روزانه حديث:
حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام فرمايو حيا، ايمان جو حصو آهي ۽ ايمان (جو مقام) بهشت آهي، بي حيائي ظلم و جفا (جو مقام) جهنم آهي. (ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 4562 )
نيوز ليٽر
اسان جو نيوز ليٽر حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اي ميل ايڊريس ڏيو.
اسلامي فلم سيڪشن

حضرت امام حسن عسڪري عليه السلام
women who cheat when your husband cheats how many people cheat


ذاتي ڪوائف

 

نالو:                        حسن3

لقب:                       عسڪري

ڪنيت:                            ابو محمد

والد:                        امام علي نقي3

والده:                        حديثه (س)

ولادت جي تاريخ:         10 ربيع الثاني سن 232 هه

هنڌ:                        مدينو منور

امامت جو عرصو:       6 سال

شهادت جي تاريخ:        8 ربيع الاول ، سن 260 هه

هنڌ:                        سامرا ، عراق

شهادت جو سبب:         معتمد زهر ڏيارايو .

عمر:                       28 سال

مرقد مبارڪ:            سامرا ــ عراق

 

 

امام حسن عسڪري3

امام حسن عسڪري3 ۱۰ ربيع الثاني سن ۲۳۶ هه جو مديني ۾ ڄايا (1). سندن نالو حسن، ڪنيت ابومحمد ۽ وڌيڪ مشهور لقب عسڪري هو. سندن والد بزرگوار جو نالو امام علي نقي3 ۽ امڙ جو نالو حديثه هو. (2)

امامت

ٻارهن امامن مان هر امام جو تعارف ته عام روايتن مان  به ٿي وڃي ٿو پر تنهن هوندي به امام علي نقي3 جن بلڪل واضح ۽ هر نموني جي شڪ ۽ شبهي کي ختم ڪرڻ ۽ تاڪيد ڪرڻ لاءِ پنهنجي پٽ امام حسن عسڪري3 جو تعارف پنهنجن شيعن آڏو امام ۽ رهبر جي حيثيت سان ڪرايو. ان سلسلي جون ڪجهه روايتون هتي پيش ڪجن ٿيون.

1 ــ ابو هاشم جعفري امام علي نقي3 کان نقل ڪري ٿو ته امام فرمايو: منهنجو جانشين منهنجو پٽ حسن آهي، سو توهان منهنجي جانشين سان ڪهڙي ريت رهندؤ؟

مون عرض ڪيو ته مولا! ڪيئن رهڻ کپي...؟ امام وراڻيو جڏهن ڪو ماڻهو کيس نه ڏسي ته ان لاءِ ٺيڪ ناهي ته هو سندن نالو وٺي. تنهن تي مون پڇيو پوءِ ڀلا انهن سان ڪيئن مخاطب ٿجي؟ ته امام فرمايو ته توهان چئو: ”الحجة من آلِ محمد“ (3)

2 ــ صقر بن دلف چئي ٿو ته امام علي نقي3 کان ٻڌم، پاڻ فرمايائون: ”مون کان پوءِ منهنجو پٽ حسن امام آهي. کانئن پوءِ سندس پٽ قائم، امام ٿيندو جيڪو ڌرتيءَ کي جڏهن جو اها ظلم ۽ ڏاڍ سان ڀريل هوندي ان کي عدل ۽ انصاف سان پُر ڪندو.“ (4)

3 ــ يحيٰ بن يسار قنبري نقل ڪري ٿو ته امام علي نقي3 جن پنهنجي رحلت کان چار مهينا اڳ پنهنجي پٽ امام حسن عسڪريءَ3 کي وصيعت ڪئي ۽ سندن امامت ۽ خلافت ڏانهن اشارو ڪيو. مون کي ۽ چند ٻين دوستن کي گواهه بڻايائون. (5)

پيءُ سان گڏ

امام حسن عسڪري3 جن پنهنجي ڄمار جا 22 ورهيه پنهنجي بابي جي تربيت هيٺ گذاريا، ٻن ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي والد محترم سان گڏ سامرا ويا ۽ ويهن ورهين جي انهي سڄي ڄمار ۾ جڏهن پاڻ امام هادي، جي خدمت ۾ هئا. عباسي حڪمران سندن ڪردار ۽ واسطيدارن جي نگراني ڪندا رهيا. عباسي خليفن مان خاص متوڪل جي امام علي3 جي اولاد ۽ خاص ڪري سندن والد امام نقي3 جن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڪيني کي امام حسن عسڪري3 جن تمام ويجهڙائيءَ کان مشاهدو ڪيو. امام حسن عسڪري3 جن پنهنجي سڄي حياتي پنهنجي والد جي مدد ۾ گذاري ۽ سندن مؤقف جي پٺڀرائي ڪندا رهيا. جيئن ته عباسي حڪمرانن سندن ڪم ڪار جي دائري کي محدود ڪري ڇڏيو هو، اهوئي سبب آهي جو تاريخ انهن ٻنهي امامن جي زندگي ۽ لائحه عمل کان باخبر نه ٿي ڪري.

اخلاقي خصوصيتون ۽ عظمت

امام حسن عسڪري3 معنوي فضل ۽ ڪمالات ۾ پيغمبر اسلام ۽ پنهنجي خاندان جا مڪمل نمونا هئا. تنهن ڪري هر دوست ۽ دشمن سندن اخلاقي عظمت ۽ خصوصيت جو قائل هو. حسن ابن محمد اشعري، محمد بن يحيٰ ۽ ڪن ٻين نقل ڪيو آهي ته هڪڙي ڏينهن قُم جي زمين ۽ ان جي ڍل جي نگران احمد بن عبدالله خلقان (6) جي ڪچهريءَ ۾ علوين ۽ انهن جي عقيدن جو ذڪر هلي رهيو هو. احمد ابن عبدالله جيڪو اهل بيت جي ڪٽر دشمنن ۽ ناصبين مان هو. ان چيو ”ڪردار، وقار، عفت، نجابت، فضيلت ۽ عظمت ۾ مان پنهنجي خاندان ۽ بني هاشم ۾ حسن بن علي جهڙو علوين مان ڪنهن کي به نه ڏٺو. سندن خاندان کين پوڙهن ۽ ٻين سڀني عزت وارين شخصيتن کان مٿانهون سمجهندو هو. ۽ لشڪر جي اڳواڻن وزيرن ۽ ٻين ماڻهن وٽ سندن اهائي ساڳي مڃتا هئي“ ان کان پوءِ هو پنهنجي پيءُ سان گڏ امام حسن عسڪري3 جي ملاقات وارو واقعو جيڪو سندس پيءُ جي نزديڪ امام جي عظمت ۽ بزرگيءَ جو ثبوت هو. بيان ڪندي چئي ٿو ته ”منهنجي پيءُ مون کي امام حسن عسڪري3 جي متعلق چيو، جيڪڏهن خلافت بني عباس جي هٿن مان نڪري وڃي ته ان منصب کي هلائڻ لاءِ بني هاشم مان امام حسن عسڪري3کان وڌيڪ ٻيو ڪو به مناسب نه آهي ۽ اها ڳالهه انهن جي فضيلت، عفت، زهد، عبادت ۽ نيڪ اخلاق جي آڌار تي آهي. جيڪڏهن تون سندس پيءُ کي ڏٺو هجي ها ته توکي هڪ بزرگ ۽ فضيلت ڀريي انسان جي زيارت جو شرف حاصل ٿي ها.“

امام جو زهد

مُفَوِضَا فرقي جي ڪجهه ماڻهن ”ڪامل بن ابراهيم مدني“ کي ڪجهه مسئلن پڇڻ لاءِ امام جي خدمت ۾ موڪليو ان جو بيان آهي ته ”جڏهن آءٌ سندن خدمت ۾ پهتس مون ته ڏٺو ته اڇو ۽ سنهو وڳو پاتل اٿن مون پنهنجي دل ۾ چيو ته الله جي ولي ۽ ان جي حجت ته خود نرم ۽ سنهو ويس ڍڪيو آهي، جڏهن ته اسان کي ٻين ڀائرن سان همدرديءَ جو حڪم ڏئي ٿو ۽ اهڙي وڳي پهرڻ کان جهلي ٿو. امام مرڪندي پنهنجي قميص جون ٻانهون مٿي ڪيون، مون ڏٺوته هڪ ٿلهو ڪارو لباس ان سنهي لباس جي هيٺيان پهريل اٿن، پوءِ پاڻ فرمايائون ”هٰذَا للهِ وَ هٰذَا لَکُم“ هي اندريون لباس الله جي لاءِ ۽ نرم ۽ اڇو لباس جيڪو مون هن جي مٿان پاتو آهي توهان لاءِ آهي.“ (3)

عبادت ۽ بندگي

پنهنجي بابي سائين وانگر امام حسن عسڪري3جن به خدا جي عبادت ۽ بندگي جو نمونو هيا. محمد شاڪري نقل ڪري ٿو ته امام جو طريقو هي هو ته محراب عبادت ۾ ويهي رهندا هئا ۽ سجدي ۾ هليا ويندا هئا. مان سمهي پوندو هيس ۽ جڏهن جاڳ ٿيندي هئي ته امام ساڳئي سجدي جي حالت ۾ هوندا هئا. (4) جڏهن امام جن قيد خاني ۾ هئا ان زماني ۾ ڪجهه عباسين زندان جي داروغي صالح ابن وصيف کي حڪم ڪيو  ته امام جن تي سختي ڪري، هن پنهنجن ماڻهن منجهان ٻن ماڻهن کي جيڪي طبيعت ۾ تمام  ڏنگا هئا تن کي انهيءَ ڪم تي مقرر ڪيو پر اهي ٻئي ماڻهو امام جن سان رهي ڪري بدلجي ويا. نماز ۽ بندگي ۾ تمام مٿانهين مقام تي پهچي ويا. زندان جي داروغي انهن ٻنهي ڄڻن کي گهرائي چيو توهان کي حيف هجي جو توهان امام لاءِ ايئن نرم بڻجي ويا آهيو؟ انهن جواب ڏنو ته اسان ان لئه ڇا چئون جيڪو ڏينهن جو روزو رکندو آهي، سڄي رات عبادت ڪندو آهي. سواءِ عبادت جي هن جو ٻيو ڪو به ڪم نه آهي. جڏهن هو اسان کي ڏسي ٿو ته اسان جو جسم ڪنبي وڃي ٿو ۽ اسان پنهنجا حوصلا هاري ويهون ٿا. (5)

سخا ۽ بخشش

علي ابن ابراهيم بن موسيٰ ابن جعفر فرمائن ٿا ته مون تي اهڙي ويل آئي جو تنگ دست ٿي پيس. پٽ محمد کي چيم امام حسن عسڪري3 ڏي وڃ جيڪو سخا ۽ بخشش ۾ مشهور آهي. جڏهن مان امام جن وٽ پهتس ته امام جن مون کي اٺ سئو درهم عطا ڪيا. (6) ابوهاشم جعفري نقل ڪري ٿو ته“مان تمام گهڻي تنگدستي ۾ مبتلا هيس ۽ امام حسن عسڪري3 کان مدد گهُرڻ جو ارادو ڪيم پر مون کي لڄ ٿي آئي ۽ مان گهر ائين ئي موٽي آيس. جڏهن گهر پهتس ته امام هڪ خط سان گڏ سؤ دينار موڪليا ۽ خط ۾ لکيل هو ته جڏهن به توکي ضرورت هجي ته بنا شرمائڻ جي مون کان طلب ڪر، انشاالله جيڪو گهرندين اهو ملندئي.“ (7)

امامت جو زمانو

پنهنجي والد بزرگوار کان پوءِ امام حسن عسڪري3 جن ۲۵۴ هه ۾ امامت جو منصب سنڀاليو. پاڻ پنهنجي امامت جي ڇهن سالن جي ٿورڙي عرصي ۾ عباسي خليفن مان ٽن خليفن معتز (هڪ سال)، مهتدي (هڪ سال) ۽ معتمد (چار سال) جي حڪومت ۾ رهيا.

امام جي متعلق خليفن جي سياست

امام جي دور جي ٽنهي خليفن جي سياست اهائي پراڻي گندي سياست هئي جيڪا اڳوڻن خليفن سندن بزرگن سان ڪئي هئي. عباسين جي سياست مامون جي زماني کان پوءِ اڃا به وڌيڪ سخت ۽ تڪليف واري ٿي وئي. جيئن اسين ڏسون ٿا ته ٽنهي امامن يعني امام جواد3 25 سال، امام هادي3 41 سال ۽ امام حسن عسڪري3 جا 28 سال ملائجن ته سندن مجموعي زندگي 94 سالن کان اڳتي نه ٿي وڌي. انهن امامن سان زماني جي خليفن جو  رويو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته هو آئمہ جي پروگرام، ڪوششن ۽ مخالفتن کان بيحد ڊنل ها تنهن ڪري ئي هنن انساني معاشري جي انهن روشن چراغن کي محدود ڪري ڇڏيو هو. ۽ انهن جي مٿان ڪڙي نظر رکي هئي. امام حسن عسڪري3ٻن ٻين امامن جي (ڀيٽ ۾) تمام گهڻو نظربنديءَ ۽ نگراني ۾ ها. ان جو سبب هي هو:

1 ــ امام حسن عسڪري3جي زماني ۾ اهل بيت جا پيروڪار چڱي ڀلي طاقت ۽ اثرائتي صورت ۾ اُسري آيا هئا. اهي لڳاتار قيام ۽ رضاءِ آلِ محمد جو نعرو لڳائڻ جي آڌار تي عوام الناس جي خيالن کي خاندان رسالت ڏانهن موڙي رهيا هئا ۽ رسالت جي خاندان جي ممتاز شخصيت امام حسن عسڪري3 جن هئا. معتز جي زماني ۾ علوين ۽ اولاد جعفر طيار ۽ عقيل جي ستر کان وڌيڪ اهڙين شخصيتن کي قيد ڪري سامرا آندو ويو. جن حجاز ۾ قيام ڪيو هو. (8)

2 ــ متواتر روايتن جي ذريعي انهن ماڻهن کي خبر هئي ته مهدي موعود3 سڀني باطل ۽ جڙتو حڪومتن جي بنياد کي ختم ڪري ڇڏيندو ۽ اهو امام حسن عسڪري3 جن جي نسل مان هوندو. خود امام حسن عسڪري3 کي خليفي قتل ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ سعيد حاجب کي حڪم ڏنائين ته امام کي ڪوفي وٺي وڃي رستي ۾ ماڻهن جي نگاهن کان بچائي کين قتل ڪري ڇڏي، پر امام پنهنجي هڪ صحابي کي سندس خط جي جواب ۾ اهڙي خبر ٻڌائي جو هو تشويش ۾ پئجي ويو هو. لکيل هو ته ٽن ڏينهن  کان پوءِ آسودگي ٿي ويندي. (9) ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ عباسي درٻار  جي ترڪن جن لاءِ معتز ڪارگر ثابت نه ٿيو. تي حملو ڪري خلافت تان هٽائي ڪري هڪ تهه خاني ۾  قيد ڪري ڇڏيائنس ۽ اتي ئي هو مري ويو. (10) معتز کان پوءِ سن 255 هه ۾ مهتدي مسندِ خلافت سنڀالي ، هن جي چال چلت جيئن تاريخ بيان ڪيو آهي ته، بني عباس جي خليفن منجھ اهڙي هئي جهڙي بني اميه جي خليفن مان عمر بن عبدالعزيز جي هئي. هن ماڻهن جي داد رسيءَ لاءِ ”قُبَةُ المُظَالِم“ نالي هڪ خيمو نصب ڪيو هو جتي ويهي ڪري عوام جي مسئلن کي حل ڪندو هو ۽ هن شراب کي حرام قرار ڏنو ۽ ڳائڻ وڄائڻ کان پاسو ڪيو. (11) ليڪن اهي سڀ ظاهري ۽ منافقيءَ واريون ڳالهيون هيون ۽ ان ۾ فقط سياست هئي. امام حسن عسڪري3 سان سندس سخت رويو ان ڳالهه جو بهترين دليل آهي. امام کي ڪافي عرصو قيد ۾ رکيائين ايسيتائين جو هن امام جي قتل جو ارادو ڪيو  ليڪن زندگيءَ ساٿ نه ڏنس ۽ هو هلاڪ ٿي ويو. (12) جيتوڻيڪ مهتدي پاڻ کي حق ۽ عدالت جو طرفدار  ظاهر ڪندو هو پر جيڪو حق هو چاهيندو هو اهو اسلامي اصولن جي مطابق نه هو. انهيءَ ڪري سندس هلت چلت عمومي طور ۽ مخالفت ۽ ملامت جو نشانو بڻي. امام ۽ سندس پيروڪار اسلام جا نگهبان ۽ سماجي حق ۽ انصاف قائم ڪرڻ وارا هئا. امام جي نگاهه ۾ معاشري جي بنيادي مشڪل اها نه هئي ته مهتدي قابض آهي پر بنيادي مشڪل اها هئي ته رهبري پنهنجي حقيقي روش کان به هٽيل هئي، ۽ ماڻهو اسلامي تعليم و تربيت ۽ ثقافت کان پري ٿي ويا هئا. درٻار سان لاڳاپيل ماڻهو سُر ۽ ساز جا گهورڙا  ۽ عياش هئا. انهن لاءِ به مهتدي جو رويو تمام گهڻو سخت هو. انهن ٻنهي ڳالهين سبب هن جي خلافت يارهن مهينن کان وڌيڪ نه هلي سگهي ۽ آخرڪار ترڪن جي بغاوت سبب هو قتل ٿي ويو ۽ هن  جي جاءِ تي ”معتمد“ خليفو بڻيو. (13) معتمد جو به پنهنجن وڏن جيان سواءِ ستمگريءَ ۽ عياشيءَ جي ٻيو ڪوئي ڪم نه هو. هو پنهنجو اڪثر وقت عياشي ۾ گذاريندو هو. ايتري ۾ وجهه وٺي سندس ڀاءُ  ”موفق“ هوريان هوريان سڄي حڪومت تي ڪنٽرول ڪري ويو. (14) هن جي حڪومت جي زماني ۾ علوين جو هڪ گروهه نهايت بيدرديءَ سان شهيد ڪيو ويو ۽ هن جي خلافت جي زماني ۾ جنگ ۽ فساد تمام گهڻو هو. ايترو خون خرابو ٿيو جو مسلمانن جي جاني نقصان جي ڳاڻيٽو مورخن 15 لک ماڻهو ٻڌايو آهي. (15) معتمد امام حسن عسڪري3 کي قيد ڪرايو ۽ زندان جي داروغي کان هميشه سندن لاءِ پڇندو رهندو هو، ۽ هو سدائين اها ئي رپورٽ ڏيندو هو ته امام ڏينهن جو روزو رکندو آهي ۽ رات نماز ۽ عبادت ۾ گذاريندو آهي. (16)

جلسا، جلوس ۽ انقلاب

علوين ۽ ٻين جي بغاوتن ۽ انقلابن جا جلسا، جلوس ۽ تختو اونڌو ڪرڻ جو سلسلو امام حسن عسڪري3 جي امامت جي زماني ۾ به جاري رهيو. هت رڳو ڪجهه انقلابن جو ذڪر ڪجي ٿو:

1 ــ ابراهيم بن محمد علوي جي تحريڪ:  جيڪو ابن الصوفي جي نالي سان مشهور هو. هن سن ۲۵۶هه ۾ مصر ۾ قيام ڪيو ۽ شهر ”اسنا“ تي قبضو ڪيو ”احمد ابن طولون“ جي فوج کي شڪست ڏني پر ٻيو ڀيرو ان کان شڪست کاڌي ۽ گهڻو نقصان برداشت ڪرڻ کان پوءِ ڀڄي وڃي روپوشي اختيار ڪئي وري بيهر۲۵۹هه ۾ ماڻهن کي گڏ ڪري قيام ڪيائون نتيجي ۾ مڪي پهچڻ کان پوءِ ان شهر جي حاڪم ذريعي گرفتار ٿيو ۽ ابن طولون ڏانهن موڪليو ويو ۽ ٻيهر اتي قيد ڪيو ويو. قيد خاني مان رهائي کان پوءِ مديني واپس وريو ۽ اتي انتقال ڪيائين. (17)

2 ــ علي ابن زيد علوي جي تحريڪ:  هن سن 254 هه ۾ ڪوفي ۾ قيام ڪيو ۽ شهر تي قبضو ڪري حڪومت جي نمائندي کي شهر مان ڪڍي ڇڏيو. خليفي جو لشڪر ڪيترائي ڀيرا هنن سان وڙهيو، آخرڪار سن 257 هه ۾ پاڻ قتل ٿي ويا. (18)

3 ــ عيسيٰ ابن جعفر علوي جي تحريڪ:  هن علي ابن زيد سان گڏ ڪوفي ۾ قيام ڪيو ”معتز“ هن سان جنگ ڪرڻ لاءِ هڪ لشڪر موڪليو ۽ هن کي شڪست ڏني. مسعودي سن ۲۵۵ هه ۾ هن جي قيام جو ذڪر ڪيو آهي. (19)

4 ــ صاحب زنج جي بعاوت: سن ۲۵۵ هه ۾ هن قيام ڪيو. هن جي بغاوت ۾ هزارين ماڻهو مارجي ويا. هن جي سپاهين ماڻهن جي عزتن ۽ لڄن کي لُٽيو ۽ ڪيترن ئي شهرن کي باهيون ڏنيون. هن پنهنجو تعارف ”علي ابن محمد“ ۽ علوي طور ڪرايو ۽ پنهنجي نسب جو سلسلو ”عبد قيس“ تائين پهچائيندو هو ۽ هن جي ماءُ ”بني اسد ابن خزيمه“ مان هئي. (20) صاحب زنج جو نعرو غلامن ۽ مزدورن جي حمايت جو نعرو هو. انهيءَ ڪري هن کي صاحب زنج چيو ويو آهي. هن جي بغاوت پندرهن سالن تائين هلندي رهي ۽

سن ۲۷۰ هه ۾ قتل ڪيو ويو. (21)

5 ــ خوارج جي بغاوت:  سن ۲۵۶ هه کان ”مساور بن عبدالحميد“ جي رهبريءَ ۾ خوارج جي بغاوت شروع ٿي ۽ ۲۶۲ هه تائين هن جي مرڻ  کان پوءِ به هلندي  رهي، مساور چند ڏهاڙن ۾ عراق جي ڪافي شهرن تي قبضو ڪري ورتو ۽ هن خليفي کي ڍل ۽ ٽيڪس موڪلڻ کان انڪار ڪيو ۽ سڀني جنگين ۾ هن خليفي جي سپاهي تي غلبو حاصل ڪيو. (22)

6 ــ يعقوب ليث صفاري جو قيام: سن 262 هه ۾ خراسان جي ڪافي ماڻهن

سان گڏجي هن قيام ڪيو ۽ ڪيترن ئي خطن تي هن تسلط حاصل ڪيو. (23)

امام جون ڪوششون ۽ مؤقف 

اهڙي حالات جي مقابلي ۾ امام جي اُپائڻ  ۽ سندن مؤقف کي چئن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو 

الف ــ سياسي واقعن جي سلسلي ۾ امام جو مؤقف

پنهنجي والد محترم جيان امام حسن عسڪري3 جن به ان سلسلي ۾ تمام محتاط رويو رکيو. حڪومت سان مخالفاڻي رويي سبب امام کي مان ۽ مرتبي جو بهترين موقعو هٿ آيو.  اهڙي منزلت جنهن کي ويجهن درٻارين به سمجهي ورتو هو. اهڙي ريت جو ”عبدالله ابن خاقان“ سان امام جي ملاقات واري واقعي مان هوصرف ان ڳالهه طرف متوجهه ٿي ويو ته ”موفق“ طلحه ابن متوڪل اهو ٿو چاهي ته هن وٽ اچي ته هن امام کي سمجهايو ۽ عرض ڪيو ته توهان جڏهن چاهيو وڃي سگهو ٿا. ڇو ته هو ڄاڻي پيو ته موفق سان امام جي ملاقات ۾ هن لاءِ به خطرو آهي ۽ امام جي لاءِ به. (24) ڪيترائي اهم واقعا جيڪي امام جي دور ۾ ٿيا ۽ امام جن ان سلسلي ۾ خاموشي اختيار ڪئي ان مان صاحب زنج جي شورش پڻ آهي. امام جي مؤقف کان واقفيت جي لاءِ ضروري آهي ته  انهن واقعي تي ٽن طرفن کان غور ڪيو وڃي.

1 ــ صاحب زنج جي دعويٰ ته هن جي نسب جوسلسلواميرالمؤمنين تائين پهچي ٿو.

2 ــ اسلامي قدرن ۽ قانونن خلاف سندس قيام

3 ــ عباسي حڪومت خلاف سندس قيام

1 ــ پهرين دعويٰ جي باري ۾ امام جن صاف لفظن ۾ فرمايو: ”صَاحِبُ الزَنجِ لَيسَ مِنَّا اَهلُ البَيتِ  (مناقب، ج 4 ص 429) صاحبِ زنج اسان جي خاندان مان نه آهي.“

2 ــ ٻئي حصي متعلق امام جو مؤقف تمام چٽو آهي. جيڪي ڏوهه صاحب زنج ڪري رهيو هو، امام جن قطعي طور تي ان کان بيزار هئا. ڇو ته هن جا سڀ ڪم اسلامي عدل ۽ پيغمبر جي تعليمات، خلاف هئا ۽ اها ڳالهه ته هر هڪ جي اڳيان روشن هئي شايد امام جي خاموشي جو ڪارڻ به اهوئي هجي ته سڀ ماڻهو ڄاڻن ئي پيا.

3 ــ پر ٽئين ڳالهه جي سلسلي ۾ امام جن خاص مؤقف اختيار نه ڪيو ۽ اهڙو سلوڪ روا رکيو جو سندن اقدام کي حڪومت جي ضمني تائيد نه سمجهيو وڃي. جيتوڻيڪ صاحب زنج جي شورش ۾ نقص ۽ تمام گهڻو انحراف موجود هو پر سياسي نقطه نظر مطابق اها شورش بني عباس جي حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ان جي طاقت ۽ اثر کي ختم ڪرڻ لاءِ هئي. ان سان گڏوگڏ صاحب زنج سان حڪومت جو ٽڪراءُ امام ۽ سندس پيروڪارن جي فائدي  ۾ هو ان لاءِ ته خلافت جي مشنري جو دٻاءُ ڪجهه گهٽجي ويو هو.

ب ــ علمي ۽ ثقافتي تحريڪ ۾ امام جو مؤقف

جيتوڻيڪ امام پنهنجي زندگي حڪومت جي نظر بندي ۾ گذاري پر تنهن هوندي به علمي ۽ ثقافتي ڪمن جي بيش بها ۽ املهه قدم کڻڻ ۾ ڪامياب رهيا. ڪجهه عالمن ان باري ۾ چيو آهي ته امام کان نقل ٿيندڙ مختلف علمن ۽ ڏاهپ جي ڳالهين ڪتابن جا صفحا ڀري ڇڏيا. (25) ڪافراڻي فڪر ۽ شبهات جي رد ۾ امام جا دليل ۽ عقلي جواب، مناظرا، علمي بحث، بيان، علمي خط، ڪتاب جي لکائي. (26) ۽ شاگردن جي تربيت جي ذريعي حق کي واضح ڪرڻ وغيره سندن علمي ۽ ثقافتي ڪوششن جو آئينو آهي. ڇو ته انهن سڀني ڳالهين جو هتي ذڪر ڪرڻ اسان لاءِ ممڪن ناهي ان ڪري هتي اسان رڳو ٿورڙن واقعن کي بيان ڪريون ٿا.

1 ــ يعقوب ابن اسحاق ڪندي:  عراق جي مشهور فلسفين مان هو. هن قرآن ۾ تضاد جي موضوع تي ڪتاب لکڻ ۾ پنهنجو ڪافي وقت کپايو. امام حسن عسڪري3 هن واقعي کان باخبر ٿيا، ۽ ان فلسفي جي شاگردن مان هڪ شاگرد کي هڪ جملو ٻڌائي ڪري ان کي ان عقيدي کان ڦيرائي ان ڳالهه تي آماده ڪيو ته جيڪو ڪجهه  هن لکيو آهي ان کي ساڙي ڇڏي. امام ان شاگرد کي چيو ته کيس وڃي چئو ته ڇا ائين نه ٿو ٿي سگهي ته تو جو ڪجهه سمجهيو آهي. انهن ڪلمن (قرآن) جي چوڻ واري ان کانسواءِ ڪنهن ٻئي مطلب جو ارادو ڪيو هجي. (27)

2 ــ ابوحمزه نصير:  نقل ڪري ٿو ته مان امام کي ڪئي ڀيرا روم فارس ۽ ٻين مختلف نسل ۽ زبان جي پنهنجن غلامن سان انهن جي ٻولي ۾ ڳالهيون ڪندي ڏٺو. مون کي تعجب ٿيو ۽ مان پنهنجي دل ۾ سوچيم ته امام ته مديني ۾ پيدا ٿيو ۽ ٻين ماڻهن ۽ ڌارين قومن سان امام جو رابطو نه هيو پوءِ انهن جون ٻوليون امام ڪٿان سکيون؟ امام ان ڳالهه جي ڪوشش ڪئي ته اهڙي طريقي سان امامت جي حقيقت کي غلامن لاءِ واضح ڪري ڇڏين ۽ انهن کي اهو سمجهائن ته امام کي به پيغمبر جيان پنهنجي طرف رجوع ڪندڙن جي ٻوليءَ کان واقف هجڻ کپي نه ته هو امام نه آهي ۽ انهيءَ عقلي دليل سان ته  خدا پنهنجي حجت ”امام“ کي سڄي مخلوق کان جدا بڻايو آهي. علم، معرفت ۽ هر شيءِ ان کي عطا ڪئي آهي. ان جي پيش نظر امام هر قوم قبيلي ۽ انهن جي حالات کي ڄاڻن ٿا ان کانسواءِ ٻي صورت ۾  خدا جي حجت ۽ ٻين ۾ ڪو به فرق نه رهندو. (28) هو پنهنجي علمي ڏات کي خدا جي عطا ٿيل قدرت ڄاڻي ان کي پنهنجي امامت لاءِ دليل ڄاڻيندا هئا.

ج ــ عوامي طبقي جي نگراني، ڀرجهلائپ ۽ تياري

پنهنجن پيروڪارن جي خراب  چال چلت ۽ عملن جي نگراني سان گڏوگڏ امام کين عباسين جي دام ۾ ڦاسڻ کان بچائيندا ۽ ضروري جڳهن تي معنوي ۽ اقتصادي مسئلن ۾ انهن جي مدد فرمائيندا هئا. نموني طور ان جا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا:

1 ــ معتز جي قتل کان ويهه ڏينهن پهرين امام جن پنهنجي هڪ پيروڪار کي لکيو ته ”اِلزِم بَيتَکَ حَتّيٰ يَحدِثَ الحَادِثُ“ پنهنجي گهر ۾ ويٺو رهه ۽ هرگز ٻاهر نه نڪرجان ۽ ايسيتائين جو ڪوئي حادثو پيش اچي.

2 ــ محمد ابن علي سمري امام جو صحابي ۽ سندن فرزند حضرت حجة جو چوٿون نائب هو. امام کيس لکيو ته: ”فِتُنَةٌ تَظِلُکُم فَکُونُوا عَليٰ اَهبِھ” هڪ فتنو آهي. جيڪو تنهنجي مٿان پاڇو (اثر) وجهي رهيو آهي انهي آڌار تي ضرور تياري ڪيون رهه.

3 ــ ابو طاهر ابن بليل حج جي سفر ۾علي ابن جعفر هماني کي ڏٺو ته تمام گهڻي بخشش ۽ عطا ڪري رهيو آهي. واپسيءَ تي هڪ خط ۾ پاڻ امام حسن عسڪريءَ کي لکيائون: امام جواب ۾ تحرير فرمايو: اسان پاڻ ان کي (انهيءَ ڪم لاءِ) هڪ لک دينار ڏنا آهن ۽ جڏهن اسان چاهيو ته هڪ لک دينار ٻيا به ڏيونس ته ان قبول نه ڪيا. (29) روايت مان پتو پيو ته علي ابن جعفر جي بخشش ۽ عطا امام جي زيرنگراني هئي ۽ امام جن کي ان جي خبر هئي ۽ عطا ڪيل ڪثير رقم (هڪ لک دينار) ان ڳالهه جو دليل آهي ته پئسا عام بهبود ۽ ڀلائيءِ ۽ شيعن جي ضرورتن تي خرچ ٿي رهيا هئا.

د ــ پنهنجي فرزند حضرت مهدي3 جي غيبت جي باري ۾ سندن مؤقف

ڇو ته امام حسن عسڪري3 ڄاڻن پيا ته خدا جي مشيعت ۾ سندن فرزند جي غيبت آهي. ان ڪري پاڻ غيبت جي مسئلي کي پنهنجي زندگي ۾ ئي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ۽ پنهنجي امامت تي عقيدو رکندڙن جي عمومي فڪرن کي اهڙي اهم واقعي کي قبول ڪرائڻ لاءِ آماده ڪري رهيا هئا. جنهن جو مثال ماضيءَ ۾ به نه هو. البته اهي متواتر روايتون جيڪي پيغمبر اڪرم ۽ آئمہ معصومين کان ٻارهين امام جي غيبت جي باري ۾ ارشاد ٿيون هون. انهن روايتن هن اهم معاملي کي قبول ڪرڻ. لاءِ رستو هموار ڪري ڇڏيو هو. پر امام حسن عسڪري3 جي مَوعُودِ مُنتَظَرجي پيءُ هجڻ جي حيثيت سان سڀ کان مشڪل ذميداري اها هئي ته کين مسلمانن کي آگاهه ڪرڻو هو ته انهن روايتن ۽ پيشن گوئين جي ظاهر ٿيڻ جو زمانو اچي ويو آهي.  اهڙي فڪر جي پرچار ۽ تبليغ عقيدي طور ماڻهن جي ذهن ۾ ويهارڻ تمام مشڪل ڪم هو انهيءَ سبب ڪري امام حسن عسڪري3 جن پنهنجيون هڙئي ڪوششون صَرف ڪري ڇڏيون ته جيئن ماڻهن جو عقيدو ۽ ايمان ختم نه ٿئي ۽ عام ذهن کي ان ڳالهه کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪن ۽ پنهنجن پيروڪارن جو ڌيان ان طرف ڇڪائڻ  ته غيبت تي اعتقاد رکڻ لازمي آهي. ذڪر ڪيل مقصد کي پوري ڪرڻ لاءِ امام جي ڪوشش ٻن حصن ۾ ورهائجي ٿي.

1) پنهنجي فرزند کي ماڻهن جي نگاهن کان لڪائڻ ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ

ٻيو ته خاص ماڻهن کي سندن تعارف ڪرائڻ چاهن پيا ۽ انهيءَ عمل کان علاوه امام جن ماڻهن سان اٿڻ ويهڻ کي گهٽائي هڪ خاص تعداد تائين محدود رکيو ۽ سندن مؤقف اهو هو ته خط و ڪتابت يا پنهنجي مقرر ڪيل نمائندن جي ذريعي شيعن سان رابطو پيدا ڪرڻ ته جيئن هو ان جا عادي ٿي وڃن.

2) غيبت جي مسئلي جو بيان ۽ ان جي تشريح

”امام جي انتظار“ جي فڪر کي مسلمانن جي ذهنن ۾ ويهارڻ ان مؤقف کي چٽو ۽ پختو ڪرڻ لاءِ مختلف موقعن جي مناسبت سان سندن وضاحت ۽ اعلان ٿيندو رهندو هو. انهن مان ڪجهه حصا پيش ڪجن ٿا:

1) امام مهدي3 جي صفتن جي باري ۾ عمومي ۽ ڪُلي پهلو مطلب ته امام مهدي3 جي ظهور ۽ قيام جي خصوصيتن کي بيان ڪرڻ جيئن پنهنجي اصحابين مان هڪ صحابي جي جواب ۾ پاڻ فرمايائون: جڏهن قائم قيام ڪندو ته ان وقت حضرت داؤد وانگر بغير ڏسڻ جي پنهنجي علم جي بنياد تي ماڻهن جا فيصلا ڪندو. (30)

اهو قول جنهن ۾ پاڻ فرمائن ٿا، جنهن زماني ۾ قائم قيام ڪندو ان زماني ۾ پاڻ حڪم ڏيندا ته منارن ۽ مسجدن ۾ مخصوص جاين کي ويران ڪيو وڃي. (31)

امام جن انهن خصوصيتن کي بيان ڪري ان بدعت جي مقابلي ۾ پنهنجي مخالفاڻي رويي کي بيان ڪري رهيا آهن.

2) انهيءَ اهم مسئلي کي قبول ڪرڻ لاءِ شيعن لاءِ عمومي ۽ خصوصي بيان ۽ انهن سان گڏ امام جا اهي خط به آهن جيڪي امام جن ”ابن بابويہ قِمي“ کي لکيا آهن. امام تحرير ٿا فرمائن ته مان توکي بردباري ۽ فرج جي انتظار جو حڪم ڏيان ٿو. پيغمبر جن فرمايو اسان جي امت جو سڀ کان بهتر عمل فرج جو انتظار آهي. اسان جا شيعا ان وقت تائين ڏکيا رهندا جيسيتائين منهنجو ٻچڙو ظهور ڪري بيشڪ رسول خدا جن سندن جي ظهور جي بشارت ڏني آهي. اهي ڌرتي کي عدل ۽ انصاف سان ڀري ڇڏيندا جهڙي ريت هو ظُلم سان ڀريل هوندي. (فَاصبِر يَا شَيخِي) تون صابررهه ۽ اسان جي سڀني شيعن کي صبر ۽ تحمل جي دعوت ڏي ڇو ته زمين خدا جي ملڪيت آهي. هو پنهنجن بندن مان جنهن کي چاهيندو ان کي وارث بڻائيندو ۽ عاقبت متقين لاءِ آهي. (32)

شهادت

بني عباس جا خليفا، معتمد سميت سڀ ڄاڻندا هئا ته پيغمبر جا جانشين 12 فرد آهن. انهن مان ٻارهون غيبت کان پوءِ ظهور ڪندو ۽ ظلم ۽ ڏاڍ کي باقي نه ڇڏيندو. تنهن ڪري معتمد نهايت سختيءَ سان امام حسن عسڪري3 جي نگراني ڪندو هو. طبيب ۽ خدمتگذار جي نالن سان پنهنجي جاسوسن کي امام حسن عسڪري3جي گهر ۾ رکيو هئائين ته جيئن اهي امام جي زندگي کي ويجهڙائي کان ڏسندا رهن ۽ سندن فرزند جي باري ۾ جستجو ڪن. (33) آخرڪار جڏهن معتمد ڏٺو ته ماڻهن جو ڌيان ڏينهون ڏينهن امام جي طرف وڌندو ٿو وڃي. نگراني ۽ قيدي بڻائڻ  جو ابتو اثر ٿي رهيو آهي ته هن امام کي قتل ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ خفيه طور تي زهر ڏئي ڇڏيو. امام جن اٺن ڏهاڙن کان پوءِ بستر حوالي ٿيا ۽ ۸ ربيع الاول سنه ۲۶۰ هه ۾ هن فاني دنيا مان ڪوچ ڪيائون کين سامرا ۾ پنهنجي والد بزرگوار جي قبر جي پاسي ۾ جاءِ ڏني وئي. 

 

حوالا

1 ــ بحار ج 50 ص 236 مصباح ڪفعمي ۽ اقبال الاعمال تان ورتل امام حسن عسڪري3جي ولادت جي تاريخ ۾ اختلاف آهي،. ڪي 8 ربيع الثاني سن 232 هه لکن ٿا. ڏسو ڪتاب ــ مناقب ــ ج 4 ص 422 ۽ اعلام الوريٰ ص 367 ــ ڪن وري ربيع الاول 230 هه ۾ لکيو آهي.

2 ــ ڪن ڪتابن ۾ بيبيءَ جو نالو حديث ڪري لکيو آويو آهي ۽ سوسن به ڄاڻايو ويو آهي . بحار ج 50 ص 236.

3 ــ ارشاد مفيد ص 338 / بحار ج 50 ص 240 ڪمال الدين صدوق ۽ غيبت شيخ تان نقل ڪيل / اعلام الوريٰ ص 370 / ڪافي ج پهريون ص 328 / ڪشف الغمہ ج 2 ص 406.

4 ــ بحار ج 50 ص 293 ڪمال الدين صدوق تان ورتل.

5 ــ بحار ج 50 ص 146 / اعلام الوريٰ ص 370 / ڪافي ج پهريون ص 325 / ارشاد مفيد ص 335 / غيبت شيخ ص 120 / ڪشف الغمہ  ج 2 ص 404 / الفصول المهمہ ص 384.

شيخ مفيد رح پنهنجي ڪتابن ۾ ارشاد ۽ غيبت ۾ راويءَ  جو نالو يحيٰ بن يسار عنبري لکيو آهي.

6 ــ  احمد جو پيءُ ”عبدالله ابن خاقان“ عباسي حڪومت جي وزيرن ۽ ناليرن ماڻهن مان هيو.

7 ــ .ارشاد مفيد ــ ص 339 ــ 338 / اعلام الوريٰ ص 377، 376 / ڪافي ج پهريون ص 503 / ڪشف الغمہ ج 3 ص 197 / بحار ج 50 ص 327، 325 / ڪامل الدين صدوق ج پهريون ص 42 ــ 40 . مطبوعہ جامع مدرسين.

8 ــ مُغَوِضَہُ انهن مان کي چوندا آهن جيڪي مخلوق جي ڪمن ڪارين ۾ خدائي ارادي کي بي اثر مڃيندا آهن. مغوضہ جي ابتڙ خيال رکندڙ فرقي کي جبريھ چوندا آهن.

9 ــ بحار ج 50 ص 253 ــ غيبت شيخ تان ورتل / ائمتنا ــ ج 2 ص 271 ــ اثبات الهداة تان ورتل.

10 ــ سفينة البحار ــ ج پهريون ص 260 / ائمتنا ــ ج 2 ص 269.

11 ــ بحار ج 50 ص 308 / اعيان الشيعہ ج 2 ص 41 / ڪافي ج پهريون ص 512 / اعلام الوريٰ ص 379 / ڪشف الغم 12 ص 414 مطبوع تبريز / مناقب ج 4 ص 429 / ارشاد ص 344.

12 ــ اعيان الشيعه ج 2 ص 40 / ڪافي ج پهريون ص 506 / ارشاد ص 241 / بحار ج 50 ص 278 / مناقب ج 4 ص 438 ــ 437 / ڪشف الغمہ ج 2 ص 200 (ٽن جلد واري ــ ڇاپو بيروت)

13 ــ اعلام ــ ص 372 / مناقب ج 4 ص 439 / بحار ج 50 ص 267.

14 ــ مروج الذهب ج 4 ص 91

15 ــ بَعَدَ ثَالِتِ يَاتِيکُمُ الفَرَجُ. (بحار ج 50 ص 251 / غيبت شيخ ص 134 / ڪشف الغمہ ج 3 ص 206 ــ 295 / الفصول المهمہ ص 258.)

16 ــ مروج الذهب ج 4 ص 92.

17 ــ مروج الذهب ج 4 ص 96 / ڪامل ابن اثير ج ص 235 ــ 233.

18 ــ “وَکَانَ المُهتَدِيُ قَد صَحَحَ العَزُمَ عَليٰ قَتلِ اَبِي مُحَمَدِ فَشَغَلَهُ اللهُ بِنَفسِهِ حَتيٰ قُتِلَ“ (بحار ج 50 ص 313.)

19 ــ تاريخ الخلفاء ص 363 / مروج الذهب ج 4 ص 99.

20 ــ مروج الذهب ج 4 ص 363 ــ 365 ــ 367.

21 ــ مروج الذهب ج 4 ص 364.

22 ــ انوار البهيه ص 286.

23 ــ ڪامل ابن اثير ــ ج 7 ص 238 ــ 263 ــ 264.

24 ــ مروج الذهب ج 4 ص 94.

25 ــ ايضاً

26 ــ ڪامل ابن اثير ج 7 ص 255 ــ 206.

27 ــ مروج الذهب ج 4 ص 108 / ڪامل ابن اثير ــ ج 7 ص 205 ــ 206.

28 ــ ڪامل ابن اثير ــ ج 7 ص 174.

29 ــ مروج الذهب ج 4 ص 112.

30 ــ فَقَد رُوِي عَنهُ مِن اَنوَاعِ العِلمِ مَا مَلاَءَ بُطُونُ الدَفَاتِرِ (اعيان الشيعه ج پهريون ص 40.)

31 ــ ان تفسير ڏانهن اشارو آهي جيڪا ”تفسير حسن عسڪري“ جي نالي سان مشهور آهي. علامه مجلسي بحار الانوار ۾ لکن ٿا ته امام حسن عسڪري ڏانهن منسوب تفسير مشهور ڪتابن مان آهي ۽ مرحومه صدوق لاءِ  اعتماد واري هئي. توڙي جو ڪجهه محدثن امام ڏانهن ان (تفسير) جي نسبت کان انڪار ڪيو آهي پر ڇاڪاڻ ته صدوق امام جي زماني کي ويجهو هو ان ڪري سندس قول معتبر آهي (اعيان الشيعه ج 2 ص 41 ڏهن جلدن وارو بيروتي ڇاپو.)

32 ــ “....هَل يَجُوزُاَن يُکُونَ مُرَادُه بِمَا تُکَلَمُ مِنهُ غَيرُ المَعَانِيَ اَلتِي ظَنَنتَهَا اِنَکَ ذَهَبتَ اِلَيهَا“ (بحار ج 50 ص 312 / مناقب ج 4 ص 426.)

33 ــ ڪشف الغمہ ج 3 ص 200 / ڪافي ج پهريون ص 506 / بحار ج 50 ص 277 / مناقب ج 4 ص 436 / ارشاد مفيد ص 340.

34 ــ ڪشف الغمه ج 3 ص 207 / تاريخ الغيبة الصغريٰ ــ تاليف محمد صدر ص 199 / بحار ج 50 ص 298 ــ امام جو اهوجملو بهمعتز جي قتل ڏانهن اشارو آهي.

35 ــ “قَد اَمَو نَالَه بِمِاَةِ اَلفِ دِينَرِ ثُمَ اَمَرُ نَالَه بِمِثِلهَا فَاَبيٰ قَبُونَهَا اِبقَاءَ عَلَيناً...“ (بحار ج 50 ص 306 / اعيان الشيعه ج 2 ص 41 / ائمتنا ج 2 ص 273 / مناقب ج 4 ص 224 ــ عبارت جي ٿورڙي اختلاف سان)

36 ــ ڪمال الدين صدوق ج پهريون ص 43 ــ 42 ــ مطبوعه جامعه مدرسين.

37 ــ مناقب ج 2 ص 422 / بحار ج 50 ص 236 ــ 237 / ڪشف الغمه ج 2 ص 192 / اعلام الوريٰ ص 349 / ارشاد مفيد ص 345 / الفصول مهمه ص 289.

 

ڀلي ڪري آيا


اسان جا سوشل ميڊيا جا صفحه پسند ڪريو.
رابطو ڪريو

© سڀ حق ۽ واسطا صراط المستقيم وٽ محفوظ آهن