ئي نه ۽ هٽي بيٺو سندس منهن جو پنو ئي ڇڏائجي ويو. امام جن اڳيان بيٺا ۽ پاڻ پنهنجي بابي سائين جي جنازي نماز پڙهايائون. (15) اهڙي ريت پاڻ پنهنجي چاچي کي خوار ڪري هن جي سِٽيل سٽ کي باطل ڪري ڇڏيو. پاڻ پنهنجي پيءُ جي مقام امامت ۽ جانشيني لاءِ پنهنجي وراثت ۽ لياقت کي حاضرين جي سامهون ثابت ڪيائون. زماني جو امام پنهنجي والد جي جنازي تي نماز پڙهڻ ۽ پنهنجي حق کي واضح ڪرڻ کان پوءِ ماڻهن جي نظرن کان غائب ٿي ويو.

غيبت جو مسئلو

بني عباس جي خلافت جي مشنري جو جڏهن ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ويو ته حڪومت جي جملي ڪوششن ۽ پابندين هوندي به وارث امام پيدا ٿي ويو ته هن حڪومت جو حضرت کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پورو زور لڳندو رهيو. انهيءَ غرض سان حڪومت جي ڀاڙيتن امام حسن عسڪري3 جي گهر تي حملو ڪيو پرامام کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا. (16) اهي ڪوششون ٻڌائن پيون ته ٻارهين امام جي جان کي جيڪي خطرا هئا سي واقعي هئا. ڇو ته ضروري هو ته زمين تي امامت ۽ خدا جي حجت جي باقي سلسلي جي نگراني لاءِ ڪو جوڳو اُپاءُ ورتو وڃي. امام عصر جي غيبت جي مسئلي ۽ ان جي سببن جي باري ۾ ڪيئي ڳالهيون آهن. انهن مان جيڪو مڃيل آهي اُهو هي آهي ته سندن غيبت حڪمت ۽ الاهي مشيعت جي بنياد تي آهي ۽ اسان انهن حڪمن جي هڙني اسرارن کان واقف ناهيون. پر ٿي سگهي ٿو ته ظاهري ۽ محسوس ٿيندڙ سببن مان هيٺيون هڪ نقطو ته هڪ طرف بني عباس جي حڪومت جي مشنري جا امام مهدي عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي ڳولها ۽ جاچ جوچ ڪرڻ ۽ گهر تي حملو ڪرڻ ۾ رڌل هئي ۽ ٻئي پاسي زماني ۾ ماڻهن جو امامت کان پوءِ منهن  موڙڻ ۽ حمايت کان پاسو ڪرڻ غيبت لاءِ زمين هموار ڪري ڇڏي هئي، جيڪڏهن ماڻهو الاهي عدل واري حڪومت کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار هجن ها ۽ پنهنجن رهبرن ۽ امامن جي حمايت ڪن ٿا ته ڪهڙو عجب جو امام عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف غيبت جي پردي ۾ نه وڃن ها ۽ الاهي قانون کي جاري ڪرڻ ۾ مشغول ٿي وڃن ها. جيئن ته غيبت جي زماني ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي تيار ڪري وٺندا ته پوءِ امام عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف انهن جي سامهون ظاهر ٿيندو. (17)

اِنَ اللهَ لاَ يُغَيِرُ مَابِقَومِ حَتيٰ يُغَيِرُوا مَا بِاَنفُسِهِم. (18)

مرحوم خواجه نصير الدين طوسي پنهنجي ڪتاب ۾ جيڪو امامت جي متعلق لکيو اٿن تحرير فرمائن ٿا ته: امام جي غيبت جي سبب لاءِ اهو صحيح ناهي ته الله جي طرفان يا خود امام جي طرفان هجي. جيئن اسان سمجهون ٿا. پر سبب امت جي طرفان آهي ۽ اهو سبب خوف جو غالب هجڻ ۽ امن جو نه هجڻ آهي. ظهور تڏهن ٿيندو جڏهن اهو سبب ختم ٿيندو۔[3]

غيبت صغريٰ

ٻارهين امام اَرۡوَاحُ الۡعَالَمِينَ لِتُرَابِ مَقدَمِہ الۡفداء جي غيبت جا ٻه حصا آهن، هڪ گهٽ مُدي واري غيبت ”صغريٰ“ ۽ ٻي ڊگهي عرصي واري (غيبت ڪُبريٰ) صغريٰ زماني جي اعتبار کان ڪٿيل هئي ۽ ماڻهن  سان رابطي جي لحاظ کان به گهٽ هئي. زماني جي حساب سان ستر سالن کان مٿي نه هئي.

يارهين امام جي شهادت کان پوءِ ۲۶۰ هه کان ۳۲۹ هه جو زمانو آهي. (19) غيبت صغريٰ جي زماني ۾ ماڻهن  سان امام جو رابطو تمام محدود رهيو. رابطي جي لحاظ کان صفا ڪٽجي به نه ويا هئا. ڪجهه ماڻهو هئا جن جو امام سان رابطو هو ۽ اهي امام جا  ”خاص نائب“ ڪري ڄاتا ويندا هئا. شيعا انهن ”نوابن“ ذريعي پنهنجا مسئلا ۽ مشڪلاتون امام تائين پهچائيندا هئا. انهن جي ذريعي جواب حاصل ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن کين امام جي زيارت به نصيب ٿيندي هئي.

غيبت ڪُبريٰ

غيبت صغريٰ جو زمانو لنگهي ويو پوءِ غيبت ڪُبريٰ شروع ٿي جيڪا اڃا تائين هلي پئي. هيءَ غيبت دنيا ۾ انسانن جي امتحان جو ذريعو ۽ ايمان ۽ عمل کي تورڻ لاءِ ”تارازي“ ليکي وئي. غيبت جي ٻنهي زمانن جي باري ۾ هيءُ چئي سگهجي ٿو ته غيبت ڪُبريٰ جو زمانو  اچانڪ اچي وڃي ها ته ٿي سگهيو پئي ته فڪر افڪار جي ٿڙڻ جو سبب بڻجي ها ۽ ذهن هن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿين ها. ليڪن نوابن ذريعي شيعن جو امام سان رابطو ۽ انهن مان ڪن جي ”غيبت صغريٰ“ جي زماني ۾ امام عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي بارگاهه ۾ شرفيابي امام عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي ولادت ۽ زندگي جي مسئلي کي وڌيڪ پختو ۽ فڪرن کي غيبت ڪُبريٰ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيو. (20)

غيبت صغريٰ ۾ امام جا معجزا

غيبت صغريٰ جي زماني ۾ امام اَرۡوَاحُ الۡعَالَمِينَ لِتُرَابِ مَقدَمِہ الۡفداء جي طرف کان سندن خاص نائبن جي ذريعي تمام گهڻيون ڪرامتون ۽ معجزا ظاهر ٿيا. جيڪي سندن شيعن ۽ پيروڪارن جي ايمان جي استحڪام جو سبب بڻيا ۽ اهي معجزا ايتري ڪثرت سان آهن جو شيخ طوسي چواڻي ڳاٽاڻي کان ٻاهر آهن. (21) نموني طور ڪجهه معجزا هت ڏجن ٿا.

1 ــ عيسيٰ ابن نصر نقل ڪري ٿو ته 480 درهم مالِ امام مون وٽ هو. مون پنهنجي ڏوڪڙن مان ويهه درهم گَڏي محمد ابن جعفر (23) هٿان امام جي خدمت ۾ موڪلي ڏنا. پر پنهنجي وڌل ويهن درهمن بابت ڪجهه نه ڄاڻايم، وٽائون  پئسن جي رسيد مون تائين پهتي منجهس لکيل هو پنج سؤ درهم جن ۾ ويهه درهم تنهنجي مال مان مون تائين پهچي ويا آهن. (24)

2 ــ علي ابن محمد سمري نقل ڪري ٿو ته امام عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف پاران هڪ فرمان پهتو، جنهن ۾ امام عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جن شيعن کي ڪربلا ۽ ڪاظمين ۾ آئمہ جي قبرن جي زيارتن کان جهليو هو. اڃا ڪجهه ڏينهن مَس گذريا هئا ته اُن دور جي عباسي خليفي جي وزير جنهن جو نالو ابوالفتح فضل بن جعفر فرات هو، تنهن پنهنجي هڪ ڀروسي واري عملدار ”باقطاني“ کي گهرائي چيو ته سندس (وزير جي) قبيلي”بني فرات“ وارن ۽ ”برس“ ڳوٺ جي رهواسين سان مل ۽ کين چئه ته هوقريش جي مقبرن مزارن جي زيارت لاءِ نه وڃن ڇا لئه ته خليفي پنهنجن ڪارندن کي حڪم ڏنو آهي ته خبردار رهن ۽ جيڪو به آئمہ6جي زيارت لاءِ وڃي ان کي ٻڌي سُڪَ ڪن(25

امام جا نائب

غيبت صغريٰ هجي يا ڪُبريٰ ڪنهن دور ۾ به امام عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جو ماڻهن سان رابطو بلڪل ختم نه ٿيو هو. پر سفير ۽ ”نائب هئا“ جن  جي ذريعي شيعن سان رابطو برقرار رهيو ۽ آهي. جهڙيءَ ريت امام جي غيبت جا ٻه حصا آهن. اهڙي ريت سندن نيابت جون به ٻه صورتون آهن. غيبت صغريٰ ۾ خاص نيابت ۽ غيبت ڪُبريٰ ۾ عام نيابت. خاص نيابت هيءَ آهي ته امام عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف خاص ماڻهن کي پنهنجو نائب بڻائي ان جو نالو ۽ پار پتا ڏسي ڇڏيا هئائون ۽ عام نيابت هي آهي ته امام هڪ اهڙو ڪُلي ضابطو اسان جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو جو هر زماني ۾ هڪ يا ڪئي ماڻهو جن تي هر رُخ کان اهو ضابطو پورو پورو لڳي اچي نائب امام جي حيثيت سان سڃاتا وڃن ٿا.

الف ــ خاص نائب

امام عصر اَرۡوَاحُ الۡعَالَمِينَ لِتُرَابِ مَقدَمِہ الۡفداء جا خاص نائب چار هئا (26)

1 ــ عثمان بن سعيد

ابو عمرو، عثمان ابن سعيد عمري، حضرت مهدي اَرۡوَاحُ الۡعَالَمِينَ لِتُرَابِ مَقدَمِہ الۡفداء جا پهريان خاص نائب ۽ امام حسن عسڪري3 جي اعتماد جوڳن اصحابن مان هئا ۽ ٻنهي امامن جا وَڪيل پڻ هئا. امام هادي3 توڙي امام حسن عسڪري3 جن کان حق جي توثيق ۽ تمجيد ساراهه ۽ عظمت ٿي چڪي آهي. احمد ابن اسحاق قمي نقل ڪري ٿو ته مون امام هادي3 کي عرض ڪيو ته مان ڪڏهن هتي هوندو آهيان ۽ ڪڏهن ڪٿي ٻاهر هوندو آهيان، ٻيو ته هتي هوندي به سدائين توهان سان نه ملي سگهندو آهيان. ان صورت ۾ مان ڪنهن جي ڳالهه کي مڃان ۽ ڪنهن جي حڪم جي اطاعت ڪريان. پاڻ فرمايائون ”ابو عمرو“ عثمان ابن سعيد اعتماد  وارو ۽ اسان جو امين آهي. هو جو ڪجهه چوندو منهنجي پاران چوندو ۽ جو ڪجهه تو تائين پهچائيندو اهو منهنجي پاران پهچائيندو احمد بن اسحاق فرمائي ٿو ته مان امام هادي3کان پوءِ امام حسن عسڪري3 جن وٽ ويس ۽ مون ساڳي ڳالهه ڪئي جا (ان کان اڳ عرض ڪري چڪو هيس) فرمايائون: ”ابو عمرو“ منهنجو ۽ منهنجي والد لاءِ امين آهي. ۽ منهنجي حياتيءَ ۾ ۽ منهنجي رحلت کان پوءِ ڀروسي جوڳو آهي. هي جو ڪجهه به چوندو منهنجي پاران چوندو ۽ جيڪو پهچائيندو منهنجي پاران پهچائيندو. (27) يارهين امام جي رحلت کان پوءِ ۽ غيبت جي مسئلي پيش اچڻ کان اڳ ۾ ”عثمان بن سعيد“ امام مهدي اَرۡوَاحُ الۡعَالَمِينَ لِتُرَابِ مَقدَمِہ الۡفداء جي طرف کان نيابت جي عهدي تان فائز ٿيو ۽ امام ۽ شيعن جي وچ ۾ رابطو بڻيو. (28)

2 ــ محمد ابن عثمان

260 هه ۾ پنهنجي انتقال کان پهريان عثمان ابن سعيد پنهنجي پٽ

”محمد“ کي امام زمانه عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي حڪم سان پنهنجي جانشين ۽ نائب امام جي حيثيت سان سڃاڻيائين،(29) ابوجعفر محمد ابن عثمان به  پنهنجي والد وانگر امام حسن عسڪري ۽ امام مهدي عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جن لاءِ اطمينان وارا هئا. ”عبدالله ابن جعفر حميري“ نقل ڪري ٿو ته جڏهن عثمان بن سعيد جو انتقال ٿيو ته امام عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جو خط آيو جنهن ۾ ابو جعفر محمد ابن عثمان پنهنجي پيءُ جي جاءِ تي امام عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جا نائب مقرر ڪيا ويا هئا. (30) محمد ابن عثمان پنهنجي وفات کان اڳواٽ ئي پنهنجي موت جي خبر ڏني. (31) ۽ بزرگ شيعن جي هڪ گروهه جي موجودگي ۾ انهن ”حسين ابن روح نوبختي“ جو امام عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف پاران پنهنجي جانشين جي عنوان سان تعارف ڪرايو ۽ چيائين هي منهنجو قائم مقام آهي. توهان هن ڏانهن رجوع ڪيو.(32) محمد ابن عثمان ۲۰۵ هه ۾ رضا ڪئي. (33) سندن نيابت جي مدت 45 سال رهي.

3 ــ حسين ابن روح

امام عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جو ٽيون سفير ابوالقاسم حسين ابن روح نوبختي هو. جيڪو بزرگي ۽ مخصوص عظمت رکندڙ هو ۽ پاڻ عقل، ڏاهپ،تقويٰ ۽ فضيلت ۾ ناليرو هو. هي محمد ابن عثمان جو اعتماد جي لائق ۽ سندس پاران ڪجهه ڪمن جو ذميوار هو. (34) محمد بن عثمان جي لاءِ اطمينان جي قابل شخصن مان هڪ ”جعفر ابن احمد قمي“ هو. جيڪو ٻين کان وڌيڪ ابو جعفر محمد سان گڏ رهيو. ايتري ويجهائپ هيس جو ڪن ماڻهن ڀائنيو ٿي ته محمد ابن عثمان کان پوءِ کيس نائب مقرر ڪيو ويندو (35) جڏهن ”محمد ابن عثمان“ جي وصال جو وقت ويجهو آيو ته سندس سيرانديءَ کان جعفر ابن احمد ۽ پيرانديءَ کان ”حسين ابن روح“ ويٺا هئا. محمد ابن عثمان، جعفر ابن احمد ڏانهن منهن ڪري چيو ته مون کي ان ڳالهه جو حڪم ڏنو ويو ته سڀني ڪمن کي ابوالقاسم حسين ابن روح جي حوالي ڪريان.

”جعفر ابن محمد“ پنهنجي جاءِ تان اٿيو ۽ حسين ابن روح کي هٿ کان وٺي محمد جي مٿن کان ويهاريائون ۽ پاڻ پيرن کان ٿي ويٺو.(36) حسين ابن روح جن لڳ ڀڳ 21 سال نيابت جي ذميداري نڀائي ۽ پنهنجي وفات کان اڳ امام جي حڪم مطابق نيابت جي ڪمن کي ”علي ابن محمد سمري“ جي بِلي ڪيائين ۽ سن۳۲۶ هه ۾ انتقال فرمائي ويا. (37)

4 ــ علي ابن محمد سمري

امام زمانه عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جو چوٿون ۽ آخري سفير ابوالحسن علي ابن محمد سمري اهڙا بزرگ ۽ جليل القدر آهن جو ”تنقيح المقال“ جي مصنف چواڻي تعريف جا محتاج ناهن. (38) هڪ ڏهاڙي بزرگن جي هڪ جماعت سان ڪچهري ڪندي چيائون ته خدا توهان کي علي ابن بابويہ قميءَ جي مصيبت تي اجر عنايت فرمائي. هينئر ئي رضا ڪئي اٿن. 18 ڏينهن کان پوءِ خبر پهتي جنهن مان تصديق ٿي ته انهي وقت علي ابن بابويہ جو انتقال ٿيو هو. (39) علي ابن محمد ۳۰۹ هه ۾ انتقال فرمائي ويو. سندن وفات کان پهريون شيعن جو هڪ گروهه وٽس آيو ان گروهه کانئن جانشين جي باري ۾ پڇيو. پاڻ فرمايائون مون کي ان بابت  ڪا وصيعت نه ڪئي وئي آهي. (40) ان کان پوءِ پاڻ ان توقيع مبارڪ جي باري ۾ ٻڌايو جيڪا امام جي طرف کان صادر ٿي هئي. ان جو مضمون هن ريت هيو.

بسم الله رحمٰن الرحيم، اي علي ابن محمد سمري خدا تنهنجي غم ۾ تنهنجي ڀائرن کي جزاء عظيم عطا ڪري. توهان ڇهن ڏينهن کانپوءِ انتقال ڪري ويندؤ. تنهن ڪري سيگهه ۾ پنهنجا ڪم ڇڏائي وٺو ۽ ڪنهن جي باري ۾ به وصيعت نه ڪجانءِ ته توهان کان پوءِ هو توهان جو جانشين مقررٿئي. هاڻي غيبت ڪُبريٰ جو زمانو اچي ويو آهي ۽ اوسيتائين ظهور نه ٿيندو. جيسيتائين ڌڻي اجازت نه ڏئي.

ڇهين ڏينهن جناب سمري هن دنيا مان موڪلائي ويو. (41)

ب ــ عام نائب

امام عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي آخري سفير ”علي ابن محمد سمري“ جي انتقال کان پوءِ غيبت ڪُبريٰ جو زمانو شروع ٿيو ۽ امام مهدي عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي پاران ڪوئي خاص نائب مقرر نه هو پر سندن ۽ باقي آئمہ جي پاران ضابطن ۽ معيار جو هڪ سلسلو موجود آهي ته جيئن ماڻهو انهيءَ معيار مان ڄاڻ حاصل ڪري هر زماني ۾ ان فرد ڏانهن رجوع ڪري پنهنجن مسئلن جا جواب معلوم ڪن. جيڪي آئمه جي ٻڌايل شرطن تي پورا لهن. ان ڪري جو سندن نظر، مهارت ۽ روايتن جي آڌار تي حجت آهي. مرحوم شيخ طوسي، صدوق ۽ طبري جن اسحاق ابن يعقوب کان نقل ڪيو آهي ته حضرت مهدي عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جن (غيبت جي زماني ۾ شيعن جي فريضن بابت) فرمايو

”اُمَالحوَادِثُ اَلوَاقِعَةُ فَارجِعُوا فِيهَا اِليٰ رُوَاةِ حَدِيثِنَا فَاِنَهُم حُجَتِي عَلَيکُم وَاَنآ حُجَةُ اللهِ عليہ“(42)

اچڻ وارن حادثن ۽ واقعن ۾ اسان جي حديثن بيان ڪرڻ وارن ڏانهن رجوع ڪيو ان ڪري جو اهي توهان جي مٿان حجت آهن ۽ اسان هنن جي مٿان الله جي حجت آهيون. امام حسن عسڪري3، امام جعفر صادق3کان روايت جي ضمن ۾ بيان فرمائن ٿا ته:

 اَمَا مَن کَانَ مِنَ الفُقَهَاءِ صَائِناً لِنَفسِھِ حَافِظاً لِدِينِھ مُخَالِفاً لِهَوَاهُ مُطِيعاً ِلاَمرِمَولاَهُ فَلِلعَوَامِ اَن يُقَلِدُوهُ. (43)

”فقيهن مان جيڪو پنهنجي نفس کي بچائڻ وارو پنهنجي دين جو نگهبان، هوا ۽ هوس جو مخالف ۽ پنهنجي مولا (آئمہ6) جي فرمان جو تعبيدار هجي ته ماڻهن تي لازم آهي ته ان جي تقليد ڪن.“

اهڙي طرح اسلامي معاشري جي رهبري ۽ مسلمانن جي مسئلن جا حل ۽ انهن جا فيصلا ”غيبت ڪُبريٰ جي زماني ۾“ ولي فقيہ جي هٿن ۾ آيا. ولي فقيہ امام جي نيابت ۾ ”ولايت شرعيہ“ جو مالڪ آهي. اسلامي معاشري جي قانوني حيثيت ۽ حڪومت جي قانون جو لازمي لاڳو ٿيڻ ولي فقيہ جي تائيد ۽ نفاذ جو محتاج آهي. سندس اصولن جي مخالفت، امام جي حڪم کي رد ڪرڻ برابر آهي ۽ ائين آهي ڄڻ خدا جي حڪم کي رد ڪيائين.[4]

مهدي اَرۡوَاحُ الۡعَالَمِينَ لِتُرَابِ مَقدَمِہ الۡفداء جو ديدار

غيبت صغريٰ جي زماني ۾ چئن مخصوص نائبن جو امام عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف سان رابطو هو ۽ امام عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا هئا، ڪن ٻين همراهن به انهن نائبن ذريعي ئي امام عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي بارگاهه ۾ وڃڻ ۽ زيارت ڪرڻ جو شرف حاصل ڪيو. شيعا بزرگ عالمن پنهنجن ڪتابن ۾ انهن ماڻهن منجهان گهڻن جا نالا لکيا آهن. جن غيبت صغريٰ جي زماني ۾ امام جي زيارت ڪئي ۽ انهن جي معجزن کي بيان ڪيو آهي. عالمن انهن ملاقات ڪرڻ وارن منجهان هر هڪ جي واقعي ۽ حالتن کي مختلف سَندَن سان بيان ڪيو آهي. اهڙي ريت هنن بزرگن مان ڪن بزرگن انهن ماڻهن  جي داستانن کي پنهنجن ڪتابن ۾ بيان ڪيو آهي. جيڪي ”غيبت ڪُبريٰ“ جي زماني ۾ سندن خدمت ۾ پهتا يا امام جي ڪرامتن ۽ معجزن کي جاڳندي يا ننڊ ۾ خواب جي عالم ۾ مشاهدو ڪيو آهي. پر هِتي اختصار کي نگاهه ۾ رکندي ان کي ڇڏجي ٿو. (44)

مهدي اَرۡوَاحُ الۡعَالَمِينَ لِتُرَابِ مَقدَمِہ الۡفداء موعود جو عقيدو

آڳاٽي زماني کان وٺي ماڻهن جو بنيادي عقيدو اهو رهندو آيو آهي ته آخري وقت ۾ هڪ الاهي اصلاح آڻيندڙ جو ظهور ٿيندو. اهو نه رڳو شيعن بلڪه اهل سنت ۽ ايسيتائين جو ٻين مذهبن کي مڃڻ وارا جهڙوڪ يهودي، نصارا، زردشتي ۽ هندو به هڪ عظيم الاهي مصلح جي ظهور جو اعتقاد رکن ٿا ۽ ان جي انتظار ۾ آهن. اهي بشارتون ۽ اڳڪٿيون جيڪي حضرت مهدي عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف ۽ سندن ظهور جي متعلق مقدس ڪتابن ۽ بزرگن جي احوالن ۾ ۽ پڻ اسلامي روايتن ۾ موجود آهن. سي تمام گهڻيون آهن، هتڙي اسين انهن بشارتن مان ڪن ٿورڙين بشارتن جو ذڪر ڪري رهيا آهيون.

الف ــ جملي مذهبن جي نظر ۾

زردشتين جي ڪتابن ۾ آخري زماني ۽ مهدي عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف موعود جي ظهور متعلق ڪيترين ئي ڳالهين جو ذڪر ڪيل آهي انهن جملي ڪتابن منجهان هڪ ڪتاب ”جاماسب“ (45) ۾ لکيل آهي ته عرب جي سرزمين  ۾ هاشم جي خاندان مان هڪ جوان جسم ۽ ڀريل پنين سان ظاهر ٿيندو. جيڪو پنهنجي ڏاڏي جي دين تي هوندو. ايران طرف رُخ ڪندو ۽ ان کي وسائيندو ۽ زمين کي عدل سان ٽمٽار ڪندو، سندس عدالت سببان بگهڙ، رڍ سان گڏجي پاڻي پيئندو. (46)

هندن به پنهنجي پَوِتر ڪتاب ”ويد“ ۾ لکيو آهي ته ”دنيا جي خرابي کان پوءِ آخري زماني ۾ هڪ بادشاهه پيدا ٿيندو جيڪو خلق جو اڳواڻ هوندو. ان جو نالو ”منصور“ هوندو.[5] جو پڻ پوري دنيا کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري پنهنجي دين تي آڻيندو. مؤمن ۽ ڪافر مان هر هڪ کي سڃاڻيندو هوندو، جيڪو ڪجهه به الله تعاليٰ کان گهُرندو اهو کيس ملندو.“

توريت (47) ”سفر پيدائش“ ۾ اسماعيل3جي نسل مان پيدا ٿيندڙ ٻارهين امام جي باري ۾ گفتگو موجود آهي ۽ خاص ڪري اسماعيل 3متعلق ”مان تنهنجيءَ دعا کي قبول ڪيو هاڻي هن کي برڪت ڏئي زور وٺائينس ۽ وڌائينس ۽ ٻارهن سردار پيدا ٿيندا، هڪ عظيم امت منجهان ڪندس.“ (48)  داؤد3جي زبور ۾ لکيل آهي ته ”...... ۽ صالحن جي خدا حمايت ڪندو آهي....“ صالح زمين جا وارث ٿيندا ۽ ان ۾ ابد تائين سڪونت اختيار ڪندا. (49)

عيسائين جي ”ڪتاب مقدس“ ۾ موعود آخرزمان بابت وڌيڪ چٽائي سان بشارتون موجود آهن. انهن جملي روايتن مان ”.....پوءِ توهان انسان جي ٻچڙي کي ڏسندؤ جيڪو عظيم قوت ۽ جلالت سان ڪڪرن تي اچي رهيوآهي ان سمي فرشتا چوڏس زمين جي انتها ۽ اُڀ جي آخري ڇيڙي تائين هڪ هنڌ گڏ ٿيندا. پر بابي  (خدا ج) کان علاوه ان ڏينهن جي سُڌ ڪنهن کي ڪانهي نه فرشتن کي آسمان ۾ نه ئي پٽ کي،تنهن ڪري هوشيار ۽ سجاڳ ٿي ڪري دعائون ڪريو ان لاءِ جو توهان کي خبر ناهي ته ڪهڙو وقت اچڻ وارو آهي ۽ ڪهڙي سمي گهر جو مالڪ ايندو(50)

ب ــ اسلامي ماخذن ۾

مهدي موعود جو عقيدو اسلام جوهڪ بنيادي ۽ جياپي جو مسئلو ڳڻيو ويندو آهي. هي مسئلو اسلامي مذهبن مان ڪنهن خاص مذهب ايسيتائين جو رڳو شيعا مذهب تي منحصر ناهي. پر مسلمانن جي جملي فرقن، مستند ۽ متعبر دليلن ۽ روايتن سان هن کي نقل ڪيو آهي. ان ڏس ۾ هيڪڙ ٻيڪڙ روايتون نه بلڪه گهڻائيءَ ۾ قول ۽ تواتر سان روايتون موجود آهن. (51)

استاد علي محمد دخيل پنهنجي ڪتاب ۾ اهل سنت جي بزرگ عالمن جي ٻه سؤ ڇهن عالمن جا نالا لکيا آهن. جن مان ٽيهن ڄڻن حضرت بابت مستقل علحدا ڪتاب لکيا آهن ۽ ٻٽيهن عالمن پنهنجي ڪتاب جي هڪڙي باب کي حضرت مهدي عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي باري ۾ وارد ٿيل روايتن ۽ انهن جي شرح لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو آهي. باقي پڇيل فردن مختلف  تناسب سان امام عصر عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف سان لاڳاپيل حديثن کي نقل ڪيو آهي ۽ سندن خصلتن متعلق گفتگو ڪئي آهي. (52)

شيعن جي مالامال ثقافت ۾ به پيغمبر اڪرم جن کان جام حديثون نقل ڪيون ويون آهن جن ۾ حضرت مهدي ۽ سندن غيبت، ظهور ۽ قيام سان لاڳاپيل گفتگو ڪئي وئي آهي. شيعن کان امام زمانه جي سلسلي ۾ جيڪي روايتون نقل ٿيون آهن اُهي ايتري قدر گهڻائي ۾ آهن جو ٻيا اسلامي موضوع انهيءَ مقام تائين گهٽ رسن ٿا ۽ شيعا عالمن منجهان آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به نه ملندا. جن امام مهدي عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف متعلق ڪتاب نه لکيو هجي يا ڳالهه نه ڪئي هجي. ڪتاب ”امام مهدي“عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي ليکڪ لکيو آهي ته حضرت مهدي عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف متعلق جيڪي روايتون شيعن توڙي سُنين کان مليون آهن اهي ڇهن هزارن (6000) کان به مٿي آهن. (53) انهن حديثن جي گهڻائي ۽ شهرت جي آڌار تي امام عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي ولادت کان اڳواٽ ئيڪن ماڻهن مهدويت جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي آهي يا انهن ڏانهن اهڙي دعويٰ جي نسبت ڏني وئي آهي. نموني طور ڪجهه بيان ڪريون ٿا. امام زمانه عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي ولادت کان ٻه صديون اڳ ”ڪيسانيہ“ (54) فرقو محمد حنفيہ کي مهدي منتظر تصور ڪندو هو ۽ انهي ڳالهه جو مقصد اهو هو ته هو نظرن کان اوجهل ٿي ويو آهي ۽ هڪڙي ڏينهن ظاهر ٿيندو. اهي ماڻهو پنهنجي دعويٰ جي دليل ۾ انهن روايتن کي ثابتي طور پيش ڪندا آهن. جيڪي قائم جي غيبت جي باري ۾ نقل آهن. (55) منصور عباسي خليفي پنهنجي پٽ جو نالو ”مهدي“ رکيو ته جيئن ماڻهن جي انتظار مان فائدو حاصل ڪري. (56) انهيءَ ئي شهرت جي آڌار تي ڪيترن ئي شيعا ۽ سُني عالمن غيبت جي زماني کان اڳ ايسيتائين جو امام عصر عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي جنم کان اڳواٽ ئي سندن متعلق ڪتاب لکيا آهن. اهل سُنت جي عالمن مان ”عباد ابن يعقوب رواجني“ (مرتيو ۲۵۰ هه) ۽ ڪتاب ”اخبار المهدي“ جي مؤلف جو نالو (57) وٺي سگهجي ٿي. ڪتاب مسند احمد (ليکڪ احمد بن حنبل ــ مرتيو۲۴۱ هه) ۽ صحيح بخاري جيڪي (ليکڪ محمد ابن اسماعيل بخاري ــ مرتيو۲۵۶ هه) اهل سنت جي انهن معتبر ڪتابن منجهان آهن جيڪي امام زمانه جي جنم کان اڳ ۾ لکيا ويا آهن ۽ انهن ڪتابن جي مصنفن امام سان واسطو رکندڙ حديثون نقل ڪيون آهن(58) ڪتاب ”مشيخہ“ تاليف حسن ابن محبوب به انهن جملي شيعا ڪتابن مان هڪ آهي. جيڪو امام زمانه عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي غيبت ڪُبريٰ کان هڪ صدي کان به وڌيڪ اڳ ۾ لکيو ويو آهي. هن ۾ امام سان متعلق حديثون لکيل آهن. (59) انهيءَ شهرت ۽ روايتن جي گهڻائي جي آڌار تي مسلمان اسلام جي ابتداء کان مهدي موعود عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي قيام کان آگاهه هئا. خاص ڪري شيعا ان حقيقت تي پورو پورو اعتقاد رکندا هئا ۽ موقعي آهر ان کي مختلف انداز سان بيان ڪندا هئا.  ”ڪُميت“ شيعي ۽ انقلابي شاعر (مرتيو ۱۲۶ هه) امام محمد باقر3 جي خدمت ۾ امام موعود بابت شعر پڙهيو ۽ امام جي قيام جي زماني متعلق سوال ڪيو.(60) ”اسماعيل حميري“ هڪ شاعر جيڪو اهل بيت جي چاهڻ وارن مان هو (مرتيو۱۷۳هه) امام جعفر صادق3 جي بارگاهه ۾ هڪ طولاني قصيدو پڙهيو هن جي شعرن جو موضوع ڪجهه هن طرح سان آهي. آءٌ الله کي گواهه ٿو ڪيان ته امام جعفر صادق3 جو قول، فرمانبردار ۽ گنهگار ٻنهي لاءِ حجت آهي. الله جي ولي امر ۽ قائم، ڪاڻ جنهن جي لاءِ منهنجي دل، تانگهي ٿي ان جي اهڙي غيبت آهي جو بغير ترديد جي هو غائب ٿيندو. پالڻهار درود موڪل اهڙي غائب مٿان جيڪو عرصي تائين غيبت جي پردي ۾ رهندو پوءِ ظهور ڪندو ۽ دنيا جي اولهه اوڀر کي انصاف سان ٽمٽار ڪري ڇڏيندو۔[6] هڪ زبردست انقلابي شاعر دِعبَل خُزاعي (مرتيو ۲۴۶ هه) هڪ قصيدي جي ضمن ۾ جيڪو هن امام رضا3جي خدمت ۾ پڙهيو هو. چيائين، جيڪڏهن اها شيءِ نه هجي ها جنهن جي ٿيڻ جي اميد اڄ يا سڀان ۾ آهي ته منهنجي دل انهن تي (آئمہ6) تي غم ۽ ڏک ۾ چڪناچور ٿي وڃي ها (۽ اها اميد) هڪ امام جي قيام جي آهي جيڪو بنا ترديد جي الله جي نانءُ خدائي برڪت سان قيام ڪندو ۽ اسان جي آڏو حق ۽ باطل کي ڌار ڪندو ۽ اجر۽ سزا ڏيندو.[7]

حديثن جا نمونا

امام زمانه عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف لاءِ اهل سنت ۽ شيعن جي طريقي سان وارد ٿيل روايتن جي مضمون کان آگاهه ٿيڻ لاءِ نموني جي طور تي چند حديثن جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو.

پيغمبر اسلام جن فرمايو:  جيڪڏهن دنيا جي عمر جو هڪڙو ڏينهن به بچندو ته به خدا اسان منجهان هڪ شخص کي موڪليندو جيڪو دنيا کي عدل ۽ انصاف سان ائين ڀري ڇڏيندو جهڙي ريت هو ظلم ۽ جبر سان ڀريل هوندي.[8] بيبي امِ سلمه نقل ڪري ٿي ته رسول اڪرم% امام مهدي عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف کي ياد ڪندي فرمائيندا هئا ته ها هو حق آهي ۽ بني فاطمہ/ جي اولاد مان هوندو.[9]

امام رضا3 جن فرمايو: خلف صالح، حسن ابن علي جو ٻچڙو آهي. اهوئي صاحب الزمان ۽ اهوئي مهدي موعود آهي.[10]

رسول خدا جن فرمايو: قائم منهنجي اولاد منجهان آهي ان جو نالو منهنجو نالو آهي، ان جي ڪنيت منهنجي ڪنيت آهي، هن جون خوبيون منهنجيون خوبيون آهن، هن جي رفتار منهنجي رفتار آهي. هو ماڻهن کي منهنجي شريعت ۽ دين تي قائم ڪندو ۽ ڪتاب خدا ڏانهن دعوت ڏيندو. جنهن هن جي پيروي ڪئي ان منهنجي پيروي ڪئي، جنهن هن جي مخالفت ڪئي ان منهنجي مخالفت ڪئي ۽ جنهن هن جو انڪار ڪيو ان منهنجو انڪار ڪيو.[11] اصبغ بن نباته فرمائن ٿا: مان اميرالمؤمنين علي3جي خدمت ۾ پهتس، ڏٺم ته پاڻ ڪنهن گھري سوچ ۾ زمين کي کوٽي رهيا آهن، مون عرض ڪيو ته آءٌ اوهان کي فڪرمند ڏسي رهيو آهيان ڇا اوهان کي زمين سان ڪائي رغبت آهي؟ چيائون نه خدا جو قسم مون کي زمين ۽ دنيا سان ڪائي دلچسپي نه آهي پر مان هڪ ٻار لاءِ سوچي رهيو آهيان جيڪو منهنجي نسل منجهان آهي ۽ منهنجن پٽن منهنجهان يارهون نمبر پٽ هوندو اهو مهدي آهي اهوئي زمين کي عدل ۽ انصاف سان ڀري ڇڏيندو. جهڙي ريت هو ظلم ۽ ڏاڍ سان ڀريل هوندي. هن لاءِ غيبت ۽ حيرت آهي هڪ ٽولو هن جي باري ۾ گمراهه ٿي ويندو ۽ هڪڙو ٽولو هدايت ماڻيندو.[12]

امام جعفر صادق3 جن فرمايو: قائم لاءِ ٻه غيبتون آهن. هڪ گهٽ مدت واري ۽ ٻي طولاني مدت واري. پهرين ۾ خاص الخاص شيعن کان علاوه ڪو ٻيو سندن قيام گاهه بنسبت اڻ ڄاڻ هوندو ۽ غيبت جي ٻئي مدت ۾ به سواءِ خاص دوستن جي ڪو ٻيو ڪو سندن جڳهه جي ڄاڻ نه رکندو هوندو.[13]

فرج  جو انتظار

اميد، انتظار ۽ ان جا مختلف آثار انسان جي انفرادي ۽ اجتماعي زندگي ۾ اڻ مٽجندڙ ڪيفيتون آهن. ڪو به انسان پنهنجي فطري تقاضي مطابق اميد ۽ انتظار کان آجو ۽ بي نياز نه آهي . ان ڪري ٿڙڻ کان بچڻ، اوکيءَ اڳيان اڙجي بيهڻ ۽ ڪمال جي طرف وڌڻ لاءِ اميد ۽ انتظار کان بهتر ٻيو ڪوئي حيلو وسيلو ڪونهي. جملي آسماني مذهبن ايسيتائين جو اُھي مڪتب فڪر جي انساني هٿن جا جوڙيل ۽ سنواريل آهن. اُهي به انهيءَ ڳالهه جي ضرورت تي اتفاق رکن ٿا جيتوڻيڪ انتظار جي مدت جي ڪيفيت ۽ ان جي خصوصيتن ۽ ظهور بابت هڪ ٻئي سان اختلاف رکن ٿا. تمام مذهبن ۽ مڪتب اسلام ۾ خصوصاً مڪتب تشيع ۾ انتظار جي مسئلي ۽ اميد کي خاص اهميت ڏني وئي آهي. ان جي خاص اهميت جي عڪاسي ڪئي وئي آهي، جا انتظار ۽ حضرت مهدي عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي ظهور جي موضوع ۾ چمڪندڙ آهي ۽ حق جي باطل تي آخري ڪاميابي جي سوچ، تاريخ ۾ ستمگرن ۽ ظالمن جي مقابلي ۾ شيعن جي ”استقامت“ جو راز ۽ انهن جي ترقيءَ جو فلسفو رهيو آهي. امام موسيٰ ڪاظم3 جن هڪ روايت ۾ علي ابن يقطين کي فرمائن ٿا ته ٻن صدين کان شيعا اميد ۽ آرزو جي ڇانو ۾ رهنمائي ۽ پرورش وٺي رهيا آهن. هن لفظ تي غور ڪرڻ سان پتو پئي ٿو ته ”امام زمانہ عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي انتظام جو مسئلو“ اسلام جي اڱڻ  ۾ امام زمانہ عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف  جو نظرن کان غائب ٿي وڃڻ کان پوءِ شروع نه ٿيو هو، بلڪه هن جو سلسلو اسلام جي آغاز ۽ نبي ڪريم جي زماني تائين پهچي ٿو. اهي حديثون ۽ روايتون جيڪي پيغمبر اڪرم ۽ آئمہ معصومين6 جن کان ظهور قائم ۽ فضيلت انتظار فرج جي باري ۾ اسان تائين پهتيون آهن. اهي تمام گهڻيون آهن انهن منجهان  ڪي نموني طور گذريل عنوانن هيٺ ڏئي آيا آهيون. هت هيٺ ڪجهه ٻئي نموني خاص ڪري فرج (خوشحالي) جي انتظار جي متعلق بيان ڪريون ٿا.

اميرالمؤمنين علي ابن ابي طالب 4جن پيغمبر اڪرم جن کان نقل ڪن ٿا ته فرج جو انتظار (مهدي عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف) جملي عبادتن کان افضل آهي.[14]

 امير المؤمنين علي3 جن فرمايو ”توهان فرج جي انتظار ۾ رهو ۽ خدا جي رحمت کان مايوس نه ٿجو بيشڪ خدا جي نزديڪ محبوب ترين عمل فرج جو انتظار آهي.[15]

امام زين العابدين3 جن فرمايو ته فرج جو انتظار عظيم راحت آهي.(62) [16]

امام جعفر صادق3 جن فرمايو اسان جي قائم کي چاهڻ وارا خوشنصيب آهن، جيڪي ان جي غيبت جي زماني ۾ سندن ظهور لاءِ راهُن ۾ نيڻن کي وڇايو ويٺا آهن ۽ جڏهن پاڻ جن ظاهر ٿيندا ته جيڪي ان جو حڪم مڃيندا اُهي ماڻهو خدا جا اولياء آهن ۽ ڪنهن به قسم جو خوف ۽ هراس انهن کي نه آهي.[17]

قائم آلِ محمد عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي انتظار سندن پيروڪارن کي ايتري قدر جستجو ۾ وڌو جو اڪثر ائين به ٿيو جو ماڻهو آئمہ اطهار 6جن کان پڇندا هئا ته ڇا قائم آلِ محمد ۽ مهدي منتظر عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف توهان ئي آهيو؟ ۽ آئمہ 6 به حالات جي مناسبت سان امام قائم عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جو تعارف ڪرائيندا هئا. (63)

ظهور جو وقت

امام زمانہ عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي چوٿين نائب جي وفات کان پوءِ غيبت ڪُبريٰ جو زمانو شروع ٿيو ۽ اڄ سوڌو غيبت ڪُبريٰ جو دور هلي رهيو آهي. سندن ظهور ۽ قيام هاڻوڪي دور جي ختم ٿيڻ کان پوءِ خدا جي حڪم سان ٿيندو. انهن روايتن جي بنياد تي جيڪي آئمہ معصومين جن کان ٻڌيون ويون آهن ته حضرت جي ظهور جي وقت جي فقط خدا کي خبر آهي ۽ جيڪو به ان سلسلي ۾ وقت معين ڪندو اهو ڪوڙو آهي.[18]

اسحاق ابن يعقوب، محمد ابن عثمان عمري جي ذريعي هڪ خط امام عصر عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف کي موڪليو. جنهن منجهه چند سوالن جي جواب ۾ جيڪي ظهور متعلق پڇيا ويا هئا فرمايو ظهور فرج ڌڻيءَ جي حڪم سان ڳانڍاپيل آهي ۽ وقت مقرر ڪرڻ وارا ڪوڙا آهن.[19]

محمد ابن مسلم نقل ڪري ٿو ته امام جعفر صادق3 جن مون کي ٻڌايو ته جنهن تنهنجي سامهون ظهور جي وقت کي معين ڪيو ته ان کي ڪوڙو سمجهڻ ۾ دير نه ڪجانءِ، ان لاءِ جو اسان سندن ظهور لاءِ وقت مقرر نه ٿا ڪريون.

انهن روايتن جي مجموعي مان هي واضح ٿئي ٿو ته ظهور جو وقت مقرر ڪرڻ اسرار الاهي منجهان آهي. آئمہ جن مان ڪنهن به ظهور جو وقت مقرر نه ڪيو آهي. ليڪن علامتون بيان ڪيون آهن، انهن علامتن جو ظاهر ٿيڻ ظهور جي خوشخبري ڏئي ٿو.

ظهور کان اڳ جا حالات

جيڪي روايتون ظهور کان اڳ جي حالتن ۽ علامتن جي باري ۾ نقل ٿيون آهن تن جو انگ گهڻائيءَ ۾ آهي وري انهن روايتن کي نقل ڪرڻ ۽ انهن جي تحقيق ڪرڻ به ڪا سُٿري ڳالهه ناهي. هتي چند نشانين جو ئي ذڪر ڪريون ٿا.

سڄي دنيا ۾ ظلم، گناهه ۽ بي دينيءَ جو پکڙجڻ

 اڪيچار روايتون ٻڌائن ٿيون ته امام جو قيام ان وقت ٿيندو جڏهن ظلم ۽ ڏاڍ دنيا کي ويڙهي ۽ ورائي ويندو. ڪيترين روايتن ۾ اهو به بيان آهي جو حضرت قائم عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي ظهور کان پهريون ايسيتائين جو اسلامي معاشري ۾ فسق فجور، مختلف قسمن جا گناهه ۽ بڇڙايون جيئن نشيدار شين جو ڪاروبار، شراب خوري، وياج خوري، زنا ۽ ٻيون ڪُڌايون جهڙوڪ حق مارڻ، حدون لتاڙڻ، بدعت، بي حجاجي، بي حيائي وغيره پوري طرح معاشري ۾ گهر ڪري وينديون. (64)

اسان تهذيب يافته دنيا ۾ انهن بيان ڪيل براين کي اوج تي ڏسي رهيا آهيون، اسلامي انقلاب جي برک اڳواڻ حضرت امام خميني جي اڳواڻيءَ ۾ ايران جي قوم جو اسلامي انقلاب انشاالله امام عصر عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي انقلاب جو مهاڳ ٿيندو. سچ پچ ته هيءَ انقلاب انهن ڏاڍاين جي خلاف هو، خدا جو شڪر آهي جو اسلامي ملڪ ايران مان گهڻين بڇڙاين ۽ خرابين جون پاڙون پٽيون ويون آهن ۽ ان ڳالهه جي اميد آهي ته هڪ ڏينهن سڄي ڌرتي عدل ۽ انصاف سان پُر ٿي ويندي.

سفياني جو خروج ڪرڻ

سفياني روايتن جي آڌار تي اموي ۽ عتبہ ابن ابي سفيان جي نسل مان هوندو. هن جو نالو ”عثمان ابن عنبسہ“ هوندو. هن جو نبوي گهراڻي ۽ شيعن سان تمام گهڻو وير هوندو. هن جو منهن ڳاڙهو، سرمئي اکيون، منهن تي ماتا جا داغ، ڏسڻ ۾ بڇڙو، ظالم ۽ خائن هوندو.[20] شام ۾ قيام ڪندو ۽ جلد ئي پنجن شهرن تي قبضو ڪندو.[21] هڪ وڏي لشڪر سان ڪوفي ڏانهن ڌوڪيندو. عراق جي شهرن خاص ڪري نجف ۽ ڪوفي منجهه تمام وڏا گناهه ڪندو. مديني ڏانهن لشڪر موڪليندو. سندس سپاهي مديني ۾ ظلم جو رڻ ٻاري ڇڏيندا، رتوڇاڻ جي حد ڪري ڇڏيندا. اتان مڪي ڏانهن ويندا، ليڪن مڪي ۽ مديني جي وچ ۾ برپٽ ۾ خدا جي حڪم سان زمين ۾ پورجي ويندا. خود سفياني به امام جي مڪي کان مديني ڏانهن ۽ مديني کان ڪوفي جي طرف رواني ٿيڻ کان پوءِ عراق کان دمشق طرف ڀڄي ويندو ۽ امام هڪ لشڪر سان هن جو پيڇو ڪندا. نيٺ سفياني بيت المقدس ۾ امام جي سپاهين هٿان مارجي ويندو. (65 

 ( 3 ) حَسنِي سيد جو خروج

سيد حسني موجود روايتن جي آڌار تي شيعا بزرگن مان آهي. ايران ۽ ديلم ۽ قزوين جي علائقي ۾ قيام ڪندو ۽ ماڻهن کي اسلامي ۽ آئمہ معصومين جي راهه طرف سڏيندو. ڪيترائي ماڻهو ان سان ساڻ هوندا ۽ تمام وڏي علائقي کي پنهنجي جاءِ، کان ڪوفي تائين، ظلم ۽ ڏاڍ کان پاڪ ڪري ڇڏيندو ۽ ڪوفي ۾ خبر پئجي ويندي ته امام قائم عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف ظهور ڪيو آهي ۽ پنهنجي اصحابن سان گڏ ڪوفي جي طرف اچي رهيا آهن. سيد حسني سندن استقبال لاءِ ويندا. سواءِ انهن چاليهه هزار ماڻهن جي جيڪي امام جي دعوت کي قبول ڪندا رهندا ۽ انهن ماڻهن جي هن اعلان کي قبول نه ڪرڻ کان پوءِ انهن کي قتل ڪرڻ جو حڪم صادر ڪندا. پوءِ سيد حسني پنهنجن پيروڪارن سميت امام جي بيعت ڪندا.  (66)

( 4 ) آسماني سڏ

ظهور جي علامتن منجهان هڪ (علامت) آسماني سڏ آهي. جيڪو حضرت علي3 ۽ سندن شيعن جي حقانيت کي ثابت ڪرڻ لاءِ ايندو. (67) ذڪر ڪيل علامتن کان سواءِ ٻين نشانين جو به ذڪر ٿيو آهي جن مان ڪجهه ظهور کان اڳ ۾، ۽ ڪجهه ظهور سان گڏ ظاهر ٿينديون.

ظهور کان پوءِ جا حالات

انهن مڙني روايتن جي مجموعن مان جيڪي حضرت مهدي عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي ظهور کان پوءِ جي واقعن بابت اسان تائين پهتيون آهن. اهو ثابت ٿئي ٿو ته امام عصر عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف، الله جي اِذن کان پوءِ ڪعبة الله ۾ رُڪن ۽ مقام جي وچ ۾ ظاهر ٿيندا. ان حالت ۾ ته علم، ترار، عمامو ۽ پيغمبر جو پهراڻ ساڻن گڏ هوندو. حق جو پيڪارو (ندا ڏيندڙ)  سندن ظهور جي بشارت سڄي دنيا جي ماڻهن جي ڪنن تائين پهچائيندو ۽ نالي ۽ نشانين سان امام جو تعارف ڪرائيندو ۽ ماڻهن کي چوندو امام عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي بيعت ڪن. امام عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جا خاص دوست جن جو تعداد 313 آهي. آسماني سڏ تي لبيڪ چئي دعوت کان پوءِ هڪ دم ئي مڪي ۾ امام جي بيعت ڪندا. (68) ان کان پوءِ امام عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جن پنهنجي عام دعوت کي شروع ڪندا ۽ فرشتن وسيلي سندن واهو ڪئي ويندي. ڏتڙيل ۽ پيڙهيل ماڻهو هر پاسي کان مڙي سڙي امام عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي بيعت ڪندا. امام عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جا واهرو ويڙهاڪ ۽ سرويچ، ڏينهن ۾ شينهن ۽ رات ۾ راهب هوندا. انهن جون دليون رُڪ وانگي ڏاڍيون هونديون ۽ انهن مان هر هڪ ڄڻُ چاليهن ماڻهن جيتري طاقت رکندو هوندو. اهي ماڻهو امام عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي اطاعت ڪرڻ ۾ کاهوڙي ۽ پاڻ پتوڙڻ وارا هوندا. جيڏانهن ويندا سوڀارا ٿيندا. امام عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جن ڪجهه ڏينهن مڪي ۾ ٽِڪندا پوءِ مديني اسهندا. مديني ۾ جنگ ڪرڻ کان پوءِ امام عصر عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف، الله جي مشيعت سان ٿورن ڏينهن اندر اوڀر ۽ اولهه کي فتح ڪري وٺندا. اسلام کي سڄي سنسار ۾  پکيڙيندا ۽ خدا جي دين کي نئين سر جياريندا. اسلام جي صورت کي بدعتن کان الڳ ڪندا. اميرالمؤمنين علي ابن ابي طالب 4جيان سندن خوراڪ سادي ۽ پوشاڪ کُهري هوندي.[22] حضرت عيسيٰ 3مسيح آسمان مان تشريف کڻي ايندا ۽ امام مهدي عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي پٺيان نماز پڙهندا.[23] حضرت امام مهدي عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي حڪومت ۾ زمين جا خزانا ۽ برڪتون ظاهر ٿي پونديون. خوشحالي ۽ نعمتون ايتريون ته وڌي وينديون جو پِنَ ختم ٿي ويندي. زڪواة ۽ خيرات وٺڻ لاءِ ڪٿ به ڪو فقير نه ملندو. عدل ۽ امن امان هر هنڌ پکڙجي ويندو اهڙي طرح جو جيڪڏهن ڪا ڪراڙي مائي پنهنجي مٿي تي سون ۽ هيرن جواهرن جو ٿالهه کڻي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ ويندي هوندي ته ڪو به ماڻهو هن جي رستي روڪ نه ڪندو.  امام جي وجود جي ڪري جملي ڏتڙيل ماڻهن جون اجڙيل وستيون وسجي وينديون. سندن ساٿين جي اکين ۽ ڪنن کي خداوند ڪريم ايتري طاقت عطا ڪندو جو اهي سندن جون ڳالهيون ٻڌندا ۽ ڏسندا توڙي کڻي پاڻ جن هڪ ئي هنڌ هجن. امام مهدي اَرۡوَاحُ الۡعَالَمِينَ لِتُرَابِ مَقدَمِہ الۡفداء جي حڪومت ۾ خداوند عالم پنهنجي لطف ۽ ڪرم جو هٿ پنهنجن ٻانهن جي مٿان رکندو ۽ انهن جي عقل کي پختو ۽ فڪر کي ترقي عطا ڪندو. ان زماني ۾ هر ماڻهو ۽ هر شيءِ پنهنجي گهربل ڪمال ۽ زيبائي تائين رسندي ۽ ماڻهپي جون سموريون آسون ۽ تمنائون آگي (خدا) جي ولي اعظم ۽ خاتم الانبياء جي وصي جي راڄ هيٺ پوريون ٿينديون ۽ آگي اهو جيڪو واعدو ڪيو آهي

”وَنُرِيدُ اَنَ نَمُنَ علَي اَلذِينَ استُضَعِفُوا فِي الاَرضِ وَنَجعَلَهُم اَئِمَةُ وَنَجعَلَهُمُ الوَارِثِينَ“(69)

”اسان واعدو ڪريون ٿا ته ڏتڙيلن تي اسان احساس ڪنداسين ۽ کين ڌرتي جو وارث بڻائينداسين“ پورو ٿيندو (70) امام مهدي اَرۡوَاحُ الۡعَالَمِينَ لِتُرَابِ مَقدَمِہ الۡفداء جي ظهور ۽ موعود جي راڄ ۾ دنيا ۽ انسان جو ڪهڙو حال هوندو هيءُ ان جو ٿورڙو بيان هو.

 

 

حوالا ۽ وضاحتون

1 ــ ڪافي ج 1 ص 431 / ارشاد مفيد ص 346 / ڪمال الدين صدوق ج 2 ص 430 / بحار ــ ج پهريون باب 3 ص 31 / منتخب الاثر ص 320 / الفصول المهمة﷥ ص 292 / اعلام الوريٰ ص 393 / غيبت شيخ ص 258 / اعيان الشيعہ ج 2 ص 44.

2 ــ منتخب الاثر ص 183 ــ 182 / ڪافي ج پهريون ص 268.

3 ــ سندن نالو سوسن، صيقل ۽ ريحانہ به ٻڌايو ويو آهي. ڏسو بحار ــ ج 51 ص 5 ــ15 / ڪمال الدين ج 2 ص 22.

4 ــ ”انت سيد تي وسيدة اهلي“ بحار ــ ج 51 ص 2 ــ ”بل اخد مک علي بصري“ بحار ــ ج 51 ص 12 / منتخب الاثر ص 325 / ڪمال الدين صدوق ص 424 ــ 417 / اعيان الشيعه ج 2 ص 46.

5 ــ بحار ــ ج 51 ص 10 ــ 8 / غيبت شيخ طوسي ص 128 ــ 124 / ڪمال الدين صدوق ج 2 ص 423 ــ 417 / دلائل الامامه طبري ص 267 ــ 262.

6 ــ انهن حديثن جي آگاهي لاءِ ڏسو منتخب الاثر فصل ٻيون باب 25 ص 34.

7 ــ امام حسن عسڪري 3 جي هڪ حديث جي ضمن ۾ اهل بيت سان امين ۽ عباسين جي مخالفت جو هڪ سبب ان مسئلي کي قرار ڏنو آهي.

8 ــ بحار ــ ج 52 ص 26 ــ 25 / ڪمال الدين ج 2 ص 435 / منتخب الاثر ص 355 / ڪشف الغمہ ج 3 ص 527.

9 ــ منتخب الاثر ص 344 ــ 343 / ڪمال الدين ج 2 ص 434 ــ 433.

10 ــ مولا مهدي3 جي خصوصيتن بابت وڌيڪ معلومات لاءِ ڏسو منتخب الاثر باب چوٿين کان باب پنجويهين تائين / اعيان الشيعه ج 2 ص 44 / غيبت نعماني باب 13 ص 312 / ڪشف الغمه ج 2 ص 464 ــ 470.

11 ــ “يَسِيلُ شَعرُهُ عَليٰ مَنکَبي“ اعيان الشيعه ج 2 ص 44 / منتخب الاثر ص 175 ڪشف الغمه ج 2 ص 464.

12 ــ ارشاد مفيد ص 430 / ڪمال الدين صدوق ج پهريون ص 43 / بحار ــ ج 50 ص 328.

13 ــ اهو جعفر اهو ئي آهي، جيڪو بعد ۾ جعفر ڪذاب جي نالي سان مشهور ٿيو.

14 ــ ”تَاَخَر يَا عَمَ فَاَنَا اَحَقُ بِالصَلوٰةِ عَليٰ اَبِي.“

15 ــ بحار ــ ج 50 ص 332 ــ 333.

16 ــ ڪمال الدين ج پهريون ص 43.

17 ــ اهو ٻڌائڻ ضروري آحي ته ان جو اهو مطلب ناهي ته سمورا ماڻهو ان گناهه ۾ آلوده آهن بلڪه ان مان مراد اهو انگ آهي جيڪو امام جي لاءِ ضروري آهي. نه ته ڪيترائي نيڪ مڙد سدائين ظهور لاءِ آماده رهيا آهن ۽ اڄ به آهن.

18 ــ شيخ مفيد پنهنجي ڪتاب ۾ ارشاد جي ص 346 تي غيبت صغرا جي شروعات ولادت واري وقت کان ڳڻي ٿو. شيخ صاحب جن لکن ٿا ته ”غيبت صغرا مهدي جي ڄمڻ کان پوءِ سفارت جي پوين ڏينهن ۽ آخري سفير جي رحلت تائين شاهي. ان حساب مطابق غيبت صغريٰ جو زمانو 75 سال ٿئي ٿو.“

19 ــ بلڪه چئي سگهجي ٿو ته غيبت ڪُبريٰ لاءِ ماڻهن کي آماده ۽ تيار ڪرڻ جو ڪم امام هادي، بلڪه امام جواد، جي دور کان شروع ٿي چڪو هو ۽ اهي ٻئي امام گهڻو ڪري خط رستي شيعن سان رابطو ڪندا رکندا هئا.

20 ــ غيبت شيخ ص 170.

21 ــ بحار ــ ج 51 ص 312 / ارشاد مفيد ص 356 / غيبت شيخ ص 172 / منتخب الاثر ص 390 / ڪشف الغمه ج 2 ص 456.

22 ــ لم يروعن الائمہ ــ ص 496 / مجمع الرجال ــ ج 5   177.

23 ــ بحار ــ ج 51 ص 325 / ارشاد مفيد 356 ــ 355 / دلائل الائمھ 286 / منتخب الائمہ ص 382 / غيبت شيخ ص 258 / ڪشف الغمه ج 2 ص 456.

24 ــ بحار ــ ج 51 ص 312 / غيبت شيخ ص 172 / ارشاد مفيد ص 356 / ڪشف الغمه ج 2 ص 456.

25 ــ البته انهن چئن ڄڻن کان علاوه ٻيا وڪيل به مختلف شهرن ۾ هئا. جيڪي انهن ئي چئن ڄڻن ذريعي ماڻهن جا مسئلا امام جي خدمت ۾ پهچائيندا هئا ۽ مرحوم سيد حسن امين جي قول مطابق انهن چئن ڄڻن جي سفارت عام ۽ مطلق هئي پر ڪن ٻين فردن جيئن محمد ابن جعفر اسدي، احمد بن اسحاق اشعري، ابراهيم ابن محمد همداني، احمد ابن حمزه بن اليسع کي ڪن خاص ڪمن جي نيابت حاصل هئي. ڏسو اعيان الشيعه ج 2 ص 48.27

 26ــ بحار ــ ج 51 ص 344/ غيبت شيخ ص 215 / اعيان الشيعه ج 2 ص 47 / منتخب الاثر ص 393 / الکني والالقاب ج 3 ص 267 ــ 266 / وسائل شيخ انصاري ص 139.

27 ــ بحار ــ ج51 ص 346.

28 ــ بحار ــ ج 51 ص 349 / غيبت شيخ ص 220 ــ 218 / غيبت شيخ 222 / اعيان الشيعه ج 2 ص 47.

29 ــ ايضاً

30 ــ بحار ــ ج 51 ص 352 / الکني والالقاب ج 53 ص 268 / غيبت شيخ 222 / اعيان الشيعہ ج 2 ص 47.

31 ــ بحار ــ ج  جلد 51 ص ص 355 / غيبت شيخ طوسي 277 ــ 226 / اعيان الشيعه ج 2 ص 47 / منتخب الاثر ص 397 ــ 396.

32 ــ بحار ج 551 ص 356 / غيبت شيخ ص 35    225 / اعيان الشيعه ج 2 ص 457 / الکني والاقاص ج 3 ص 268.

33 ــ اعيان الشيعه ج 2 ص 48 / غيبت شيخ ص 227.

34 ــ بحار ــ ج 51 ص 354 ــ 353 / غيبت شيخ ص 226 / اعيان الشيعه ج 2 ص 48 ــ 47.

35 ــ بحار ــ ج 51 ص 354 ــ 353 / غيبت شيخ ص 226 / اعيان الشيعه ج 2 ص 48 ــ 47. ان روش مان خبر پئي ٿي ته اهي بزرگ معرفت، ايمان ، رضا ۽ تسليم ۾ اهڙا ڪامل هئا جو سدائين هر ڪم ۽ هر ڳالهه ۾ پنهنجي امام جي حڪم آڏو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيندا هئا.

36 ــ بحار ــ ج 51 ص 358 / اعيان الشيعہ ج 2 ص 48.

37 ــ “ثِقَةُ وَجَلاَلَتُہ اَشهَرُ مِن اَن يَذکُرُوَ اَظهَرُ مِن اَن يَحرُزَ“

38 ــ بحار الانوار ــ ج 51 ص 361، ج 52 ص 151 / غيبت شيخ 243 / الکني والالقاب ج 3 ص 266 / اعيان الشيعہ ج 2 ص 48 / منتخڀ الاثر ص 399 / تنقيح المقال ج 2 ص 305 .

39 ــ  بحار ــ ج 51 ص 360 / منتخب الاثر ص 400.

40 ــ اعيان الشيعہ ج 2 ص 48 / بحار ــ ج 51 ص 261 / ڪشف الغمه ج 2 ص 530 / منتخب الاثر ص 99 / تنقيح المقال ج 2 ص 305.

41 ــ ڪمال الدين جي 2 ص 484 / غيبت شيخ ص 177 / احتجاج طبرسي ج 2 ص 470 / وسائل الشيعہ ج 18 ص 101 / ڪتاب البيع الامام الخميني ج 2 ص 474 / ڪشف الغمه ص 2 ص 531 / بحار ــ ج 53 ص 181 / رسائل شيخ انصاري ص 139.

42 ــ احتجاج طبرسي ج 2 ص 458 / وسائل الشيعه ج 18 ص 195 / سفينة البحار ــ ج 2 ص 381 / وسائل شيخ انصاري ص 141.

43 ــ تفصيلي معلومات لاءِ ڏسو : اعلام الوريٰ ص 425 / النجم الثاقب ص 211 ــ 209 / بحار ــ ج 51 پهريون باب ۽ جلد 52 باب 18. 19، 23 ۽ ج 42 ص 200 ــ 335 / منتخب الاثر فصل چوٿون باب پهريون ۽ فصل پنجون باب ٻيون / تبصرة الولي فيمن رائي القائم المهدي تاليف علامہ سيد هاشم بحراني / ڪشف الغمہ ج 2 ص 533 / دلائل الامامہ طبري ص 306 ــ 295.

ان ڳالهه جي وِضاحت ڪرڻ ِضروري آهي ته هن درس ۾ جيڪي ڳالهيون لکيون ويون آهن انهن تي مختلف رُخن ۽ پهلوئن کان بحث ڪري سگهجي ٿو. پر هتي اسان رڳو انهن مسئلن جي تاريخ رُخن تي بحث ڪيو آهي ٻين رُخن تي بحث پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ڪيو ويندو.

44- زردتشت جي شاگرد ۽ ڄاٽي، جاما سب، ڏانهن منسوب ــ دائرة المعارف فارسي/ بشارت عهدين ص 243 جي حاشيي تي.

45- بشارت عهدين ص 258/ اديان و مهدويت ص 16.

46- بشارت عهدين ص 245/ اديان و مهدويت ص 16.

47- ڪتاب مقدس ــ سفر پيدائش باب 17 ص 21 ــ بند 20 ــ 21.

48- ڪتاب مقدس ص 857 ــ 856/ ڪتاب مزامير خزمور ص 28 بند 17 ۽ 29. قرآن، زبور ۾ صالحن جي غلبي جي ذڪر متعلق بيان ڪيو آهي.

“َوَلَقَد کَتَناَ فِي الزَبورِ مِنُ بَعدِ الذِکر اَنَ اَلاَرضَ يَرِثُهَا عَبَادِيَ الصَالِحُونَ“

سورة الانبياء 104. ”زبور ۾ ذڪر کان پوءِ اسان لکيو آهي ته اسان جا صالح ٻانها زمين جا وارث ٿيندا.“

49- ڪتاب مقدس انجيل مرقس باب 13 بند 26، 27، 32، 33، 35، ص 79 ــ 78 ــ اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته لفظ ”پسر انسان“ قاموس ڪتاب مقدس ۾ مسٽر هاڪس جي لکڻ مطابق ڪتب عهد جديد ۾ 80 ڀيرا آيو آهي جنهن ۾ ويهه (20) جايون اهڙيون آهن. جتي حضرت عيسيٰ مراد آهي. قاموس ڪتاب مقدس ــ ماده پسر خواهر ــ ص 219 ۽ انهن مان 50 موقعا اهڙا آهن جن مان هڪ نجات ڏياريندڙ مراد آهي ۽ سندن ظهور جو وقت ۽ ڏينهن الله کان سواءِ ڪو به نه ٿو ڄاڻي ۽ اهو نجات ڏياريندڙ حضرت مهدي عصر کان علاوه ٻيو ڪو ناهي.

اهل سنت جي عالمن منجهان جن حضرت مهدي عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف جي باري ۾ حديثن جي متواتر هجڻ جي تشريح ڪئي آهي. ان مان حافظ ابوعبدالله گنجي شافعي جي ڪتاب ”البيان“، ابن حجر عسقلاني جي ڪتاب ”فتح

الباري“، قاضي محمد شوڪاني جي ڪتاب ”التوضيح في تواتر مان جاءِ في المنتظر والدجال والمسيح“ شيخ عبدالحق جي ڪتاب “لمعات“، مومن شبلنجي جي ڪتاب “نورالابصار“ ابو الفرمان صبان جي ڪتاب ”اسعاف الراغبين“ جا نالا وٺي سگهجن ٿا. وڌيڪ ڏسو منتخب الاثر ص 305

51- امام المهدي ــ مصنف علي محمد دخيل ص 318 ــ 389

52- پيشواءِ دوازدهم ــ موئسه درراه حق ص 71/رڳو ڪتاب منتخب الاثر ۾ 157 معتبر ڪتابن مان امام زمانه جي باري ۾ لڳ ڀڳ 8 ــ 62 حديثن ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي.

53- ڪيسانيہ شيعھ فرقي مان آهي، ان فرقي جا ماڻهو مختار ابن ابي عبيده ثقفي جي دوستن مان ڳڻيا وڃن ٿا. اهي ماڻهو مختار کي ”ڪيسان“ چوندا هئا. ڪن ماڻهن اهو به چيو آهي ته حضرت امير المؤمنين جي غلامن منجهان هڪ غلام جو نالو ڪيسان هو ۽ مختار پنهنجيون ڳالهيون کانئس سکيون هيون

(الملل والنحل شهرستاني جلد پهريون ص 147/الفرق بين الفرق ص 39 ــ 38 تاليف عبدالقادر بغدادي/مذاهب ميين ج 2 ص 72 ــ 71 مصنف ڊاڪٽر عبدالرحمان بردي).

54- اعلام الوريٰ ص 416/اعيان الشيعہ ج 2 ص 57

الحياة السياسية امام الرضا مصنف استاد جعفر مرتضيٰ ص 29 ۽ 82 ــ 83 محترم مؤقف پنهنجي ڪتاب ۾ هڪ نڪتو هي به لکيو آهي ته جن ماڻهن مهدويت جي دعويٰ ڪئي انهن مان هڪ محمد ابن عبدالله علوي به هو ۽ امام جعفر صادق3 جن کانسواءِ ماڻهن سندس امامت کي قبول ڪيو هو. منصور ماڻهن جي فڪرن ۽ سوچن کي پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ لاءِ پنهنجي پٽ کي مهديءَ جو لقب ڏنو ۽ هڪ ميڙ ۾ چيائين جيڪا دعويٰ محمد ابن عبدالله علوي ڪري ٿو اهو ڪوڙ آهي ۽ مهدي موعود منهنجو پٽ آهي.

55- فهرست شيخ طوسي ص 172

56- مسند احمد بن حنبل جي پهريون ص 74، 799، 448 ۽ ج 2 ص 411 ۽ ج 3 ص 21، 27، 37، 52 ۽ ج ص 27/صحيح بخاري جي 3 ڪتاب بداء الحق باب نزول عيسيٰ ابن مريم ص 87.

57- اعلام الوريٰ ص 416/اثبات الهداة ج 7 ص 53/اعيان الشيعة ج 2 ص 57

58- الغدير ــ ج 2 ص 203 ــ 202.

59- اعلام الوريٰ ص 409 ــ 408.

60- ان روايت جي مضمون کان وڌيڪ آگاهي حاصل ڪرڻ لاءِ بحار ــ ج 52 ــ باب 25 حديث 94 ــ 96/ڪمال الدين جي باب 2 حدث 8، 9، 10، 15/اعيان الشيعة ج 2 ص 78 ــ 77.

61- اثبات الهداة ج 417/غيبت نعماني ــ باب علامات ظهور ص 283 ۽ 247/غيبت شيخ ص 280 ــ 265/بحار ــ ج 52 باب 25 ص 279 ــ 181/منتخب الاثر فصل 6 باب 6 ۽ فصل 7 باب 10/ اعيان الشيعة ج 2 ص 74 ــ 73.

62- بحار ــ ج 53 ص 16 ــ 15.

63- بحار ــ ج 52 ص 506 ۽ 305/اثباة الهداة ج 7 ص 399.

64- امام جعفر صادق3جن کان هڪ روايت جو مضمون هن ريت آهي ته جڏهن امام زمانه جن ظهور ڪندا ته ان وقت شيعا نوجوان بنا ڪنهن اڳ ڪيل واعدي جي مڪي ۾ پهچندا ۽ امام عصر جي حضور ۾ حاضر ٿيندا. ڏسو بحار ــ ج 52 ص 370/غيبت نعماني ص 316. سورت قصص ــ آيات 4.

65- اهڙي قسم جي روايتن جي واقفيت لاءِ ڏسو ــ بحار جلد 52 باب 26 حديث 3، 10، 73، 88، 83 ۽ باب 27 حديث 25، 29، 31، 72، 83، 91، 112، 119، 129، 164، 213 ۽ ج 53 باب 28/ڪشف الغمه ج 3 ص255 ۽ 262/منتخب الاثر فصل 2 باب 43 ۽ فصل 6 باب 1، 1 فصل 7 باب 1، 3، 4، 5 ،7، 8، 11، 12 ۽ فصل 8 باب 2/ اعيان الشيعه ج 2 ص 84 ــ 81.

 



[1] اللهُمَ اَنجِزلِي وَعدِي وَاَتُمِم لِي اَمرِي وَثَبِت وطئَتِي وَاملاَالاَرضُ بِي عَد لاَ وَقِسطاً. 

                                                                                                                 (بحار جلد ــ 51/ 14 ــ 12، 26 ــ 25 / ڪمال الدين صدوق جلد 2 ص 247 ــ 438.)

[2] يَااَحمَدَ بنَ اِسحَاقِ لَولاَ کَرَامَتُکَ عَلَي اللهِ وَعَليٰ حُجَجِھِ مَاعَرَضُتُ عَلَيکَ اِبنِي هٰذا اِنَھُ سُمِيَ رَسُولُ اللهِ وَکُنِيَھ، اَلَذِي يَملاَءُ الاَرضَ قِسطاً وَعَدلاَ کَمَا مَلَنَت ظُلماً وَجَوراً   (بحار ــ جلد 52 ص 24 ــ 23 / ڪمال الدين صدوق جلد 2 ص 384 ــ ڪشف الغمہ جلد 2 / 526.)

[3] اَمَا سَببُ غَيبَتِھھ فَلاَ يَجُوزُ اَنيَکُونَ مِن اللهِ سُبحَانَھُ وَلاَ مِنھُ کَمَا عَرَفتَ فَيَکُونُ مِنَ المُکَلَفِينَ وَهُوَ الخَوفُ الغَالِبُ وَعَدَمُ التَمِڪِينِ فَظَهُورُ يَجِبُ عِندَ زَوَالِ السَبَبِ.

 (رسالہ امامت ــ فصل ٽيون ص 25 ــ نويد امن و امان جي ص 190 تان ورتل)

ڇاڪاڻ ته ولي عصر جي غيبت جي سبب اسباب ۽ اسرارن جو بحث عقيدي جو بحث آهي تنهن ڪري ان جي اسرارن ۽ سببن جي تحقيق هن ڪتاب جي موضوع کان ٻاهر آهي. هتي اسان رڳو ان دور جا سياسي ۽ تاريخي حالات ڏنا آهن.

[4] مقبولہ عمر ابن حنظلہ ۾ امام جعفر صادق3 جن فرمائن ٿا ته:

فَاِذَا حَکَمَ بِحکمِنَا فَلَم يُقبَل منھُ فَاِنَمَا استَخَفَ بِحُکمِ اللهِ وَعَلَينَا رَدَ وَالرَادُ عَلَينَا اَلرَادُ عَلَي اللهِ وَهُوَ عَليٰ حَدِالشِرکِ بِاللّٰهِ.

(وسائل جلد 18 ص 99 / ڪافي جلد اول ص 54 ڪتاب فضل العلم باب اختلاف الحديث، حديث 10 / تهذيب جلد 6 ص 298 ۽ ص 301 / ڪتاب لبيع امام خميني جلد 2 ص 476 / فروع ڪافي جلد 7 ص 42 حديث 5 باب ڪراهية الارتفاع الي قضاة الجور.)

[5] نجم الثاقب ص 47 شامري 135 ۾ ”ذخيره“ ۽ ”تذڪره“ تان نقل ڪيل آهي ته امام عصر عجہ جي نالن منجهان هڪ نانءُ ”منصور“ آهي. ڪتاب ”ويد“ براهمہ ۾ جيڪو هندن جي عقيدي مطابق آسماني ڪتاب آهي. امام محمد باقر 3 کان آيت ”مَن قُتلِ مَظلُومَا فَقَد جَعَلنَا لِوَلِيِہِ سُلطَاناً“ جي تفسير ۾ آهي ته ان مراد مان امام حسين3، جن آهن جيڪي مظلوم ڪٺا ويا. ۽ آية “فَلاَيُسرِف فِي القَتلِ اِنَہ کَانَ مَنصُوراً“ سوره اسراء / 32 جي تفسير ۾ فرمايو اٿن ته خدا مهدي عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف ، جو نالو منصور رکيو آهي. اهڙي طرح جيئن پيغمبر اڪرم جو نالو محمد2۽ محمود آهي ۽ جهڙي ريت حضرت عيسيٰ3 جو لقب مسيح آهي. (بحار الانوار جلد 51 ص 31 ــ 30)

                                    

[6]  اشهد ربي ان قولک حجة                                                       علي الخلق طراً من مطيع ومذنب

                          بان ولي الامر والقائم الذي                                                                           تــطــلــع نــفــسي نحــو بـــتــطرب

         لھ غيبة لابدمن ان يغيــبها                                                                                    فصلي علــيـــھ الله مــن متــغــيــب

 فيمکث حينا ثم يظهر حينھ                                                                                                 فيمــلا عــدلا کــل شرق و مــغــرب

(ارشاد مفيد ص 284 / اعلام الوريٰ ص 280/ الغدير جلد 2 ص 247 / ڪمال الدين جلد اول ص 35)

اها ڳالهه ڌيان ۾ رهي ته سيد حميري امام جعفر صادق جي خدمت ۾ پهچڻ کان اڳ ان ڳالهه جو عقيدو رکندو هو ته موعود محمد ابن حنفيہ آهي. ڏسو ڪتاب ڪمال الدين جلد ص 32 / ارشاد مفيد ص 284 ۽ 293.

[7] فلولا الذي ارجود في اليوم اوغد                                                                       تقطع نفسي اثر هم حسرات

                 خــروج امــام لامــحــال خــارج                                                             يقوم علي اسم الله بالبرکات

             يــميــز فــينــا کــل حــق وبــاطل                                                       ويجري علي النعماء والنقات

(الغدير جلد 2 ص 360 / الفصول المهمة ص 249 / ڪمال الدين جلد 2 باب 35، ۽ جلد 6 ص 372.)

[8] لَولَم يَبقِ مِنَ الدُنيَا اِلاَيَومُ لَبَعثَ اللهُ عَزَوَجَلَ رَجُلاً مِنَا يَملاَءُ هَاعَدلاً کَمَا مُلِئَت جَوراً

(مسند احمد بن حنبل جلد اول ص 99 / سنن ابن داؤد جلد 4 ص 107/ ڪتاب الهدي حديث 83، 22 ــ ٿوري فرق سان)

[9] سَعِيدُ بنُ المُسَيَبِ يَقُولَ سَمِعتُ اُمَ سَلمَةِ تَقُولُ سَمِعتُ النَبِيَ (ص) يَذکُرُ المَهدِيَ فَقَالَ نَعَم هُوَ حَقُ وَهُو مِن بِنِي فَاطِمَةَ.                

(مستدرڪ حاڪم جلد 4 ص 557 ڪتاب الغنن والملاحم / عقد الدرر ص 22 / فرائد السمطين ج 2 ص 326 جي حاشيي تي.)

[10] اَلخَلَفُ الصَالِحُ مِن وُلدِ اَبِي مُحَمَدِ الحَسَنِ بنِ عَلِيِ وَهُوَ صَاحِبُ الزَمَانِ وَهُوَ المَهدِيُ.

(منتخب الاثر فصل ٻيون باب 20 ص 229 جلد  6 ــ يابيع المودة جي ص 491 تان ورتل / غاية المراد / ڪشف الغمہ ج 3 ص 265.)

[11] اَلقَائِمُ مِن وُلدِي اِسمُة اِسمِي کُنيَتُھ کُنيَتِي وَشَمَائِلُھ شَمَائِلِي وَسُنَتُھ سُنَتِي يَقِيمُ النَاسُ عَليٰ مِلَتِي وَشَرِيعَتِي وَيَدعُوهُم اِليٰ کِتَاب رَبِي مَن اَطَاعَھ فَقَد اَطَاعَنِي وَمَن عَصَاه فَقَدَ عَصَانِي وَمَن اَنکَرَه فِي غَيبَتِھِ  فَقَد  اَنکَرنِي....  

                            (منتخب الاثر ص 183، شيخ صدوق جي ڪتاب ڪمال الدين تان ورتل / اعيان الشيعھ ج 2 ص 54.)

[12]  عَنِ الاَصبَغِ بنِ نَبَاتَھِ قَالَ اَتَيتُ اَمِيرَالمُومِنِينَ فَوَجَدتُھ مُتَفَکِراً يَنکُتُ فِي الاَرضِ فَقُلتُ يَا اَمِيرَالمُومِنِينَ مَالِي اَرَاکَ مُتَفَکِراً تَنکُتُ فِي الاَرض اَرَغبَةُ مِنکَ فِيهَا؟ فَقَالَ   َلاوَاللهِ مَارَغبِتُ فِيهَا وَلاَ فِي الدُنيَا يَوماً قَط وَلٰکِنِي فَکَرتُ فِي مَولُودِ يَکُونُ مِن ظَهرِي، اَلحَادِي عَشَرمِن وُلدِي،  هُوَ المَهدِيُ اَلَذِي يَملَئُه الاَرضَ عَدلاً وَقِسطاً کَمَا مُلِئَت جَوراً وَ ظُلماً، تَکُونُ لَھھ غَيبَةُ وَحَيرَ  يضل فيها اقوام ويهتدي فيها آخرون

(ڪافي ج 1 ڪتاب الحجة باب الغيبہ ج 7 ص 33 / ڪمال الدين ج 1 باب 26 حديث 1 ص 285 / دلائل الامامہ طبري ص 289.)

[13] لِلقَائِمِ غَيبَتَانِ اِحدَاهُمَا قَصِيرَةُ  وَالاُخرَيٰ طَوِيلُةُ، اَلغَيبَةُ الاُولَيٰ لاَيَعلَمُ، بِمَکَانِھ فِيهَا اِلاَ خَاصَةُ شِيعَةُ وَالاُخرَيٰ لاَيعلَمُ، بِمَکَانِھ ِفيهَا اِلاَ خَاصَةُ مَوَالِيھ. (ڪافي جلد 1 باب الغيبة، حديث 19 ص 340)

[14] اَفضَلُ العِبَادَةِ اِنتِظَارُ الفَرَجِ (منتخب الاثر، فصل 10 باب 2 ص 499 ج 16. هيءُ حوالو ڪتاب ينابيع المودة ۽ غاية المرام تان ورتل آهي / ڪمال الدين صدوق باب 25 حديث 6)

[15] اِنتِظَارُ الفَرَجِ مِن اَعظَمِ الفَرَجِ“     (بحار الانوار ج 52 ص 122 / ڪمال الدين باب 31 ص 2 ص 320.)

[16] اِنتَظِرُوا الفَرَجَ وَلاَتَياً سُوا مِن رَوحِ اللهِ فَاِنَ اَحَبَ الاَعمَالِ اِلَي اللهِ عَزَوَجَلَ اِنتِظَارُ الفَرَجِ  (بحار الانوار ــ ج 52 ص 123)

[17] طُوبَيٰ لِشِيعَةِ قَائِمِنَا المُنتَظَرِينَ لِظُهُورِه فِي غَيبَتِھ وَالمُطِيعِينَ لَھ فِي ظُهُورِه اُولاَئِکَ اَولِيَاءُ اللهِ اَلذِينَ لاَخَوفُ عَلَيهِم وَلاَ هُم يَحزَنُونَ. (ڪمال الدين باب 33 حديث ص 54 / اعلام الوريٰ ص 409 ــ 408)

[18] عَنِ الفُصَيلِ قَالَ سَئَلتُ اَبَا جَعفَرِ(ع) هَل لِهٰذَ اَلاَمرِ وَقتُ؟ فَقَالَ (ع) کَذِبِ الوَقَاتُونَ کَذِبِ الوَقَاتُونَ کَذِبِ الوَقَاتُونَ.

 (غيبت شيخ ص 262 ــ 261 / بحار الانوار ــ ج 52 ص 130 / منتخب الاثر فصل 6 باب 8 ح ا ص 463.)

[19] َاَمَا ظُهُورُ الفَرَجِ فَاِنَھُ، اِلَي اللهِ تَعَاليٰ ذِکرُة وَکَذِبِ الوَقَاتُونَ. (ڪمال الدين جلد 2 ص 160 حديث 4)

[20] ان مان مراد تڏهوڪي زماني جو شام ملڪ آهي جيڪو سيريا، فلسطين ۽ اردن تي ٻڌل هو.

[21] اهي پنج شهر: دمشق، حمص، فلسطين، اردن، قنسرين آهن. (بحار الانوار جلد 52 ص 206 / اثباة الهداة ج 7 ص 398 ۽ 417 / اعيان الشيعة ــ ج 2 ص 73.)

[22] رسول اڪرم: .........مَالِبَاسُ القَائِمِ اِلاَ الغَلِيظُ وَمَا طَعَامُھ اِلاَ الجَشَبُ.

(غيبت نعماني ص 285 / منتخب الاثر فصل 2 باب 42 ص 307 ج 1)

[23] رسول الله % جن پنهنجي ڌيءَ حضرت فاطمه زهرا / جن کي فرمايو هو:

وَمِنَا وَالله اِلَذِي لااِلٰھَ اِلاَ هُوَ مَهدِيُ هٰذِم الاُمَةِ اَلَذِي يُصَلِيٰ خَلقَھُ عِيسَي بنِ مَريَم.

پنهنجي خدا جو قسم جنهن کانسواءِ ڪو به معبود ناهي هن امت جو مهدي عَجَّلَ الله فَرَجَهُ الشَّرِيف اسان مان آهي جنهن جي پٺيان عيسيٰ ابن مريم نماز پڙهندو. (اثباة الهداة ج 7 ص 14.)

ڀلي ڪري آيا


اسان جا سوشل ميڊيا جا صفحه پسند ڪريو.
رابطو ڪريو

© سڀ حق ۽ واسطا صراط المستقيم وٽ محفوظ آهن