روزانه حديث:
حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام فرمايو حيا، ايمان جو حصو آهي ۽ ايمان (جو مقام) بهشت آهي، بي حيائي ظلم و جفا (جو مقام) جهنم آهي. (ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 4562 )
نيوز ليٽر
اسان جو نيوز ليٽر حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اي ميل ايڊريس ڏيو.
اسلامي فلم سيڪشن

مقام ۽ فضائلِ قرآن
what is hiv positive link hiv positive symptoms
pictures of hiv rashes site what causes aids virus


بسم الله الرّحمن الرّحيم

مقام ۽ فضائل قرآن:

سهيڙيندڙ : برڪت علي کوسو

مقدمو:

 

قرآن مجيد الله تعالى طرفان دين اسلام بابت سڄي دنيا لاءِ نظام حيات ڪتاب آهي. جنهن ۾ انسانيت جي هدايت ۽ ان کي انتهائي ڪمال تائين پهچائڻ جون راهون ۽ رستا ٻڌايل آهن ۽ قرآن ڪريم غور ۽ فڪر ڪرڻ وارن لاءِ سعادت ۽ خوشبختيءَ جو پيغام آهي. هن جون آيتون حڪمت ڀريل ۽ نصيحت ڀريل آهن هن جوظاهر سهڻو ۽ باطن گھرو آهي هن جي تَههَ تائين سواءِ راسخون في العلم جي ڪوئي به پهچي نٿوسگھي.
هن جي خصوصيات
  کي ڪو به شمار نٿو ڪري سگھي هي دليلن جي بهار ۽ گمراھن لاءِ هدايت آهي مريض ۽ بيمار لاءِ شفا آهي اگر مشڪلاتون ۽ تڪليفون گھيري وڃن ته هن عظيم ۽ پاڪ ڪتاب  جي طرف رجوع  ڪري پنهنجي هر تڪليف کي دور ڪري سگھجي ٿو. هن جي آيتن ۾ اهڙو اعجاز سمايل آهي جو ان جي تلاوت ڪرڻ واري کي ٿڪاوٽ ، سستي ۽ ڪاهلي محسوس نٿي ٿئي بلڪه ايمان ، نور ۽ دل جي روشنيءَ ۾ اضافو ٿئي ٿو.

قرآن مجيد جو مقام قرآن جي نظر ۾:

قل هو للّذين امنوا هديَ وّشفآءُ (سوره حم،سجده /45)

اي منهنجا حبيب چئي ڏي هي (قرآن) ان جي لاءِ هدايت ۽ شفا آهي جنهن ايمان آندو

هديَ وّشفاءُ يعني انسان جي خالي ذهن جي لاءِ هي قرآن هدايت آهي ۽ ڪفر،نفاق ،شرڪ جي بيمارين ۾ مبتلاٿيل انسانن جي لاءِ قرآن مجيد شفا ۽ تندرستي جو پيغام آهي.

هڪ ٻي آيت ۾ آهي ته :

يا أَيُّهَا النَّاسُ قَدْ جاءَتْكُمْ مَوْعِظَةٌ مِنْ رَبِّكُمْ وَ شِفاءٌ لِما فِي الصُّدُورِ وَ هُدىً وَ رَحْمَةٌ لِلْمُؤْمِنين (سوره يونس/57)

ترجمو: اي ماڻھو اوھان جي پالڻھار کان اوھان وٽ نصيحت ۽ جيڪا (بيماري) سينن ۾ آھي تنھن لاءِ شفا ۽ مؤمنن لاءِ ھدايت ۽ رحمت آئي آھي

 

مقام قرآن رسول اڪرم صه جي نظر ۾ :

 

رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو : زيّنوا القرآن باصواتِڪُم (الڪافي ج 2 ص 613 )

ترجمو : قرآن کي زينت بخشيو پنهنجي خوبصورت آوازسان 

 

ٻئي مقام تي رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا.

 

ستّتهُ من المُرُوّت ثلاثته منها في الحضر وثلاثته منها في السّفر فامّا الّتي في الحضر فتلاوتُ ڪتاب الله تعاليٰ وعمارت مساجد الله واتّحاذُ الاخوان في الله عزّوجّل وامّا الّتي في السّفرِ فبذلُ الزّادِ وحُسنُ الخلقِ وغير المعاصي (بحارالنوار  ج 89  ص 190 )

 

ترجمو : ڇھ شيون مروت مجھان آهن انهن مجھان ٽي غير سفر ۾ ۽ ٽي سفر ۾ آهن اهي جيڪي غيرسفر ۾ آهن اهي هي آهن  قرآن جي تلاوت ڪرڻ ، مسجدن کي آباد ڪرڻ، ۽ خدا ڪارڻ ڀائرن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ ۽ اهي شيون جيڪي سفر ۾ آهن اهي هي آهن. سفر جو خرچ ، ڀلو اخلاق ۽ گناھ نه ڪرڻ .


امام علي عليه االسلام، مڪتب قرآن ۽ پيغمبر اسلام صه جا پرورش يافته آهن. پاڻ عليه السلام  نهج البلاغه ۾ پنهنجن ڪلمات، خطبن ۾ مسلسل ۽ مختلف مناسبتن سان قرآن مجيد جون گوناگون خصوصيات بيان ڪيون آهن ۽ اهڙي طرح ان جي قدر و منزلت ماڻهن جي لاءِ بيان ڪئي آهي ۽ ماڻهن کي قرآن مجيد  مان  تدبر ڪرڻ جي ترغيب فرمائي آهي. ايتري تائين جو پنهنجي دنياوي زندگي ۽ آخري گھڙين ۾ به مادي ۽ معنوي فرزندن کي قرآن تي عمل ڪرڻ جي وصيت ڪندي فرمائين ٿا ته خدا جي لاءِ، قرآن مجيد کي مد نظر رکو، هميشه قرآن مجيد جي دستورات تي  عمل ڪرڻ ۾ ٻين کان اڳرائي حاصل ڪريو.

قران مجيد جي لاءِ حضرت امام علي عليه السلام نهج البلاغه ۾ قران مجيد جي مقام ۽ منزلت کي تمام بلند نموني بيان ڪيو آهي، انهن مان ڪجھ خصوصيتون هيٺ بيان ڪجن ٿيون:

1. خير خواه ۽ نصحت ڪرڻ وارو.

2. بهترين رهنما.

3. سچ ڳالهائڻ وارو.

4. سڀ کان محڪم ۽ اطمينان بخش پناه گاه ۽ دستاويز.

5. شفا بخشڻ وارو.

6. علم ۽ دانش جو سرچشمو.

7. سڀ کان وڏي دولت

8. دلين کي زندگي ۽ نشاط بخشڻ وارو.

9. سڀ کان بهتر شفاعت ڪرڻ وار.

10.     هڪ لافاني ڪتاب.

11.     هڪ جامع ڪتاب.

تفصيلي وضاحت :

1.  خير خواه ۽ نصحت ڪرڻ وارو.

ڄاڻي وٺو ته قرآن اهو خير خواه نصيحت ڪرڻ وارو آهي جيڪو ڪڏهن دوکو نه ٿو ڏئي. (حوالو نهج البلاغه، ترجمو، دشتي محمد، خط 47 ص 559 ) 

2. بهترين رهنما.

قرآن مجيد هڪ اهڙو رهنما آهي جيڪو ڪڏهن به گمراه نه ٿو ڪري. (حوالو خطبو 176 )

3. سچ ڳالهائڻ وارو.

قرآن مجيد اهڙو سچ ڳالهائڻ وارو آهي جيڪو ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائندو آهي. (حوالو خطبو 176 )

4. سڀ کان محڪم ۽ اطمينان بخش پناهگاه ۽ دستاويز.

قرآن مجيد تي عمل ڪريو، ڇو ته هي خدا جي محڪم رسي آهي، آشڪار نور آهي، فائديمند علاج ڪندڙ آهي، اڄ ختم ڪندڙ آهي، هن سان واسطي رکڻ واري کي بچائڻ وارو آهي، پاسيرو ناهي جو سڌو ٿي وڃي، باطل جي طرف رجوع ڪندڙ ناهي جو ان کي موٽائجي. (حوالو خطبو 176 )

5. شفا بخشڻ وارو.

قرآن مجيد کان  پنهنجن بيمارين جي شفا گهرو ڇاڪاڻ ته قرآن مجيد ۾ سڀ کان وڏين بيمارين جو علاج موجود آهي، اهي بيماريون ڪفر، نفاق ۽ ضلالت آهي. (حوالو خطبه نمبر 156، ص 291)

6. علم ۽ دانش جو سرچشمو.

تمام علمن ۽ دانش جا سرچسما قرآن ۾ آهن.خدا وند تعالى قرآن مجيد کي دانشورن جي علمي اڃ ختم ڪرڻ وارو، فقيهن جي دلين تي بهار جي برسات وسائڻ وارو ۽ صالحين جي لاءِ وسيع راه قرار ڏنو آهي. (حوالو خطبو نمبر 176)

7. سڀ کان وڏي دولت.

ڄاڻي وٺو ته جيڪڏهن اوهان وٽ قرآن مجيد آهي ته اوهان ۾ ڪنهن قسم جو فقر ۽ حاجتمندي نه هوندي ۽ قرآن مجيد کي حاصل نه ڪرڻ کان پهريان ڪو به نياز نه ٿيندو. (حوالو خطبو نمبر 176)

8. دلين کي زندگي ۽ نشاط بخشڻ وارو.

دلين جي بهار هن قرآن ۾ آهي. ( حوالو خطبه 198، ص 419 )

9. سڀ کان بهتر شفاعت ڪرڻ وارو.

ڄاڻي وٺو ته قرآن مجيد مسلم طور تي شفاعت ڪرڻ وارو، تصديق شده ڳالهائڻ وارو ۽ قيامت جي ڏينهن جنهن جي شفاعت قرآن ڪندو، ان جي حق ۾ قرآن جي شفاعت قابل قبول ٿيندي. (حوالو خطبو 176 )

10. هڪ لافاني ڪتاب.

قرآن ۾ اهڙو نور آهي جيڪو ڪڏهن به خاموش نه ٿو ٿئي، هڪ اهڙو چراغ آهي جنهن جو چمڪڻ ناقابل زوال آهي، هڪ اهڙو سمنڊ جنهن جي گھرائي معلوم ناهي، هڪ اهڙي راه جنهن تي هلڻ وارو ڪڏهن گمراه نه ٿيندو، هڪ اهڙو شعلو آهي جنهن جو نور ڪڏهن وسامڻ وارو ناهي، حق وباطل کي جدا ڪرڻ وارو آهي ۽ ان جو برهان جو وڌڻ ڪڏهن وسامڻ وارو ناهي. (حوالو خطبو 176)

11. هڪ جامع ڪتاب.

قرآن مجيد جو جامع هجڻ جي باري ۾ حضرت علي عليه السلام فرمائين ٿا ته “خدا جو ڪتاب اوهان جي وچ ۾ موجود آهي، هي حلال و حرام، واجب و مستحب، ناسخ و منسوخ، مباح و ممنوع، خاص ۽ عام، نصيحتون ۽ مثالون، مطلق و مقيد ۽ محڪم و متشابهه کي بيان ڪرڻ وارو ڪتاب آهي، پنهنجن سڀني عبارتن جي تفسير ڪرڻ وارو ۽ ڏکين نڪتن جي وضاحت ڪري ٿو. (حوالو خطبو 176 )

ان کان علاوه قرآن ۾ گذري ويل ۽ ايندڙ ماڻهن جون خبرون آهن ۽ اوهان جي زندگي جا ضروري احڪام موجود آهن. (حوالو خطبو 198 ص 419 )

خطبه نمبر 198 ۾ حضرت علي عليه السلام قرآن مجيد جي قدر ۽ منزلت جي باري ۾ مفصل  گفتگو ڪئي آهي. قرآن مجيد جي خصوصيات ۽ قدر و منزلت جي باري ۾ جناب امير (عليه السلام) جي بي مثال ڪلام کان پوءِ وضاحت جي گنجائش باقي نه ٿي رهي.

وڌيڪ معلومات جي لاءِ نهج البلاغه جي هيٺين خطبن جي طرف رجوع ڪري سگھجي ٿو.

خطبه نمبر. 110، 133، 157، 158، 169، 176، 183 ۽ 198.

امام جعفرصادق عليه السلام جن فرمائن ٿا :

 

مَن قَراَالقُرآنَ قَائِماۡ فِي صَلَاتِهِ ڪَتَبَ اللهُ لَهُ بِڪُلّ حَرفِ مائَتهَ حَسَنَته

وَمَن قَراهُ في صلاتِه جالسا ڪَتَبَ الله لَه بڪُلّ حرف خمسينَ حَسنَته وَمَن قَراهُ فِي غيرِ صلاتِهِ ڪَتَبَ

اللهُ لهُ بڪُلّ حرف عشرَ حسنات (الڪافي  ج 2 ص 611 )

ترجمو: جيڪو نماز جي حالت ۾ قرآن جي تلاوت ڪندو الله تعاليٰ ان جي لاءِ هر هڪ حرف جي بدلي سو نيڪيون لکندو. ۽ جيڪونماز جي حالت ۾ ويهي ڪري قرآن جي تلاوت ڪندو ته الله تعاليٰ ان جي لاءِ هر هڪ حرف جي بدلي پنجاھ نيڪيون لکندو ۽ جيڪو قرآن کي نمازجي حالت کان علاوه پڙهندو الله تعاليٰ ان لاءِ هر حرف جي بدلي ڏھ نيڪيون لکندو.

 

 

ان هذا القران هو الناصح الذي لا يغش و الهادي الذي لا يضل والمحدث الذي لايڪذب

ترجمو: بيشڪ هي قرآن اهڙو نصيحت ڪندڙ آهي جنهن ۾ ملاوٽ ناهي ۽ اهڙوهادي (هدايت ڪندڙ) آهي جيڪو گمراھ نٿو ڪري ۽ اهڙي گفتگو ڪري ٿو جيڪاڪوڙي نه آهي

. (غررالحڪم ج 1 ص 111 )

*************************************

ڀلي ڪري آيا


اسان جا سوشل ميڊيا جا صفحه پسند ڪريو.
رابطو ڪريو

© سڀ حق ۽ واسطا صراط المستقيم وٽ محفوظ آهن