روزانه حديث:
حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام فرمايو حيا، ايمان جو حصو آهي ۽ ايمان (جو مقام) بهشت آهي، بي حيائي ظلم و جفا (جو مقام) جهنم آهي. (ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 4562 )
نيوز ليٽر
اسان جو نيوز ليٽر حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اي ميل ايڊريس ڏيو.
اسلامي فلم سيڪشن

اقوال رحمة للعالمين


 چاليهه حديثون :

1.       پنج قسم جا ماڻهون اهڙا آهن جن جي لاءِ نه ئي جهنم جي باهه ختم ڪئي ويندي ۽ نه ئي انهن جي جسم کي موت ايندي ۽ (انهن ۾ هڪ) اهو شخص هوندو جيڪو گناه ته پاڻ ڪري ٿو پر ان کي خدا تي هڻي ڇڏي ٿو.  (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 2252 ).

2.       جبار ۽ متڪبر ماڻهون قيامت جي ڏينهن ڪيولين جي صورت ۾ محشور ڪيا ويندا، انهن کي ماڻهون پنهنجن پيرن سان لتاڙيندا ڇاڪاڻ ته هو (دنيا ۾) ٻين کي حقير سمجھندا هئا. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 2262 ) .

3.       عالمن کان سوال ڪريو، حڪيمن کي خطاب ڪريو ۽ فقيرن سان گڏ ويهندا ڪريو. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 2414 )

4.       ٽن قسمن جي ماڻهن سان صحبت دل کي مرده ڪري ڇڏي ٿي. 1. خسيس ۽ ڪميڻو ماڻهو 2. دولتمند ماڻهون   3. عورتن سان ڳالهيون ڪرڻ وارو. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 2423 ).

5.       جيڪو جنت جو مشتاق آهي، ان کي نيڪين جي طرف تيزي ڪرڻ گھرجي. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 2520 )

6.       ٽي شيون اهڙيون آهن جن کي گڏ کڻي جيڪڏهن انسان الله تعالى جي حضور پهچي وڃي ته ، جنت جي جنهن دروازي کان چاهي داخل ٿي وڃي. (1). حسن اخلاق (2) ظاهر ۽ باطن ۾ خدا کان خوف (3) پنهنجي منهن پنهنجي تعريف ڪرڻ کان پرهيز خواه سچي ئي ڇو نه هجي، (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 2547 )

7.       الله تعالى فرمايو آهي ته مون بهشت کي، احسان ياد ڏيارڻ واري، بخيل ۽ ڪوڙي ۽ چغلخور تي حرام ڪري ڇڏيو آهي. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 2584 )

8.       افضل جھاد هي آهي ته توهان الله تعالى جي رضا جي لاءِ پنهنجي نفس ۽ پنهنجن خواهشن جي خلاف جھاد ڪريو. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 2750 )

9.       خواهشن جي خلاف پنهنجي نفس سان جھاد ڪريو، اهڙي طرح اوهان جي دلين ۾ حڪمت پيدا ٿيندي. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 2767 )

10.   اعمالن جي باري ۾ وڏي جدوجهد ڪريو، ايتري تائين جو اوهان ڪمزور ٿي وڃو ۽ اعمال ادا نه ڪري سگھو ته هر ممڪن ڪوشش ڪريو ته گناهن کان پري رهو. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 2774 )

11.   علم، اسلام جي زندگي ۽ ايمان جو ٿنڀ آهي. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 2815 )

12.   دانا ترين شخص اهو آهي جيڪو جاهل ماڻهن کان پري ڀڄي. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 2876 )

13.   اهل جهنم جو لباس جيڪڏهن آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ لڙڪايو وڃي ته ان جي بدبوءِ سان تمام اهل دنيا مري وڃي. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 2896 )

14.   قيامت جي ڏينهن سخت ترين عذاب ان عالم کي ملندو جنهن پنهنجي علم مان نفعو نه پهچايو هوندو. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 2916 )

15.   جيڪو شخص ان حال ۾ مري وڃي جو هن خدا سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪيو هجي ۽ سج جي اڀرڻ ۽ لهڻ کان پهريان نماز ادا ڪرڻ ۾ جلد ڪندڙ هوندو اهو ڪڏهن به جهنم ۾ نه ويندو. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 2925 )

16.   توهان مان ڪو به اهڙو ناهي جنهن جي لاءِ ٻه منزلون نه هجن :هڪ جنت ۾ ۽ هڪ جهنم ۾.(حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 2946 )

17.   سخي ترين شخص اهو آهي جيڪو راه خدا ۾ پنهنجي جان ۽ مال جي سخاوت ڪري. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 2981 )

18.   انسان تي پاڙيسري جي حرمت اهڙي آهي جهڙي طرح ان جي ماءُ جي حرمت آهي. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 3008 )

19.   مان اهڙي پاڙيسري کان خدا جي پناه گهران ٿو جيڪو گھر جي ويجھو هجي، هر وقت جنهن جون اکيون توکي ڏسنديون رهن ۽ دل تنهجي پويان لڳل هجي، جيڪڏهن هو تو کي سٺي منزلت تي ڏسي ته ان کي پسند نه اچي ۽ جيڪڏهن خراب حالت ۾ ڏسي ته خوش ٿئي. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 3013 )

20.   جيڪو پاڻ پيٽ ڀري رات گذاري ۽ ان جو مسلمان پاڙيسري بکيو رهي ته هن مون تي ايمان نه آندو. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 3019 )

21.   الله تعالى بندي کان ان جي حيثيت ۽ منزلت جي باري ۾ به اهڙي طرح سوال ڪندو جهڙي طرح ان جي مال جي باري ۾ ڪندو ۽ فرمائيندو : منهنجا بنده مون توکي قدر و منزلت عطا ڪئي تو ان جي ذريعي ڪنهن مظلوم جي امداد يا ڪنهن ستم زده جي فرياد رسي ڪئي هئي. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 3032 )

22.   هن ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته خدا وند عالم با حيا، برد بار، پاڪدامن ۽ پرهيزگار انسان کي دوست رکندو آهي. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 3111 )

23.   ٽي ڪم اهڙا آهن جن کي خدا پسند ڪري ٿو (1) خاموشي (2) ننڊ گھٽ ڪرڻ ۽ (3) گھٽ کا.ئڻ. ٽي شيون اهڙيون آهن جن کي خدا نا پسند ڪندو آهي. (1) گھڻو ڳالهائڻ (2) گھڻو سمهڻ ۽ (3) گھڻو کائڻ . (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 3124 )

24.   الله تعالى فرمائي ٿو ته بندو جنهن شيءَ سان مون کان قرب حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ان ۾ مون کي سڀ کان وڌيڪ محبوب  فرضن جي ادائگي آهي. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 3129 )

25.   دنيا جي محبت ۽ الله جي محبت ڪڏهن به هڪ دل ۾ جمع نه ٿا ٿي سگھن. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 3162 )

26.   خدا جي راه ۾ ڪنهن سان محبت ڪرڻ هڪ فريضو آهي ۽ خدا جي راه ۾ ڪنهن سان دشمني ڪرڻ به هڪ فريضو آهي. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 3189 )

27.   خدا سان محبت ڪريو ان لاءِ ته هو توهان کي پنهنجن نعمتن سان نوازي ٿو، خدا جي محبت جي ڪري مون سان محبت ڪريو ۽ منهنجي محبت جي ڪري منهنجي اهليبيت عه سان محبت ڪريو. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 3200 )

28.   جنهن کي الله تعالى منهنجي اهليبيت عه مان آئمه جي محبت عطا ڪئي آهي ان دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي کي حاصل ڪري ورتو ۽ پنهنجي جنتي هجڻ ۾ ان کي هرگز شڪ نه ڪرڻ گھرجي. منهجي اهليبيت عه جي محبت جون 20 خوبيون آهن 10 دنيا ۾ ۽ 10 آخرت ۾. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 3202 )

29.   جيڪو شخص منهنجي عترت سان محبت ناهي ڪندو ان جا ٽي سبب آهن (1) يا ته هو منافق هوندو آهي (2) يا ته زنا جي پيداوار هوندو آهي ۽ (3) يا پوءِ ان جي ماءُ حيض جي حالت ۾  حامله ٿيندي آهي. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 3205 )

30.   الله تعالى ان بندي کي آباد و شاد رکي جنهن منهنجي ڳالهه ٻڌي، ان کي ياد رکيو ۽ پوءِ ان کي منهنجي طرفان ٻين تائين پهچايو. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 3332 )

31.   منهجي امت مان جيڪو شخص 40 حديثن جي ذميواري کڻندو، خدا وند عالم ان کي بروز قيامت فقيه ۽ عالم ڪري اٿاريندو. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 3347 )

32.   جيڪو شخص ڄاڻي واڻي مون تي بهتان لڳائي هو پنهنجو ٺڪاڻو جهنم ۾ ٺاهي ڇڏي. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 3363 )

33.   اسان کي حڪم ڏنو ويو آهي ته اسان ماڻهن سان ان جي عقل جي مطابق ڳالهه ڪريون. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 3386 )

34.   سست رفتار شخص پنهنجي حصي کان محروم نه ٿو ٿئي ۽ حريص مقدر کان وڌيڪ حاصل نه ٿو ڪري سگھي. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 3634 )

35.   هن ۾ ڪو به شڪ ناهي ته فرزند آدم هر ان شيءَ جي باري ۾ حريص هوندو آهي جنهن کان ان کي منع ڪيو وڃي. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 3644 )

36.   الله تعالى ڪاروباري مومن کي دوست رکندو آهي. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 3650 )

37.   جنهن شخص حرام جو هڪ گره کاڌو ان جون چاليهه راتن تائين نمازون قبول نه ٿينديون. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 3660 )

38.   جيڪوشخص ماڻهن جي شين جي طرف ڏسي ٿو، ان جو غم وڏو ۽ افسوس دائمي آهي. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 3768 )

39.   لا حول والا قوت الا باالله چوڻ ۾ 99 بيمارين جي دوا آهي، جنهن مان گھٽ درجي جي بيماري رنج و غم آهي. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 3797 )

40.   جيڪو شخص وڌيڪ استغفار ڪندو ان کي خدا وند عالم هر رنج و غم کان نجات ڏيندو، هر تنگي کان ڪڍي ڇڏيندو، ۽ ان کي اتان عطا ڪندو جتان کان ان کي گمان به نه هوندو. (حوالو ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 3800 )

ڀلي ڪري آيا


اسان جا سوشل ميڊيا جا صفحه پسند ڪريو.
رابطو ڪريو

© سڀ حق ۽ واسطا صراط المستقيم وٽ محفوظ آهن