روزانه حديث:
حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام فرمايو حيا، ايمان جو حصو آهي ۽ ايمان (جو مقام) بهشت آهي، بي حيائي ظلم و جفا (جو مقام) جهنم آهي. (ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 4562 )
نيوز ليٽر
اسان جو نيوز ليٽر حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اي ميل ايڊريس ڏيو.
اسلامي فلم سيڪشن

حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها


ذاتي ڪوائف

نالو :             فاطمہ سلام الله عليها

لقب :            زهرا، صديقه، ڪبريٰ، طاهره، راضيه، مرضيه،

                   بتول، محدثه

ڪنيت :         ام الحسن، ام ابيها، ام الائمة

والد :             محمد مصطفيٰ%

والده :            بيبي خديجة الڪبريٰ/

ولادت جو هنڌ: مڪه مڪرمه

ولادت جو وقت: جمعي ڏينهن پرهه ڦٽيءَ مهل، 20 جمادي الآخر،    

                    بعثت جي 5 سال

هجرت :         اٽڪل اٺن (8) سالن جي ڄمار ۾ حضرت علي3

                                                    سان گڏ مديني هجرت ڪيائون.

شادي :          هجرت جي ٻئين سال، ذي الحج مهيني جي

                  شروعات ۾ حضرت علي3سان سندن عقد ٿيو.

اولاد :           امام حسن، امام حسين، ننڍي سائڻ زينب، بيبي

                  ام ڪلثوم، جناب محسن6 (جيڪو ماءُ جي پيٽ ۾

                  ئي شهيد ٿي ويو).

شهادت جي مهل: سانجهي ۽ سومهياڻيءَ  نمازن جي وچ ۾

شهادت جي تاريخ: 3 جمادي الآخر سن 11 هه

عمر :                18 سال

مرقد مبارڪ       جنت البقيع ــ مدينو منور

 

 

 

سائڻ فاطمہ بنت محمد  زهرا  /

  ولادت ۽ ننڍپڻ

ويهين جمادالثاني جمعي جي ڏينهن بعثت جي پنجين سال وحي جي گهراڻي ۾ رسول الله جي عالي قدر نياڻي سائڻ فاطمہ زهرا/جن جنم ورتو.(1) سندن ماءُ خديجه بنت خويلد هئي. جناب خديجہ/قريش جي هڪ بُڻائتي ۽ نجيب نُک ۾ ڄائي، تربيت جي زيور سان پلجي وڏي ٿي. هن گهراڻي جي آڪهه ئي حليم، ڏاهي ۽ ڪعبي جي محافظ هئي. جڏهن يمن جي بادشاهه تبع، حجر اسود کي مسجد الحرام مان ڪڍي يمن کڻي وڃڻ جو ارادو ڪيو ته بيبي خديجه/جو والد خويلد دفاع لاءِ تيار ٿي بيٺو. هن جي جنگ ۽ قربانين جي نتيجي ۾ تبع پنهنجي ارادي تان مُڙي ويو.(2) بيبي خديجه جو چاچو ”ورقه“ به مڪي جو هڪ ڏاهو ۽ علم دوست ماڻهو هو، تاريخ جي مطابق بيبي خديجه/تي انهن جو اثر هو.

 

پيءُ سان گڏ

سائڻ فاطمہ/جي ولادت سان پيغمبر ۽ خديجہ جو گهر ويتر مهر ۽ محبت جو مرڪز بڻجي ويو. جن ڏينهن ۾ پيغمبر اڪرم جن بيحد ڏکويل هئا. انهن ڏينهن ۾ پيغمبر جي نياڻي وڻندڙ ۽ آرام بخشيندڙ ٿڌڙي هير وانگر ماءُ پيءُ جي ٿڪ کي صبح شام پنهنجي اُڪير جي هٻڪار ۽ هير سان ڀڃي ڇڏينديون هيون ۽ رسول جي سخت پورهيي واري زندگيءَ جي غم ۽ رنج جي ڏينهن ۾ تسڪين بخشيندڙ به هيون. وڏي سائڻ فاطمه زهرا/جو ننڍپڻ اسلام جي شروعاتي زماني جي بحراني، گهوٽالي وارين ۽ نهايت ئي خطرناڪ حالتن ۾ گذريو، جڏهن ته رسول خدا سخت مشڪلات ۽ خطرناڪ حالتن سان منهن پئي ڏنو. پاڻ اڪيلي سِر ڪُفر ۽ بُت پرستيءَ سان مقابلو ڪيو. ڪجهه ورهين تائين پاڻ لِڪ ۾ تبليغ ڪندا رهيا. جڏهن خدا جي حڪم سان پاڻ ظاهر ظهور اسلام جي دعوت جي شروعات ڪئي ته دشمنن جي ايذاءَ ۽ تڪليف به زور ورتو. جڏهن ڪافرن ڏٺو ته ايذائن ۽ تڪليفن سان اسلام جي اوسر کي روڪي نه ٿو سگهجي ته هنن هڪ راءِ ٿي پيغمبر کي قتل ڪرڻ جو منصوبو سٽيو. پاڪ رسول جي جان جي تحفظ لاءِ جناب ابوطالب جن بني هاشم جي هڪ گروهه سان گڏ شعب ابي طالب ۾ پاڻ سڳورن کي منتقل ڪيو. مسلمانن ٽن سالن تائين هن تپندڙ لَڪ ۾ نهايت تنگي ۽ تڪليف، ڏک ۽ بُک جي حالت ۾ گذاريا ۽ ان ٿورڙي خوراڪ تي گذارو ڪندا رهيا، جيڪا لِڪ ڇپ ۾ اوڏانهن موڪلي ويندي هئي. فاطمہ/اٽڪل ٻن سالن تائين قريش جي ڪافرن جي اقتصادي بائيڪاٽ ۾ پنهنجي عاليقدر بابي سان گڏ هيون ٽن سالن تائين ماءُ پيءُ ۽ ٻين مسلمانن سان گڏ بُک ۽ تمام سخت حالتون سٺائون. بعثت جي ڏهين سال ”شعب“ مان رهائي کان ٿورن ڏينهن کان پوءِ پاڻ ان ماءُ جي شفقت کان محروم ٿي ويون. جنهن کي ڏهن سالن جي لڳاتار مجاهداڻي زندگيءَ ۾ ڏک ڏولاون خاص، ڪري اقتصادي ناڪابنديءَ جي تڪليفن بيحد ڏکائي ڇڏيو هو.(3) ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ماءُ جي وفات سيدزاديءَ لاءِ ڏکوئيندڙ ۽ سندن روح تي گهرا اثر وجهندڙ هئي. پر ان کوٽ کي رسول اڪرم جن محسوس ڪرڻ نه ڏنو ۽ کين پنهنجي شفقت سان نپايو ۽ ڀرپور تربيت ڪئي.

سن١٠ بعثت ۾ جناب ابوطالب ۽ بيبي خديجہ جي وفات پيغمبر جي روح تي بيحد اثر وڌو. پاڻ ان سال جو نالو ”عام الحزن“ رکيو. پيغمبر جي انهن ٻنهي عظيم مددگارن جي رضا ڪرڻ سان دشمنن جا آزار ۽ تڪليفون ويتر وڌي ويون. ڪڏهن ماڻهن پٿر پئي هنيا، ته ڪڏهن ماڻهن سندس چهري مبارڪ تي مٽي ٿي وڌي ۽ ڪي وري اڻ سهائيندڙ زبان استعمال ڪندا هئا. گهڻو ڪري پاڻ نهايت ئي جهريل حالت ۾ گهر موٽندا ها، پر اها سائڻ فاطمه/ئي هئي جيڪا پنهنجي ننڍڙن ننڍڙن هٿن سان بابي جي مٿي ۽ منهن تان مٽي صاف ڪنديون هيون. انتهائي اُڪير ۽ پاٻوهه سان پيش اينديون هيون ۽ پيغمبر جي لاءِ آرام ۽ حوصلي جو سبب بڻبيون هيون. سائڻ فاطمہ/ماڻهن جي ڪاوڙ ۽ بي رحميءَ جي جاءِ تي پنهنجي پيءُ سان مهر ۽ محبت سان اهڙي طرح پيش اينديون هيون جو سندن والد محترم جن کين ”امِ ابيها“ جو لقب ڏنو. هجرت کان ڪي ڏينهن پوءِ اٺن سالن جي ڄمار ۾ علي3سان مڪي کان مديني آيون اتي به پيءُ سان گڏ ئي رهيون. پيغمبر جي مشڪلات ۾ سائڻ فاطمہ/به ڀاڱي ڀائيواررهي. جنگ احد ۾ جنگ جي اختتام ٿيڻ کان پوءِ سائڻ فاطمہ/مديني کان پيغمبر جي خيمي گاهه جي طرف ڊوڙندي پهتيون ۽ ٿانو ۾ پاڻي ڀري پيءُ جو رت ڀريل منهن ڌوتائون ۽ آنحضرت جي زخمن تي مرهم رکيائون.(5)

سائڻ فاطمہ/ اسلام ۽ قرآن سان گڏ وحي ۽ نبوت جي ماحول ۾ نپجي وڏيون ٿيون. سندن زندگي پيغمبر جن جي زندگي کان جدا نه ٿي ايسيتائين جو شاديءَ کان پوءِ ٻارن سان گڏ به سندن گهر پيغمبر جن جي گهر سان لڳو لڳ هو ۽ پيغمبر خدا جن هر ٻي جاءِ کان وڌيڪ سائڻ فاطمہ/جن جي گهر ايندا ويندا هئا. هر ڏينهن صبح جو مسجد وڃڻ کان اڳ ۾ رسول الله جن سائڻ فاطمہ/جي زيارت ڪرڻ لاءِ ويندا هئا.(6) پاڻ سڳورن جو خدمتگار جنهن جو نالو ثوبان هو بيان ڪري ٿو ته رسول اڪرم جن جڏهن به سفر تي اسهندا هئا ته سڀ کان آخر ۾ سائڻ فاطمہ/کان موڪلائيندا هئا ۽ جڏهن سفر کان موٽندا هئا ته سڀ کان اڳ ۾ سائڻ فاطمہ/جن وٽ ويندا هئا.(7) نيٺ پاڻ سڳورن جي حياتي جي پڇاڙڪن پساهن ۾ به حضرت فاطمہ/ سندن سيرانديءَ کان موجود هيون ۽ روئي رهيون هيون. پيغمبر کين اهو چئي دلاسو ڏئي رهيا هئا ته توهان ئي سڀني کان اڳ پنهنجي پيءُ سان ملاقات ڪنديون. (8)

شادي

سن ٣ هه ۾ پاڪ پيغمبر جن اميرالمؤمنين علي3سان سائڻ فاطمہ /جو نڪاح ڪرايو.(9) سچ پچ ته اها سُهندڙ سڱابندي ۽ رشتو انهن کي ئي سونهين پيو. ان لاءِ جو معصومن جي قول مطابق علي3کان علاوه ٻيو ڪو سائڻ فاطمہ/ جو جِيسُ ۽ ڪفو نه هو. هن شاديءَ جي خصوصيتن مان هڪ ڳالهه هيءَ به آهي جا انهن ٻن بزرگ هستين جي اعليٰ منزلت جو ثبوت آهي ته پيغمبر قريش جي سردارن ۽ تمام وڏين شخصيتن ۽ سرنديءَ وارن جي رشتي کي قبول نه ڪيو. پاڻ فرمائيندا هئا ته سائڻ فاطمہ/جي شاديءَ جو مسئلو خدا جي حڪم سان لاڳاپيل آهي.(10) رسول خدا جن سائڻ فاطمہ/کي علي3جي لاءِ رکيو هو. پاڻ خدا جي پاران مقرر ڪيا ويا هئا ته نور کي نور سان جوڙي ڇڏن.(11) اهوئي سبب هو ته جڏهن اميرالمؤمنين جن سڱ گهريو ته پيغمبر جن قبول ڪندي فرمايو ته توهان جي اچڻ کان اڳ خدا جي پاران فرشتي مون تائين حڪم پهچايو ته فاطمہ/کي علي3سان پرڻائي ڇڏيان.(12) رسول اڪرم جن جناب فاطمہ/جي راضپي حاصل ڪرڻ کان پوءِ علي3کان پڇيائون ته، وٽس شادي ڪرڻ لاءِ ڇا آهي؟ علي3ورندي ڏني ته هڪ زرهه، هڪ ترار، هڪ پاڻي ڍوئيندڙ اٺ کان سواءِ مون وٽ ٻيو ڪجهه به نه آهي. اميرالمؤمنين علي3جن پاڪ پيغمبر جي حڪم مطابق زرهه پنج سئو درهمن ۾ وِڪي ۽ انهن پئسن مان شاديءَ لاءِ گهربل ضروري سامان ورتائون. ضيافت به ٿي ۽  مسلمانن کي ماني به کارائي وئي، مرڪندي خوشين ۽ پاڪ پيغمبر جي دعا سان گڏ سائڻ فاطمہ/جن کي علي3جي گهر آندو ويو. (13)

سائڻ فاطمہ، علي4 جي گهر ۾

سائڻ فاطمہ زهرا/پيڪاڻي گهر کان ساهري گهر آيون ائين کڻي چئجي ته مرڪز نبوت کان مرڪز ولايت ڏانهن منتقل ٿيون ته مٿن انهيءَ نئين مرڪز ۾ ذميوارين جو بار وَڌي ويو. پاڻ چاهن پيون ته هن مرڪز ۾ اهڙي ريت حياتي گذارين جو هڪ مسلمان عورت لاءِ مڪمل نمونو بڻجي وڃي ته جيئن ايندڙ زماني ۾ سڄي دنيا جون ضاعفون سندن وجود ۽ روش ۾ اسلام جي حقيقت ۽ نورانيت ڏسن. گهر جي محاذ ۾ سائڻ فاطمہ/جي ڪردار جي سمورن پاسن کي پيش ڪرڻ لاءِ هڪ ڌار تفصيلي ڪتاب جي ضرورت آهي،  پر اختصار کان ڪم وٺندي هتي ڪجهه رخن ڏانهن اشارو ڪجي ٿو.

الف ــ گهر جو انتظام

سائڻ فاطمہ/جيتوڻيڪ بلند مرتبي واري پيءُ ۽ عظيم پيغمبر خدا جي اکين جو ٺار هئي ۽ کانئن وڌيڪ ڪنهن ٻي شريف زاديءَ جو وجود نه هو. پر انهن ڳالهين هوندي به پاڻ گهر جو ڪم پاڻ ئي ڪنديون هيون ۽ گهر جي ڏکئي کان ڏکئي ڪم کان به ڪڏهن انڪار نه ڪيائون ۽ گهر جي ڪم ڪار ۾ ايتريون ته مصروف ٿي وينديون هيون جو علي3جن سائڻ سان همدرديءَ

 جو اظهار ڪندا هئا ۽ ساراهيندي نظر ايندا هئا. علي3به پاڻ هڪ صحابيءَ کي چيوته تون چاهين ٿو ته مان توکي پنهنجي ۽ فاطمہ/جي حالت ٻڌايان؟ (فاطمہ/) گهر ڪاڻ ايترو پاڻي ڀري اينديون هيون جو سندن جسم تي مشڪ جا نشان پئجي ويندا هئا ۽ ايتري قدر جنڊ هلائينديون هيون جو هٿن ۾ لڦون پئجي وينديون هين. گهر کي صاف سٿرو رکڻ ۽ ماني پچائڻ ۾ ايتري تڪليف سَهنديون هيون جو سندن ڪپڙا ميرا ٿي ويندا هئا(14) جناب سيده جن گهر کي علي3۽ پنهنجن ٻارن لاءِ آرام ۽ سڪون جو مرڪز بڻائي ڇڏيو هو. ان حد تائين جو جيڪڏهن علي3تي رنج، غم ۽ تڪليفون اينديون هيون ته گهر هليا ايندا هئا ۽ ڪجهه دير تائين سائڻ فاطمہ/سان گفتگو ڪندا هئا ته علي3جي دل کي راحت ۽ سڪون ملندو هو. امام جعفر صادق3فرمائن ٿا ته : ”علي3گهر جي ضرورت خاطر ڪاٺيون ۽ پاڻي آڻيندا هئا، گهر ۾ ٻهاري ڏيندا هئا ۽ فاطمہ/جن جنڊ هلائي اٽو پيهين ان کي ڳوهي مانيون پچائينديون هيون.“[1]

ب ــ مڙس جي خدمت

سائڻ فاطمہ/اها محترم بيبي آهي جنهن غريب پر فضيلت ڀري انسان سان عقد ڪيو. بيبيءَ منڍ کان ئي اسلام ۽ پنهنجي مڙس جي حساس حالتن کي محسوس ڪري ورتو هو. هوءَ ڄاڻي پئي ته جيڪڏهن علي3جي ترار نه هجي ها ته هوند اسلام ايترو جلد اُسري نه سگهي ها ۽ اهو به ڄاڻن پيون ته اسلام جو بهادر سپهه سالار ان صورت ۾جنگ جي ميدان ۾ سوڀارو ٿي سگهي ٿو جڏهن گهريلو حالتن کان بي فڪر ۽ آجو هجي ۽ گهر واريءَ جي مهر، محبت ۽ توجهه سان مالامال هجي. جڏهن علي3جنگ جي ميدان مان ٿڪجي واپس ايندا هئا ته مڪمل طور گهرواريءَ جون مهربانيون ۽ محبتون کين ملنديون هيون ۽ جسم تي لڳل ڦٽن تي مرهم رکنديون هيون. علي3 جي رت هاڻن ڪپڙن کي ڌوئينديون هيون. جڏهن علي3جنگ احد کان واپس وريا ته پاڻ پنهنجي تلوار فاطمہ/کي ڏنائون ۽ چيائون ته هن تي ڳل رت کي ڌوئي صاف ڪريو.(15) فاطمہ/جن زندگيءَ جي ڪشالن ۾ علي3جي هم فڪر ۽ ٻانهن ٻيلي هيون. پاڻ علي3جي ڪمن ڪارين ۾ هٿ ونڊائينديون هيون. کين ساراهينديون ۽ سرويچائيءَ ۽ شجاعت جي واکاڻ ڪنديون هيون ۽ سنديس جتن ۽ زحمتن جي سلسلي ۾ تمام وڌ حق شناس هيون. پوري زندگيءَ ۾ هڪ به موقعو اهڙو نه آيو جنهن ۾ پاڻ پنهنجي ور جي دل ٽوڙڻ واري ڳالهه چئي هجين يا کين رنجايو هُجين. سدائين پنهنجي بي انتها محبت ۽ عنايت سان سندن ڏکويل روح ۽ نٻل جسم کي تسڪين ڏينديون رهيون. علي3جن ان سلسلي ۾ فرمائين ٿا ته : ”جڏهن مان گهر ايندو هيس ۽ منهنجي نگاهه فاطمہ زهرا/تي پوندي هئي ته منهنجي سڄي ڪاوڙ ۽ غم ختم ٿي ويندو هو.“ (16) جڏهن پاڻ سڳورن علي3جن کي سوال ڪيو هو ته ”فاطمہ/کي ڪيئن ڏٺوَ؟“ تنهن تي علي3جن ورندي ڏيندي چيو هو:

”فاطمہ/جن پالڻهار جي اطاعت ۾ منهنجون بهترين مددگار آهن.“ [2]

ج ــ اولاد جي تربيت

معصوما سائڻ جي فرضن مان هڪ اهم فرض ٻارڙن کي محمدي مڪتب هيٺ تاتڻ ۽ نپائڻ هو. کين چار ٻار ڄايا: حسن، حسين زينب، ڪلثوم ۽ سندن پنجون ٻار محسن6هو، جنهن جو حمل، علي3جي امامت تان قربان ٿي ويو هو. سيده جا سڀئي ٻارڙا پاڪ، با اخلاص  ۽ خدا جا اطاعت گذار هئا. جناب فاطمہ /ٻن ٻارن کي نپايو، جيڪي سمورا اسلام جي اُچڳاٽائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ۽ دين جي قدرن جا نگهبان هئا، ۽ انهيءَ راهه ۾ سِر جو سانگو به نه ڪيائون. هڪ صلح جي ذريعي ۽ ٻي پنهنجي رت سان اسلام جي آبياري ڪئي ۽ دين اسلام کي بچايو.(17) سيده جي نياڻين به خاص ڪري ڪربلا جي قضيي ۾ پنهنجن ڀائرن جي پيغام ۽ حسين3جي آواز کي ڪوفي، شام ۽ انهن سڀني رستن ۾ ٻين تائين پهچائي پاڻ ملهايو.

 معنوي شخصيت

جملي عورتن جي سردار، سائڻ فاطمہ/ جي معنوي شخصيت اسان جي ادراڪ کان مٿاهين ۽ وصف بيان ڪرڻ کان بالاتر آهي. اها سائڻ جا

  ان ڏس ۾ ڪجهه روايتون پيش ڪجن ٿيون.

-- پاڪ پيغمبر جن فرمايو: جبرئيل نازل ٿيو ۽ بشارت ڏنائين ته حسن ۽ حسين4 جنت جي جوانن جا سردار آهن ۽ فاطمہ/جنت جي عورتن جي سردار آهي.(19)

-- پاڻ سڳورن فرمايو ته دنيا جي سڀني ضاعفن مان چار ضاعفون سڀ کان وڌيڪ مان ۽ مرتبي واريون آهن. مريم بنت عمران، خديجہ بنت خويلد ، فاطمہ/ بنت محمد ۽ آسيا بنت مزاحم (فرعون جي زال). (20)

-- رسول اڪرم جن اهو به فرمايو، خدا، فاطمہ/ جي ناراضپي سان ناراض ۽ ان جي خوشيءَ سان ئي خوش ٿيندو آهي. (21)

-- امام جعفر صادق3جن فرمايو ته، جيڪڏهن خدا اميرالمؤمنين کي پيدا نه ڪري ها ته ڌرتيءَ تي ڪو به ٻيو فاطمہ/جو جيس ۽ ڪُفُو نه هجي ها. (22)

-- حضرت امام جعفر صادق3کان سوال ڪيو ويو ته حضرت فاطمہ زهرا/ جو نالو زهرا يعني روشن ڇو آهي؟ تنهن تي فرمايائون ته جڏهن پاڻ محراب ۾ عبادت جي لاءِ اٿي بيهنديون هيون ته سندن نور اڀ وارن کي اهڙي طرح چمڪندي نظر ايندو هو، جهڙيءَ ريت ستارن جي روشني زمين وارن لاءِ جرڪندي آهي.[3]

فاطمہ/سان پيغمبر  جي مهر ۽ محبت

سائڻ سان رسول الله جي مهر ۽ محبت ايتري ته گهڻي هئي جو ان کي پاڪ پيغمبر جي زندگيءَ جي اچرج ۾ وجهندڙ ڳالهين مان سمجهڻ گهرجي.

رسول خدا جن سڀني ڪمن ڪارين ۾ حق جا معيار ۽ عدل ۽ اعتدال جي تارازي هئا. سندن جملي حديثون ۽ اعمال ايستائين جو پيغمبر جي تقرير (پاڻ ڪنهن ڪم کي ٿيندو ڏسن ۽ ان کان جهلن نه ۽ ماٺ رهن. اها ماٺ ۽ نه جهلڻ ان ڪم يا ڳالهه جي صحيح هجڻ جو دليل آهي. ان کي اصطلاح ۾ تقرير چئبو آهي.) به شريعت جو  معيار ۽ حجت آهي. ۽ ضروري آهي ته هن سڄي امت جي اعمالن جو قيامت تائين نمونو ليکجن. ان نقطي تي ڌيان ڏيڻ کان پوءِ سائڻ جي معنوي منزلت ۽ بلنديءَ کي وڌيڪ چڱي نموني سان سمجهي سگهجي ٿو. پيغمبر خدا پنهنجي ڪٽنب سان ته ٺهيو پر ڌارين سان به تمام گهڻي مهرباني ۽ سهڻي سلوڪ سان پيش ايندا هئا. پر ان جي باوجود سائڻ فاطمہ/سان کين خاص محبت هئي  ۽ ڌار ڌار جاين تي مختلف گهڙين ۾ ان محبت جو واضح اعلان ۽ تاڪيد فرمائيندا هئا. اها ان ڳالهه جي سَنَد آهي ته سائڻ فاطمہ/۽ پاڻ سڳورن جي گهراڻي جي تقدير ۽ اسلام جو لکيو ۽ نصيب گڏ گڏ آهن. پيغمبر ۽ سائڻ فاطمہ/جو رڳو هڪ پيءُ ۽ مٺڙي ڌيءُ جو رشتو ناهي، پر ان رشتي ۽ تعلق جو زندگي جي مسئلن سان گڏوگڏ ايندڙ هڪ امت ۽ مسلمانن جي رهبري ۽ امامت جي باري ۾ الاهي امرن سان مڪمل ڳانڍاپو رکي ٿو. هتي پيغمبر جي مهر ۽ محبت جا چند مثال پيش ڪجن ٿا، اهي مثال منڍ ۾ ڄاڻايل مثالن کان علاوه آهن.

امام محمد باقر ۽ امام جعفر صادق4جن فرمائين ٿا ته :

”سمهڻ کان اڳ ۾ پيغمبر جن سدائين سائڻ فاطمہ/ جي منهن کي مٺي ڏيندا هئا. پنهنجي منهن کي فاطمہ/جي سيني تي رکندا هئا ۽ دعا ڪندا هئا.“[4]

پيغمبر جن فاطمہ/جو هٿ پنهنجي هٿن ۾ وٺي ڪري فرمايو: ”جيڪو کيس سڃاڻي ٿو اهو سڃاڻي ٿو ۽ جيڪو نه ٿو سڃاڻي (اهو سڃاڻي وٺي ته) هيءَ فاطمہ/محمد2 جي ڌيءَ آهي. هيءَ منهنجي جسم جو ٽڪڙو آهي ۽ منهنجي دل ۽ روح آهي. جيڪو هن  کي ستائيندو اهو مون کي ڏک پهچائيندو ۽ جيڪو مون کي ايذائيندو اهو خدا کي اذيت ڏيندو.“[5]

ايمان ۽ عبادت

پيغمبر جن فاطمہ/ جي ايمان جي باري ۾ فرمائين ٿا ته هن جي دل جي گهرائي ۽ روح ۾ ايمان اهڙي ريت رچيل آهي جو الله جي عبادت لاءِ پنهنجو پاڻ کي سڀني ڳالهين کان جدا ڪري ڇڏي ٿي.(24) امام حسن مجتبي3 جن فرمائين ٿا ته مان پنهنجي ماءُ سائڻ فاطمہ زهرا/ کي ڏٺو ته جمعي جي رات جو عبادت ۾ صبح تائين رڪوع ۽ سجدي ۾ مشغول رهنديون هيون. مون ٻڌو ته منهنجي ماءُ صاحبِ ايمان مردن ۽ عورتن لاءِ دعا گهُرن ٿيون، پر پنهنجي لاءِ ڪا به دعا نه گهريائون، مون عرض ڪيوته جهڙي طرح توهان ٻين ڪاڻ دعا گهُرو ٿا تيئن ئي پنهنجي لاءِ دعا ڇو نه ٿا گهُرو؟ پاڻ فرمايائون ته: ”منهنجا ٻچڙا پهريون پاڙي وارا پوءِ منهنجو گهر...“[6]

حسن بصري چوندو هو ته اسلامي امت ۾ فاطمہ/کان وڌيڪ عبادت ڪرڻ وارو ڪو ٻيو پيدا ئي نه ٿيو آهي. هو حق تعاليٰ جي عبادت ۾ اهڙي ريت بيهنديون هيون جو پير سڄي پوندا  هين.[7]

 

 پيءُ کان پوءِ

وفات جي وقت پاڪ پيغمبر جو سِر علي3جي جهوليءَ ۾ هو ۽ سائڻ، حسنين6سندن منهن مبارڪ کي ڏسي روئي رهيا هئا. آخري نبيءَ جون اکيون بند ٿيون. حق ٻڌائيندڙ زبان خاموش ٿي وئي ۽ روح عالم ملڪوت ڏانهن راهي ٿيو. رسول الله جي رحلت سبب سائڻ فاطمہ/مٿان سڄي جهان جا غم تڪليفون ٽٽي پيون. فاطمہ/ جنهن، پنهنجي حياتي ڏکن ڏولاون ۾ گهاري، اڪيلو ۽ ڇڙو پيءُ جو وجود ئي هو جيڪو سائڻ لاءِ سڪون ۽ سندن دل جي آٿت هيو. هن ڪڙي قضيي جي پيش اچڻ کان پوءِ سندن سموريون اميدون ۽ تمنائون ختم ٿي ويون.

سقيفي ۾ مسلمانن جي هڪ گروه جي گڏجاڻي

اڃا رسول خدا جي تدفين ئي نه ٿي هئي ته ابوبڪر جي خلافت ۽ جانشينيءَ جي تقرر لاءِ ماڻهن جي اجتماع سان فاطمہ/جي ذهن کي جهٽڪو لڳو. هن غم ۽ گھوٽالي واري ڪيفيت ۾ ٿڪل اعصابن کي ڌڪ رسيو. فاطمہ/جنهن توحيد ۽ خدا پرستيءَ جو دفاع ۽ ظلم ستم سان مقابلو ڪرڻ لاءِ بيحد سختيون، دشواريون، بُک ۽ جلاوطني جي مصيبتن کي سٺو، تنهن کان هيءَ ٿيڙُ سَٺو نه ٿيو.

جهاد

سائڻ فاطمہ ۽ اميرالمؤمنين علي4جن جڏهن پيغمبر خدا جي ڪفن ۽ دفن مان واندا ٿيا ته خلافت جي مسئلي وارو واقعو پيش آيو ته پاڻ جن ڏاهپ سان مقابلي جو ارادو ڪيائون ته جيئن اسلام کي ختم  ٿيڻ، ميسارجڻ  کان بچائي وٺجي. انهن مقابلن جا ڪجهه مرحلا هيٺ ڏيون ٿا.

پهريون مرحلو: اميرالمؤمنين جن چند ماڻهن جي چونڊيل خليفي جي بيعت نه ڪري سقيفي واري انتخابي حڪومت جي روش کان پنهنجي مخالفت جو اظهار ڪيو. سائڻ فاطمہ زهرا/جن به ان نظريي جي تائيد ڪئي ۽ اميرالمؤمنين جي مٿان ايندڙ هر خطري ۽ حادثي جو صحيح طور دفاع ڪرڻ

ٻيو مرحلو: سائڻ زهرا ۽ اميرالمومنين علي3، امام حسن ۽ حسين4کي آڱر کان وٺي مديني جي بزرگن پاڻ ڀرن ماڻهن وٽ ويندا هئا ۽ انهن کي پنهنجي مدد لاءِ دعوت ڏيندا هئا ۽ کين پيغمبر جي وصيعتن ۽ فرمانن کي ياد ڏياريندا هئا. (25) سائڻ  زهرا فرمائينديون هيون ته ”اي انسانو! ڇا منهنجي پيءُ رسول الله، علي3کي خلافت جي لاءِ مقرر نه فرمايو هو؟ سندس قربانين کي توهان وساري ڇڏيو، ڇا منهنجي پيءُ اهو نه فرمايو هو ته، مان توهان مان وڃي رهيو آهيان، پر ٻه املهه شيون ڇڏيون پيو وڃان، جيڪڏهن توهان انهن سان لڳا ايندؤ ۽ تمسڪ رکندؤ ته ڪڏهن به گمراهه نه ٿيندؤ : هڪ خدا جو ڪتاب ۽ ٻيو منهنجا اهل بيت اي انسانو ! اهو توهان کي سونهين ٿو ته توهان اسان کي ائين هيکلو ڇڏي ڏيو ۽ اسان جي مدد تان هٿ کڻي ڇڏيو.“ (26)

ٽيون مرحلو فدڪ: *حڪومت جون واڳون سنڀالڻ کان پوءِ ابوبڪر، سائڻ فاطمہ زهرا/کان فدڪ کسڻ جو ارادو ڪيو ۽ هن حڪم ڏنو ته فدڪ ۾ ڪم ڪندڙن کي تڙي ڪڍيو وڃي ۽ انهن جي جاءِ تي ٻين ملازمن کي رکيو ويو.(27) فدڪ کي قبضي ۾ ڪرڻ جي سببن مان هڪ سبب اهو هو ته اهي حڪمران ان ڳالهه کان ڀليءَ ڀت واقف هئا ته علي3جون ذاتي فضيلتون، ڪمال ۽ سندن علمي مرتبي ۽ قربانين کان ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگهي ۽ ٻيو ته پيغمبر جون وصيعتون به ماڻهن ۾ مشهور آهن. هاڻي جيڪڏهن علي3جي اقتصادي حالت سڌري وئي ۽ وٽن پئسا اچي ويا ته ممڪن آهي ته ڪو ٽولو ساڻن گڏجي پوي ۽ پوءِ خلافت لاءِ ڪو خطرو پيدا ٿي پوي.  ان نقطي کي عمر جي انهن ڳالهين مان سمجهي سگهجي ٿو جيڪي هن ابوبڪر کي چيون: ماڻهو پئسي جا پٽ آهن ۽ سواءِ دنيا جي انهن جو ٻيو ڪو مقصد نه آهي. جيڪڏهن خمس، بيت المال ۽ فدڪ[8] کي علي3کان کسبو ته پوءِ ماڻهو ازخود کانئس ڌار ٿي ويندا.(28) جڏهن سائڻ فاطمہ/ابوبڪر جي جوڙيل اهڙي سازش کان واقف ٿي ته پاڻ اهو سوچيائون ته جيڪڏهن آءُ حق جو دفاع نه ڪنديس ته ماڻهو اهو سمجهي ڇڏيندا ته حق تان هٿ کڻڻ ۽ ظلم جي بار هيٺان دٻجي رهڻ ۾ ئي چڱائي آهي. اڄ ڏينهن سوڌو خليفي جا پيروڪار بيبيءَ جي ايڏي عظيم جدوجهد جي باوجود خليفي جي روش کي صحيح ڪري پيش ڪن ٿا. انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي سائڻ فاطمہ/ ممڪن حد تائين پنهنجي حق جي دفاع جو ارادو  ڪيو. جيتوڻيڪ ان بيبيءَ لاءِ جنهن جو ٻار ان زماني ۾ ساقط ٿيو هجي ۽ جنهن انهن سڀني مصيبتن کي سَٺو هجي تنهن لاءِ سڀ ڪم سولا ۽ سنهنجا نه هئا. انهن مصيبتن مان ڪا هڪ مصيبت ئي عورت کي سدائين لاءِ ستمگرن آڏو آڻ مڃرائڻ لاءِ ڪافي هئي. پر جناب زهرا / جنهن کي فداڪاريءَ ۽ شجاعت ماءُ پيءُ کان ورثي ۾ مليون هيون ۽ جنهن سرويچن سان زندگي گذاري هئي تنهن لاءِ اهي ننڍيون ننڍيون ڌمڪيون ڪجهه نه هيون. ان مرحلي ۾ سائڻ زهرا/جي مقابلن جو خلاصو پيش ڪجي ٿو.

بحث ۽ استدلال

جناب زهرا/ابوبڪر سان گفتگو دوران ثابتي لاءِ قرآني آيتن ۽ گواهن کي پيش ڪري برهان ۽ دليل سان ثابت ڪيو ته فدڪ سندن ملڪيت آهي ۽ حڪمرانن جو قدم غيرقانوني آهي.

مسجد ۾ تقرير

سائڻ فاطمہ/جن عقلي دليلن ذريعي خلافت جي نندا ۽ پنهنجي حقانيت کي ثابت ڪرڻ کان پوءِ مسجد ۾ وڃي ماڻهن آڏو حقيقتن کي وائکو ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو. سائڻ زهرا/مسجد ۾ مهاجرن ۽ انصارن جي گڏ ٿيل هڪ وڏي ميڙ آڏو هڪ تفصيلي خطبو ڏنو، جنهن ۾ پاڻ ماڻهن کي خدا جوخوف ڏياريو ۽ پاڪ پيغمبر ۽ سندن رسالت جي تعريف ڪئي. احڪامن جي فلسفي جي باري ۾ گفتگو ڪئي، ولايت، رهبر ۽ قائد جي عظمت جي تشريح ڪئي ۽ ٻين ڪافي اهم مسئلن تي روشني وجهڻ کان پوءِ ماڻهن کي مخاطن ٿي جيڪي چوڻ جون ڳالهيون هيون سي چئي ڏنيون. آخر ۾ فرمايائون :

”اي انسانو! جيڪو چوڻو هو سو مان چئي ڇڏيو، ان هوندي به مون کي خبر آهي ته توهان منهنجي مدد نه ڪندؤ،  توهان جا بڻيل نقشا مون کان لڪل ناهن، پر مان ڇا ڪريان دل جو هڪ درد هو، جيڪو غم جي گهڻائيءَ ڪري مون بيان ڪيو ته جيئن ڪا به ميار نه رهي.“[9]

ترڪ ڪلام

سائڻ فاطمه زهرا/جدوجهد کي جاري رکڻ لاءِ نه ڳالهائڻ کي منتخب ڪيو ۽ ابوبڪر کي کليوکليو چئي ڇڏيو ته جيڪڏهن فدڪ موٽائي نه ڏيندين ته جيستائين حياتي آهي ته توسان نه ڳالهائينديس ۽ پوءِ جتي به خليفو سامهون نظر آين ته پاڻ ان کان پنهنجو رخ مٽي ڇڏينديون هيون ۽ ساڻس نه ڳالهائينديون هيون. (29) اها بيبي جيڪا پيغمبراڪرم جي قول مطابق خدا جي راضپي جي برخلاف غضبناڪ نه ٿيندي هئي. پنهنجي اهڙي رَوش ذريعي ملت جي احساسن ۽ جذبن جي لهر کي خلافت جي مشنريءَ جي خلاف اڀاريو.

رات ۾ تدفين

جناب سيده/نه رڳو پنهنجي حياتيءَ جي آخري پساهن تائين جنگ جاري رکي، پر پاڻ ان کي قيامت جي سرحدن سان ملائي ڇڏيو. پنهنجي وَر کي وصيعت ڪيائون ته، اي علي3 مون کي رات جو غسل ۽ ڪفن ڏجو ۽ لِڪ ۾ دفنائجو. مون کي اهوڪونه ٿو وڻي ته جن ماڻهن مون تي ظلم ڪيو آهي، اهي ماڻهو منهنجي جنازي ۾ شريڪ ٿين. علي3به سائڻ جي وصيعت مطابق راتو رات بيبيءَ کي دفن ڪيو ۽ سندن قبر کي زمين سان هموار ڪري ڇڏيو، ۽ چاليهن نين قبرن جا نشان ٺاهي ڇڏيا ته جيئن سندن قبر سڃاتي نه وڃي.(30) 

شهادت

پيغمبر جي رحلت جي غم ۾ اميرالمؤمنين جي خلافت کان منهن موڙيندڙن جي سلوڪ سائڻ فاطمہ /جي وجود، سندن جسم ۽ جان کي سخت تڪليف پهچائي. پاڻ پيغمبر اڪرم کان پوءِ ساندهه روئينديون ۽ غمزده رهڻ لڳيون. ڪڏهن پيغمبر اڪرم جي قبر جي زيارت لاءِ وينديون هيون ته ڪڏهن وري شهيدن جي مزارن تي وڃي روئنديون هيون(31) ۽ گهر ۾ به روئڻ ۽ عزاداريءَ ۾ مصروف رهنديون هيون. آخرڪار نپوڙيندڙ ۽ جهوريندڙ ڏکن سورن ۽ ٻين پهتل صدمن جناب سيده /کي بستري حوالي ڪري وڌو. ۽ انهن ئي صدمن ڪري جناب سيده ١٣ جمادي الاول/ ٢ يا ٣ جمادي الثاني سن ١١ هه  ۾ رسول اڪرم جي رحلت جي 75 يا 95 ڏينهن کان پوءِ دنيا مان رخصت ٿيون ۽ پنهنجي شهادت سان پنهنجي پيروڪارن جي دلين کي دائمي ڏک ۾ مبتلا ڪري ڇڏيائون.

حوالا

1) مناقب ابن شهر آشوب، جلد 3 ص 357/ بحارالانوار جلد 43 ص6 / دلائل الامامه ص 10/اصول ڪافي جلد پهريون

2 ) الروضہ الانف جلد پهريون ص 213 ــ جناب ابراهيم امينيءَ جي ڪتاب ”بانوي نمونه اسلام“ جي ص 18 تان ورتل

3 ) ۽ (4) مناقب ابن شهر آشوب جلد پهريون ص 174

5 ) بحارالانوار، جلد 20 ص 88/الصحيح من سيرة النبي جلد 4 ص 324

6) ڪشف الغمه، جلد پهريون ص 457 (تبريز مان ڇپيل)

7) ايضاً

8) امالي طوسي، جلد 2 ص 14

9) سائڻ زهرا/ جي شاديءَ جي تاريخ ۾ اختلاف آهي سيد ابن طاؤس جن مرحوم شيخ مفيد جي ڪتاب ”حدائق الرياض“ جتان تاريخ 21 محرم الحرام سن 3 هه نقل ڪئي آهي. مصبا ۾ اول ذي الحجه لکيل آهي. پر وري ڪتاب ”امالي“ مطابق سائڻ جي شادي عثمان جي زال رقيه جي مرڻ کان سورهن ڏينهن پوءِ جنگ بدر کان واپسيءَ تي ٿي. (بحار الانوار، جلد 43 ــ ص 93 ــ 97)

10) ”اُمرُهَا اِليٰ رَبِهَا“ ــ ڪشف الغمه جلد پهريون ص 353 (تبريز مان ڇپيل/ بحار جلد 43 ص پهريون)

11) دلائل الامامه،ص 19

12) بحار، جلد 43 ص 127

31) ڪشف الغمه (تبريز مان ڇپيل)، جلد پهريون ص 360/بحار الانوار جلد 43 ص 127 ــ 133

14) بحار، جلد 43 ص 82

15) سيرة ابن هشام، جلد 3 ص 6ــ1/الصحيح من سيرة النبي، جلد 4 ص 324/بحار، جلد 30 ص 88

16) مناقب خوارزمي، ص 256

17) جناب ابراهيم امينيءَ جي ڪتاب ”بانوي نمونه اسلام“ تان ورتل  اقتباس آهي.

18) بحار الانوار، جلد 43 ص 19 ۽ 26/ڪشف الغمه، جلد پهريون ص 458/الغدير، جلد 3 ص 20

19) امالي مفيد، ص 3/امالي طوسي، جلد پهريون ص 83/ڪشف الغمه، جلد پهريون ص 456

20) بحار، جلد 43 ص 9 ــ 26/مناقب ابن شهر آشوب، جلد 3 ص 322

21) بحار، جلد 43 ص 9 ــ 26/ڪشف الغمه، جلد پهريون ص 467

22) بحار،جلد 43 ص19 ــ 26/ڪشف الغمه، جلد پهريون ص 472

23) علامه مجلسي مٿين روايت تفسير علي بن ابراهيم تان پنهنجي ڪتاب ”بحار الانوار“ جي جلد 43 ص6 تي آندي آهي.

24) بحار، جلد 33 ص 46

25) الامامة والسياسة جلد پهريون ص 19

26) بانوي نمونه اسلام ، ابراهيم اميني، ص 144

28) ناسخ التواريخ ، ص 122

29) شرح ابن ابي الحديد، جلد 6 ص 46/ڪشف الغمه، جلد پهريون ص 477

30) هي اقتباس جناب ابراهيم امينيءَ جي ڪتاب ”بانوي نمونه اسلام“ تان ورتو ويو آهي. مذڪوره ڪتاب ۾ ڏنل حوالا هتي ڏجن ٿا. دلائل الامامة طبري، ص 46/مناقب ابن شهر آشوب، جلد 3 ص 363

31) بحار، جلد 43 ص 195

32) ايضاً

33) ڪشف الغمه، جلد پهريون ص 503/دلائل الامامة، ص 45/بحار جلد، 43 ص 196



[1] کَانَ اَمِيرُالمُومِينَ يَحتطبُ وَيَستَقِي وَيَکنُسُ وَ کَانَتْ فَاطِمَةُ  تَطحُنُ وَتَعجِنُ وَتَخبِزُ

                                                                                                                                                 (بحارالانوار جلد 43 ص 151_ ڪافي تان نقل ٿيل)

[2] نِعمَ العَونُ عَليٰ طَاعَةِ اللّٰهِ      (بحار الانوار جلد 43 ص 111)

[3] قَالَ: سَئَلتُ اَبَا عَبدِاللهِ عَن فَاطِمَةَ، لِمَ سُمِّيَتْ زَهراءَ؟ فَقَالَ: لِاَ نَّهَا کَانَتْ اِذقَامَتْ فِي مِحرَابِها زَهَرَ نُورُ هَا لِاَهْلِ السَماءِ کَمايَزهَرُ نُورَ الکَوَاکِبِ لاَهلِ الاَرضِ

                    ( بحارجلد 43 ص 23/ علل شرائع ص 189 ڇاپخانو مکتبه الداري  قم)

[4]  کَانَ النَّبِيُ ؐ لَا يَنَامُ حَتَي يُقَبِّلَ عَرَضَ وَجہِ فَاطِمَةَ س يَضَعُ وَجهہَ بَينَ ثَديَي فَاطِمةَ وَيَد عُو لَهَا

                                   (بحار جلد 43 ص 42/ مناقب ابن شهر آشوب جلد 3 ص 334)

[5] مَنْ عَرَفَ هذِهِ فَقَد عَرَفَهَا وَمَنْ لَم يَعْرِ فْها فَهِيَ فَاطِمَةُ بِنتُ مُحمَّدِؐ وَهِي بِضعَةُ مِنَي وَهِيَ قَلبِي الذي بَينَ جَنبِيَ فَمَن اَذاهَا فَقَدْ آذانِي وَمَن آذَانِي فَقَد آذَي اللّهَ(کشف الغمہ جلد پهريون ص 467/ الفصول المهمہ ص 146/ بحارجلد 43 ص 54/ الغدير جلد 3 ص 20)

[6]   فَقَالَت يَا بُنَيَّ اَلجارُ ثُمَ الدَارُ (بحارالانوار جلد 43 ص 82/ کشف الغمہ جلد 1 ص 368)  

[7] مَاکَانَ فِي هٰذه الاُ مَةِ  اَعبَدُ مِن فَاطِمَةَ کَانَت تقَومُ حَتيٰ تَوَرَّمَ قَدَمَاهَا (بحارالانوار جلد 43 ص 76، 84)

[8] فدڪ مديني کان چند فرسخن جي پنڌ تي هڪ ڳوٺ هو جيڪو سن 7  هه ڌاري رسول الله ۽ يهودين جي وچ ۾ صلح جي هڪ معاهدي ۾ بنا ڪنهن رتوڇاڻ جي رسول الله جو ئي حق هو. سو پاڻ سڳورن خدا جي حڪم مطابق پنهنجي ڌيءَ فاطمہ/ کي ڏنو هو.

[9] اَلاَقَد قُلتُ مَا قُلتُ هٰذا علٰي مَعرِفَةِ مِنِي بِالْجَذَلَةِاَلَتِي خَامَرَتُکُم وَالغَدَرَةِاَلَتِي اِسْتَشْعَرْ تُهَا قُلُبَکُم وَلاَ کِنَّهَا فَيضَةُ النفسِ وَنَفثَةُ الغَيظِ  ( ڪشف الغمہ جلد 1 ص 491/ احتجاج طبرسي جلد 1 ص 141)

ڀلي ڪري آيا


اسان جا سوشل ميڊيا جا صفحه پسند ڪريو.
رابطو ڪريو

© سڀ حق ۽ واسطا صراط المستقيم وٽ محفوظ آهن