روزانه حديث:
حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام فرمايو حيا، ايمان جو حصو آهي ۽ ايمان (جو مقام) بهشت آهي، بي حيائي ظلم و جفا (جو مقام) جهنم آهي. (ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 4562 )
نيوز ليٽر
اسان جو نيوز ليٽر حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اي ميل ايڊريس ڏيو.
اسلامي فلم سيڪشن

حضرت امام حسين عليه السلام


ذاتي ڪوائف

 

نالو :                          حسين3

لقب :                         سيد الشهداء

ڪنيت :                      ابوعبدالله

والد :                         حضرت علي ابن ابي طالب3

والده :                        حضرت فاطمہ زهرا/ بنت محمد2

ولادت جو هنڌ:              مدينو منور

ولادت جي تاريخ :          3 شعبان المعظم سن 4 هه

امامت جو عرصو :         تقريباً ڏهه (10) سال

شهادت جو هنڌ:                        ڪربلا معليٰ

شهادت جي تاريخ:          ڏهين محرم الحرام سن 61 هه

قاتل :                         شمر بن ذي الجوشن (لعين)

عمر :                         57 سال

مرقد مبارڪ :               ڪربلا معليٰ ــ عراق

 

 

امام حسين3

ولادت

ٽين شعبان سن ۴ هه تي علي3 ۽ رسول الله جي نياڻي سائڻ وڏي فاطمہ / جن کي ٻيون پٽ ڄائو.(1) رسم مطابق وڏي ڀاءُ وانگر هن نينگر جو نالو به رسول الله جن خدا جي حڪم سان ”حسين“ رکيو. (2) ولادت جي ستين ڏينهن سائڻ زهرا جن پنهنجي فرزند جي عقيقي ۾ هڪ گهٽو قربان ڪيو ۽ نينگر جي جيڪا جهنڊ لٿي ان جي تور برابر چاندي صدقي ۾ ڏنائون. (3)

حسين بن علي4ننڍپڻ جا ڇهه سال ۽ چند مهينا پيغمبر اڪرم جي سايي هيٺ پليا ۽ رسالت جي فيض جي سرچشمي مان علم ۽ معرفت حاصل ڪيائون. پاڻ سڳورن جو امام حسين3جن سان ڪوڙهيو ۽ اٿاهه پيار شيعن جي ٽئين اڳواڻ جي عظمت ۾ مٿانهپ کي بيان ڪري ٿو.

سلمان فارسي. جن فرمائن ٿا ته مون ڏٺو ته رسول خدا جن حسين3 کي پنهنجي هنج ۾ ويهاريو اٿن ۽ چميون به ڏين ٿا ۽ چون پيا ته تون سيد ۽ سردار آهين. وڏي سردار جو پٽ آهين. وڏن سردارن جو پيءُ آهين. تون امام ۽ امامن جو پيءُ آهين. تون خدا جي حجت ، حجت خدا جو پٽ ۽ جيڪي نَوَ (9) ڄڻا خدا جي حجت آهن انهن جو پيءُ آهين، سندن نائون هنن جو “قائم” هوندو.[1]

جڏهن مٺي مرسل کان پڇيو ويو ته توهان پنهنجي اهل بيت مان ڪنهن سان وڌيڪ پيار ڪيو ٿا؟ چيائون حسن ۽ حسين4سان.[2] رسول خدا جن هر گهڙي حسن ۽ حسين4کي سيني سان لائيندا هيا. سندن سڳنڌ سنگهندا ۽ چميون ڏيندا هئا ۽ چوندا هئا حسن ۽ حسين4جنت جي جوانن جا سردار آهن.[3]

 پيغمبر ۽ امام حسين3 جي وچ ۾ معنوي ۽ وراثتي لاڳاپي کي بيان ڪرڻ لاءِ لند ترين ۽ نهايت ئي چٽو جملو ان جملي کي چئي سگهجي ٿو. جنهن ۾ پيغمبر جن فرمايو ته: ”حسين مون مان آهي ۽ مان حسين مان آهيان.“[4]

والد سان گڏ

رسول خدا جن جي وصال کان پوءِ امام حسين3 جن پنهنجي ڄمار جا ٽيهه ورهيه پنهنجي بابي سائين سان گڏ گذاريا. ان سموري عرصي ۾ پاڻ دل ۽ جان سان پنهنجي عاليقدر پيءُ جي اطاعت ڪندا رهيا ۽ پيءُ جي حڪومت جي پنجن سالن واري عرصي ۾ امام حسين3 جن اسلام جي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ ۾ هڪ سرويچ وانگر پنهنجي وڏي ڀاءُ جيان جاکوڙيندا رهيا ۽ جمل صفين ۽ نهروان جي جنگين ۾ شريڪ رهيا (4).

ڀاءُ سان گڏ

حضرت علي3 جي شهادت کان پوءِ جناب امير جي وڏي پٽ حسن ابن علي4ڏانهن امامت ۽ رهبري منتقل ٿي. امام حسين3جن جيڪي رسالت ۽ ولايت جي مڪتب جا تربيت يافته هئا. پنهنجي ڀاءُ سان گڏ ۽ سندن هم فڪر هئا. جڏهن اسلام ۽ مسلمانن جي معاشري جي چگ ڀلائي کي نطر ۾ رکندي امام حسن3جن معاويي جي صلح واري آڇ قبولڻ تي مجبور ٿيا ته ان وقت امام حسين3 جن ڀاءُ سان ڏکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار هئا.  ڇاڪاڻ ته پاڻ ڄاڻن پيا ته اهو صلح، اسلام ۽ مسلمانن جي چڱي لاءِ ٿيو آهي. ان ڪري پاڻ ڪو به اعتراض نه واريائون ۽ سدائين امام حسن3 جي مؤقف جو دفاع ڪندا رهيا. (5)

هڪ ڏينهن معاويي، امام حسن ۽ امام حسين4جي آڏو امام حسن3 ۽ سندن بابي اميرالمؤمنين علي3جن لاءِ ڊَڊَ ڳالهايو ۽ وات هنيو. امام حسين3 جن اٿيا ته جيئن سندس  وات بند ڪن پر سندن ڀاءُ کين ماٺ رهڻ جو اشارو ڪيو ۽ پوءِ پاڻ ئي معاويي کي نهايت مناسب ۽ ڌوڏيندڙ بيان ذريعي چُپ ڪرائي ڇڏيائونس. (6)

اخلاقي فضائل ۽ مناقب

امام حسين 3 جي سڄي حق طلب ۽ خدا پرست ستونجاهه (57) سالن جي حياتي تي جيڪڏهن مٿاڇري نظر وجهجي ته اسان کي خبر پوندي ته سندس زندگي پاڪ دامني، خدا جي بندگي، محمدي سنيهي جي پرچار ۽ انسانيت جي مٿانهن قدرن جي حفاظت ۾ گذري آهي.

کين پالڻهار جي بندگي، نماز، قرآن، دعا ۽ استغفار سان ڏاڍي دل هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڏينهن ۽ رات ۾ سوين رڪعتون نماز پڙهندا هئا.(7) ايسيتائين جو پنهنجي زندگي جي پوئين رات ۾ به عبادت ۽ دعا تان هٿ نه کنيائون. ان رات پاڻ دشمن کان مهلت ورتائون ته جيئن اڪيلائي ۾ پنهنجي خدا سان راز ۽ نياز ڪري سگهن . پاڻ فرمايائون : ”ڌڻي ٿو ڄاڻين ته آءٌ نماز، تلاوت قرآن، دعا ۽ استغفار کي سنگتي سمجهان ٿو.“[5] 

ابن اثير لکيو آهي ته : حسين3 گهڻا روزا رکندا هئا، نمازون پڙهندا هئا، حج تي ويندا هئا، صدقو ڏيندا هئا ۽ سمورا سٺا ڪم ڪندا هئا. (8)

حضرت ابا عبدالله الحسين جن خدا جي گهر جي زيارت لاءِ ڪئي ڀيرا پيادل اسهيا ۽ حج ڪيائون (9).

امام حسين3جي شخصيت اهڙي ته ڏيا ۽ عظمت واري هئي جو جڏهن پاڻ پنهنجي ڀاءُ امام حسن مجتبيٰ3ساڻ حج لاءِ پنڌ پوندا هئا ته سمورا بزرگ ۽ اسلام جا نالير فرد سندن احترام ۾ سواري تان لهي پوندا هئا ۽ ساڻن گڏ پنڌ پنڌ ڪندا هئا. (10)

امام حسين3 جو احترام  ۽ معاشري ۾ سندن قدر ان ڪري هئو جو پاڻ سدائين ماڻهن ساڻ زندگي گذاريندا هئا ۽ ٻين وانگر انهن سان گڏ معاشري جي ڏک سُک ۾ ساڻن گڏ ۽ شامل رهندا هئا ۽ الله سان خلوص ڀرئي ايمان سببان پاڻ عوام جا هڏڏوکي، ڏک ونڊيندڙ ۽ واهرو هئا. پاڻ هڪ اهڙي جاءِ تان لانگهائو ٿيا جتي ڪجهه فقير پنهنجي پنهنجي چادر وڇايون ويٺا هئا ۽ سُڪل مانين جا ٽُڪر پئي کاڌن، امام حسين3 کي انهن ماڻهن صلاح ڪئي، پاڻ سندن دعوت قبولي ۽ سندن ڀر ۾ ويهي رهيا ۽ پوءِ هيءَ آيت پڙهيائون:

اِنَّہٗ  لَا یُحِبُّ الۡمُسۡتَکۡبِرِیۡنَ(11)

ان کان پوءِ پاڻ فرمايائون ته: مون توهان جي دعوت قبول ڪئي، هاڻي توهان به منهنجي دعوت قبوليو، اهي همراهه امام حسين3 سان گڏجي سندن گهر آيا. امام جن حڪم ڏنو ته جيڪي به گهر ۾ آهي اهو مهمانن لاءِ آڻيو (12). اهڙي ريت پاڻ معاشري کي انڪساري ۽ انسان دوستي جو درس ڏنائون. هن حصي کي ”علائلي“ جي هن ڳالهه جو تت بيان ڪري ختم ڪيون ٿا، جيڪا هن پنهنجي ڪتاب ۾ ابا عبدالله الحسين3 جي باري ۾ چئي آهي، پاڻ چوي ٿو ته:

”تاريخ ۾ اسان کي اهڙا برک ماڻهو نظر اچن ٿا جن مان هر هڪ ڪنهن نه ڪنهن رخ ۽ ڪنهن نه ڪنهن محاذ تي پنهنجي عظمت ۽ بزرگيءَ کي عالمي حيثيت ڏني آهي. هڪ شجاعت ۽ سورهيائي ۾ ته ٻي زهد ۾ ته ٽئين دريا دلي ۽ سخاوت ۾ پر امام حسين3جي عظمت ۽ سڳورائپ جو معيار ايڏو ته عظيم آهي جو جنهن تي اڪٿ رخن مان هر رخ مٿانهون ۽ بي انتها وسيع آهي ۽ تاريخ جي عظمت کي مقرر ڪندڙ آهي. گويا منجهن جملي بزرگيون ۽ بلنديون گڏ ٿي ويون هيون“ (13).

امام حسين3 معاويي جي دور ۾

ابو عبدالله الحسين3پنهنجي وڏي ڀاءُ جي شهادت کان پوءِ خدا جي حڪم ۽ پنهنجي وڏي ڀاءُ جي وصيعت مطابق اسلامي معاشري جا قائد ۽ امام ٿيا. پاڻ پنهنجي امامت جا اٽڪل ڏهه سال معاويي جي حڪومت جي زماني ۾ گذاريائون. ان عرصي ۾ پاڻ امام حسن3 جي روش کي به قائم رکيائون ۽ جيسيتائين معاويو جيئرو رهيو پاڻ ڪو به اثرائتو اپاءُ نه وٺي سگهيا.

امام حسن3جن جيتوڻيڪ ڏسن پيا ته معاويو اسلام جي ئي سگهه سان اسلامي معاشري جي پيڙهه ۽ خدائي قانونن کي مٽائڻ ۽ ڦيرائي ڇڏڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهي. اها ڳالهه کين ڪُکي به پئي پر سمجهن پيا ته جيڪڏهن ان جي مقابلي لاءِ اٿبو ته هر ڪارائتي قدم ۽ تحريڪ (۽ ڪنهن به نتيجي حاصل ٿيڻ) کان اڳواٽ ئي کين قتل ڪيو ويندو. ڪڏهن ته پاڻ ئي معاويي جي حرڪتن ۽ ڪلڇڻاين تي رڳو ٽيڪاٽپڻي ڪندا هئا ۽ ماڻهن کي آئيندي جو دلاسو ڏيندا هئا ۽ ان سموري مدت ۾ جڏهن معاويو يزيد جي ولي عهدي لاءِ ماڻهن کان بيعت وٺي رهيو هيو. امام حسين3 جن ڏاڍي سخت مخالفت ڪئي ۽ يزيد جي بيعت لاءِ ٺپ تيار نه ٿيا. ايسيتائين جو ڪڏهن ته معاويي کي نديندا هئا ۽ مذمت ڪندا هئا ۽ تنقيدي خط لکندا هئا (14).

حسيني قيام

معاويي جي موت کان پوءِ خلافت سلطنت ۾ بدلجي وئي ۽ سندس پٽ يزيد ڏانهن منتقل ٿي وئي. حڪومت جون واڳون  هٿ ۾ ايندي ئي يزيد پنهنجي سلطنت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ عالم اسلام جي اهم شخصيتن ۽ چاتل سڃاتل ماڻهن کان پنهنجي لاءِ بيعت وٺڻ جو ارادو ڪيو. ان عرض سان هن مديني جي حاڪم جي نالي خط لکيو ۽ حڪم ڏنائين ته امام حسين3 کان منهنجي بيعت وٺي ۽ جيڪڏهن مخالفت ڪن ته کين قتل ڪري ڇڏي.

مديني جي واليءَ حڪم مطابق بيعت جو سوال امام آڏو رکيو. امام حسين3 جن فرمايو:

ِانَالله وَاِنَا اِلَيہِ رَاجِعُونَ وَعَلَي الاِسَلاَم السَلاَمُ اِذَا بُلِيَتِ الاُمَةُ بِرَاعٍ مِثُلِ يَزِيدَ(15)

”يعني جڏهن يزيد جهڙا ماڻهو (شرابي، جوئاري، بي ايمان ۽ پليت) اسلامي حڪومت جي مَسنَد تي ويهن ته اسلام تي فاتحه پڙهي ڇڏڻ کپي.“

امام جن بيعت کان انڪار جي بعد سمجهيو ته جيڪڏهن مديني ۾ رهيا ته کين قتل ڪيو ويندو. تنهن ڪري رات جي وڳڙي ۽ لِڪ ۾ 27 رجب سن 60 هه تي پنهنجن ماڻهن کي ساڻ ڪري مڪي ڏانهن نڪري پيا. (16)

سندن مڪي ۾ آمد ۽ يزيد جي بيعت کان نابري وارڻ جي خبر مڪي ۽ مديني جي رهاڪن ۾ پکڙجي وئي ۽ اها خبر ڪوفي به پهتي. اهڙي ريت ماڻهن کي امام حسين3 جي مدد ۽ ساڻن سهڪار ڪرڻ لاءِ تِروِرا ڏسڻ ۾ آيا ته من اهڙي ريت بني اميه جي ظلم کان جان ڇُٽي. ڪوفين مٿين ڳالهين کي ڏسندي ۽ مڪي رسڻ جي خبر ٻڌندي ئي ڪيترائي خط لکي کين دعوت ڏني ته توهان ڪوفي هليا اچو ۽ اسان جي رهنمائي جي ذميواري قبول ڪيو.

حضرت ابا عبدالله الحسين3جن جناب مسلم کي موڪليو گڏوگڏ انهن سڀني خطن جو جواب مختصر جملن ۾ هن ريت لکيائون:

”اما بعد هي خط حسين ابن علي (4) جي پاران عراق جي مسلمانن ۽ مؤمنن جي جماعت ڏانهن موڪلجي ٿو. توهان اهو ڄاڻي وٺو ته هاني ۽ سعيد جيڪا توهان طرفان موڪليل آخري فرد توهان جا خط کڻي آيا. انهن سڀني ڳالهين جي جيڪي توهان جي لکتن مان ظاهر هيون مون کي اطلاع مليو. حاصل مطلب اهو ته توهان جومطلب هي هيو ته اسان وٽ ڪو به لائق رهبر ۽ امام ناهي. توهان اسان وٽ هليا اچو، من خدا اسان کي توهان وسيلي هدايت تائين پهچائي ڇڏي. في الحال آءُ مسلم کي جيڪو منهنجو سؤٽ ۽ منهنجي ڀروسي وارو آهي. توهان وٽ موڪلي رهيو آهيان. جيڪڏهن هن لکيو ته توهان جا آخري نظريا عملي طرح به ائين ئي آهن جيئن توهان خط ۾ لکيو آهي ته مان ان کي قبول ڪري توهان ڏانهن ايندم.“

 پڇاڙيءَ جو پاڻ وڌيڪ لکيو:

”مون کي پنهنجي جان جو قسم، امام ۽ پيشوا صرف اهو آهي جيڪو خود دين جو پابند هجي ۽ عدل و انصاف ڪندو هجي ۽ خدا جي رضا تي راضي هجي.“ (17)

حضرت مسلم اهو خط کڻي ڪوفي پهتو، سندن پهچڻ جي خبر نهايت تيزيءَ سان ڪوفي ۾ پکڙجي وئي. ڪوفين امام جي نمائندي مسلم جي بيعت ڪئي ۽ اهڙو پُرجوش استقبال ڪيو جو اڳ ۾ ڪڏهن ڪو نه ٿيو هو ۽ پوءِ ڏينهن و ڏينهن بيعت ڪرڻ وارن جو انگ ويو وڌندو.

ڪوفي مان ٻه خط

امام حسين3 جي فائدي ۽ يزيد جي مخالفت ۾ انقلابي حالت پيدا ٿيڻ کان پوءِ به خط لکيا ويا. هڪ حسين ابن علي4کي ۽ ٻيو يزيد کي.

جناب مسلم امام حسين3کي لکيو”اڃا تائين ذات ماڻهن منهنجي بيعت ڪئي آهي. هاڻي توهان ڪوفي هليا اچو“. (18)

هوڏانهن يزيد جي پوئلڳن کيس لکيو ته : جيڪڏهن عراق جي حڪومت جو خير گهُرين ٿو ته ڪنهن لائق گورنر کي موڪل ته جيئن هنن فتنن کي ختم ڪري ڇڏي ان لاءِ نعمان بن بشير هڪ ڪمزور ماڻهو آهي يا هن پاڻ کي ڪمزور ڪيو آهي (19).

انهن ٻنهي خطن جي نتيجي ۾ ٻه اُپاءَ سامهون آيا، پهرين خط امام حسين3 کي ڪوفي ڏانهن وڃڻ جون حالتون پيدا ڪيون ۽ ٻئي خط جي نتيجي ۾  پهرين واليءَ کي معزول ڪيو ويو ۽ سندس جاءِ تي عبيدالله ابن زياد کي مقرر ڪيو ويو.

امام حسين3 جن  توڙي جوڪوفين کي چڱيءَ پر سڃاڻيندا هئا ۽ سندن بي وفائيءَ انهن جي عقيدي جو لوڏن ۾ رهڻ، پنهنجي بابي سائين ۽ وڏي ڀاءُ جي دورِ حڪومت ۾ ڏسي ويٺا هئا پر ميار لاهڻ ۽ پالڻهار جي امرن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪوفي وڃڻ جو پهه ڪيائون. خاص ڪري مڪي ۾ چند مهينا ترسڻ کان پوءِ پاڻ اهو سمجهي ڇڏيائون ته يزيد ڪنهن به ريت منهنجي جان ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿيندو ۽ جيڪڏهن پاڻ بيعت نه ڪن ها ته سندن قتل، اهو به خدا جي گهر ويجهو يقيني آهي.

ان حالت ۾ ۸ ذي الحج تائين جنهن ڏينهن سمورن حاجين منيٰ ڏانهن وڃڻ جو ارادو پئي ڪيو (20). امام حسين3جن مڪي ۾ ترسيا ۽ پنهنجي اهل بيت ۽ ساٿ سنگت کي وٺي مڪي کي ڇڏيائون ۽ عراق ڏانهن نڪري پيا (21). امام جو اهڙي موقعي ۾ اهڙي جاءِ تان ڪوچ ڪرڻ، جتي ماڻهو پرانهن پرڳڻن کان حج جا ارڪان ادا ڪرڻ جي لاءِ ايندا آهن. اهڙو ته اوچتو ۽ عجيب عمل هئو. جو جنهن جي هڪ عام مسلمان کان به اميد نه پئي ڪري سگهجي. رسول الله جي فرزند جي ته ڳالهه ئي ٻي آ ان سبب ڪري ئي ٿوري ئي وقت اندر سڄي شهر ۾ امام جي سفر جي خبر جي چَوپچَو ٿي وئي.

امام حسين3پنهنجي اوچتي ۽ ظاهر ظهور سفر سان پنهنجو فريضو به پورو ڪيو ۽ مسلمانن کي به سمجهائي ڇڏيو ته رسول الله جي ٻچڙي، يزيد جي حڪومت کي قانوني نه سمجهيو ۽ سندس بعيت نه ڪئي بلڪه سندس خلاف اٿي بيٺا.

مسلم ابن عقيل جي شهادت

مسلم جي هٿ تي ڪوفين جي بيعت ۽ امام حسين3 ڏانهن سندن لاڙي جي خبر يزيد کي ملي چڪي هئي. هن  ابن زياد کي ڪوفي موڪليو. ابن زياد جيڪو شيطاني خصلتن جو مالڪ هئو. ويس مٽائي منهن تي نقاب وجهي بني هاشم جي ڪنهن شريف ۽ وڏي شخصيت جي روپ ۾ رات جي اونداهيءَ ۾ ڪوفي ۾ وارد ٿيو جيڪي ماڻهو امام حسين3جي اوسيئڙي ۾ هئا انهن ڀائنيو ته هي امام حسين3جن آهن. ابن زياد ڪنهن سان ڳالهائڻ ڌاران ۽ نقاب سان منهن لڪائي سڌو ”دارالاماره“ (گورنر هائوس) پهتو (22). عبيدالله دارالاماره ۾ صلاح لاءِ هڪ گڏجاڻي ڪئي ۽ ابتدائي اقدامن کان پوءِ ڪوفي وارن جي ايمان جي ڪمزوري، ٻچاپڙائپ ۽ سندن بزدليءَ مان فائدو ورتو ۽ کين ڊيڄاري، دٻائي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيائين. ايسيتائين جو جڏهن مسلم ابن عقيل جن نماز لاءِ آيا ته رڳو ٽيهن ڄڻن ڪڍ نماز پڙهي ۽ نماز پڙهڻ کان پوءِ اهي به کسڪي ويا. جڏهن پاڻ مسجد کان ٻاهر نڪتا ته ساڻن گڏ ڪو به نه هو (23). حضرت مسلم، ابن زياد جي لشڪر سان اڪيلي سِر جنگ ڪئي ۽ بي جگريءَ سان وڙهندي سر ڏئي سرها ٿيا. (24)

ظلم خلاف عظيم ترين قيام

عراق وڃڻ جي ڪري، ابوعبدالله الحسين3جن حجاز کي ڇڏي ڏنو. پر اصل ۾ هاڻ ان مقصد ڏانهن وڃن پيا جيڪو رڳو عراق تائين محدود نه هو. هن عظيم مقصد جو بنياد اسلام ۽ مسلمانن کي استعمار جي چنبي ۽ بني اميه خاندان جي ظلم ۽ ڏاڍائي جي چنبي ۾ ڇڏائڻ هيو. ان ڪري ئي پاڻ  دوستن جي نالي ماتر مقدس ڳالهين ۽ نصيحتن جي ابتڙ، جيڪي ان سفر کان جهلڻ تي ٻڌل هيون. پنهنجي عزم ۽ ارادي تان نه هٽيا ۽ اسلام جي نجات لاءِ آخري هلچل هلايائون، جنهن کي هر حال ۾ پڄاڻيءَ تائين پهچڻو هو.

امام حسين3 دڳ ۾  ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجي مدد لاءِ سڏ ڏنائون ٿي ۽ جيڪي ماڻهو ساڻن همراهي ۾ هئا انهن کي يزيد سان جنگ ۽ آخر ۾ قتل ٿيڻ جي باري ۾ پنهنجي اٽل ارادي کان آگاهه ڪندا ٿي هليا. اها ڳالهه مٿن ڇڏيائون ته مرضي پئين ته ساٿ ڇڏي وڃي سگهن ٿا. ”صفاح“ نالي هڪ هنڌ تي ڪوفي کان موٽندڙ فرزدق سان سندس ملاقات ٿي. پاڻ ڪوفي جي حالات بابت کانئس پڇيو، فرزدق جواب ڏنو: ”ماڻهن جون دليون ته توهان سان آهن پر انهن جون تراريون بني اميه سان گڏ آهن.“[6]

شهادت

امام حسين3 جو قافلو ڪوفي کان پهريون ئي ڪربلا جي سرزمين (ڪوفي کان اٽڪل 70 ڪلوميٽر پري) تي دشمن جي وڏي لشڪر سان سامهون ٿيو. ساڻن گڏ رڳو اهي ئي ماڻهو هئا. جن جو سِر آڏيءَ تي هئو پيغمبرجي فرزند جي نصرت ۽ مدد کانسواءِ سندن ڪو ٻيو مقصد ۽ مطلب نه هئو. نيٺ هيءُ سڄو ساٿ ابن زياد جي ٽيهه هزار لشڪر جي گهيري ۾ اچي ويو (25). ايسيتائين جو فرات، جو پاڻي به مٿن بند ڪيو ويو اهڙين حالتن ۾ سائڻ زهرا/جي فرزند حضرت امام حسين3 جي آڏو ٻه ئي صورتون هيون يا قتل يا بيعت. وحيءَ جي محمدي مڪتب ۽ ولايت جي علويءَ جهولي مان تربيت يافته حسين ابن علي4جن بيعت نه ڪئي ۽ انهن ٻاهتر (72) ڄڻن سان گڏ جيڪي سندن بهترين اصحاب ، مائٽ ۽ پٽ هئا. جن مان هر هڪ اخلاص، همٿ، دليري، شجاعت، عزت ۽ شرافت جهڙن اخلاقي ڳڻن سان سينگاريل ۽ انسانيت جا مڪمل نمونا هئا. اهڙن ٻاهترن ڄڻن سان حسين3 جن ڏهين محرم سن ۶۱هه جي صبح کان عصر تائين معاويي جي پٽ جي وڏي ۽ هٿياربند لشڪر خلاف دليريءَ سان جنگ ڪئي ۽ نيٺ شهادت جوشربت پيتائون ۽ هن ڌرتيءَ جي گولي تي جيسيتائين انسان موجود آهي اوسيتائين پنهنجو نالو امر ڪري ڇڏيائون.

سندن شهادت کان پوءِ دشمن جو لشڪر سندن ننگن جي خيمن ۾ گهڙي آيو ۽ سمورو مال اسباب ڦري لٽي ويو ۽ اهل بيت کي اسير ڪري شهيدن جا سِر ساڻ ڪري ڪوفي ۽ اتان شام کڻي ويو.

سدائين باقي رهڻ وارو واقعو

اسلام جي ٽين رهبر، سندن اولاد ۽ صحابن جي ڪربلا جي برپٽ ۾ سرويچائپ ۽ شهادت سندن زندگيءَ جو نهايت اهم واقعو هو. جنهن عقل ۽ ڏاهپ کي ڌوڏي وڌو. اهو واقعو سمورن واقعن تي ڇائنجي ويو ۽ سدائين لاءِ تاريخ جي صفحن تي اڻ مٽ نقش ڇڏي. امر ٿي ويو. دنيا ۾ ٿيندڙ هر واقعو، پوءِ کڻي اهو ڪيڏو ئي عظيم ڇو نه هجي، ان جي ٿورن ئي ڏينهن لنگهي وڃڻ کان پوءِ زندگيءَ جا لاها چاڙها واقعي کي ويساري جي نظر ڪري ڇڏن ٿا ۽ وقت گذرڻ سان ياد گهٽجي ٿي ۽ تاريخ جي ورقن تي سواءِ نالي جي ڪجهه به باقي نه ٿو بچي. پر ڪيترا واقعا اهڙا آهن جو زماني گذرڻ کان پوءِ به انهن جي عظمت گهٽجي نه ٿي. الله وارن جي تاريخ ۽ اهي انقلاب جي آسماني پيغمبرن ۽ الاهي عظيم رهبرن ذريعي آيا آهن.  اهي سمورا واقعا ڇاڪاڻ ته خدا سان متعلق ۽ لاڳاپيل آهن ان ڪري بنهه وساري نه سگهيا ۽ زماني جي گذرڻ جو ڪو به اثر قبول نه ڪندا.

      حضرت امام حسين3 جي تحريڪ ۽ ڪربلا جو خوني قضيو ۽ انقلاب انساني معاشري جو نهايت اهم داستان آهي. ان حقيقت تي تاريخ ۽ تجربو گواهه آهي.

      عاشور جي رات سان رڱيل تاريخ جي تجزيي ۾ ٻين ڳالهين کان اڳ چند ڳالهيون ڌيان لائق ۽ تاريخي لحاظ کان زبردست تحقيق جون محتاج آهن جن کي اختصار سان بيان ڪجي ٿو. 

1 ــ امام حسين3 جي قيام جا سبب اسباب

2 ــ امام حسين3 جي تحريڪ ۽ انقلاب جي ماهيت ۽ حقيقت

3 ــ امام حسين3جي انقلاب جا اثر، سيڪُ ۽ نتيجا

حسين ابن علي4 جي انقلاب جو اهم ۽ چٽو هڪ سبب انحرافي سلسلو هو. جيڪو ان وقت اسلامي حڪومت جي مشنريءَ ۾ اچي چڪو هو ۽ ماڻهن ۾ اموي گروهه جي تسلط سببان دين کان انحراف، سماجي ظلم ۽ ستم ڀرپور نموني ۾ ظاهر هو. يزيد جي خلاف امام حسين3 جو قيام ان بنياد تي هئو جو اهو اموي حڪومت جو چٽو عڪس هو. اها حڪومت جيڪا ملت جي ميڙا چونڊي کي عياشي، رشوت خوري، بااثر ماڻهن کي پاڻ ڏانهن

امام حسين3اهڙين حالتن ۾ انقلاب لاءِ زمين کي مڪمل طرح سنوت ۾ ڏٺو. امام ان وصيعت ۾ جيڪا پاڻ پنهنجي ڀاءُ محمد حنفيه کي ڪئي هيائون پنهنجي قيام جي باري ۾ لکيو اٿائون ته :

”منهنجي قيام جي وجهه هوا، هوس ۽ بشري لاڙا ناهن، منهنجو مقصد ڏاڍ ۽ فتنو،فساد پکيڙڻ ناهي. بلڪه منهنجو مقصد ته پنهنجي ناني رسول الله جي امت جي خراب حالت جي اصلاح ڪرڻ آهي. منهنجو مقصد امر بالمعروف نهي عن المنڪر آهي. آءٌ چاهيان ٿو ته پنهنجي ناني رسول خدا جي سيرت ۽ پنهنجي بابي علي3جي رستي تي هلان......“[7]

اهڙي ريت پاڻ حُر بن يزيد رياحي سان ملاقات ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي تقرير ۾ پنهنجي قيام جي وضاحت ڪئي ۽ فرمايائون:

”اي انسانو! پيغمبر خدا جن  فرمايو آهي ته جيڪو ڪنهن اهڙي حڪمران کي ڏسي جيڪو خدا جي حرام ڪيل کي حلال ڪري ۽ خدا سان ڪيل وعدا ڀڃي. ان جي پيغمبر جي سنت جي مخالفت ڪندو هجي. الله جي ٻانهن سان جٺيون ڪري ۽ ظلم جو رڻ ٻاري ڏي ۽ انهن سڀني ڳالهين جي باوجود، جيڪو به زبان ۽ عمل سان پنهنجي مخالفت ظاهر نه ڪري ته خدا کيس (ان ماڻهو کي) ان ئي ظالم حڪمران سان گڏ هڪ ئي جاءِ تي جهنم ۾ رکندو.

اي ماڻهؤ! انهن (يزيد ۽ ان جي هم خيال) شيطان جي اطاعت جو بار پنهنجي ڪُلهن تي رکي ڇڏيو آهي، ٻاجهاري ڌڻيءَ جي پيروي ترڪ ڪري ڇڏي آهي. فساد پکيڙي ڇڏيو آهي. الاهي قانون معطل ڪري ڇڏيا اٿائين. بيت المال کي هنن پنهنجي لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو آهي. خدا جي حلال کي حرام ۽ ان جي حلال ڪيل کي حرام ڪري ورتو اٿئون. آءٌ اسلامي معاشري جي قيادت لاءِ سڀني ماڻهن کان وڌيڪ حقدار آهيان ۽ انهن ڪلڇڻاين ۽ اوڳڻن سان جنگ ڪرڻ ۽ انهن خرابي جي سڌاري ۾ سڀني کان اڳرو آهيان.........“[8]

امام حسين3 جن معاويي جي زماني ۾ قيام ڇو نه ڪيو؟

ٿي سگهي ٿو ته اتي اهو سوال اڀاريو وڃي ته معاويي جي زماني ۾ ڪيترا اهڙا عوامل پيدا ٿي ويا هئا جيڪي قيام ۽ انقلاب جي گهُر ۽ تقاضو ڪري رهيا هئا ۽ حسين ابن علي4انهن سڀني عوامل کان واقف هئا ۽ پاڻ اهي خط جيڪي معاويي جي جواب ۾ جيڪي معاويي جي جواب ۾ لکيا هئا انهن سببن کي بيان به ڪيو (28)، پوءِ معاويي جي زماني ۾ قيام ڇو نه ڪيائون؟

جواب: ــ سڀئي اهي عوامل جن امام حسن3 کي معاويي سان صلح ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو هو. اهي ئي امام حسين3 جي لاءِ به قيام نه ڪرڻ جوسبب بڻيا(29). عراقي معاشري تي حڪمران حاڪم جي حقيقت کي سڃاڻڻ ۾ امام حسين3به پنهنجي ڀاءُ امام حسن3 کان گهٽ نه هئا. هو به پنهنجي

عراق جي شعين هڪ خط ۾ امام حسين3کي درخواست ڪئي ته هو معاويي جي خلاف قيام ڪرڻ جي سلسلي ۾ سندن قيادت ڪن. حسين ابن علي4هاڪار نه ڪئي ۽ جواب ۾ لکيائون:

”.....پر منهنجي راءِ هي آهي ته انقلاب جو وقت ناهي آيو. جيسيتائين معاويو جيئرو آهي پنهنجي جاءِ تي ويٺا رهو. پنهنجي گهرن جي دروازن کي پنهنجي لاءِ بند ڪيو ۽ تهمت جي جاءِ کان بچو“(30)

معاويي ۽ يزيد جي سياست ۾ فرق

معاويي جي زماني ۾ امام حسين3جو انقلاب آڻڻ لاءِ نه اٿڻ ۽ يزيد جي زماني ۾ قيام ڪرڻ جو اصلي سبب انهي ٻنهي جي سياسي روشن جي اختلاف ۾ ڳولڻ کپي.

دين ۽ پيغمبر جي سلسلي ۾ معاويي جي منافقيءَ واري روش نهايت چٽي ۽ اعلانيه هئي. هو پاڻ کي صحابي ۽ وحيءَ جو ڪاتب چوندو هو ۽ ٻئين خليفي جي مٿس بي پناهه توجهه ۽ عنايت هئي. ان کانسواءِ انهن صحابن جن جا ماڻهو تعظيم ۽ احترام ڪندا هئا (جيئن عمرو عاص، سمرة، مغيره، بن شعبه وغيره.....) کي حڪومت ۽ ولايت ۽ ملڪي جي سڀني حساس ڪمن ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائين ته جيئن ماڻهن جي حسن ظن جو رُخ پاڻ ڏانهن موڙي سگهي. ماڻهن ۾ صحابين جي فضائل ۽ صحابن جو دين محفوظ هجڻ جون گهڻيون ئي روايتون ته هو جيڪو به ڪن معذور آهن. نتيجي ۾ معاويو جيڪو به ڪم ڪندو هو جيڪڏهن اهو توجهه ۽ تاويل جي قابل هوندو هو ته واهه واهه، نه ته تمام گهڻي بخشش ۽ عنايت جي ذريعي اعتراض ڪندڙ جو منهن بند ڪيو ويندو هو ۽ جتي پئسي جي نه هلندي هئي اتي دٻڙ ڌونس ۽ پوءِ آخر ۾ جيئن علي3جي هزارن چاهيندڙن کي مارائي ڇڏيائين. معاويو سڀني ڪمن ۾ حق جو رُخ پاڻ ڏانهن موڙڻ چاهيندو هو ۽ امام حسن ۽ حسين4جو ظاهري احترام ڪندو هو. انتهائي تيز، چالاڪ ۽ دور انديش هو. هو ڄاڻي پيو ته حسين ابن علي4جو انقلاب ۽ ماڻهن کي قيام لاءِ اڀارڻ، منهنجي ان ڪاميابي کي جيڪا مون صلح حسن3 کان پوءِ حاصل ڪئي هئي مڪمل طرح جيڪڏهن ختم نه ڪندو ته گهٽ  ۾ گهٽ ڪاميابيءَ جو مزو خراب ڪري  مون کي جنگ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو. جيڪو ان ڪاميابي جي جلوي کي جهَڪو ڪري ڇڏيندو. ان ڪري ته اسلامي معاشري ۾ حسين3 جي عظمت ۽ سندن مرتبي کان معاويو چڱي ريت واقف هو. جيڪڏهن حسين ابن علي4 معاويي جي زماني ۾ قيام ڪن ها ته ان ڳالهه جو پڪو گمان هو ته معاويو سندن انقلاب کي ناڪام ڪرڻ لاءِ اهڙي روش اختيار ڪري ها جو امام جي انقلاب کي عملي شڪل ڏيڻ کان اڳواٽ ئي زهر سان شهيد ڪري ڇڏي ها ۽ اهڙي ريت معاويو پاڻ کي خطري کان بچائي وٺي ها جيئن حسن ابن علي4، سعد ابن ابي وقاص ۽ مالڪ اشتر کي قتل ڪرڻ ۾ هن اهو  ئي رويو اختيار ڪيو هو.

ليڪن يزيد جي سياسي روش پنهنجي پيءُ جي سياسي روش سان ڪنهن به ريت مشابهت نه پئي رکي. هو هڪ خود فريب ۽ بي پرواهه نوجوان هو. هن وٽ زور زبردستي کانسواءِ ڪا به منطق نه هئي. هو عوامي راءِ کي رتيءَ ماتر به اهميت نه ڏيندو هو. هو کليو کلايو اسلام جي مقدس ڳالهين کي پنهنجين پيرن هيٺيان لتاڙيندو هو ۽ پنهنجون خواهشون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪنهن به شيءِ کان نه مڙندو هو. يزيد ظاهر ظهور شراب پيئندو، راتين جو شراب ۽ ڪباب جي محفلن ۾ مشغول رهندو هو ۽ گستاخيءَ سان چوندو هو ته: ”جيڪڏهن دينِ احمد ۾ شراب حرام آهي ته ان کي دينِ مسيح ابن مريم ۾ پيئو.“[9]

يزيد مسيحيت جي تعليم جي بنياد تي پليو هو ۽ هو دل سان ان ڏانهن مائل هو (31) ۽ دين اسلام سان سندس ڪو به واسطو نه هو. جڏهن ته اسلام جي   بنياد تي هو ماڻهن تي حڪومت ڪرڻ چاهي پيو. اهڙي ريت جيڪي نقصان اسلام کي معاويي جي زماني ۾ ڍَڪَ پردي ۾ لڳا. هاڻي اهي يزيد جي هٿان ظاهر ظهور رسي رهيا هئا.

حڪومت جي ٻئين سال هن پيغمبر جي شهر مديني جي ماڻهن جي مال ۽ لڄ کي پنهنجي لشڪر وارن لاءِ مباح ڪري ڇڏيو  ۽ ان واقعي ۾ چار هزار ماڻهو راهه گناهه مارايائين.

ٽئين سال مسلمانن جي قبلي خدا جي گهر ”ڪعبي“ تي هن مِنِجنيِق سان سنگ باري ڪرائي.اهڙن سياسي ۽ اجتماعي حالات ۾ حسين ابن علي4 جن انقلاب لاءِ حالت کي پوري طرح آماده ڏٺو. هينئر بني اميه جا ڇاڙتا ۽ ڀاڙيتو، عوامي سوچ کي قيام حسين ابن علي4 جي مقصدن کان ڦيرائي ۽ بدلائي ان کي ”اقتدار جي بُک“ جي عنوان سان پيش نه پئي ڪري سگهيا. ان ڪري جو ڪيترائي ماڻهو ڏسن پيا ته حڪومت جي چال ڦري وئي آهي ۽ دين ۽ خدائي تعليمات جي خلاف آهي ۽ اها ڳالهه پاڻ ان حق ۾ هئي ته حسين ابن علي4 پنهنجن سچن صحابن کي گڏ ڪن ۽ حڪومت جي خلاف قيام ڪن. اهڙو قيام جنهن جو مقصد اسلام ۽ پيغمبر اڪرم جي سيرت کي ٻيهر جيارڻ هو.

انقلاب جي حقيقت ۽ اصليت

امام حسين3 جي تحريڪ ۾ هڪ اهم مسئلو ان جي ڪيفيت ۾ حقيقت جو تجزيو آهي. ڇا امام حسين3 جو قدم هڪ انقلاب هو يا هڪ ڌماڪو هو؟ جيڪي ماڻهو مقدس واقعن کي سدائين محدود ۽ مادي تارازيءَ سان توريندا آهن. اهي ڪربلا واري قيام جي تفسير اڻ ڄاتل ڌماڪي سان ڪندا آهن. ان ڏس ۾ چوندا آهن ته ڪڏهن مادي واقعن ۾ ڏاڪي به ڏاڪي ڦيريون گهيريون ۽ تغير ان حد تائين پهچي ويندا آهن جو اهي ان وقت ٿيندڙ  ٻين تغيرن ۽ ڦيرين کي قبول نه ڪري سگهندا آهن. نتيجي ۾ جزئي تغير هڪ نئين شيءِ وجود ۾ آڻيندا آهن. اهو قانون معاشري  ۽ تاريخ تي به لاڳو آهي. معاشرو هڪ حد تائين ظالمن جا ظلم سهندو آهي. جڏهن هو ان مرحلي تي پهچي ويندو آهي جو هاڻي منجهس سهپ  جي سگهه ختم ٿي ويندي آهي ته نتيجي ۾ حڪومتي نظام جي خلاف هڪ ڌماڪي جي شڪل ۾ انقلاب اچي ويندو آهي.

ان بنياد تي ماڻهو چوندا آهن ته: اميرالمؤمنين جي شهادت کان پوءِ اموي مشنري جو مسلمان ملت تي دٻاءُ وڌي ويو هو ۽ معاويي جي مرڻ کان پوءِ ان جي پٽ يزيد ان دٻاءُ کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو هو ان دٻاءُ سبب حسين3 جي صبر جو پيمانو ڇلڪي پيو ۽ سندن قيام ان ئي ڌماڪي جي علامت  هو.

امام حسين3 جي تحريڪ جي باري ۾ اهڙي قبيلي جو بنياد مادي تجزيو ڪرڻ وارن جو عقيدو  ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن هو امام حسين3 جي قيام جي تاريخ جو تفصيل ڏسن ها ۽ حقيقت بين ۽ حق جا شيدائي هجن ها ته اهڙو فيصلو نه ڪن ها.

امام حسين3 جي شهادت کان پوءِ معاويي جي موت تائين امام حسين3 جا قول ۽ اها خط و ڪتابت  جيڪا سندن ۽ معاويي جي وچ ۾ ٿي هئي. جنهن ۾ امام جو مؤقف کليو کلايو معاويي جي خلاف هو. ان کانسواءِ پاڻ معاويي کان عوام جي آڏو سوال ڪندا هئا ۽ انهن سوالن جي دوران سندس خلاف قيام جو دڙڪو ڏنائون. اهڙيءَ ريت اهي تقريرون جيڪي مختلف موقعن تي امام حسين3 جن ڪيون آهن. جيڪڏهن انهن سڀني کي ڏٺو وڃي ته اهي سموريون ڳالهيون اسان کي ان ڳالهه جو ڏس ڏين ٿيون ته ابو عبدالله الحسين3 جي اها تحريڪ ڏاڍي منظم هئي. جنهن جو تاڃي پيٽو آزادي پسند فردن جي سردار اُڻيو هو ۽  امت کي ان رستي ۽ ان نقشي مطابق عمل  ڪرڻ جي ڪوٺ ڏئي رهيو هو. ان کان پوءِ به سيد الشهداء جي قيام کي هڪ اوچتو حادثو يا ڌماڪو ڪيئن چئي سگهجي ٿو. جيڪڏهن اهو انقلاب اڻ ڄاتل ڌماڪو هو ته ان کي ٻاهتر ڄڻن ۾ منحصر نه رهڻ گهرجي ها. بلڪه ان کي معاشري جي سمورن فردن کي گهيرڻ کپي ها. امام حسين3جي آگاهاڻي انقلاب کي بيان ڪندڙ تاريخي قرينن جو سلسلو پيش ڪجي ٿو.

لالچ ۽ دڙڪن ذريعي معاويي، يزيد جي ولي عهدي لاءِ اهم شخصيتن جو هڪ گروهه پنهنجو حمايتي ڪري وڌو. جڏهن حسين ابن علي4جي آڏو اها ڳالهه رکي وئي ته پاڻ هڪ تقرير ۾ فرمايائون:

”تون پنهنجي پٽ جي ڪمال ۽ تجربي ڪاري جي ڏس ۾ جيڪا ساراهه ڪئي اها اسان ٻُڌي، ڄڻ ته تون اهڙي ماڻهوءَ جي باري ۾ ڳالهائي رهيو هجين جنهن کي اسان نه سڃاڻيندا هون يا ان سلسلي ۾ رڳو توکي ئي خبر آهي. جيئن ٿيڻ کپندو هو، يزيد اونئن ئي پاڻ کي پيش ڪيو ۽ هن پنهنجواندر ظاهر ڪري ڇڏيو. هو ڪتن سان کيڏڻ وارو، ڪبوتر باز ۽ هَوس پرست شخص آهي. جنهن پنهنجي عمر ساز ۽ آلاپ ۾، عيش ۽ عشرت ۾ گذاري آهي. ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها جو تون ان ڪم کان بچين ها ۽ پنهنجي گناهن جي بار کي وڌيڪ وزني نه ڪرين ها.“(32)

معاويي ڏانهن امام حسين3 جو خط

امام حسين3 هڪ تفصيلي خط معاويي کي لکيو ۽ ان ۾ سندس وڏن وڏن ڏوهن کي ياد ڏياريندي، جن ۾ سرفهرست متقي بزرگن ۽ صالح صحابين جو قتل ۽ علي3 جي شيعن جو قتل هئو، ۾ فرمايو:

”اي معاويا تنهنجو چوڻ آهي ته آءٌ پنهنجي روش ۾ دين ۽ محمدي امت جو خيال ڪيان ۽ ان امت ۾ ڦوٽ ۽ فتنو نه وجهان. آءٌ نه ٿو ڄاڻان ته امت لاءِ تنهنجي حڪومت کان وڏو ڪو ٻيو فتنو هوندو. جڏهن آءٌ پنهنجي فرض جي باري ۾ سوچيان ٿو ۽ پنهنجي دين ۽ محمدي امت تي نظر ڪيان ٿو ته ان وقت پنهنجو عظيم فريضو اهو سمجهان ٿو ته تو سان جنگ ڪيان..........“

پڇاڙيءَ ۾ فرمائن ٿا:

”تنهنجي جرمن مان ته بخشڻ جوڳو جرم هي آهي ته تو پنهنجي شرابي ۽ ڪتن سان کيڏڻ واري پٽ لاءِ ماڻهن کان بيعت ورتي آهي.“(33)

منيٰ ۾ امام حسين3جي تقرير

معاويي جي حڪومت جي پوين ڏينهن ۾ منيٰ ۾ نون سون کان مٿي ماڻهن جي ميڙ ۾، جنهن منجهه بني هاشم ۽ رسول الله جا صحابي به شامل هئا. امام حسين3جن ملڪ تي حڪومت ڪندڙ نظام جي باري ۾ استدلالي بيان ذريعي بحث ڪيو ۽ خواهش ڪيائون ته انهن ڳالهين کي ٻين تائين پهچايو ۽ پنهنجن شهرن ۾ پهچڻ کان پوءِ پنهنجي نظريي کان مون کي (امام) واقف ڪريو. امام حسين3 معاويي کي پنهنجي تنقيد جو نشانو بڻائيندي تقرير شروع ڪئي ۽ مملڪت اسلاميه جي خاص ڪري علي3 جي پوئلڳن جي باري ۾ معاويي جي جرمن کي ياد ڏياريائون (34).

عراق اسهڻ کان اڳ امام حسين3 جي تقرير

اٺين ذوالحج تي عراق اسهڻ کان اڳ امام حسين3جن مڪي ۾ ماڻهن جي هڪ ميڙ ۾ عراق ڏانهن وڃڻ جي تشريح ڪئي ۽ فرمايائون:

”هڪ ڪنوار جي ڳچيءَ جي هار وانگر موت انسان جي ڳچيءَ ۾ پيو آهي. آءُ پنهنجي بزرگن (سان ملڻ) لاءِ ائين تانگهيان ٿو جيئن يعقوب، يوسف لاءِ  تانگهيندو هو. آءٌ هتان ئي ان جاءِ کي پسان پيو جتي آءٌ شهادت ماڻيندس ۽ بگهڙ منهنجي بدن جا ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيندا.“

وڌيڪ فرمائن ٿا:

”جيڪي ماڻهو ان رستي ۾ رت ڏيڻ ۽ خدا سان ملاقات ڪرڻ لاءِ تيار آهن. اهي مون سان هلن. آءٌ انشاء الله ساجهُر سوير ئي نڪري ويندس.“[10]

ڇا واٽ تي انهن سڀني تقريرن، ڪربلا ۾ عاشور جي رات پنهنجي صحابن کي موڪل ڏيڻ ۽ سندن بيعت نه ڪرڻ جي باوجود به اهو چوڻ ٺهي ٿو ته اسان امام جي قيام کي هڪ اوچتو ڌماڪو چئي ڇڏيون؟ اهو ليڊر جيڪو ماڻهن جي ڏک  تاءُ ۽ ناراضپي مان فائدو ماڻڻ چاهيندو هجي ڇا اهو اهڙيون ڳالهيون زبان تي آڻي سگهي ٿو.

انقلاب جو سيڪُ ۽ نتيجا

ٻيو اهم مسئلو هي آهي ته ڇا حسيني انقلاب تڏهوڪي معاشري کي ڪو فائدو  رسائي ضروري ڪاميابي ماڻي سگهيو يا دنيا جي ٻين ڪيترن شڪست کاڌل انقلابن وانگر اوچتو  ڀڙڪو  کائي اٿيو ۽ پوءِ وسامي ٿڌو ٿي ويو؟

 عاشور جي انقلاب جي اثرن ۽ سيڪُ کي سمجهڻ لاءِ اسان کي تڪڙي ۽ يقيني سوڀ ۽ ڪاميابي يا حڪومت تي قبضو ۽ قدرت حاصل ڪري  وٺڻ (جي منطق) کان مٿي ڳولهڻ کپي. ان ڪري جو اهڙا دليل ۽ ثابتيون موجود آهن جيڪي ان ڳالهه جو ڏس ڏين ٿيون ته ابو عبدالله الحسين3ان نتيجي کان واقف هئا. جنهن جي اوسيئڙي ۾ پاڻ هئا. تڪڙي ڪاميابي حسيني قيام جو مقصد نه هو . پاڻ ڄاڻن پيا ته انهن حالتن ۾ جلدي ۾ هڪ جنگي ڪاميابي ممڪن ناهي.

مٿين ڳالهين مان اها خبر پوي ٿي ته اسان کي حسيني انقلاب مان اهڙن نتيجن جي اميد نه رکڻ کپي. جيڪي عام ڪري سڀني انقلابن مان حاصل ٿيندا آهن. بلڪه اسان کي سندن انقلاب جي سيڪ،  اثر ۽ نتيجن کي هن هيٺ ڏنل ڳالهين ۾ ڳولڻ کپي.

الف ــ اموين جي ڪوڙي ديني اثر کي ختم ڪرڻ ۽ اموين واري بي ديني ۽ الحاد جي روح کي چٽو ۽ پڌرو ڪرڻ جنهن ذريعي حڪمران اموي حڪومت جي اسلام مخالف عملن جي تاويل ۽ توجيهه ڪندا هئا.

ب ــ هر هڪ مسلمان جي ضمير ۾ گناهه جي احساس کي عام ڪرڻ ۽ ان (احساس) کي پنهنجي پاڻ مٿان تنقيد ڪرڻ جي حالت ۾  بدلائي ڇڏڻ ته جيئن ان روشني ۾معاشري ۾ ذاتي زندگي ۾ هر ماڻهو پنهنجي ذميواري مقرر ڪري.

ج ــ اسلامي معاشري  ۾ پکڙجي ويل بڇڙين ڳالهين خلاف مقابلي ۽ جهاد جي روح کي ان مقصد سان اڀارڻ ته جيئن اسلامي قدر نوان سنوان ٿين ۽ انهن ۾ استحڪام اچي.

الف ـ اموين جي ڪوڙي  ديني اثر کي مٽائڻ

اموي اهو ڏيکارڻ لاءِ ته هو پيغمبر جا جانشين آهن ۽ سندن حڪومت خدا جي مقرر ڪيل احڪامن مطابق آهي. ماڻهن جي ديني عقيدن مان فائدو ماڻي رهيا هئا ۽ هنن جو مقصد هو ته هر طرح جي ممڪن تحريڪ جي اڳواٽ ئي مذمت  ڪري ڇڏجي دين جي نالي تي پنهنجي لاءِ ان حق جا قائل ٿي وڃن ۽ هر طرح جي سرڪشي، ارڏائي ۽ نافرماني کي پوءِ کڻي اهي پنهنجي سمجهه سان ڪيڏا ئي حقدار  ڇو نه هجن ختم ڪري ڇڏجي. ان فرض سان هو پيغمبر سان نسبت ڏنل ڪوڙين حديثن ذريعي ماڻهن کي ڌوڪو ڏيندا هئا. اهڙي ريت ئي ماڻهن جو اموي حڪومت تي اهڙو ايمان ٿي ويو هو ته هو دين جون حدون لتاڙي کڻي ڪيترو به پري نڪري ويا هجن، پوءِ به ماڻهو حڪومت خلاف قيام کي حرام سمجهندا هئا. اموين پنهنجي بڇڙاين ۽ ڪرتوتن تي ڪيتري حد تائين دين جو پردو وجهي ڇڏيو هو ان کي واضح ڪرڻ لاءِ هتي اسان حسيني انقلاب مان به تاريخي نمونا نقل ڪريون ٿا.

1ــ ابن زياد ماڻهن کي حضرت مسلم جي مدد نه ڪرڻ متعلق جيڪو خطبو ڏنو ان ۾ هن چيو:

وَاعتَصِمُوا بِطَاعَةِ اللهِ وَطَاعَةِ اَئِمَتِکُم

”خدا ۽ پنهنجي پيشوا جي اطاعت ڪيو“

2 ــ عمرو بن حجاج زبيدي ، ڪربلا ۾ اموي لشڪر جي ڪمانڊرن منجهان هڪ ڪمانڊر جڏهن ڏٺو ته ڪي سپاهي حسين3سان ملي ساڻس هم رڪاب ٿي جنگ ڪري رهيا آهن ته هُن رڙ ڪري چيو: ”اي ڪوفي وارو! پنهنجي امير جي اطاعت ڪيو ۽ جماعت سان گڏ رهو ۽ ان کي قتل ڪرڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي دل ۾ ڪو به شڪ نه اچڻ ڏيو. جيڪو دين مان خارج ٿي ويو ۽ جنهن امام جي مخالفت ڪئي.“(35)

اهڙي ماحول ۾ نقلي ديني نفوذ کي ختم ڪرڻ لاءءِ سڀ کان وڌيڪ اطمينان بخشيندڙ رستو هي هئو ته ڪو اهڙو ماڻهو ان جي خلاف اُٿي بيهي جيڪو امت جي جملي ماڻهن جي نظر ۾ مڃيل ديني امتيازن جو

ب ــ گناهه جو احساس

امام حسين3جي انقلاب جو ٻيو اثر خاص ڪري ان (انقلاب) جو اختتامي نقطو سمورن ماڻهن ۾  گناهه جو احساس پيدا ڪرڻ ۽ ضمير جاڳائڻ هيو. حسين3 جي مدد نه ڪرڻ جي گناهه جو احساس جنهن کان پوءِ هو سندن مدد لاءِ ڊُڪيا. گنهگار هجڻ جو احساس ۽ عقل جي ڦٽ لعنت انهن ماڻهن جي دلين ۾ جن مدد جو  وعدو ڪري مدد نه ڪئي.  ان گناهه جي احساس جا ٻه رُخ آهن. هڪ پاسي اهو احساس گناهگار کي ڏوهه ۽ گناهه جو ڏنڊ ڀرن لاءِ اڀاري ٿو ۽ ٻي طرف حسين3 سان بيوفائي جهڙي گناهه ڪندڙن لاءِ ماڻهن جي دلين ۾ ڪينو ۽ دشمني پيدا ڪري ٿو. ضمير جي سجاڳي ۽ گناهه جو  احساس ئي هيو جنهن انقلاب کان پوءِ ڪيترين تنظيمن کي پنهنجي گناهه جي توبهه لاءِ جاکوڙڻ تي اڀاريو ۽ اموين جي باري ۾ ماڻهن جي دلين ۾ وڌ ۾ وڌ ڪينو ۽ عداوت پيدا ڪئي. ان سبب ڪري ڪربلا جي قضيي کان پوءِ اموين کي ڪيترن ئي انقلابن کي منهن ڏيڻو پيو  ۽ انهن سڀني جو سرچشمو ۽ انهن جو اصلي سبب انقلاب حسين3 هو. انقلابين جي اموين جي مدد کان انڪار ۽ کانئن پلاند ڪرڻ جو جذبو هو. امام حسين3 جي بچيل ساٿ جون اسيريءَ واري زماني ۾ تقريرون به ان ڏس ۾ ڏاڍيون اثرائتيون ثابت  ٿيون.

ج ــ جهاد وارو روح جاڳائڻ

حسين ابن علي4 جي شهادت کان پوءِ جنگ ۽ مبارزي جو روح اسلامي امت ۾ جاڳي پيو. انقلاب کان اڳ ۾ انفرادي ۽ اجتماعي مرضن جو سلسلو، اسلام جي حفاظت واري  واٽ ۾ مسلمانن کي انقلاب آڻڻ کان جهليندو هيو. پر امام حسين3جي انقلاب، انقلاب لاءِ سڀني انفرادي  ۽ اجتماعي رنڊڪن کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ اسلام جي جسم ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو.

حسين ابن علي4 جي انقلاب کان پوءِ ڪيتريون ئي اهڙيون تحريڪون هليون هيون جن کي اسلامي معاشري جي فردن جي پٺڀرائي ۽ حمايت حاصل هئي.  هيٺ اسان انهن تحريڪن مان ڪن جو ذڪر ڪريون ٿا:

1ــ حسيني شهادت جو پهريون سڌو سنئون رد عمل پيغمبر جي هڪ صحابي سليمان بن صرد جي قيادت ۾ ”توابين جو انقلاب“ جي نالي سان ڪوفي ۾ ظاهر ٿيو. ان تحريڪ ۾ بزرگ شيعن ۽ اميرالمؤمنين جي صحابين  مان هڪ گروهه شرڪت ڪئي.

توابين جي تحريڪ سن ۶۱ هه ۾ ٿي يزيد جي زندگيءَ تائين لِڪ ۾ لوڪَ کي حسين3 جي خون جو پلاند ڪرڻ لاءِ ڪانڍ ڏيندي رهي. انهن

2ــ توابين جي انقلاب کان پوءِ مديني مان انقلاب اٿيو. سائڻ ننڍي زينب ڪُبريٰ / مديني موٽي اچڻ کان پوءِ  انقلاب لاءِ جاکوڙ ڪنديون رهيون. اهڙي ريت جو مديني ۾ يزيد پاران مقرر ڪيل حاڪم، مديني جي حالات خراب ٿيڻ کان ڊڄي ويو ۽ ننڍي سائڻ زينب/ جي فعاليت  جي رپورٽ هن يزيد ڏانهن ڏياري موڪلي. يزيد جواب ۾ لکيو ته : ”ماڻهن سان (سائڻ ننڍي) زينب(/) جيڪو رابطو ڪن ٿيون اهو ڪَٽي ڇڏ“. (37)

ان ئي زماني ۾ مديني وارن جي نمائندگي ڪندي هڪ وفد شام پهتو ۽ موٽي اچڻ کان پوءِ هن مديني وارن جي ميڙ ۾ تقرير ڪئي ۽ يزيد تي انهن ماڻهن تنقيد ڪئي. سندن سجاڳي آڻيندڙ تقريرن کان پوءِ مديني وارن قيام ڪيو. يزيد جي گورنرن کي انهن ماڻهن تَڙي ڪڍي ڇڏيو. پوءِ يزيد جي حڪم سان رت جي اُڃي شامي فوج مديني شهر تي ڪاهي آئي ۽ انتهائي سختي ۽ خباثت سان هن مديني جي قيام کي چيڀاٽي ڇڏيو ۽ لشڪر جي سالار ٽن ڏهاڙن تائين مديني جي مسلمانن جي جان، مال، عزت ۽ لڄ پنهنجي سپاهين لاءِ مباح قرار ڏيئي ڇڏي. (38)

ان کان پوءِ سن 67 هه ۾ ”مختيار ابن ابي عبيده ثقفي“ عراق ۾ انقلاب  برپا ڪيو ۽ امام حسين3 جي خون جو بدلو ورتو.

اهڙي ريت مختلف تحريڪون ۽ انقلاب هڪ ٻئي پٺيان ايندا رهيا. ايسيتائين جو بني اميه جي خاتمي تي اهو سلسلو پڄاڻيءَ تي  پهتو.

حوالا

1 ــ  اعلام الوريٰ ص 213 / بحار ــ ج 44 ص 401.

2 ــ  بحار ــ ج 43 ص 241.

3 ــ فروع ڪافي ج 6 ص 23 / بحار ــ 43 ص 257.

4 ــ الاصابہ ج پهريون ص 333.

5 ــ ڪافي ۾ لکيل آهي ته جنهن ڪچهريءَ ۾ امام حسن3 جن به ويٺا هوندا هئا ته ان ۾ امام حسين3 جن ڀاءُ جي احترام ۾ چپ رهندا هئا. ايسيتائين جو بخشش ۽ عطا ۾ به ان ڳالهه جو خيال رکندا هئا ته امام حسين3 کان ڪجهه گهٽ هجي.

6 ــ ارشاد مفيد ص 173 / شرح نهج البلاغہ ابن ابي الحديد ــ ج 16 ص 27.

7 ــ  بحار ــ ج 44 ص 196 . “فلاح السائل“ ۽ “عقد الفريد“ تان نقل ورتل.

8 ــ اسد الغابہ ــ ج 2 ص 20.

9 ــ اسد الغابہ ــ ج 2 ص 20.

10 ــ انساب الاشراف ــ بلاذري.

11 ــ سوره النحل / 23.

12 ــ تفسير سياسي ج 2 ص 257 / مناقب ــ ج 4 ص 66 / جلاء العيون مرحوم شبر ــ ج 2 ص 24.

13 ــ سمو المعنيٰ ص 104.

14 ــ رجال ڪشي ص 94.

15 ــ مقتل خوارزمي ــ ج 1 ص 184 / بحار ــ ج 44 ص 326/ لهوف، ص 10.

16 ــ ارشاد مفيد ص 201 / تاريخ طبري ج ص 341 / بحار ــ ج 44 ص 326.

17 ــ مناقب ابن شهر آشوب ــ ج 4 ص 90 / ارشاد مفيد ــ ص 204 / بحار ــ ج 44 ص 334 / ڪامل ابن اثير ــ ج 4 ص 21.

18 ــ  ارشاد مفيد ــ ص 205 / بحار ــ ج 44 ص 336.

19 ــ مناقب ابن شهر آشوب ج 4 ص 91/ بحار ــ ج 44 ص 366.

20 ــ 8 تاريخ تي مِنا وڃڻ هڪ مستحب عمل آهي. تڏهوڪي زماني ۾ ان استحبابي حڪم تي عمل ٿيندو هو پر هينئر حاجي گڏ ئي عرفات ويندا آهن.

21 ــ ارشاد مفيد  ــ ص 281 / بحار ــ ج 44 ص 252 / اعلان الوريٰ ــ ص ارشاد مفيد ــ ص 206 / اعيان الشيعہ (ڏهن جلدن وارو) ــ ج پهريون ص 593 / نهضت الحسين، مصنف هبة الدين شهرستاني ــ ص 165 / مقتل ابي مخنف ــ ص 66.

22 ــ  ارشاد مفيد ــ ص 206 / بحار ــ ج 44 ص 340 / مقاتل الطالبين ــ ص 63.

23 ــ ارشاد مفيد ــ ص 212.

24 ــ ارشاد مفيد ــ ص 213 ــ 216.

25 ــ بحار ــ ج 44 ص216 .

البته يزيدي لشڪر جي تعداد جي باري ۾ ٻيون به روايتون آهن،  جن ۾ سڀني کان گھٽ ٻارهن هزار جي روايت آهي. جڏهن ته ڪتاب مناقب ــ ج 4 ص 98 تي 35 هزار ماڻهن جو تعداد لکيو ويو آهي.

26ــ  الاغاني ــ جلد 6 ص 356.

27 ــ مقاتل الطالبين ص 120 / البدايہ والنهايہ ــ ص 197.

28 ــ امام حسين3 جيڪوخط معاويي کي لکيو هو ان جي متن کان آگاهي جي لاءِ ڏسو ڪتاب “الامامھ والسياسة“ ــ ج اول ص 155، 157، ص 160.

29 ــ امام حسن3 جي زندگي جي احوال ۾ اسان انهن سببن ڏانهن اشارو ڪري آيا آهيون.

30 ــ اخبار الطوال ــ ص 221/ ثورة الحسين ــ ص 161 / انساب الاشراف بلاذري ــ ج 3 ص 17، 152.

31 ــ سمو المعنيٰ ــ عبدالله علائي ــ ص 59 .

32 ــ الامامة والسياسة ــ ج پهريون ص 160 ــ 161.

33 ــ  الامامة﷥ والسياسة ــ ج پهريون ــ ص 156 / انساب الاشراف ــ ج 2 ترجمه معاويہ ابن ابي سفيان / بحار الانوار ــ ج 44 ص 212.

34 ــ سليم بن قيس ص 183 ــ 186 ڇاپو نجف اشرف.

35 ــ تاريخ طبري ــ ج 5 ، 435 / ڪامل ابن اثير ــ ج 4 ص 67.

36 ــ توابين واري انقلاب جي واقعي جو تفصيل طبريءَ پنهنجي تاريخ جي ج 5 ــ ص 551 ــ 568 تي لکيو آهي.

37 ــ زينب ڪُبريٰ ــ تاليف جعفرالنقدي ــ ص 120 / ثورة الحسين ــ تاليف محمد مهدي شمس الدين.

38- طبري ــ ج 5 ص 482 / ڪامل ابن اثير ــ ج 4 ــ ص 111 ــ 112 هيءُ واقعو تاريخ ۾ “حُره وارو واقعو“ جي نالي سان مشهور آهي.

 



 [1]  اَنتَ سَيَدُ ابنُ سَيَدِ اَبُو الاَسادَاتِ اَنتَ اِمَامُ ابنِ اِمَامِ ابُوا لاَئمَھِ اَنتَ حُجَةُ اللهِ ا بنُ حُجَةِ وَاَبُو حُجَج تِسَمةِ مِن صُلبِکَ وَتَاسِعُهُم قَائِمُهُم.“  (مقتل الخوارزمي ــ ج پهريون ص 141 / ڪامل الدين صدوق ــ ج پهريون ص 262 / بحار ــ ج 43 ص 690.)

[2] سُئِلَ رسُولُ اللهِ اَيُ اَهلِ اَلبَيتِ اَحَبُ اِلَيکَ ؟ قَالَ اَلحَسَنُ وَ اَلحُسَينُ.(سنن ترمذي ــ ج 5 ص 323 / بحار ــ 43 ص 264 ، 265)

[3]  الحَسَن و الحُسَينُ سَيِدَ اشَبَابِ اَهلِ اَلجَنَةِ“ (بحار ــ ج 43 ص 264 ، 265 / سنن ترمذي ــ ج 5 ص 323 / بحار ــ ج 43 ص 299.)

[4] حُسَينُ مِنِي واَنَا مِن اَلحُسَينِ“ (سنن ترمذي ــ ج 5 ص 364/ بحار ــ ج 43 ص 270 ــ 271 / مقتل الخوارزمي ــ ج پهريون ص 141 / انساب الاشراف بلاذري ــ ج 3 ص 142)

[5] فَهُوَ يَعلَمُ اَنِي قد کُنتُ اُحِبُ الصَلوةَ وَ تِلاَوَةَ کِتَابِھِ وَ کَثرَةَ الدُعَا وَالاِستَغفَارِ

                                                                                                                                                                                                              ( ارشاد مفيد ــ ص 230 ــ مڪتبہ بصيرتي ڇاپخانو)

[6] قُلُوبُهُم مَعَکَ وَسُيُوُ فٌ مَعَ بَنِي اُمَيَھ ( تاريخ طبري ــ ج  5 ص 384/ ڪامل ابن اثير ــ ج 4 ص 40 / ارشاد مفيد ــ ص 218 / بحار ــ ج 44 ص 195.)

[7] اِنِي لَم اَخرُج اَشَرًا وَلاَبطَرًا وَلاَمُفسِدً وَلاَ ظَالِماً وَاِنَما خَرَجتُ لِطَلَبِ الاِصلاَح ِفِي اُمَةِ جَدِي صَلَي اللهُ عَلَيھِ وَآلِھِ وسلم وَاُرِيدُان آمُرَبِالمعرُوفِ وَانهيٰ عَنِ اَلمُنکَرِ واَسِيرَ بِسِيرَةِ جَدِي وَابِي عَلي بنِ اَبِي طَالِبِ..... (بحار ــ ج 44 ص 329 /مناقب ــ ج 4 ص 89)

[8] اِنَ رَسُولَ اللهِ قَالَ: مَن رَاَي سُلطَاناً جَائِراً مُستَحِلاًلِحَرَامِ اللهِ نَاڪِثاً لِعَهدِ اللهِ مُخَالِفاً لِسُنَّةِرَسُولَ اللهِ يَعمَلُ فِي عِبَادِ اللهِ بِالاِثمِ وَاَلعُدُوَانِ فَلَم يُغَيرَ ما عَلَيھِ بِفِعلِ وَلاَ قَولِ کَانَ حَقا عَلَي اللهِ اَن يُدخِلَھُ مَدخَلَھُ، اَلاوَاِنَ هٰوءُ لاَءِ قَدلَزِمُوا طَاًعَةَ الشَيِطَانِ وَتَرَکُوا طَاعَةَ الرَحمٰنِ وَ اَظهَرُوا اَلفَسَادَ وَ عَطَّلُوا لَحُدُودَ وَاستَا ثَرُو بِالفَي وَاَحَلُّوا حَرَامَ اللهِ وَحَرَمُوا حَلاَلَھُ وَاَنَا اَحَق مِن غَيرَ....(تاريخ طبري ــ ج ص 403 / ڪامل ابن اثير ــ ج 4 ص 48 / متقل مقرم ــ ص 218 / مقتل ابي مخنف)

[9]فَاِنَ حُرِمَت يَومًا عَليٰ دِينِ اَحمَد : فَخُذهَا عَليٰ دِينِ المَسِيحِ بنِ مَريَم.   (تتمہ المنتهي ص 43)

[10] خُطَ المَوتُ عَليٰ وَلدِ آدَمَ مَخَطَّ القَلاَدَةِ عَليٰ جِيدِ الفَتَاةِ وَمَااَولَهَنِي اِليٰ اِسلاَفِي اِشتِيَاقَ يَعقُوبَ اِليٰ يُوسُفَ، وَ خُيَّرلِي مِصرَعا اَنَا لاَقِيھِ کَاَنِي بِاَ وصَالِي يَتَقَطَعُهَا عَسلاَنُ لفَلَوَاتِ بَينَ النَوَاوِيس وَ ڪَربَلاَ.... مَن کَانَ فِينَا بَاذِلاَ مُهجَتَھُ مُوَطِنًا عَليٰ لِقَاءِ اللهِ نَفسَھُ فَليَر حَل مَعَنَا فَاِنِي رَاحِلُ مُصبِحاً اِنشَاءَ اللّٰه. (لهوف ــ 41 / بحار ــ ج 44 ص 366 ــ 367 / مناقب ــ ج 4 ص 29)

ڀلي ڪري آيا


اسان جا سوشل ميڊيا جا صفحه پسند ڪريو.
رابطو ڪريو

© سڀ حق ۽ واسطا صراط المستقيم وٽ محفوظ آهن