روزانه حديث:
حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام فرمايو حيا، ايمان جو حصو آهي ۽ ايمان (جو مقام) بهشت آهي، بي حيائي ظلم و جفا (جو مقام) جهنم آهي. (ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 4562 )
نيوز ليٽر
اسان جو نيوز ليٽر حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اي ميل ايڊريس ڏيو.
اسلامي فلم سيڪشن

حضرت امام زين العابدين عليه السلام


ذاتي ڪوائف

 

نالو :                       علي 3

لقب :                      زين العابدين ــ سجاد

والد :                       امام حسين3

والده :                      بيبي شهربانو بنت يزد جرد ٽيون

ولادت جو هنڌ:           مدينو منور

ولادت جي تاريخ :       5 شعبان المعظم سن 38 هه

امامت جو عرصو :      35 يا 36 سال

شهادت جي تاريخ:       25 محرم الحرام سن 95 هه

عمر :                       56 سال

مرقد مبارڪ :           جنت البقيع ــ مدينو منور

 

 


 

 

امام علي زين العابدين 3

ولادت

ولايت جي آسمان جو چوٿون چمڪندڙ ستارو امام علي ابن الحسين4 شعبان مهيني جي پنجين تاريخ سن ۳۸ هه ۾ مديني شهراڀريو. (1) سيد الشهداء  حضرت امام حسين3 سندن والد ۽ ايران جي بادشاهه يزدگرد جي نياڻي شهربانو سندن ماءُ هئي. (2) سندن ولايت اميرالمؤمنين جي شهادت کان ٻه سال اڳ ٿي هئي. اٽڪل ٽيويهن ورهين تائين پنهنجي بابي سڳوري جن سان رهيا (3).

 

 اخلاقي خصوصيتون

امام زين  العابدين3 انسانيت جي خصوصي صفتن ۽ ڪامل نفس جا مڪمل نمونا هيا. اخلاقي بلندين، مظلومن ۽ فقيرن جي مدد ڪرڻ ۾ سندن ڪوئي مٽ نه هو. هت هيٺ سندن اخلاق ۽ عادتن جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو.

امام علي زين العابدين3 جو واسطيدار هڪ شخص ماڻهن جي ميڙ ۾ امام کي گهٽ وڌ ڳالهائي هليو ويو. امام جن اتي موجود ماڻهن کي فرمايو توهان مون سان گڏجي هلو ته جيئن اسان جو جواب ٻڌي وٺو. رستي ۾ پاڻ هيٺين آيت جنهن ۾ ڪجهه مؤمنن جي اعليٰ صفتن جو ذڪر آهي پڙهندا پئي هليا.

والکاظمین الغیظ والعافین عن الناس واللہ یحب المحسنین(4)

”اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي ڪاوڙ کي پيئي، ماڻهن کي معاف ڪري ڇڏين ٿا ۽ خدا نيڪو ڪارن کي دوست رکي ٿو“ جڏهن پاڻ ان جي در وٽ پهتا ته کيس سڏ ڪيائون، هو پاڻ کي وڙهڻ لاءِ تيار ڪري ٻاهر نڪتو هن سمجهيو ته امام گذريل ڳالهين جو بدلو وٺڻ لاءِ آيو آهي. حضرت سيد سجاد3 جن فرمايو: منهنجا ڀاءُ تو ٿوري دير اڳ منهنجي سامهون ڪجهه ڳالهيون ڪيون هيون. جيڪڏهن اهي سچ آهن ته آءٌ خدا کان بخشش جو طلبگار آهيان ۽ جي ناهن ته خدا توکي معاف ڪري.

امام زين العابدين3 جي اهڙي هلت تي همراهه ڏاڍو ڦڪو ٿيو. هن ويجهو اچي امام جي پيشانيءَ تي چمي ڏئي چيو ”مان جيڪي ڳالهيون ڪيون اهي توهان ۾ ناهن مان مڃان ٿو ته جو ڪجهه مون چيو هو ان جي لائق مان ئي آهيان“ (5)

زيد بن اسامه سڪرات جي حالت ۾ هنڌ تي پيو هو. سيد سجاد3 هن جي طبيعت پڇڻ لاءِ سندس سيرانديءَ کان اچي بيٺا. ڏٺائون ته زيد روئي رهيو آهي. پڇيائونس خير ته آهي روئين ٿو ! ورندي ڏنائين پندرهن هزار دينارن جو قرضي آهيان ۽ هڙ ۾ ايترو ڪونهي جو قرض لاهيان. امام وراڻيو روءُ نه. دلجاءِ ڪر تنهنجو قرض لاهڻ منهنجي ذمي آهي. پوءِ جيئن فرمايو هئائون تيئن ئي ان جو قرض لاهي ڇڏيائون. (6)

راتين جو امام زين العابدين3 مديني جي بي سهارا ۽ ضرورتمندن ۾ بنا تعارف جي مانيون ورهائيندا هيا ۽ ماڻهن جي مالي امداد ڪندا هيا جڏهن سندن جو انتقال ٿيو تڏهن ماڻهن کي پتو پيو ته اها اڻڄاتل شخصيت امام زين العابدين3 جي هئي. پاڻ هڪ سو (100) خاندانن جو خرچ برداشت ڪندا رهيا ۽ انهن کي اها سُڌ به نه  هئي ته سندن خرچ هلائڻ وارو  امام زين العابدين3 هو. (7)

امام محمد باقر3 جن فرمائن ٿا ته منهنجو بابو، نماز ۾ ان غلام جيان بيهندا هئا جيڪو پنهنجي عظيم بادشاهه جي سامهون پنهنجي پيرن تي بيٺو هجي. خدا جي خوف کان ڏڪندا رهندا هئا. سندن رنگ تبديل ٿي ويندو هو ۽ نماز کي اهڙي طرح ادا ڪندا هيا ڄڻ انهن جي آخري نماز هجي. (8)

امام زين العابدين 3 جي عظمت

امام جي شخصيت اهڙي  هئي جو دوست ته ٺهيو پر دشمن به متاثر هئا. يزيد ابن معاويه ”حره“ (9) واري واقعي کان پوءِ حڪم ڏنو ته مديني ۾ رهندڙ سڀئي ماڻهو، غلام جي حيثيت سان هن جي بيعت ڪن. ان حڪم مان اگر ڪوئي آجو هو ته اهو امام علي ابن الحسين4 هو. (10)

هشام بن عبدالملڪ. اموي خليفو، حج ڪرڻ لاءِ مڪي آيو هو. طواف مهل ماڻهن جي پيهه ايتري هئي جو حجر اسود کي هٿ لائي چمي نه سگهيو.

مجبور ٿي هڪ پاسي ويهي رهيو ته جيئن رش ڍري ٿئي. ان وقت امام زين العابدين3 مسجد الحرام ۾ داخل ٿيا ۽ طواف ڪرڻ لڳا ماڻهن امام کي جاءِ ڏني. پاڻ ڏاڍي مزي سان حجر اسود کي چمي ڏني. هشام ماڻهن طرفان امام جو اهڙو احترام ڏسي ڪاوڙيو. شام ملڪ جي رهواسين منجهان ڪنهن هڪ همراهه  هشام کان پڇيو ته هي ڪير هو جنهن کي ماڻهو ايڏو مان ڏئي رهيا هئا؟ هشام انهيءَ ڊپ کان ته ڪٿي هن جا ٻيا ساٿي به امام جا شيدائي نه بڻجي وڃن. جواب ڏنائين ته مان هن کي نه ٿو سڃاڻان. حريت پسند، ناميارو شاعر فرزدق بنا ڪنهن کُٽڪي جي اٿي بيٺو ۽ چيائين: آءٌ هن کي سڃاڻان ٿو. ان کان پوءِ هڪ ڊگهو قصيدو امام زين العابدين3 جي واکاڻ، وڏائي ۽ تعارف ۾ پڙهيائين. شعر ڏاڍا موزون ۽ مناسب هئا ۽ هشام لاءِ اهڙي چماٽ هئي جو اموي خليفو سهي نه سگهيو ۽ موٽ ۾ هن فرزدق کي ٻڌرائي ڪاٺ ۾ هنيو. امام کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پئي ته پاڻ صلي طور فرزدق ڏانهن ڪجهه درهم ڏياري موڪليا. فرزدق اهي درهم موٽائي موڪليا ۽ چورايائين ته مون اهي شعر خدا ۽ رسول جي خاطر پڙهيا هئا. امام جن فرزدق جي خلوص نيت جي تصديق ڪئي ۽ ساڳيا درهم ٻيهر ڏانهس موڪلي ڏنائون ۽ چورايائون ته هي تحفي طور قبول ڪر. فرزدق انهن کي قبول ڪيو ۽ خوش ٿي ويو. هتي انهن مان ڪجهه شعرن جو ترجمو نموني طور ڏيون ٿا.

·   اي سوال ڪرڻ وارا تو مون کان فضل، سخا ۽ بلندين جي مرڪز جو ڏس پڇيو آهي، ته ان جو چمڪندڙ ۽ روشن جواب مون وٽ آهي.

·   هي اهو آهي جنهن جي قدمن کي مڪي جي سرزمين سڃاڻي ٿي، ڪعبو، حرم ۽ حرم کان ٻاهرين زمين سڃاڻي ٿي.

·   هي انهيءَ جو پٽ آهي جيڪو خلق ۾ بهترين آهي، هي پرهيزگار، پاڪ ۽ وڏي همٿ وارو آهي.

·   هي اهو آهي جنهن جو پيغمبر گرامي نانو آهي.

·   جيڪڏهن رڪن  ڄاڻي وٺي ها ته هن کي چمي ڏيڻ ڪير اچي رهيو آهي ته هوند بي تاب ٿي پاڻ کي پٽ تي ڪيرائي وجهي ها ته جيئن سندن قدمن کي چمي وٺي.

·   هن سڳوري جو نالو ”علي3 آهي پيغمبر خدا سندس نانو آهي، سندس ئي روشنائي سان ٻار ۽ پوڙهي جي رهنمائي ٿئي ٿي. (11)

 

عاشوري جو نياپو

ڪربلا جي قضيي کان پوءِ امام حسين3 جي پٽن مان رڳو پاڻ ئي زنده بچيا هئا، پنهنجي بابي جي شهادت کان پوءِ ڏهين محرم سن ۶۱ هه ۾ امامت ۽ ولايت جو عهدو سنڀاليو ۽ شهادت جي ڏينهن تائين يزيد ابن معاويه، معاويه ابن يزيد، مروان حڪم، عبدالملڪ بن مروان، وليد ابن عبدالملڪ جهڙن حڪمرانن جي حڪومت جو زمانو ڏٺائون. سندن امامت وارو دور ڏکي ۾ ڏکيو ۽ ڏاڍو اُگرو هو ۽ تڏهوڪيون سياسي حالتون هر لحاظ کان ڏسبو ته سڀني آئمہ معصومين جي زندگين ۾ پيش ايندڙ حالتن کان وڌيڪ سخت ۽ ڏکيون هيون. پيغمبر جي سيرت ۽ ڪردار جو انڪار، امام زين العابدين3 جي زماني ۾ اوج تي هيو ۽ ان جي شڪل بلڪل صاف پئي ڏسبي هئي. امام زين العابدين3 جي هلت سندن امامت جي زماني ۾ ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿي.

(الف) قيد جو زمانو (ب) قيد کان پوءِ مديني واري زندگي.

الف ــ ڪربلا جي دل ڏاريندڙ واقعي ۾ امام زين العابدين3 پنهنجي والد بزرگوار سان گڏ هو. خدا جي لطف ۽ ڪرم دشمن جي وار کان محفوظ رکيو پر پيءُ جي شهادت کان پوءِ کين ۽ سندن بچيل ساٿ ڪوفي ۽ اتان پوءِ شام نِيو ويو.  ان ۾ ته ڪو شڪ نه آهي ته امام حسين3 جي اهل بيت جو قيد ٿيڻ، سندن مقدس انقلاب کي ڪاميابيءَ تائين پهچائڻ ۾ پاڻ اثرائتو ثابت ٿيو. قيد رهڻ واري زماني ۾ امام بنهه تقيو نه ڪيو ۽ انتهائي ڪمال بردباريءَ ۽ دليريءَ سان تقريرن ۽ خطبن ذريعي ڪربلا جي واقعي کي ماڻهن آڏو بيان ڪري حق ۽ حقيقت جو اظهار ڪندا رهيا. موقعي آهر خاندانِ رسالت جي عظمت جو ماڻهن اڳيان اظهار ڪندا رهيا. پنهنجي سڳوري پيءُ جي مظلوميت ۽ بني اميه جي ظلم، ڏاڍ ۽ بي رحمي کي ماڻهن آڏو وائکو ڪندا رهيا. امام زين العابدين3 باوجود ان جي جو بابي جي شهادت وقت بيمار هيو پيءُ، ڀائرن ۽ اصحابن جي شهادت کين جهوري وڌو پر پوءِ به اهو

جهوراڻو سندن فرائض ۽ ذميوارين کي ادا ڪرڻ ۽ ڪربلا واري انقلاب جي تحفظ ۾ رڪاوٽ نه بڻجي سگهيو. پاڻ ماڻهن ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ هر مناسب موقعي مان فائدو ورتائون.

 

ڪوفي ۾

اَسيرن جو قافلو ڪوفي پهتو. جڏهن ڪوفي سائڻ ننڍي زينب ۽ بيبي فاطمہ صغري جي خطبن کان پشيمان  ٿي روئڻ لڳا ته امام زين العابدين3  جن اشارو ڪيو ته ميڙ ۾ سانت  ڇانئجي وئي  پوءِ پاڻ پالڻهار جي حمد ۽ پيغمبر تي درود کان پوءِ فرمايائون:

”اي انسانو! آءٌ علي ابن الحسين (4) آهيان، مان ان جو پٽ آهيان جنهن کي فرات جي ڪپ تي ڪٺو ڪيو ويو جيتوڻيڪ هن نه ڪنهن جو خون ڪيو هو ۽ نه وري سندس سِر تي ڪنهن جو حق ئي هو. مان ان جو فرزند آهيان جنهن جو مال سندس شهادت کان پوءِ لٽيو ويو ۽ جنهن جي خاندان کي قيد ڪري هتي آندو ويو. اي ڪوفيو ڇا توهان کي ياد آهي ته توهان منهنجي پيءُ کي خط لکيو کيس ڪوفي سڏايو ۽ هو جڏهن توهان وٽ آيو ته توهان کيس ماري ڇڏيو؟ قيامت جي ڏينهن پيغمبر جي سامهون ڪهڙي منهن سان ايندؤ؟ جڏهن توهان کي چوندو ته ڇا منهنجي خاندان کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ منهنجي اهل بيت جي آبرو ۽ عزت نه ڪَيَو تنهن  ڪري توهان منهنجي امت مان نه آهيو.“ (12)

امام زين العابدين3 جي تقرير ماڻهن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. هر پاسي کان سڏڪا ٻڌڻ ۾ پئي آيا، روڄ راڙي جا آواز اچڻ لڳا ۽ ماڻهو هڪٻئي کي ملامت ڪرڻ لڳا. ته توهان نڀاڳا ٿيؤ ۽ ڪٿان جا نه رهيؤ. حالت اها آهي جو توهان کي پاڻ کي ئي خبر ناهي.

اهل بيت کي ابن زياد جي درٻار ۾ آندو ويو ۽ جڏهن ابن زياد ۽ امام جي وچ ۾ گفتگو ٿي ته امام جن نهايت يقين ۽ شجاعت سان هر ڳالهه جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو جنهن تي ابن زياد غضبناڪ ٿي امام جي قتل جو حڪم ڏنو ته جنابِ زينب/ دفاع ڪندي فرمايو ته جيڪڏهن تون علي ابن الحسين (4) کي قتل ڪرڻ چاهين ٿو ته ان سان گڏ مون کي به قتل ڪر. اتي امام ابن زياد ڏانهن منهن ڪري فرمايو، اي زياد جا پٽ تون مون کي قتل ڪرڻ جا دڙڪا ٿو ڏئين، توکي خبر ناهي ته قتل ٿيڻ اسان جي عادت ۽ شهادت اسان جي ڪرامت آهي. (13)

 

شام ۾

هڪ ئي رسيءَ ۾ اهل بيت جي ٻين ڀاتين سان گڏ امام کي ٻڌو ويو هو ۽ انهيءَ حالت ۾ امام کي شام ۾ يزيد جي درٻار ۾ آندو ويو. امام جن بيحد بهادريءَ سان يزيد سان مخاطب ٿيندي فرمايو: اي يزيد ! جيڪڏهن رسول اڪرم مون کي اهڙي حال ۾ رسين ۾ ٻڌل ڏسي ته تون ڇا ٿو سمجهين (پاڻ ڇا فرمائيندا.)[1]

امام زين العابدين3جي انهيءَ ننڍڙي جملي اتي موجود ماڻهن تي ايترو اثر ڪيو جو سڀئي روئڻ لڳا. (14) امام جڏهن يزيد سان گفتگو ڪئي ته هڪ نشست ۾ هن قتل جو دڙڪو ڏنو هو ته امام ان جي جواب ۾ فرمايو هو: قيد مان آزاد ٿيندڙ بني اميه جهڙا ڪڏهن به انبيائن ۽ اوصيائن جي قتل جو حڪم نه ٿا ڏئي سگهن. مگر اهو ته اسلام کان خارج ٿي وڃن ۽ جيڪڏهن تون به اهڙو ارادو رکين ٿو ته ڪنهن صاحب اطمينان شخص کي مون ڏانهن موڪل ته جيئن آءٌ ان کي وصيعت ڪيان ۽ اهل حرم هن جي حوالي ڪيان. (15)

هڪ ڏينهن شام جي جامع مسجد ۾ يزيد هڪ اهم گڏجاڻي جو انتظام ڪيو ۽ خطيب کي چيائين ته منبر تي وڃي زين العابدين (3) جي سامهون اميرالمؤمنين ۽ امام حسين 3 کي بدشد ڳالهائي. خطيب يزيد جو چيو ڪيو، امام زور سان فرمايو: حيف هجئي خطيب، تو خالق جي ناراضپي جي بدلي مخلوق (يزيد) جو راضپو حاصل ڪيو ۽ ان سان تون دوزخ ۾ پنهنجو ٺڪاڻو ٺاهي رهيو آهين. پوءِ يزيد کي مخاطب ٿي ڪري چيائون: تون مون کي به هن ڪاٺيءَ جي منبر تي وڃڻ ڏي ۽ اهڙي ڳالهه ڪرڻ ڏي جنهن سان الله جي ذات کي خوش ڪريان ۽ جا موجود ماڻهن لاءِ اجر ۽ ثواب جو باعث بڻجي. يزيد پهريون ته اجازت نه ڏني پر ماڻهن جي زور ڀرڻ تي جواب ۾ چيائين: جيڪڏهن هي منبر تي ايندو ته مون کي ۽ ابو سفيان جي خاندان کي ذليل ڪرڻ کانسواءِ منبر تان هيٺ نه لهندو، ماڻهن چيو ته هي ڇا ڪري

سگهندو؟ يزيد چيو ته هي اهو خاندان آهي جنهن ننڍپڻ ۾ علم ۽ ڏاهپ کي ٿڃ سان ڪٺو پيتو آهي. ماڻهن زور ڀريس تنهن تي مجبور ٿي موڪل ڏنائين. امام منبر تي اچي خدا جي حمد، پيغمبر تي صلوات ۽ سلام پڙهڻ کان پوءِ فرمايو:

”اي انسانو! خدا اسان کي علم، بردباري، سخاوت، فصاحت، دليري ۽ مؤمنن جي من ۾ اسان جي دوستي عطا ڪئي آهي. پيغمبر اسان مان آهن. هن امت جو صديق (سچار) حضرت اميرالمؤمنين علي3اسان مان آهن، جعفر طيار3 اسان مان آهن، سيد شهداء جناب حمزه3 اسان مان آهن امام حسن3 ۽ امام حسين3 پيغمبر جا ڏهٽا اسان مان آهن. مان مڪي ۽ منيٰ جو پٽ، زمزم ۽ صفا جو پٽ آهيان. مان ان جو پٽ آهيان جنهن حجر اسود کي ابا ۾ رکي ڪري کنيو هو.[2] مان خلق منجهان ان بهترين شخص جو پٽ آهيان  جنهن احرام ٻڌو، طواف ۽ سعي ڪئي. حج ادا ڪيو. مان خديجة الڪبريٰ جو فرزند آهيان. مان فاطمہ زهرا/جو فرزند آهيان. مان ان جو فرزند آهيان جنهن پنهنجي رت ۾ ٽُٻي هنئين مان ان حسين3جو فرزند آهيان جنهن کي ڪربلا ۾ ڪُٺو ويو.“

ماڻهن ۾ چوپچو پئجي وئي. هو امام ڏانهن نهاري رهيا هئا. امام هر جملي سان بني اميہ جي غليظ ۽ ڪرڀائتي ڪردار تان پردو کڻندا پيا وڃن ۽ اموي بدبودار شخصيت کي ظاهر ڪندا پيا وڃن ۽ پنهنجي خاندان جي عظمت ۽ حضرت امام حسين3 جي شهادت جي وڌ کان وڌ قدر قيمت ماڻهن جي سامهون ظاهر ڪندا پئي ويا ۽ اهل بيت رسول جو مان، مرتبو، قدر ۽ قيمت چٽي پئي ٿي. هوريان هوريان ماڻهن جي اکين مان نير وهڻ لڳا ۽ هر پاسي ڪهرام مچي ويو. يزيد کي اچي ڀئه ورتو  ۽ امام جي تقرير کي روڪڻ لاءِ ان ٻانگي کي ٻانگ ڏيڻ جو حڪم ڪيو.

ٻانگو جڏهن ”اشهد ان محمد الرسول الله“ تي پهتو ته امام عمامو مٿي تان لاهي فرمايو:     

 ”اي ٻانگا! انهيءَ محمد جو قسم اٿئي ٿورڙو بيهه، ۽ وري يزيد ڏانهن منهن ڪري چيائون: اي يزيد اهو محمد رسول الله منهنجو نانو آهي، يا تنهنجو؟ جيڪڏهن چئين ٿو ته تنهنجو نانو آهي ته سڀ ڄاڻين ٿا ته اهو نسورو ڪوڙ آهي ۽ جيڪڏهن مڃين ٿو ته اهو منهنجو نانو آهي ته پوءِ هن جو خاندان ڇو مارايئي ۽ مال ملڪيت ڇو لٽرايئي ۽ سندس خاندان ڇو قيد ڪيئي؟ اي يزيد! تون انهن سڀني ڪرتوتن باوجود محمد% کي خدا جو پيغمبر ڄاڻين ٿو ۽ ڪعبي ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهين ٿو، تو تي لعنت قيامت ڏهاڙي منهنجو نانو ۽ بابو توکي گريبان کان پڪڙيندا.“

يزيد مؤذن کي حڪم ڏنو ته نماز لاءِ اقامت چئو، پر ماڻهو ڏاڍا ناراض هئا ايتري تائين جو ڪجهه ماڻهو نماز پڙهڻ ڌاران مسجد مان هليا ويا. (16)

شام ۾ امام جون اهڙيون تقريرون انهيءَ ڳالهه جو سبب بڻيون جو يزيد امام جي قتل جو پختو ارادو رکڻ جي باوجود اهل بيت کي واپس مديني موڪلڻ تي مجبور ٿي پيو.

ماڻهن کي مقابلي لاءِ جاڳائڻ

قيد واري سڄي وقت ۾ امام زين العابدين3ڪيترن ماڻهن جي سوچ جي ابتڙ جيڪي کين هارايل ۽ ناڪام سمجهندا هئا. امام جن هر مجلس ۾ پنهنجي والد جي ڪاميابيءَ ۽ بني اميه جي ناڪاميءَ جي باري ۾ ڳالهائيندا هئا ۽ ٻئي پاسي پاڻ ان ڳالهه جي ڪوشش ڪيائون ته پنهنجي تقريرن ذريعي پنهنجي گهراڻي جي عظمتن ۽ خصوصيتن ۽ بني اميه جي ڪُڌن ڪرتوتن، ظلم ۽ ڏاڍ کي بيان ڪري مسلمانن ۾ انقلابي سوچ سجاڳ ڪن. بني اميہ جي گناهن کان نفرت جو احساس ۽ ڪيل گناهن جي تلافي جي ضرورت ماڻهن جي ضمير ۽ ذهن ۾ جيئارن. اڃا ڪجهه ڏينهن ئي مس گذريا ها جو ان مخالفاڻي رويي جي سبب اموي سلطنت جي خلاف عراق ۽ حجاز ۾ انقلاب جو جهنڊو بلند ٿيو ۽ هزارين ماڻهو حسين 3 جي خون جو بدلو وٺڻ لاءِ اٿي بيٺا.

 

مديني واپسي کان پوءِ

اَسيريءَ جا ڏينهن ڪاٽي امام سجاد3 مديني موٽي آيا هوڏانهن حڪمرانن جي سياسي رَوِش ۾ به ڦيرو آيو. بني اميه جي حڪومت ۽ سياسي رَوِش جي مقابلي ۾ امام جو رويو به بدليو. سندن امامت جو سڄو وقت، ان وقت جي، حڪمرانن جي طرح طرح جي اجتماعي گهوٽالن ۽ تڪليفن ۾ ورتو پيو هو، هو مختلف بهانن سان امام تي دٻاءُ وجهڻ ۽ سندن سرگرمين کي محدود ڪرڻ جي ڪوششن ۾ لڳا رهندا هئا.

ان زماني جي حالات کان واقفيت لاءِ انهن ظالمن جي ڪجهه جُرمن کي هتي بيان ڪجي ٿو.

يزيد جي مرندي ئي عبدالله بن زبير جنهن کي ورهين کان خلافت ۽ حڪومت جي هٻڇ هئي. مڪي ۾ اٿي کڙو ٿيو حجاز، يمن، عراق ۽ خراسان جي ماڻهن به ان جي بيعت ڪئي ۽ شام ۾معاويه بن يزيد جي هٽي وڃڻ کان پوءِ جيڪو تمام ٿورا ڏينهن (يعني ٽي مهينا يا چاليهه ڏينهن، خلافت جي مسنَد تي ويٺو هو) جنهن کان پوءِ مروان بن حڪم سازش ذريعي خلافت جي مسنَد تي ويٺو ۽ عبدالله بن زبير جي مخالفت لاءِ اٿي کڙو ٿيو. شام کان پوءِ مصر تي پنهنجو قبضو ڄمايائين. پر ان جي حڪومت گهڻا ڏينهن نه هلي ۽ ٿورڙي ئي عرصي ۾ مري ويو. ان جي جاءِ تي پُٽهنس عبدالملڪ ويٺو.

 عبدالملڪ شام ۽ مصر ۾ پنهنجا پير ڄمائي سن ۶۵ هه ۾ مڪي تي ڪاهه ڪئي ۽ عبدالله بن زبير کي مڪي ۾ گهيري سوڙهو ڪري قتل ڪيائينس.(17)

عبدالملڪ جي وڏن جُرمن ۾ حجاج بن يوسف کي بصري ۽ ڪوفي جو حاڪم بڻائڻ هو. حجاج هڪ خون خوار ۽ ڏوهاري شخص هو. هن ماڻهن سان جُٺيون ڪيون ۽ ڪيس ۽ ڪلور ڪيا. خاص ڪري علي3 جي شيعن کي ختم ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺو. حڪومت جي زماني ۾ لڳ ڀڳ هڪ لک ويهه هزار ماڻهو مارايائين.

عبدالملڪ تمام گهڻي سختي سان امام زين العابدين3 جي نگراني ڪرائيندو هو ۽ سدائين تاڙ ۾ رهندو هو ته سندن خلاف  ڪنهن طريقي سان ۽ ڪنهن حيلي بهاني مٿن ظلم ڪري.يا وجهه وٺي سندن توهين ڪري. هن تائين جڏهن اها خبر پهتي ته امام زين العابدين3 پنهنجي آزاد ڪيل ٻانهيءَ سان عقد ڪيو آهي ته هن هڪ خط ۾ انهي ڪم تي مٿن چِٿَر ڪئي. هن چاهيو پئي ته ان ريت هو حضرت امام علي3 جن کي اهو سمجهائي ڇڏي ته مان توهان جي تمام ڪمن کان ايسيتائين جو ٻاهرين يا گهريلوڪمن کان به باخبر آهيان ۽ هن پنهنجي مٽاچاري ياد ڏياري، پوءِ امام ان ڏس ۾ اسلامي آئين کي ياد ڏياريندي کيس جواب لکيو ته مسلمان ٿيڻ ۽ خدا تي ايمان آڻڻ ٻين مان مرتبن کي سدائين لاءِ ختم ڪري ڇڏي ٿو. لِڪل طنز سان گڏ هن جي ابن ڏاڏن جي گذريل جاهلي حالتن تي (شايد هن جي موجوده جاهلي حالت تي) ٽيڪا ٽپڻي ڪئي ۽ فرمايو:

 ”فَلاَ لَومٌ عَليٰ اِمرِءِ مُسلِمِ اِنَماَ اللَوّمُ لَومُ الَجاهِليَّة“(19)

سن ۸۶ هه ۾ عبدالملڪ جي مرڻ کان پوءِ ان جو پٽ وليد هن جي جاءِ تي ويٺو. سيوطي (20) جي بيان مطابق هو هڪ ظالم ۽ لاپرواهه شخص هو. بني اميه جي ٻين خليفن وانگي هو به امام جي شهرت ۽ محبوبيت کان ڊڄي پيو ۽ سندس علمي ۽ روحاني شخصيت کان هن کي تڪليف هئي. انهيءَ سبب شيعن جي چوٿين پيشوا جو وجود مسلمان معاشري ۾ برداشت نه ٿي ٿيس. هن چالبازيءَ  مڪاري سان امام کي زهر ڏياريو. (21) هڪ پاسي امام زين العابدين3 پنهنجي زماني جي اهڙن ظالمن ۽ جرم ڪندڙ  حڪمرانن ۽ انهن جي سخت تڪليف ڏيندڙ پهرن کي برداشت ڪندا هئا. ٻئي پاسي پنهنجي اردگرد ايماندار ۽ جانثار مجاهدن ۽ دوستن جي کوٽ محسوس ڪيائون. پنهنجي دروازي کي ٻين لاءِ بند ڪري ڇڏيائون. اهڙيءَ طرح امام پنهنجي ۽ پنهنجن اعتبار جوڳن پيروڪارن  جي جان بچائي. انهيءَ محاذ تي لائق ماڻهن جي تربيت ۽ صالح انسانن جي تياري ۽ لڪل ويڙهه ۾ شيعن جي فڪر ۽ تعليم ۾ مشغول ٿي ويا ته جيئن انهيءَ راهه جي سلسلي کي جو پڻ بيشڪ منزل و مقصود جي تمام گهڻو ويجهو هيو پاڻ کان پوءِ ايندڙ امام جي حوالي ڪن.

امام جعفر صادق3 جن پنهنجي هڪ حديث ۾ چوٿين امام جي حالات ۽ سندن ڪردار سازيءَ ۽ خدمتن کي هن ريت بيان ڪيو آهي.

حسين ابن علي 4کان پوءِ تمام گهڻا ماڻهو رستي کان موٽي ويا مگر ٽي ماڻهو، ابو خالد ڪابلي، يحيٰ ابن ام طويل ۽ جبير بن  مطعم، انهن کان پوءِ ٻيا ماڻهو انهن سان وڃي مليا ۽ شيعن جو انگ وڌيو. يحيٰ بن ام طويل مديني ۾ مسجد نبوي ۾ آيو ۽ تقرير ۾ ماڻهن کي چوڻ لڳو. اسان توهان جي (راءِ ۽ آئين) جا مخالف آهيون. اسان ۽ توهان جي وچ ۾ دشمني ۽ ڪينو آهي.(22)

مڪي ڏانهن ويندي واٽ تي هڪڙي همراهه اعتراض ڪندي سيد سجاد3 کي چيو ته، توهان جهاد ۽ ان جي سختي ڇڏي ڏني ۽ حج جيڪو سولو آهي ان لاءِ وڃي رهيا آهيو؟ تنهن تي ففرمايائون جيڪڏهن باايمان مددگار ۽ سرويچ صحابي هجن ته جهاد ۽ جنگ حج کان بهتر هئي. (23)

ابو عمر نهديءَ جو بيان آهي ته امام  زين العابدين3 جن فرمايو ته، مڪي ۽ مديني ۾ اسان جا ويهه دوست (سچا ۽ جان گهوريندڙ) نه آهن.(24)

اهڙي ريت امام زين العابدين3 جو ڪم ڏکيو ۽ دليريءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ شجاعت جو ڪم هيو ۽ پاڻ نهايت اڪيلائپ جي عالم ۾ هن ڳالهه ۾ ڪامياب ٿي ويا ته هڪ سؤ ستر (170) اهڙن شاندار شاگردن جي تربيت ڪئي جن مان هر هڪ اسلامي معاشري جو روشن ڏيئو هئو. رجال جي ڪتابن ۾ انهن ماڻهن جا نالا ۽ ڪي قدر احوال موجود آهن. جن ۾ سعيد بن مسيب، سعيد بن جبير، محمد بن جبير، يحيٰ بن ام طويل، ابوخالد ڪابلي، ابو حمزه ثمالي جهڙين شخصيتن جا نالا وٺي سگهجن ٿا.

امام زين العابدين3 ڳجهه ڳوهه وارن ڪارواين ۾ اعتماد جوڳن شاگردن جي تربيت ۽ اسلامي اصولن ۽ احڪامن جي پرچار جي ذريعي اسلامي معاشري ۾ اموي حڪومت جي مُک اڳواڻ جي دلين ۾ هڪ دٻدٻو ۽ خاص عظمت پيدا ڪري ورتي. ايسيتائين جو هڪ ڀيري حج جي موقعي تي جڏهن عبدالملڪ بن مروان سندن منهن پئجي ويو ته سلام  ته ٺهيو پر ڏانهس نهاريائون به ڪين. عبدالملڪ انهيءَ تي شوڪجي ويو ۽ اندر ۾ وٽ کائڻ لڳو. هن هوريان امام جي هٿ کي پڪڙيو ۽ چيو. اي ابو محمد! مون  ڏي ڏس مان عبدالملڪ آهيان. توهان جي بابي جو قاتل يزيد ناهيان. امام جواب ڏنس ته: ”منهنجي پيءَ جي قاتل پنهنجي عمل ذريعي پنهنجي آخرت خراب ڪئي جيڪڏهن تون به منهنجي پيءَ جي قاتل وانگر ٿيڻ چاهين ٿو ته ڪو به حرج نه آهي.“

عبدالملڪ ڪاوڙجي چيو: مان هرگز اهڙو ٿيڻ نه ٿو چاهيان پر مون کي انهيءَ ڳالهه جي اميد آهي ته توهان اسان جي وسائل مان فيض حاصل ڪندؤ. امام جواب ۾ فرمايو: ”مون کي تنهنجي دنيا جي ۽ جو ڪجهه تو وٽ آهي ان  جي ڪا به ضرورت ناهين.“ (25)

 

دعائون

امام زين العابدين3 جي مثبت مؤقفن مان هڪ مؤقف ۽ بنيادي ڪوشش اها هئي ته پاڻ انفرادي ۽ اجتماعي تربيت ۽ عقيدن جي مسئلن جي پرچار دعا جي پيرائي ۾ ڪن. جيڪي سندن يادگار جي طور تي محفوظ رهجي ويون آهن.

صحيفهءِ سجاديه جا مضمون ۽ انهن ۾ بيان ڪيل ڳالهين تي سوچ ۽ ويچار گهڻن مسئلن کي اسان لاءِ روشن ڪيو آهي. اسلامي معاشري بلڪه انساني معاشري کي هن ڪتاب، جهان جي ڄاڻ، خدا جي معرفت، انسان جي معرفت وغيره جي هڪ سلسلي جو تعارف ڪرايو آهي.

انهن حالات ۾ جڏهن امام کي بيان ۽ گفتگو ڪرڻ جي آزادي ميسر نه ٿي. پاڻ دعا ۽ مناجات جي ذريعي اعتقادي ۽ اخلاقي دستور عمل ۽ اجتماعي زندگي لاءِ هڪ طريقي کي بيان ڪيو ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ان کي پکيڙي ڇڏيو.

”صحيفهءِ سجاديه“ جي عظمت سمجهڻ لاءِ مشهور مصري مفسر طنطاوي جو قول ڪافي آهي. هو چئي ٿو ته ”صحيفهءِ سجاديه“ اهو اڪيلو ڪتاب آهي جنهن ۾ علم، ڄاڻ ۽ حڪمتون موجود آهن. ان کان علاوه ڪنهن ڪتاب ۾ اهڙو ذخيرو ناهي ۽ اها مصر جي ماڻهن جي بدنصيبي آهي جو هو اڃا تائين هن جي قيمتي ۽ زندگي بخشيندڙ ڳالهين کان واقف نه هئا. مان هن ۾ جيترو به غور ڪندو وڃان ٿو هن کي مخلوق جي ڪلام کان مٿانهون ۽ خالق جي ڪلام کان هيٺ ڏسان ٿو. (26)

امام گوشانشيني ۽ محدوديت جي باوجود دعائن جي ذريعي مسلمانن کي قيام ۽ تحريڪ جو درس ڏين ٿا ۽ پنهنجي پالڻهار سان راز ۽ نياز جو ڳالهيون ڪندي فرمائن ٿا، خدايا مون کي اهڙي قوت ۽ طاقت عطا ڪر جو جيڪي ماڻهو مون تي ظلم ڪن ٿا مان انهن تي فتحيابي حاصل ڪيان ۽ اهڙي زبان عنايت ڪر جو احتجاج جي جاءِ تي غلبو (تسلط) حاصل ڪري سگهان. اهڙو فڪر ۽ سمجهه عطا ڪر جو دشمن جي حيلن کي ٽوڙي سگهان ۽ ظالم جي هٿن کي ظلم ۽ ستم کان روڪي ڇڏيان.[3]

صحيفهءِ سجاديه ۾ اهڙا کوڙ نمونا موجود آهن.

شهادت

امام علي زين العابدين3 57 سالن تائين تڪليفن ۽ مصيبتن کي برداشت ڪرڻ کان پوءِ وليد بن عبدالملڪ جي حڪومت جي دؤر ۾ سندس ئي حڪم سان، جنهن پنهنجي خلافت ۽ حڪومت جو بنياد ۽ محور ظلم، ڏاڍ۽ قتل جو ماحول بڻائي رکيو هو. ۲۵محرم سن ۹۵ هه تي زهر ذريعي شهادت ماڻي ۽ بقيع جي قبرستان ۾ امام حسن مجتبيٰ3 جي قبر مطهر جي ڀر ۾ سپرد خاڪ ڪيا ويا. (27)

 

 حوالا

1 ــ الفصول المهمہ ــ ص 201

2 ــ اصول ڪافي ــ ج پهريون ص 466 / ارشاد مفيد ــ ص 253 / اعيان الشيعہ  (ڏهن جلدن واري) ج پهريون ص 629.

3 ــ ارشاد مفيد ــ ص 253.

4 ــ ال عمران ــ 134

5 ــ ارشاد مفيد ــ ص 457 / اعيان الشيعہ ــ ج پهريون ص 632.

6 ــ ارشاد مفيد ــ ص 259/ مناقب ــ ج 4 ص 163 ــ پر ڪتاب ”مناقب“ ۾ زيد بن اسامہ بدران محمد بن اسامہ لکيل آهي.

7 ــ تذڪرة الخواص ابن جوزي ــ ص 184  اعيان الشيعہ ــ ج پهريون ص 633 / مناقب ــ ج 4 ص 153.

8 ــ  خصال صدوق ــ مطبوعہ غفاري ــ ص 517 / مناقب ــ ج 4 ص 150.

9 ــ هي واقعو، ڪربلا واري قضيي کان پوءِ يزيد جي حڪومت جي نئين سال ٿيو ان ۾ يزيد جي حڪم سان شامي فوج مديني تي ڪاهه ڪئي ۽ ٽن ڏينهن تائين مسلمانن جي جان، مال ۽ آبرو کي پنهنجي لاءِ مباح سمجهندا رهيا.

10 ــ اعيان الشيعہ ــ ج پهريون ص 525 / بحار ــ ج 46 ص 138 / ڪامل ابن اثير ــ ج 4 ص 112 ــ 113.

11 ــ امالي ــ سيد مرتضيٰ ــ ج پهريون ص 66 / اعيان الشيعہ (ڏهن جلدن واري) ج پهريون ص  634 / تذڪرة الخواص / بحار الانوار ــ ج 46 ص 127 ــ 125.

12 ــ احتجاج طبرسي ــ ج 2 ص 30 / اعيان الشيعہ (ڏهن جلدن واري) ج پهريون ص 613 / بحار ــ ج 44 ص 112.

13 ــ لهوف ــ سيد ابن طائوس ــ ص 144 / مقتل خورازمي ــ ج 2 ص 43 / بحار ــ ج 44 ص 117 ــ 118.

14 ــ تذڪرة الخواص ــ ص 149/ اعيان الشيعہ (ڏهن جلدن واري) ج پهريون ص 615 / بحار ــ ج 44 ص 122.

15 ــ ذريعة النجات ــ ص 234.

16 ــ ڪامل بهائي ــ ج 2 ص 302 / بحار ــ ج 45 ص 137 ــ 139.

17 ــ ڪامل ابن اثير ــ ج 4 ص 348 ــ 356.

18 ــ ڪامل ابن اثير ــ ج 4 ص 587.

19 ــ ڪافي ــ ج 5 ص 244 / مناقب ــ ج 4 ص 162.

مسلمان تي ڪابه ملامت ناهي، ملامت ته جاهليت جي آهي.

20 ــ تاريخ الخلفاء ــ ص 223.

21 ــ مناقب ابن شهر آشوب ــ ج 4 ص 176.

22 ــ بحار ــ ج 41 ص 144 / الاختصاص المفيد ــ ص 64 / رجال ڪشي ــ ص 81.

23 ــ احتجاج طبرسي ــ ج 2 ص 44 ــ 45 / اعيان الشيعہ ــ ج پهريون 635 / مناقب ــ ج 4 ص 159.

24 ــ بحار ــ ج 46 ص 143 / شرح ابن ابي الحديد ــ ج ص 104.

25 ــ بحار ــ ج 46 ص 120.

26 ــ خاتمہ ترجمه صحيفهءِ سجاديہ ــ آخوندي ڇاپو.

27 ــ مصباح ڪفعمي ــ ص 509 / ڪافي ــ ج پهريون ص 468 / بحار ــ ج 46 ص 152.

 

 



[1] اَمَاظَنُکَ بِرَسُولِ اللهِ لَورَانَا مُوثِقِينَ فِي الحِبَالِ

[2] عام الفيل کان 35 سال پوءِ پيغمبر اڪرم صه جي هٿان حجر اسود نصب ڪرڻ واري واقعي ڏانهن اشارو آهي.

[3] اللهم صلي عليٰ محمد وآلھ واجعل لي يداَ من ظلمني ولسٰاناً عليٰ من خاصمني وظفراً بمن عاندني وهب لي مکراً عليٰ من کادني (صحيفه سجاديہ ــ دعا ــ 20)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 


free spy apps for android phones read best android spy app

ڀلي ڪري آيا


اسان جا سوشل ميڊيا جا صفحه پسند ڪريو.
رابطو ڪريو

© سڀ حق ۽ واسطا صراط المستقيم وٽ محفوظ آهن