روزانه حديث:
حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام فرمايو حيا، ايمان جو حصو آهي ۽ ايمان (جو مقام) بهشت آهي، بي حيائي ظلم و جفا (جو مقام) جهنم آهي. (ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 4562 )
نيوز ليٽر
اسان جو نيوز ليٽر حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اي ميل ايڊريس ڏيو.
اسلامي فلم سيڪشن

حضرت امام علي رضا عليه السلام


ذاتي ڪوائف

 

نالو:                        علي3

لقب:                       رضا

والد:                        امام موسي ڪاظم3

والده:                       نجمہ خاتون

ولادت جي تاريخ:         11، ذي القعد 148 هه

هنڌ:                        مدينو منور

امامت جو عرصو:       20 سال

شهادت جي تاريخ:       17 صفر، سنه 203 هه

شهادت جو سبب:       مامون جي حڪم سان زهر ڏنو ويو.

هنڌ:                       مشهد مقدس جي هڪ محلي(سنابادنوقان)      

                             ۾شهيد ٿيا.

مرقد مبارڪ:           مشهد مقدس ــ ايران

 

 

 

امام علي رضا 3

ولادت

آسمانِ ولايت جو اٺون ستارو، حضرت علي ابن موسيٰ الرضا3۱۱ ذي القعد سن ۱۴۸ هه تي پنهنجي ڏاڏي بزرگوار امام جعفر صادق3  جي رحلت کان پوءِ سورهين ڏينهن ڄاوا.(1) سندن اسم مبارڪ علي رکيو ويو. مشهور لقب رضا، ڪنيت ابوالحسن آهي. والد بزرگوار جو اسم مبارڪ  امام موسيٰ ڪاظم3 امڙ سائڻ جو نالو مبارڪ نجم خاتون آهي. جا عقلمند، ايمان ۽ تقويٰ ۾ اعليٰ ترين عورتن مان هيون.

امامت تي نص

امام علي ابن موسي الرضا4 سن ۱۸۳هه ۾ جناب موسيٰ ابن جعفر4 جي شهادت کان پوءِ 25 ورهين جي عمر ۾ امامت جي واڳ سنڀالي سندنامامت جو تَعيُن سڀني آئمہ جي امامت وانگر رسولِ خدا جي تَعيُن ۽ سندن والد سڳوري امام موسيٰ ڪاظم3 جي تعارف سان ٿيو. پنهنجي شهادت کان اڳ موسيٰ ابن جعفر4زمين تي خدا جي اٺين حجت ۽ پاڻ کان پوءِ واري امام جو تعارف مسلمانن کي ڪرايو ته جيئن ماڻهو ڀٽڪي گمراهيءَ ۾ گرفتار نه ٿين. ”مخزومي“ نقل ٿو ڪري ته موسيٰ ابن جعفر4مونکي ۽ ڪن بين ماڻهن کي گهرايو۽ فرمايائون: ”توهان کي خبر آهي ته مون اوهانکي ڇو سڏيو آهي؟“ اسان چيوسين: ”نه!“ پاڻ فرمايائون: ”مان چاهيان ٿو ته توهان گواهه رهو ته منهنجو هي پٽ، امام رضا3 جي طرف اشارو ڪندي، وصي ۽ منهنجو جانشين آهي..“ (4)

يزيد ابن سليط نقل ٿو ڪري ته عمري جي ادائگي جي لاءِ مان مڪي پئي ويس، رستي ۾ امام موسيٰ ڪاظم3 سان ملاقات ٿي، مون کين عرض ڪيو ته منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي فدا ٿين اوهان به پنهنجي والد بزرگوار جيان مون کي ٻڌايو. (۽ پنهنجي بعد اچڻ واري امام جو تعارف فرمايو) امام امامت جي باري ۾ ڪجهه وضاحت ڪرڻ ۽ ان ڳالهه کي بيان ڪرڻ کان پوءِ ته امام خدا ۽ پيغمبر جي طرفان مقرر ٿيندو آهي. فرمايو ”مون کان  پوءِ منهنجو فرزند علي (ابن موسيٰ3) امام بڻبو جيڪو علي ۽ علي ابن الحسين3 جي نالي ڀائي آهي.“[1]

 اخلاق ۽ سيرت

آئمه معصومين6 وڻندڙ اخلاق ۽ بهترين سيرت ۾ ٻين لاءِ نمونهءِ عمل هئا ۽ عملي طور تي ماڻهن کي زندگي، پاڪيزگي ۽ فضيلت جو درس ڏيندا هئا. ان جي باوجود جو هو امامت جي بلند مقام تي فائز ۽ خدا جا چونڊيل ٻانها هئا. پر پوءِ به انهن پاڻ کي ماڻهن کان جدا نه ڪيو.

ابراهيم ابن عباس چوي ٿو ته: ”مون ڪڏهن به اهو نه ڏٺو ته امام پنهنجي ڳالهين سان ڪنهن کي تڪليف ڏيندا هجن، ڪنهن جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندا هجن يا ڪنهن حاجتمند کي امڪان جي باوجود ڀڄائي ڇڏيندا هجن. ٻين جي موجودگيءَ ۾ (محفل ۾) پير ڊگها ڪندا يا ٽيڪ ڏيندا هجن، پنهنجي غلامن مان ڪنهن کي ڪا غلط ڳالهه چوندا هجن. ٻين جي سامهون ٿُڪ اڇلائيندا هجن ۽ ٽهڪ ڏيئي کلندا هجن، سندن کِل مرڪڻ جي حد تائين هئي. جڏهن دستر خوان وڇائبو هو ته سڀني گهروارن، دربان ۽ خدمتگار کي ساڻ ويهاريندا ۽ انهن سان گڏجي ماني کائيندا هئا. راتين جو گهٽ سمهڻ ۽ رات جي گهڻي حصي ۾ صبح تائين جاڳندا رهندا هئا، عبادت ڪندا هئا ۽ گهڻا روزا رکندا هئا.“ (5)

محمد ابن ابي عباد لکي ٿو ته: ”گرميءَ ۾ سندن هنڌ تڏو هئو ۽ سياري ۾ ڪمبل اوڙهيندا هئا.“ گهر ۾ ٿلها ڪپڙا پهريندا هئا. پر جڏهن ماڻهن ۾ (محفل ۾) ويندا هئا ته (رواجي لباس، جهڙو پاتو ويندو هو پاڻ به پائيندا هئا) پاڻ کي سينگاريندا هئا. (6)

هڪ رات پنهنجن مهمانن سان ڪچهري ڪري رهيا هئا ته اوچتو مشعل ۾ ڪا خرابي ٿي پئي، مهمان هٿ وڌايو ته جيئن ڏيئو روشن ڪجي. پاڻ جهليائونس ۽ اهو ڪم ڪري فرمايائون اسين اُهي آهيون جيڪي مهمانن کان ڪم نه وٺندا آهن.[2]

حمام ۾ هڪ شخص جنهن کين نه سڃاتو، چيائين ته: ”ٿورو صابڻ سان منهنجو جسم ته مهٽ، امام قبول ڪيو. جڏهن هن امام کي سڃاتو ته لڄ کان معافي جو طلبگار ٿيو، امام سندس جسم مهٽيندي سندس دل ورتي ته ڪا ڳالهه ناهي.“ (7)

بلخ وارن مان هڪ شخص بيان ٿو ڪري ته مان خراسان جي سفر ۾ امام رضا3سان گڏ هيم. هڪ ڏهاڙي دسترخوان وڇايو ويو امام رضا3 سڀني خدمتگارن کي ۽حبشين کي به دسترخوان تي ويهاريو ته جيئن اهي به ساڻن گڏ ماني کائن، مون عرض ڪيو مان اوهان تي قربان ٿيان، سٺو آهي ته هي ماڻهو ٻئي دسترخاني تي ويهن. پاڻ فرمايائون بيهه، بيشڪ خدا هڪ آهي، سڀني جو ماءُ پيءُ هڪ آهي ۽ جزا عمل مطابق آهي.[3]

امام رضا3 جو خادم ياسر بيان ٿو ڪري ته امام اسان کي فرمايو ته: ”جڏهن توهان ماني کائيندا هجو ۽ مان توهان وٽ اڃان ته توهان (منهنجي احترام ۾) بيهندا نه ڪيو جيسيتائين ماني کائي واندا نه ٿيو“.

ان ڪري ڪيئي ڀيرا اتفاق ٿيو ته امام اسان کي سڏيو ۽ جواب ۾ چيو ويو ته ”ماني ٿا کائون“، امام ان موقعي تي فرمائيندا هئا ته: ”ٺيڪ آ ايسيتائين جو مانيءَ مان واندا نه ٿيو.“ (8)

يعقوب نوبختي بيان ٿو ڪري ته هڪ سائل امام رضا3 جن کي چيو ته (اوهين پنهنجي) مروت جيترو عطا ڪريو! امام فرمايو اسان جي وسعت ۾ اها ڳالهه ناهي. سائل عرض ڪيو منهنجي مروت جيترو عطا ڪيو. امام غلام کي حڪم ڪيو ته هن کي به سؤ (100) دينار ڏنا وڃن. (9) 

علمي مقام

اٺون امام علم ۽ فضل جي اعتبار کان ان منزل تي فائز هئا جو هر ماڻهو کين سڃاڻيندو هو. امام جي علمي عظمت جو اعتراف ڪندو هو ۽ امام جي آڏو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيندو هو.

سندن زمانو اهو هو جنهن ۾ مختلف عقيدن ۽ افڪارن سان واسطو پئي پيو، علم منتقل ٿي رهيا هئا. يونان ۽ اسڪندريه جي علوم جو ترجمو اسلامي ۽ عرب دنيا ۾ اچي رهيو هو. مختلف قسم جي مڪاتب فڪر جا نظريا ۽ انهن جا بيشمار عقيدا معاشري ۾ پئي آيا ان سبب تضاد، مختلف خيال ۽ عقيدا اڀري رهيا هئا. اهڙي وقت ۾ ماڻهن جي لاءِ امام رضا3 جو فيض ڀريو وجود ئي اعتماد جوڳو هو.

سندن موهيندڙ ۽ فيض جي پالوٽ ڪندڙ ڪچهري مبارڪ شاگردن ۽ محققن سان ڇوليون هڻندي هئي. مختلف فڪري جماعتن جي رهبرن جهڙوڪ ثنوين، دهرين، يهودين، نصارن، زردشتن، زنديقن جي مناظرن جون مرڪز خلافت بني عباس ۾ گرما گرم نشستون تاريخ ۾ موجود آهن جن مان هر هڪ مناظرو امام جي علمي ۽ ارشاد و هدايت جي بلند مقام کي پايهءِ ثبوت  تائين ٿو پهچائي.

انهن مناظرن ۾ هڪ پاسي امام انحراف کي ٻنجو پئي ڏنو ته ٻئي پاسي ماڻهن کي اسلامي علم ۽ معارف سيکاريندا هئا ۽ جيئن ته بني عباس جي خليفن جي ذريعي سان انهن ڪتابن جي ترجمي جو مقصد سياسي هيو. جهڙوڪ علم امام سان مقابلو يا ماڻهن کي اهل بيت کان ڦيرائڻ. جنهن لاءِ امام به مخصوص انداز سان انهن جا منصوبا خاڪ ۾ ملايا.

شخصيت

امام رضا3 جي عظمت ۽ ممتاز شخصيت متعلق سڀئي تاريخ نويس ۽ محدث متفق آهن. ايسيتائين جو مامون جيڪو امام جو ڪٽر دشمن هو ان به ڪيئي ڀيرا اعتراف ڪيو آهي. ان پنهنجي مقرر ڪيل شخص رجاء بن ابي ضحاڪ کان جڏهن امام جي مديني کان مرو سفر ڪرڻ جي ڳُجهي خبر ٻُڌي ته چيائين: ”هي (امام ڏانهن اشارو ڪندي) روءِ زمين تي بهترين فرد ۽ انسانن ۾ سڀ کان وڏا عالم ۽ عابد آهن.....[4]

امام جي ولي عهدي جي سلسلي ۾ مامون ويهه هزار ماڻهن جي ميڙ کي خطاب ڪيو: ”....مون عباس جي اولاد ۽ علي3 جي پونيرن، ٻنهي جي وچ ۾ ڳولهيو پر انهن مان ڪنهن ۾ به هن امُر جي لاءِ علي رضا3 کان وڌيڪ لائق، ديانتدار، پاڪ ۽ بافضيلت نه ڏٺو.“ (10)

امامت جو زمانو

علي ابن موسيٰ4 پنهنجي والد بزرگوار جي قيد ۾ شهادت کان پوءِ 25 سالن جي عمر ۾ رهبري ۽ امامت جو عهدو سنڀاليو. سندن امامت جو مُدو 20 سال آهي. هارون رشيد جي زماني ۾ 10 سال امين جي حڪومت جي زماني جا 5 سال ۽ مامون جي خلافت جي زماني ۾ 5 سال.

سندن امامت جي زماني ۾ سندن تحريڪ ۽ مؤقف ۽ رويو عباسي خلافت جي مشنري جي مدمقابل هو. اها ڳالهه واضح ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ان زماني جي حالتن ۽ خاصيتن کي ڏسندي امام جي دورِ امامت کي ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي.

1 ــ امامت جي آغاز کان خراسان رواني ڪرڻ تائين (سن 183 هه کان سن 201 هه)

2 ــ خراسان موڪلڻ کان پوءِ (سن 201 هجري کان سن 203 هجري تائين)

الف ــ آغازِ امامت کان خراسان موڪلڻ تائين

علي ابن موسيٰ الرضا3 پنهنجي زماني جي ظالم حاڪمن جي طاقت کان بي پرواهه ٿي هدايت، رهبري ۽ امامت جا فرائض نڀائيندا رهيا. ان راهه ۾ پاڻ ڪنهن به ڪوشش کان ڪنارو نه ڪيائون. حڪومت جي مقابل امام جو رويو (ڏاڍ جي دؤر ۾) ايترو ته واضح ۽ يقيني هيو جو امام جي ڪجهه اصحابين کي امام جي جان متعلق خوف لڳو پئي.

صفوان ابن يحيٰ بيان ٿو ڪري ته امام رضا3 پنهنجي والد جي لاڏاڻي کان پوءِ اهڙيون ڳالهيون ڪيون  جو اسان سندن جان متعلق ڊڄي وياسين ۽ کين عرض ڪيوسون ته اوهان تمام وڏي ڳالهه کي وائکو ڪيو آهي.  اسان اوهان لاءِ انهيءَ طاغوت (هارون) کان ڊڄي رهيا آهيون، پاڻ فرمايائون: ”جيڪو وڻيس ڪري پر هو منهنجو ڪجهه به ڪري نه ٿو سگهي.“ (11)

”محمد ابن سنان“ چوي ٿو ته هارون جي زماني ۾، مون رضا3 کي عرض ڪيو ته: ”امرِ امامت لاءِ اوهان پاڻ کي مشهور ڪري ڇڏيو آهي ۽ (اوهين) والد جي جاءِ تي ويٺا آهيو جڏهن جو هارون جي ترار تان رت ڳڙي ٿو پيو. ”پاڻ فرمايائون ته:“.... جيڪڏهن هارون منهنجي مٿي جي وارن مان هڪ وار به گهٽ ڪري ته تون گواهه رهجانءِ ته مان امام نه آهيان“.[5]

اٺين امام جي ان دؤر ۾ جڏهن جو وڏو موقعو هو پر اسلام جي مصلحت جي گهُر اها هئي ته خلافت سان سنئون سڌو ٽڪرائڻ کانسواءِ پنهنجي الاهي فريضي کي ٻئي طريقي نڀائجي ته جيئن دشمن امام رضا جي مؤقف سان مقابلي لاءِ تيار نه ٿئي. (اهو مؤقف) جيڪو ڇهين امام جي آخري زماني ۾ ان بنيادي نقشي جي گهرائي ۽ اهميت کان واقف ٿي چڪا هئا. جيڪو نقشو امام محمد باقر ۽ امام جعفر صادق4 جو دانشگاهه جعفري جي قالب ۾ پيش ڪيو ويو هيو.

پاڻ علوين جي ڪيترن ئي قيامن ــ جهڙوڪ اسلامي ثقافت جي نشر و اشاعت جي لاءِ زيد بن علي جي قيام جي پٺڀرائي ۽ حمايت کانسواءِ، اسلامي ثقافت جي مختلف پهلوئن جي مخصوص انداز ۾ پنهنجي زماني جي گهُرجن مطابق حمايت ڪندا رهيا.

امام جي امامت جو هي اٺ سالن وارو دؤر (امامت جي آغاز کان خراسان موڪلڻ تائين) جيڪو امين ۽ مامون جي خلافت جو زمانو هيو. هڪ لحاظ کان امام محمد باقر ۽ امام جعفر صادق4 جي زماني سان مشابهت رکي ٿو. اهو ان لاءِ جو هڪ طرف امين ۽ مامون جي وچ ۾ خلافت جي مسئلي تي خوني اختلاف ۽ ڇڪتاڻ ڇڙيل هئي.[6] ۽ نتيجي طور سن ۱۹۷ هه ۾ امين قتل ڪيو ويو ۽ مامون تخت خلافت تي ويٺو.

ٻئي پاسي انڪاري ۽ ڌارين جي ثقافت نئين قالب ۽ جديد شڪل ۾ ڦهلجي رهي هئي. علم، علمِ ڪلام، فقهه ۽ اخلاق وارا مڪتبِ فڪر  هر گهڙي منتشر ٿي رهيا هيا ۽ انتشار پکڙجي رهيو هيو. مختلف دينن ۽ قؤمن جا عالم خدمت، تعاون، ترجمي، طباعت ۽ قدرتي ذخيرن مان فائدا ماڻڻ جي ويجهو ٿي رهيا هئا. ڦوٽ ۽ تفرقي وجهڻ ۽ اهڙن مسئلن کي نشر ڪرڻ ۾ لڳل هئا جيڪي اسلام کان بي اعتقادي جو سبب پئي بڻيا. مامون ان زماني ۾ حڪمت ۽ علم دوستي جي نالي تي پنهنجا سياسي مقاصد ماڻڻ خاطر انهن لاءِ ميدان خالي رکيو هو ۽ ان ڳالهه لاءِ  جاکوڙي رهيو هئو ته حقدار پارٽيءَ جي ثقافتي اثر کي (جيڪو امام محمد باقر3 جي زماني کان تيزيءَ سان پکڙجي رهيو هيو.) محدود ڪري ڇڏي ۽ معاشري جي ذهن کي انقلابي ۽ اهل بيت جي حق طلب ثقافت کان هٽائي ڇڏي اِهي آهن اُهي حالات جتان کان اسلامي معاشري جي لاءِ ان اٺ ساله دور ۾ امام جي شخصيت اڀري سامهون آئي ۽ شيعن کي به موقعو مليو ته ساڻن مسلسل رابطو رکن ۽ سندن رهنمائي مان لاڀ پرائن ان وقت کان خاص جڏهن پاڻ بصري ۽ ڪوفي جو سفر ڪيائون ۽ عوامي مرڪز سان سڌو سنئون ڳانڍاپو پيدا ڪيائون ته انهن ٻن شهرن جي عوام، اڳواٽ آمادگيءَ جي ڪري پنهنجي رهبر جو شاندار استقبال ڪيو. امام پنهنجي دوستن ۽ شيعن سان ملاقات کانسواءِ مختلف قومن جي دانشمندن ۽ مختلف جماعتن جي ليڊرن سان بحث ۽ مناظري جي مجلسن جو بندوبست ڪيو ۽  معارفِ اسلامي جي مختلف انداز سان نشر و اشاعت ڪئي.

امام ان موقعي مان فائدو وٺندي مؤقف جي استحڪام ۽ اسلامي معاشري جي مختلف طبقن ۾ پنهنجو اثر وڌائڻ ۾ ڪامياب ٿيا.

مامون سان هڪ گفتگو ۾ پاڻ ماڻهن ۾ پنهنجي اثر جي ميزان طرف اشارو فرمائن ٿا ته: “هن ولي عهدي جي عهدي اسان جي لاءِ ڪنهن به نعمت جو اضافو نه ڪيو آهي. مان جڏهن مديني ۾ هيم ته منهنجي لکت مشرق  ۽ مغرب ۾ هلندڙ هئي....[7]

اڪثر ائين ٿيندو هو ته حڪومت جي مسئلن کي نبيرڻ ۽ مختلف گروهن جي ڪاوڙ کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ مامون امام رضا3 سان رابطو ڪندو هو ۽ کانئن اها خواهش ڪندو هو ته ماڻهن سان ڳالهائڻ ۽ کين خاموش رهڻ ۽ چپ ڪرڻ جي دعوت ڏين. (12)

علوين جو قيام

علوين به خلافت جي اندرين جهيڙي ۽ پاڻ ۾ (شاهي خاندان) جي وڙهڻ جو فائدو ورتو ۽ امام جي شخصيت ۽ سندن موقف تي ڀروسو ڪندي خلافت جي مشنري خلاف قيام ۽ شورش قائم ڪئي. گڏوگڏ ”ابوالسرايا“ جو قيام هو جنهن ”محمد ابن ابراهيم طباطبا“[8] جي بيعت جي نعري سان سن ۱۹۹ هه  ۾ ڪوفي ۾ قيام ڪيو ۽ ماڻهن کي خاندان پيغمبر جي نصرت ۽ آلِ محمد% جي خون جو انتقام  وٺڻ جي دعوت ڏني. ابوالسرايا جو لشڪر انهن سڀني سپاهين کي ختم پيو ڪري ڇڏي جن کي حڪومت انهن ماڻهن سان مقابلي لاءِ موڪلي پئي ۽ هي لشڪر جنهن به شهر ۾ پئي ويو ان تي پنهنجو قبضو ڄمائي پيو ڇڏي.(13) هي (لشڪر) ٻن مهينن کان به گهٽ عرصي ۾ مامون جي ٻه لک لشڪرين کي قتل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ائين ئي ان ڪوفي جنهن حسين ابن علي4 سان دوکي جو ثبوت ڏنو زيد ابن علي  کي اڪيلو ڇڏي ڏنو هن ڀيري ابن طبا طبا جي همراهي ۾ علوي تحريڪ ۽ ان جي اعليٰ مقصدن جي دفاع لاءِ اٿي کڙو ٿيو. ڪوفي ۾ ابوالسرايا جي قيام کانسواءِ مختلف علائقن جهڙوڪ بصري، يمن، واسط، مدائن ۽ ان سان گڏ بين النهرين ۽ شام ۾ علوين ۽ غير علوين قيام ڪيو ۽ عباسي حڪومت سان مهاڏو اٽڪايائون. (14)

اهي سڀ شيون ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهن ته مختلف طبقن جا ماڻهو غير اسلامي حڪومت ۽ عباسين جي ظلم جي خلاف هئا ۽ اهل بيت جي حق طلب ۽ عادلاڻي مڪتب جا شيدائي ٿيندا پئي ويا.

ان ڪري ئي اسان ڏسون ٿا ته اسلامي مملڪت جي اندر مامون جي (ٻين سان) ٺاهه جي باوجود ايسيتائين جو هن جي هٿان ڀاءُ امين کي قتل ڪرڻ کان پوءِ به سموري اسلامي علائقي تي جيئن هو چاهي پيو اهڙو تسلط حاصل ڪري نه سگهيو.

جڏهن جو ان زماني ۾، ظاهري قدرت،زر ۽ زور جي لحاظ کان نگاهون حڪومت جي گاديءَ جي هنڌ  ”مَرو“ ۾ کُتل هيون. پر ديني وراثت، حق جي آواز ۽ حق جي اصلي رهبر جي منهن (مبارڪ) کي ڏسڻ لاءِ نگاهون مديني ڏانهن نهارن پيون يعني ان  شهر طرف جتي فرزند پيغمبر ۽ حق جو پيشوا حضرت علي رضا3 رهندڙ هئا.

ان عرصي ۾ ٻين سڀني ماڻهن کان چڱيءَ ريت مامون کي ڄاڻ هئي ته ڪهڙو حادثو سندس انتظار ۾ آهي. انهن تحريڪن جو سرچشمو  ڪٿي آهي ۽ ڪنهن جي پشت پناهي ۽ حيثيت تي اعتماد ڪندي هي تحريڪون هلي رهيون آهن. ان سبب هن اهڙي بنيادي ۽ وڏي ڳالهه جي اصولي حل جي ترڪيب سوچي.

ب ــ خراسان جي سفر جي پيشڪش منڍ کان شهادت تائين

امام جي زندگي جو هي حصو تقريباً 18 مهينن تي پکڙيل آهي. گهٽ عرصي هئڻ جي باوجود هن واقعي کي پنهنجي دامن ۾ (ائين) ورتو آهيس جنهن عباسي خلافت جي مدمقابل امامت جي مؤقف کي ٻئي درجي جو قرار ڏئي ڇڏيو. مشڪلاتون ۽ ڏکيائيون جيڪي علوين جي طرفان پيدا ٿي چڪيون هيون جن جو سرچشمو سندن رهبر ۽ رهنما امام علي رضا3جي عظيم الشان شخصيت هئي. اهي ڏکيائيون جن حڪومت کي خطري ۾ ڌڪي ڇڏيو هئو. ان چنبي مان ڇوٽڪاري لاءِ مامون هڪ اهڙو دڳ ورتو جنهن کي هن اڳ اختيار نه ڪيو هئو. اهو هيءُ ته ولي عهدي جي پيشڪش ڪري اهم مخالف شخصيت کي پنهنجي مرڪز قدرت ۾ اچڻ جي دعوت ڏي ۽ ان کي پنهنجو بالادست بڻائي. تنهن ڪري هن نه چاهيندي به پنهنجي وزير ”فضل ابن سهيل“ سان صلاحي ٿي امام کي مديني کان ”مرو“ گهرايو ۽ کين ولي عهدي قبول ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو. مامون جي ان خلاف توقع ۽ نئين قدم ۾ شروع  ۾ ته سندس حڪمت لاءِ مشڪلاتون لڪل هيون جن مان سڀ کان وڏي مشڪل اها هئي ته عباسين ۽ علوين جي راءِ ان وِک کي چڱو نه پئي ڄاتو. ڇو ته هو اهو ڏسي رهيا هئا ته هن (مامون) خلافت جي مسنَد تي پهچڻ لاءِ پنهنجي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ به اهل بيت جي دشمنن ۾ شمار پڻ ٿيو پئي.

ان لاءِ مامون ڪنهن به ممڪن صورت کي پنهنجي صدق ۽ اخلاص سان ثابت ڪرڻ لاءِ هيٺيان طريقا اختيار ڪيا:

1 ــ ڪارو لباس جيڪو عباسين جو لباس هئو. بدن تان لاهي اڇلايائين ۽ سبز لباس جيڪو علوين جو لباس هو اهو پائڻ لڳو.

2 ــ هن حڪم ڪيو ته امام رضا3 جي نالي جو سڪو بڻايو وڃي  ۽ سڀني شهرن ۾ مديني سميت امام جي نالي جو خطبو پڙهيو وڃي.

3 ــ پنهنجي ڌيءَ ”امِ حبيبه“ کي جڏهن جو اها امام کان چاليهه سال ننڍي هئي. امام جي زوجيت ۾ ڏنائين.

4 ــ امام رضا3 ۽ علوين جو بظاهر ادب ۽ احترام ڪرڻ لڳو.

مامون مطمئن هئو ته انهن طريقن مان ڪو به طريقو ايسيتائين جو امام جي لاءِ بيعت وٺڻ به هن لاءِ نقصان جو باعث ناهي. اها سياست اختيار ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته ان وقت علوين جي شورش کي روڪي ڇڏجي ۽ هڪ گهڻ وقتي منصوبي مطابق امام کي منظر تان هٽائي ڇڏجي.

ولي عهدي جو واقعو

امام رضا3 جي ولي عهدي جي واقعي کي ٻن طريقن کان جاچڻ گهرجي. هڪ ته ان زماني جي خلافت جي مشنري جي سياست ۽ اعتبار کان ٻيو امام جي نظريي موجب.

الف ــ خلافت جي سياست جي اعتبار کان

ولي عهدي جي مسئلي ۾ مامون جا ڪجهه مقصد ڳجها هئا انهن مان اهم ترين مقصدن طرف اشارو ڪجي ٿو:

1 ــ امام رضا3 جي شخصيت کان جيڪو خطرو هيس ان کان پاڻ کي بچائڻ

2 ــ امام کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکڻ ۽ شايد مامون پنهنجي ڌيءُ سان امام جي شادي ان ڪري ڪئي جو کين ٻاهران قابو ڪرڻ کانسواءِ سندن داخلي زندگي ۾ به هڪ نگهبان اهڙو مقرر ڪجي جيڪو هن (مامون) لاءِ ڀروسي جوڳو هجي. ۽ امام جو اعتماد به حاصل ڪري سگهي. تنهن ڪري اسين ڏسون ٿا ته امام کي ”مرو“ سڏيندي ئي هن جاسوسن کي مقرر ڪري ڇڏيو. هن هشام ابن ابراهيم راشديءَ کي جيڪو امام جي ويجهن ماڻهن مان هو ۽ امام جا ڪم ان جي ذمي هئا. ان فضل ابن سهيل ۽ مامون سان رابطو ڪري کين پنهنجي خاص حيثيت کان آگاهه ڪيو ۽ مامون (به) کيس (عمومي رابطي جو ذميدار) امام جو حاجب بڻائي ڇڏيو. جنهن کان پوءِ جنهن لاءِ هشام چاهي اهوئي امام سان ملاقات ڪري پيو سگهي. نتيجو اهو نڪتو جو امام جي دوستن جي ملاقات گهٽجي ويئي ۽ امام جي گهر ۾ جو ڪجهه وهي واپري پيو ان کان هشام، مامون کي باخبر ڪندو رهندو هو. (15) اهڙي طرح هن امام جي شيعن ۽ مائٽن جي مڪمل ڄاڻ حاصل ڪري ورتي.

3 ــ معاشرتي زندگي ۽ عوام جي مرڪز سان امام جو رابطو ڪٽي ڇڏڻ اهڙيءَ ريت سندن دوستن کي امام تائين پهچڻ نه ڏجي ۽ اهي ڇڙوڇڙ ٿي وڃن.

4 ــ امام جي معنوي حيثيت ۽ نفوذ سان علوين جي شورش کي ختم ڪرڻ ۽ عباسين جي خلاف ماڻهن جي ڪيني، ڪاوڙ ۽ غضب کي ختم ڪرڻ جو فائدو ماڻڻ، هن اهو سمجهيو هو ته امام جي معنوي حيثيت ۽ جيتري عوامي پشت پناهي کين حاصل آهي. ساڻن سلسلو (مائٽي) ڳنڍي اوتري ئي جاءِ ماڻهن (جي دلين) ۾ پيدا ڪري سگهندو.

5 ــ پنهنجي حڪومت کي شرعي حيثيت ڏيڻ، ان لاءِ جو علوين کانسواءِ جيڪي بني عباس جي حڪومت جي بنياد کي غير شرعي سمجهن پيا. جيڪي ماڻهو مامون جي ذريعي قانوني خليفي يعني امين جي قتل جو سبب، خلافت بني عباس کي مڃيندي به هو مامون جي خلافت کي شڪ ۽ شبهي جي نگاهه سان ڏسندا هئا. ان ڪري ئي ڪيترن ماڻهن مامون جي بيعت نه ڪئي هئي. (16)

6 ــ اهل بيت جي الاهي رهبري کي داغدار بڻائڻ ۽ امام رضا3 جي سماجي ۽ معنوي حيثيت کي ڀڃي ڀور ڪرڻ، ان لاءِ جو مامون اهو سوچي پيو ته امام طرفان ولي عهدي کي قبول ڪرڻ سان سندن معنوي رهبري کي ڌڪ رسندو ۽ امام تان ماڻهن جو اعتماد ٽٽي پوندو.

خاص طور تي عمر جي ان فرق جيڪو امام ۽ مامون جي وچ ۾ هو. امام مامون کان عمر ۾ 22 سال وڏا هئا (ان صورت ۾) ولي عهدي قبول ڪرڻ ڪرڻ کي ماڻهو امام جي دوستي ۽ دنيا پرستي خيال ڪن ها ڇا لئه جو اهو مسئلو اهل بيت جي ان نظريي ۽ نعري جي خلاف هو جيڪو پاڻ بلند ڪندا هئا. (يعني خلافت الٰهي منصب آهي جيڪو اهل بيت کي  مليل آهي.)

ائين امام مامون سان هڪ گفتگو ۾ ان نقطي ڏانهن اشارو فرمايو هو، پاڻ فرمائن ٿا ته:

”تون اهو ٿو چاهين ته ماڻهو چوڻ لڳن ته علي ابن موسيٰ4دنيا کان بيزار نه آهن. اها دنيا آهي جيڪا هن وٽ آئي ئي ناهي، ڇا توهان نه ٿا ڏسو ته هن ڪهڙي طرح خلافت جي طمع ۾ ولي عهدي قبول ڪري ورتي آهي.“ (17)

ٻئي پاسي مامون کي اها خبر هئي ته امام جو حڪومت جي مشنري ۾ داخل ٿيڻ سان انهن سڀني خرابين ۽ عظيم انحرافات کان پوءِ اصلاح جو باعث نه بڻيو. هو چاهي پيو ته (ان ريت) امام کي اهڙي جاءِ تي آڻجي ته جيئن امام کي سمجهائي سگهجي ته امام امرِ خلافت جي لائق نه آهي.

مامون ”حميد ابن مهران“ ۽ ٻين عباسين جي جواب ۾ جيڪي امام رضا3 کي ولي عهدي ڏيڻ تي کيس ملامت ڪندا هئا، پنهنجي مقصدن کي ڳڻائيندي اعتراف ڪيو ته:

”...... پاڻ (امام) اسان کان لڪل ۽ پري هئا ماڻهن کي پنهنجي (حڪومت) طرف دعوت ڏيئي رهيا هئا اسان چاهيو ته کيس ولي عهد قرار ڏيون جيئن سندن دعوت اسان جي لئه ٿئي ۽ پاڻ اسان جي سلطنت ۽ خلافت جو اعتراف ڪن ته جيئن سندن شيدائي اهو سمجهن ته جنهن شيءِ جي پاڻ دعوي ڪري رهيا آهن ڳالهه اها ناهي ۽ هيءَ خلافت اسان (عباسين) جو حق آهي. انهن (اهل بيت) جو نه. اسان کي اهو ڊپ هو ته جيڪڏهن کين پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو ويندو ته پاڻ مَمَڻُ مچائي ڇڏيندا. اهڙو ممڻ جنهن کي اسان ماڻهو روڪي نه سگهون ها ۽ هي اهڙي صورت پيدا ڪن ها جنهن جي مقابلي جي سگهه اسان ۾ نه آهي.“ (18)

ب ــ امام جي نقطه نگاهه کان

امام کي جڏهن مامون پاران اها آڇ ٿي ته پاڻ سختي سان ان کي ٿُڏيندي جواب ۾ وراڻيائون: ”جيڪڏهن خلافت تنهنجو حق آهي ته توکي اهو حق نه آهي ته (تون) خدا جي ان پهرايل لباس کي پنهنجي جسم تان لاهي (خدا جي مرضي ڌاران سٻئي کي پهرائين ۽ جيڪڏهن تنهنجو حق ناهي ته اها شيءِ تون ڪيئن ٻئي کي ڏيئي رهيو آهين جيڪا تنهنجي ملڪيت ناهي.“(19)

مامون ولي عهدي جي پيشڪش ڪئي ۽ امام کي هر طرف کان ان کي قبول ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ چيائين “عمر ابن خطاب پاڻ کان پوءِ خلافت جي منصب لاءِ هڪ شوريٰ (ڪاميٽي) بڻائي ۽ ان کي حڪم ڪيائين ته جيڪو مخالفت ڪري ان کي موت جي سزا ڏجو. هاڻ مون جيڪو ارادو ڪيو آهي ان کي قبول ڪرڻ کانسواءِ (اوهان لاءِ) ڪا ٻي راهه ناهي نه ته مان اوهان جي لاءِ موت جو حڪم جاري ڪندس.”

امام ان پيشڪش کي ڪجهه ڀيرا ٿڏڻ کان پوءِ زور زبردستي ۽ مشروط طريقي  تي ولي عهدي قبول ڪئي. (20)

ولي عهديءَ جي باري ۾ امام جو مؤقف پڌرو ڪرڻ لاءِ اسان مختصر طور تي ٽن موضوعن تي تحقيق ڪنداسون.

1 ــ امام جي ناراضپي جا دليل

2 ــ ولي عهدي قبول ڪرڻ جا دليل

3 ــ امام جو احتجاجي رويو.

 

امام جي ناراضپي جا دليل

ريان اباصلت ٻڌائي ٿو ته مون امام رضا3 جي خدمت ۾ عرض ڪيو: ”اي فرزندِ رسول! ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته اوهان مامون جي ولي عهدي کي قبول ڪيو آهي باوجود ان جي جو اوهين دنيا جي نسبت زهد ۽ بي رغبتي جو اظهار فرمائيندا آهيو!“ امام فرمايو: ”هي ڪم منهنجي خوشيءِ جو باعث نه هو پر مان ولي عهدي کي قبول ڪرڻ ۽ قتل ٿيڻ جي متعلق ٻڏتر جو شڪار هيم. (تنهنڪري) لاچار مون ولي عهدي کي قبوليو....“ (21)

محمد ابن عرفه بيان ٿو ڪري ته امام کي عرض ڪيم اي فرزندِ رسول خدا! اوهان ولي عهدي ڇو قبولي؟ پاڻ فرمايائون: ”ان دليل سان جنهن سان منهنجي ڏاڏي علي3کي شوريٰ ۾ شرڪت ڪرڻ تي آماده ڪيو ويو هو“(22)

امام جي ٻانهي ياسر جو بيان آهي ته: ”امام جو ولي عهدي کي قبول ڪرڻ کان پوءِ مون کين ڏٺو ته پاڻ هٿ آسمان ڏانهن ڊگها ڪري فرمائيندا هئا ته: خدا يا تون ته ڄاڻين ٿو ته مون ان کي زور زبردستي سببان قبوليو آهي. تنهن ڪري مون کان حساب نه وٺج جيئن تو پنهنجي ٻانهي يوسف کان جڏهن هن مصر جي حڪومت قبولي هئي حساب نه ورتو.“ (23)

2. ولي عهدي قبولڻ جا دليل

ولي عهدي جو انهن شرطن سان قبول ڪرڻ جيڪي امام (مامون جي) اڳيان رکيون هيون، ان زماني جي سياسي ۽ گڏيل مصلحت جي گهرج هئي نه ته جيڪڏهن ڪا به مصلحت ان جي قبول ڪرڻ ۾ (انهن مقصدن جي حاصلات ۾ مددگار ثابت) نه هجي ها ته امام جن قبول ئي نه ڪن ها. پوءِ سندن خون ئي ڇو نه وهايو وڃي ها. ان عنوان کي چِٽو ڪرڻ لاءِ ڪجهه نقطا پيش ڪجن ٿا.

انڪار جي صورت ۾ امام کي جيڪا قيمت ادا ڪرڻي پوي ها اها سندن  (فقط) جان ئي نه هئي بلڪه علوي ۽ (سندن) دوست (شيعه) سڀئي هڪ وڏي خطري ۾ ڦاسن ها ۽ اهڙي طرح ڪو گهربل نتيجو به نه ملي ها. شيعن جي امامن جي جاءِ ان وقت تائين قيد خانن ۽ شهادتگاهن ۾ هئي ۽ شيعه جيڪي (حقيقت ۾) اسلامي خلافت جا حقدار هئا. اميرالمؤمنين علي3جي ظاهري چوٿون نمبر خلافت کانسواءِ ڪڏهن به (کين) قانوني حيثيت (ظاهري حيثيت) نه ملي هئي نه هو تختِ خلافت تي اچي (معاشري ۾) ترقي ڪري رستو (حق جو) طئي ڪن.

وڏن جي مسلسل جهاد ۽ انهن جي پاڪ خون جي اها قيمت هئي جو اها حيثيت امام علي رضا3 جي اعليٰ شخصيت ۾ اجاگر ٿي ۽ (اها وقت جي تقاضا هئي ته) ان مان فائدو ماڻڻو هو ته ماڻهو اهو نه سمجهن ته اهل بيت جيئن ماڻهن ۾ مشهور ڪيو ويو هيو ته صرف عالم ۽ فقيهه آهن جن جو سياست ۽ علمي ميدان (حڪومت) ۾ ڪو به حصو نه آهي ۽ شايد ابن عرفه کي امام جو جواب به ان ڳالهه طرف اشارو هجي. امام پنهنجي ولي عهدي جي زماني ۾ مامون جي اصلي چهري کي ماڻهن جي آڏو وائکو ڪرڻ ۽ ان جي نيت ۽ مقصد جي پول کي پڌرو ڪري ماڻهن جي ذهن ۽ دماغ کي هر طرح جي شڪ شبهي کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب بڻيا. جيڪي ڪچهريون مامون قائم ڪيون ان ۾ امام جن علومِ اهل بيت جي برتري ۽ ٻين جي انحراف کي ظاهر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا.

3. احتجاجي رويو

امام، مامون جي بهاني بازي واري سياست کي منڍ کان ئي سڃاتو ان لاءِ ولي عهدي کي قبول ڪرڻ کان اڳواٽ ئي مامون جي (حڪومتي) ڍانچي جي مقابلي ۾منفي مؤقف اختيار فرمايو. نموني جي طور تي ان مان ڪجهه مؤقف پيش ڪجن ٿا.

مامون جي خواهش هئي ته پاڻ پنهنجي خاندان مان جنهن کي چاهن پاڻ سان گڏ آڻن پر ان جي ابتڙ امام اهو ٻڌائڻ لاءِ ته هي هڪ (زور) زبردستيءَ جو سفر آهي ۽ مون کي وطن کان پري ٿو ڪيو وڃي. (تنهنڪري) پنهنجي خاندان مان ڪنهن کي به ايسيتائين جو پنهنجي هڪڙي پٽ امام جواد3 (محمد تقي3) کي به پاڻ سان نه آندائون ۽ گهران نڪرڻ مهل پنهنجي خاندان کي پنهنجو آڏو روئڻ جي خواهش ڪيائون. (24)

امام مديني کان ”مرو“ جي رستي ۾ جڏهن نيشاپور پهتا ته عالمن ۽ مختلف گروهن جي ماڻهن سندن استقبال ڪيو، امام انهن جي خواهش تي هيءَ حديث بيان فرمائي جيڪا سِلسِلَةُ الذَّهَب جي نالي سان مشهور آهي

 ”الله عَزَوَجَلَ يَقُولُ: لاَ اِلٰهَ اِلاَ اللهُ حِصنِي فَمَن قَالَهَا دَخَلَ حِصنِي وَمَن دَخَلَ حِصنِي اَمِنَ مِن عَذَابِي“

”خدا وند عالم فرمائي ٿو ته ڪلمه توحيد منهنجو قلعو آهي جنهن اهو ڪلمو پڙهيو اهو منهنجي قلعي ۾ داخل ٿيو ۽ جيڪو منهنجي قلعي ۾ داخل ٿيو اهو منهنجي عذاب کان محفوظ ٿيو.“ (25)

جڏهن حديث ختم ٿي ته امام پنهنجي سواري اڳتي وڌائي پر ڪجهه قدم هلڻ کان پوءِ وري بيٺا ۽ سر (مبارڪ) پالاڻ مان ٻاهر ڪڍي فرمايائون:

”بِشُرُوطِهَاوَاَنَا مِن شُرُوطِهَا“

ڪلمه توحيد جا ڪجهه شرط آهن ۽ انهن مان هڪ (شرط) مان آهيان.

ان جاءِ تي امام ولايت جي مسئلي کي توحيد جي بنيادي مسئلي سان گڏ بيان فرمايو ۽ جملي ”اَنَا مِن شُرُوطِهَا“ جي ذريعي پنهنجي بنيادي ۽ مجموعي حيثيت جي نشاندهي فرمائي، ان سبب کان پاڻ روايت بيان ڪرڻ کان پهرين ان روايت جي سلسلي کي به بيان فرمايائون ۽ ماڻهن جي وڏي انگ کي اهو سمجهايائون ته امت جي رهبري ۽ ولايت جو تعلق مبداءِ اعليٰ ۽ خدا سان آهي. ان ريت پاڻ پنهنجي امامت کي خدا جي طرف منسوب ڪري مامون جي حڪومت کي شرعي حيثيت مطابق ”باطل“ قرار ڏئي کيس ڌڪي وڌائون.

امام ولي عهدي قبول ڪرڻ لاءِ ڪجهه شرط رکيا ۽ فرمايائون (ولي عهدي) کي مون قبول ڪيو آهي پر شرط هي آهي ته امر ۽ نهي(حڪم ۽ منع)ڪرڻ وارو مفتي ۽ قاضي نه ٿيندس، ڪنهن (حڪومتي عهديدار) کي معزول يا مقرر نه ڪندس ۽ ڪنهن شيءِ کي تبديل نه ڪندس۔[9]

امام اهو منفي مؤقف اختيار ڪري مامون جي ڪجهه مقصدن کي ڪاپاري ڌڪ هنيو.

ڇا لئه جو اها روش هيٺين ڳالهين جي دليل آهي:

الف ــ ماڻهن جي ذهنن ۾ گهڻا شڪ شبها پيدا ڪرڻ ۽ نتيجي ۾ مامون کي مشڪوڪ بڻائڻ.

ب ــ مامون جي حڪومت جي شرعي حيثيت کي ختم ڪرڻ

ج ــ پنهنجي پارسائي ۽ زهد جو دليل.

عيد جي نماز ۽ امام جو مؤقف

مامون چاهيو ته امام جن عيد جي نماز پڙهائن، پاڻ فرمايائون ته، تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ جيڪي شرط آهن انهن مطابق منهنجو ”انڪار“ سمجهه مامون چيو:”اسان جو مقصد هي آهي ته ماڻهو مطمئن ٿين ۽ اوهان جي فضيلت سڃاڻين.“

امام جڏهن مامون جو اصرار ڏٺو ته فرمايائون: جيڪڏهن مون کي لاچار ان ڪم لاءِ وڃڻو ئي پيو ته مان نماز ادا ڪرڻ لاءِ رسولِ خدا ۽ حضرت اميرالمؤمنين وانگر ويندس.

مامون قبول ڪيو ۽ حڪم ڪيائين ته حاڪم، دٻاري ۽ عام ماڻهو عيد جي صبح جو امام رضا3 جي گهر ٻاهران موجود رهن.

عيد جي صبح جو، امام غسل فرمايو ۽ سفيد عمامو مخصوص انداز سان پنهنجي سر مبارڪ تي رکيائون پنهنجو پاڻ کي خوشبوءِ سان واسيائون. هٿ ۾ عصا کنيائون ۽ اگهاڙي پيرين ان حالت ۾ جو سندن لباس پنين تائين مٿي هو (گهران) نڪتا ۽ پنهنجي گهر جي ماڻهن کي به حڪم ڪيائون ته ان انداز سان ٻاهر نڪرن. تنهن کان پوءِ پاڻ سر مبارڪ آسمان جي طرف بلند ڪندي تڪبير چيائون سندن همراهين به تڪبير چئي.

لشڪر جو ڪمانڊر، مملڪت جا وڏا ماڻهو ۽ عوام (امام جي) گهر ٻاهران سينگارجي سنوارجي بيٺا هئا. جڏهن امام کي ان حالت ۾ ڏٺائون ته سوارين تان لهي پيا ۽ پيرن مان جوتا ڪڍي ڇڏيائون. امام تڪبيرون ورجائي رهيا هئا ۽ سڀئي ماڻهو ساڻن گڏ تڪبير چئي رهيا هئا. ماحول مان اهڙي عظمت ڦٽي رهي هئي ۽ اهڙو شور پئي ٿيو ڄڻ ته زمين، آسمان، در ۽ ديوارن ۽ سڄو مرو جو شهر ساڻن گڏ تڪبير چوندا هجن. ماڻهن تي اهڙي ڪيفيت طاري ٿي جو بي اختيار روڄ راڙي جا آواز بلند ٿيڻ لڳا. امام جن رستي ۾ هلندي هر ڏهين قدم تي بيهي چار تڪبيرون چوندا رهيا.

”اللّهُ اکبَرُ اَللهُ اکبَرُ عَليٰ ماهَدانَا اَللهُ اکبَرُ عَليٰ مَا رَزَقنَا مِن بَهِيمَة الاَنعَام وَالحَمدُ  ِللهِ عَليٰ مَا اَبلاَنَا“

فضل ابن سهيل اها رپورٽ مامون ڏي اماڻي ۽ صلاح ڏنائين ته ”جيڪڏهن رضا3 ائين وڌندو رهيو ته فتنو ۽ فساد ڦٽي پوندو ۽ اسان وٽ (پنهنجي) جان بچائڻ جي به ڪا واهه ناهي. تون کيس پيغام موڪل ته موٽي اچي.“

مامون، امام ڏانهن نياپو ڪيو ته: ”مون اوهان کي زحمت ڏني، هاڻ اوهين موٽي اچو، جيڪو پهرين نماز پڙهائيندو هيو اهو ئي نماز پڙهائيندو.“ امام اتان ئي موٽيا. (26)

 اهي ماڻهو جيڪي ڏکويل ۽ پيڙهيل هئا اهي مامون جي نفاق ۽ عواميءَ فريبيءَ کي سمجهي ويا ۽ اهو به سمجهيائون ته مامون، امام جي لاءِ جو ڪجهه ڪري رهيو آهي اهو فقط ڏيکاءُ آهي ۽ سندن هدف پنهنجي سياسي مقصد تائين پهچڻ آهي.

شهادت

مامون، امام جي ڏهاڙي وڌندڙ حيثيت ۽ عزت کي ڏسندي سدائين ڊنل رهندو هو. هو اهو سمجهي ويو ته امام کي پنهنجي سياسي مول متي جي لاءِ ڪنهن به طريقي استعمال نه ٿو ڪري سگهي تڏهن هن امام جي قتل جو ارادو ڪيو. ڇو جو هو ڄاڻي پيو ته جيئن جيئن وقت گذرندو ويندوتيئن امام جي عظمت ۽ حقانيت (وڌيڪ) پڌري ٿيندي ويندي ۽ سندس(مامون جو) فريب ۽ نفاق چٽو ٿيندو ويندو.

ٻئي پاسي امام کي ولي عهد مقرر ڪرڻ تي بني عباس خليفي تي ڪاوڙيل هئا ۽ ان وقت تائين ايترا ته ڪاوڙجي چڪا هئا جو هنن پنهنجي مخالفت ظاهر ڪرڻ جي خيال کان ”ابراهيم ابن مهدي عباسي“ جي بيعت ڪري ڇڏي. (27)

تنهن ڪري مخصوص منصوبي تحت صفر مهيني جي آخر ۾ سن ۲۰۳ هه جڏهن امام جي عمر مبارڪ 55 سال هئي کين زهر ڏئي ڇڏيائين. (28) ۽ پنهنجي جرم تي پردو وجهڻ جي لاءِ شهادت جي خبر پکيڙي گريبان ڦاڙي منهن مٿو پٽيندي اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي امام جي گهر ڏانهن ڊوڙيو.

ماڻهو امام جي شهادت جي خبر ٻڌندي ئي سندن گهر جي آسپاس گڏ ٿيڻ لڳا روڄ راڙي جو آواز بلند ٿيو، مامون کي امام جي قاتل جي حيثيت ۾ ماڻهو ياد ڪرڻ لڳا ۽ وڏي واڪي پار ڪڍي رهيا هئا ته ”رسول خدا جو فرزند قتل ڪيو ويو آهي.“ (قَتِلَ اَبنَ رسول الله) ۽ پاڻ کي پاڪ جنازي ۾ وڃڻ لاءِ تيار ڪري رهيا هئا.

مامون محسوس ڪيو ته جيڪڏهن سندن جنازو مبارڪ ظاهراً کنيو ويو ته ٿي سگهي ٿو ته ڪو حادثو پيش اچي تنهن ڪري هن حڪم ڪيو ته: ”اعلان ڪيو وڃي ته اڄ جنازو نه کنيو ويندو.“

جڏهن ماڻهو ٽڙي پکڙجي ويا ته راتورات امام کي غسل ڏنو ويو ۽ هارون  جي قبر ڀرسان ”باغ حميد ابن قحطبه“ ۾ کين دفنايو ويو. (29)

(انَالله وَاِنَا اِلَيهِ رَاجِعُونَ)

 

 

 

حوالا

1 ــ  ڪافي جلد پهريون ص 406 / اعلام الوريٰ ص 313 / ارشاد مفيد ص 304 / بحار جلد 49 ص 2 ۽ 3 / فصول المهمہ ص 244.

2 ــ هن بيبيءَ جو ٻيو نالو ”تَڪَتُم“ هو.

3 ــ اعلام الوريٰ ص 313

4 ــ اعلام الوريٰ ص 316 / ڪافي جلد پهريون ص 249 / ارشاد مفيد ص 306 / الفصول المهمة ص 244.

5 ــ اعلام الوريٰ ص 327 / بحار ــ ج 49 ص 91 ــ 90 / مناقب ــ ج 4 ص 360 / عيون اخبار الرضا ج 2 ص 183 ــ 182.

6 ــ اعلام الوريٰ ص 228/ بحار ج 49 ص 89 / عيون اخبار الرضا ج 2 ص 176 / مناقب ج 4 ص 360.

7 ــ مناقب ج 4 ص 362 / بحار ــ ج 49 ص 99

8 ــ ڪافي ج 5 ص 298 / بحار ــ ج 49 ص 102.

9 ــ مناقب ج 4 ص 360.

10 ــ دائرة المعارف فريد وجدي ج 4 ص 350 ”ماده رضا“ (معني لفظ ”رضا“ جو ڌاتو ۽ ان لفظ سان لاڳاپيل تشريح ۽ مواد وغيره) / مروج الذهب ج 3 ص 441 / ڪامل ابن اثير ــ ج 6 ص 326 / طبري ــ ج 8 ص 554.

11 ــ ارشاد مفيد ص 318 / بحار ــ ج 49 ص 113 ــ 115 / مناقب ج 4 ص 340/اعلام الوريٰ ص 225 / الفصول المهمة ص 245.

12 ــ عيون اخبار الرضا ــ ج 2 ص 162 ــ 161 / الحياة السياسية الامام الرضا ص 146 / مناقب ج 4 ص 347 / اعلان الوريٰ ص 338.

13 ــ ضحي الاسلام ج 3 ص 294 / تاريخ طبري ج 8 ص 530 / الحياة السياسية الامام الرضا ص 83.

14 ــ الحياة السياسية الامام الرضا ص 183 ــ هن صاحب مقاتل طالبين ۽ البدايہ و النهايہ تان حوالا آندا آهن.

15 ــ الحياة السياسية الامام الرضا ص 214 ــ 213 / بحار ــ ج 49 ص 139 / مسند امام رضا ج پهريون ص 78 ــ 77 عيون اخبار الرضا ج 49 ص 129.

16 ــ الحياة السياسية الامام الرضا 189 ــ 188.

17 ــ مناقب ج 4 ص 363 / عيون اخبار الرضا ج 2 ص 139 / بحار ــ ج 49 ص 129.

18 ــ انوار البهية ص 207 / مناقب ج 4 ص 367/اعلان الوريٰ ص 343.

19 ــ مناقب ج 4 ص 363 / بحار ــ ج 49 ص 129 / بحار ــ ج 49 ص 129 / عيون اخبار الرضا ج 2 ص 139 ــ 138.

20 ــ مناقب جلد 4 ص 363 ــ 362 / بحار ــ ج 49 ص 130 ــ 129 / ارشايد مفيد ص ــ 310 / عيون اخبار الرضا ــ ج 2 ص 139 ــ 138/ اعلام الوريٰ ص 333 ــ 334.

21 ــ عيون اخبار الرضا ج 2 ص136 / بحار ج 49 ص 130.

22 ــ عيون اخبار الرضا ج 2 ص 139 / مناقب ج 4 ص 364 / بحار ج 49 ص 140. متان امام جو نظريو هي هجي ته ماڻهو اهل بيت کي سياست جي ميدان ۾ ڏسن (ياد رکن) ۽ کين وساري نه ويهن. شايد اصل جي تشبيهه ڳجهي مصلحت تي مشتمل هجي.

23 ــ مناقب ج 4 ص 364 / بحار ج 49 ص 130.

24 ــ بحار ج 49 ص 117 / مناقب ج 4 ص 340 / عيون اخبار الرضا ج 2  ص 219.

25 ــ بحار ج 49 ص 123 / مسند امام رضا ج 1 ص 59 “مقدمو“ ۽ 43 / عيون اخبار الرضا ج 2 ص 132 ــ 134 / الفصول المهمہ ص 254.

26 ــ ارشاد مفيد ص 313 ــ 312 / الحياة السياسية الامام الرضا ص 355 ــ 353 / عيون اخبار الرضا ج 2 ص 149 ــ 148 / بحار ج 49 ص 135 ــ 134 / اعلام الوريٰ ص 336 ــ 337 / الفصول المهمة ص 261 ــ 260.

27 ــ عيون اخبار الرضا ج 2 ص 163 / ڪامل ابن اثير ج 6 ص 327 ــ 341.

28 ــ بحار ج 49 ص 2 / ارشاد مفيد ص 304 / مسند الامام الرضا ج 1 ص 10 / ڪافي جلد پهريون ص 406 / الفصول المهمہ ص 264.

29 ــ عيون اخبار الرضا ج 2 ص 244 / مسند الامام الرضا ج پهريون ص 131 ــ 130.

 



[1] وَالاَمرُ اِلِيٰ اِبنِي عَلِيِ سُمِيٰ عَلِيُ وَ عَلِيُ.

(اعلام الوريٰ ص 318 ــ 317  ڪافي ج پهريون ص 252 ــ 251 / ارشاد مفيد ص 307 ــ 306.)

[2] اِنَا قَومُ لاَنَستَخدِمُ اَضيَافَنَا (ڪافي جلد 6 ص 284 / بحار ــ ج 49 ص 103)

[3] مَھ اِنَ الرَبَ وَاحِدُ وَالاَبَ وَاحِدُ وَالجَزَاءَ بِالاَعمَالِ      (بحار ــ ج 49 ص 101 / ڪافي ج 8 ص 230.)

[4] هٰذَا خَيرُ اَهلِ اَلاَرضِ وَاَعلَمُهُم وَاَعبدُ هُم.. (عيون اخبار الرضا جلد 2 ص 182 / بحار ــ ج 49 ص 95)

[5] اِن اَخَذَ هَارُونُ مِن رًاسِي شَعرَةً فَاشَهَدُوا اَنِي لَستُ بِــاِمَامِ”  (ڪافي جلد 8 ص 258 / مناقب ج 4 ص 329)

آخر ائين ئي ٿيو جيئن امام فرمايو هوته هارون کي امام ۾ هٿ وجهڻ جي فرصت ملڻ بدران هو پنهنجن سپاهين سان مشرقي ايران ۾ اٿيل شورش کي دٻائڻ لاءِ خراسان وٽان لانگهائو ٿيو، رستي ۾ بيمار ٿيو ۽ آخر سن 193 هه ۾ طوس ۾ مري ويو.

                                                          (تاريخ ابوالغداء ــ ج پهريون جز ٻيون ص 18)

[6] ان اختلاف جو سبب هي هيو جو هارون، امين کي پاڻ کان پوءِ خليفو مقرر ڪيو هو پر سندس شرط هي هيو ته هو مامون کي پاڻ کان پوءِ وليعهد بڻائيندو ۽ خراسان صوبي جي حڪومت ان جي حوالي ڪندو. پر امين، هارون جي موت کان پوءِ مامون کي وليعهدي تان معزول ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي پٽ موسيٰ کي ان عهدي لاءِ نامزد ڪري ڇڏيائين اهائي ڳالهه ٻنهي جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ خوني جنگ جو باعث بڻي.   (ڪامل ابن اثير ــ ج 6 ص 227)

[7] وَلَقَد کُنتُ بِاَلمدِينَة وکِتَابِيَ يَنَفذُ المُشرِق وَالمَغرِب.“  (بحار ــ ج 49 ص 155 ــ 144 / ڪافي ج 8 ص 151)

[8] هي سيدزادو، امام حسن، جي نسل مان هيو، ابوالفرج جابر بن جعفي کان روايت ڪئي آهي ته حضرت امام محمد باقر3 هن جي خروج جي خبر (اڳواٽ) ڏيئي ڇڏي هئي فرمايو هيائون. سن 199 هه ۾ اسان اهل بيت مان هڪ شخص ڪوفي جي منبر تي خطبو پڙهندو خدا ان جي وجود جي بنياد تي ملائڪن تي فخر ڪندو.

                                                        (تتمة المنتهيٰ ص 264 / مقاتل الطالبين ص 348.)

[9] اُجِيُکَ اِليٰ مَا تُرِيدُ مِن وِلاَيَةِ العَهدِ عَليٰ اَنَنِي لاَ اَمَرُو لاَ اَنهيٰ وَلاَ اَفتيٰ وَلاَ اَقضِيٰ وَلاَ اٰوَيٰ وَلاَ اَعزَلً وَلاَ اَلغيٰ شَيئاً مِمَا هُو قَائِم.                  (مناقب ج 4 ص 363 / ارشاد ــ ص 310 / اعلام الوريٰ ص 334.)

free spy apps for android phones read best android spy app

ڀلي ڪري آيا


اسان جا سوشل ميڊيا جا صفحه پسند ڪريو.
رابطو ڪريو

© سڀ حق ۽ واسطا صراط المستقيم وٽ محفوظ آهن