روزانه حديث:
حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام فرمايو حيا، ايمان جو حصو آهي ۽ ايمان (جو مقام) بهشت آهي، بي حيائي ظلم و جفا (جو مقام) جهنم آهي. (ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 4562 )
نيوز ليٽر
اسان جو نيوز ليٽر حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اي ميل ايڊريس ڏيو.
اسلامي فلم سيڪشن

حضرت امام علي عليه السلام


ذاتي ڪوائف

 

نالو :                    علي3

لقب :                   اميرالمؤمنين

ڪنيت :               ابوالحسن

والد :                    حضرت ابوطالب3

والده :                   حضرت فاطمه بنت اسد

ولادت جو هنڌ:        ڪعبت الله

ولادت جي تاريخ     13 رجب ــ بعثت کان 10 سال اڳ

خلافت جو عرصو    چار سال 9 مهينا سن 36 کان 40 هه تائين

امامت جو عرصو :   30 سال

ضربت جو وقت ۽ هنڌ: صبح 19 رمضان المبارڪ ــ مسجدِ ڪوفه

شهادت جو وقت:      21 رمضان المبارڪ ــ مسجدِ ڪوفه

شهادت جو هنڌ:                  ڪوفه

قاتل :                   ابن ملجم (لعين)

عمر :                    63 سال

مرقد مبارڪ :          نجف اشرف ــ عراق

 

  

اميرالمومنين امام علي 3

]مهاڳ ۾ آئمہ 6 جي عام سيرت جي هڪ مختصر خاڪي ۽ سندن همعصر حڪومتن سان اختلاف جي سبب جي تحقيق کان پوءِ هينئر اسان امام علي3جي سوانح بيان ڪنداسين. اها ڳالهه ڌيان تي رهي ته سڀني معصوم رهبرن جي مڪمل علمي، سياسي ۽ اجتماعي زندگيءَ جو ذڪر چند صفحن ۾ ڪرڻ ممڪن ناهي. تنهن ڪري ٿورڙي وقت کي نظر ۾ رکندي سندن حياتيءَ جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.[

اميرالمؤمنين علي3جي زندگي کي پنجن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:

الف ــ ولادت کان پيغمبر  جي بعثت تائين.

ب ــ   بعثت کان پيغمبر  جي هجرت تائين.

ج ــ   هجرت کان پيغمبر  جي رحلت تائين.

د ــ    پيغمبر  جي رحلت کان خلافت تائين.

هه ــ   خلافت کان شهادت تائين.

هتي اسان انهن پنجن حصن مان هر ڀاڱي جي باري ۾ بحث جو تتُ پيش ڪنداسين.

الف ــ ولادت کان پيغمبر جي بعثت تائين

حضرت علي3 جمعي ڏينهن ۱۳رجب سن ۳۰ عام الفيل (بعثت کان ڏهه سال اڳ) ڪعبي منجھ پيدا ٿيا. (1) هن نينگر جو عاليقدر والد ”عمران“ (2) ابن عبدالمطلب ابن هاشم ابن عبد مناف هو ۽ سندن امڙ فاطمہ بنت اسد بن هاشم ابن عبدالمناف هئي. علي3ڇهن سالن جي ڄمار تائين پنهنجي والدين وٽ زندگي گذاريندا رهيا. ان کان پوءِ حضرت محمد2 ابن عبدالله جي درخواست تي پاڻ سڳورن وٽ هليا آيا ۽ سندن تربيت هيٺ رهيا. پنهنجي ان زماني کي امام پاڻ بيان فرمائن ٿا:

وَضَعنِي فِي حِجرِه وَاَنَا وَلَدٌ يَضُمُنِي اِليٰ صَدرِهِ وَيَکنُفُنِي فِي فِرَاشِھِ وَيُمِسُنِي جَسَدَہَ وَيُشِمُّنِي عَرفَھُ وَکَانَ يَمضَغُ الشَيءَ ثُمَ يُلقِمُنِي ..... وَ لَقَدُ کُنتُ  اَتَّبِعُہ اِتِّبَاعَ الفَصِيلِ اَثَرَ اُمِھِ يَرْ فَعُ  لِي  فِي کُلِ يَوْمٍ مِن اَخلاََقِھِ عَلَماً وَيَا مُرُنِي بِاَلاِقتِدَاءِ بِھِ وَلَقَد کَانَ يُجَاوِرُ فِي کُلِ سَنَةٍ بِحَرَاءَ فَاَرَاهُ وَلاَ يَرَاهُ غَيرِي.....“ (3)

”ننڍپڻ ۾ رسول اڪرم منهنجي پالنا ڪئي، پنهنجي سيني سان لائيندا ۽ هنڌ تي پنهنجي ڀر ۾ جڳهه ڏيندا هئا. پنهنجي جسم مبارڪ کي مون سان مس ڪندا هئا ۽ پنهنجي خوشبو مون کي سنگهائيندا هئا.  پهرين پاڻ ڪنهن شيءِ کي چٻاڙي پوءِ ان جو گرهه ٺاهي منهنجي وات ۾ وجهندا هئا... آءُ سندن پٺيان ائين هلندو هئس جيئن ڏاچيءَ جو گورو پنهنجي ماءُ جي پٺيان. پاڻ هر روز منهنجي لاءِ نيڪ اخلاقن جا پرچم بلند ڪندا هئا ۽ مون کي انهن جي پيرويءَ جو حڪم ڏيندا هئا ۽ هر سال (جبل) حرا ۾ ڪجهه عرصو ٽڪندا هئا ۽ اتي مون کان سواءِ ڪو به کين نه ڏسندو هو.“

پاڻ سڳورن جو اعليٰ ڪردار، بهترين سيرت، عدالت پسندي، انسان دوستي، خدا پرستي حضرت علي3جي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ جي راهه متعين ڪرڻ لاءِ بهترين نمونو هئي.

ب ــ بعثت کان پيغمبر جي هجرت تائين

حضرت علي3جن اڃا نوجوان هئا ۽ سندن ڄمار ڏهن سالن کان مٿي نه هئي ليڪن سندن سوچ سمجهه، ڏات ۽ ڏاهپ ايتري هئي جو جڏهن حضرت محمد2 جن پنهنجي پيغمبريءَ جو اعلان ڪيو ته ان وقت پاڻ سڀ کان پهريان ايمان جو اعلان ڪيو.(4) پاڻ جناب امير جن ان ڏس ۾ فرمائن ٿا:

لَم يَجمَعْ بَيْتٌ وَاحِدٌ يَومَئِذٍ فِي الاِسلاَمِ غَيرَ رَسُولِ اللهِ % وَ خَدِيجَةَ وَاَنَا ثَالِثُهُمَا اَرَيٰ نُورَ الوَحِي وَالرِسَالَةِ وَاَشُمُ رِيحَ النُبُوَةِ (5)

”ان وقت جڏهن  اسلام ڪنهن ٻي گهر ۾ نه پهتو هو، فقط پيغمبر ۽ سندن گهرواري خديجہ مسلمان هئا ۽ ٽيون آءُ هيس. وحي جي نور کي ڏسندو ۽ نبوت جي سڳنڌ سنگهندو هيس.“

جڏهن آيت ”وانذرعشيرتک الاقربين“ لٿي ته علي3پيغمبر جي فرمان پٽاندڙ پنهنجي مِٽن مان چاليهه ڄڻن، جن ۾ ابولهب، عباس، حمزه وغيره هئا، جي دعوت ڪئي. رسول الله جن کائڻ پيئڻ کان پوءِ فرمايو:

”اي عبدالمطلب جي اولاد! مون جيڪو توهان لاءِ آندو آهي مان نه ٿو سمجهان ته عرب جي جوانن مان ڪنهن ان کان بهتر شيءِ توهان لاءِ آندي هجي. مون توهان لاءِ دنيا ۽ آخرت جو خير ۽ سعادت سوکڙيءَ طور آندي آهي. الله حڪم ڏنو آهي ته آءُ توهان کي ان ڏانهن سڏيان. توهان منجهان ڪير منهنجي ان راهه ۾ مدد ڪندو ته جيئن اهو ئي منهنجو ڀاءُ منهنجو وصي ۽ منهنجو جانشين ٿئي؟“

رسول الله جن ٽي ڀيرا اها ڳالهه ورجائي ۽ هر ڀيري اڪيلو علي3اٿي بيٺو ۽ پنهنجي آمادگي جو اعلان پئي ڪيائين.

تنهن کان پوءِ رسول الله جن فرمايو:

”هيءُ (علي3) منهنجو ڀاءُ، وصي ۽ جانشين آهي. ان جي ڳالهه ٻڌو ۽ اطاعت ڪيوس.“ (6)

علي3جن مڪي ۾ ڀريا تيرهن سال رسول خدا جي خدمت ۾ گذاريا ۽ وحي لکندا رهيا.

 رسول خدا جي بستري تي

اسلام جي تيز ترقي ڪري قريش جي چڱن مڙسن پنهنجي  وڏيرائپ لاءِ رسول اڪرم جي وجود کي خطرو سمجهيو. اهي سڀ ”دارالندوه“ ۾ گڏ ٿيا ۽ رسول اڪرم کي راهه تان هٽائڻ لاءِ هڪ گڏجاڻي ڪيائون جنهن ۾ طئي ٿيو ته هر قبيلي مان هڪ ماڻهو چونڊي سڀ گڏ ٿي رات جو رسول اڪرم جي گهر تي ڪاهه ڪندا ۽ رسول اڪرم کي قتل ڪيو ويندو. پيغمبر کي وحي ذريعي ان سازش کان باخبر ڪيو ويو ۽ راتو رات هجرت ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. (7)

رسول الله، حضرت علي3جن کي فرمايو ته توهان منهنجي بستري تي اهڙي طرح سمهو جو ڪنهن کي به اها سمڪ نه پوي ته پيغمبر بدران ڪو ٻيو سُتو پيو آهي. اها سرويچائپ اهڙي ته اهميت ۽ قدر واري هئي جو مختلف روايتن (8) مطابق ان لاءِ خداوند عالم هيءَ آيت نازل فرمائي.

وَمِنَ النَاسِ مَن يَشرِي نَفسَھُ ابتِغَاءَ مَرضَاتِ اللهِ وَاللهُ رَوُف بِاِلعِبَاد(9)

”ماڻهن ۾ ڪي اهڙا آهن جيڪي الله جي رضا خاطر پنهنجو نفس وڪڻي ڇڏن ٿا ۽ خدا پنهنجي ٻانهن تي مهربان آهي.“

ج ــ هجرت کان رسول الله  جي رحلت تائين

1. علي3پيغمبر جو امانتدار

پاڪ پيغمبر کي جڏهن هجرت جو حڪم مليو ته پاڻ پنهنجي گهراڻي ۽ قبيلي ۾ علي3کان وڌيڪ امانتدار ڪنهن ٻئي کي نه سمجهائون. ان ڪري پاڻ علي3 کي پنهنجو جانشين بڻايائون ته جيئن ماڻهن جون امانتون انهن تائين پهچائي سندن قرض لاهي ۽ پاڻ سڳورن جي ڌيءَ سائڻ فاطمہ زهرا/۽ ٻين ضاعفن کي مديني پهچائن.

علي3، پيغمبر اڪرم جي حڪم تي عمل ڪرڻ کان پوءِ، پنهنجي امڙ جناب فاطمہ/۽ زبير جي ڌيءَ فاطمہ ۽ ڪجهه ٻين کي ساڻ وٺي مديني روانا ٿيا ۽ ”قبا“ (10) نالي هڪ هنڌ تي پيغمبر اڪرم جن سان اچي مليا. (11)

2. علي3۽ خدا جي واٽ ۾ جهاد

رسول خدا جي مديني هجرت ڪرڻ کان پوءِ حق جي واٽ ۾ پاڻ ارپڻ ۽ سِر جو سانگو نه ڪرڻ وارن ۾ علي3جو ڪو مٽ ڪونهي. پاڻ تبوڪ واري غزوي کان علاوه، جنهن ۾ پيغمبر اڪرم جي حڪم سان مديني ۾ رهي پيا. باقي سڀني جنگين ۾ شريڪ ٿيا ۽ گهڻو ڪري سندن ئي سرويچائي ۽ ايثار سبب اسلامي لشڪر ڪُفر ۽ شرڪ جي لشڪر تي سوڀ ماڻي. پاڻ سدائين پنهنجي دشمن کي هارايائون ۽ ڪڏهن به دشمن کي پُٺي ڏئي نه ڀڳا. پاڻ فرمائيندا هئا: ”جيڪڏهن سڀ عرب هڪ ٿي مون سان وڙهن ته ان ويڙهه ۾ پٺي ڏيڻ وارو نه هوندس.“

مولا امير علي3جا اصل لفظ هن ريت آهن:

وَاللّٰهِ لَو تَظَاهَرَتِ العَرَبُ عِليٰ قِتَالِي لَمَا وَلَّيتُ عَنهَا.“

”جيڪڏهن سمورو عرب مون سان وڙهڻ ۾ متحد ٿئي ته پُٺ نه ڏيکاريندس[1].“

بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ ۽ شڪ جي اها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته جيڪڏهن علي3جي فداڪاري ۽ جانبازي نه هجي ها ته هوند بدر، احد، خندق، خيبر، ڪنهن به جنگ ۾ ڪافر ۽ مشرڪ رسالت جي روشنيءَ کي سولائيءَ سان وسائي، حق جي جهنڊي کي ڪيرائي ڇڏن ها. هاڻ اسان خندق ۽ خيبر جي جنگين ۾ موليٰ علي3جي فداڪارين کي بيان ڪندي اڳتي وڌنداسين.

مختلف اسلام دشمن ڌرين پاڻ ۾ ٻڌي ڪري گڏجي مديني تي ڪاهه ڪري اسلام کي ميسارڻ جي سازش رٿي. پيغمبراڪرم جن جناب سلمان فارسي. جي صلاح تي حڪم ڏنو ته مديني جي انهن پاسن ۾ کاهي (خندق) کوٽي وڃي، جتان دشمن جي داخل ٿيڻ جو خطرو آهي.

کاهيءَ جي ٻنهي طرفن لشڪر تيار ٿي بيٺا، عرب جو ناليرو ويڙهاڪ عمرو بن عبدود رجز پڙهندو وڙهڻ لاءِ خندق ٽپي آيو. هيڏانهن علي3جن اڳتي وڌيا. ٻنهي هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ کان پوءِ عمرو گهوڙي تان لٿو ۽ ترار سان علي3تي حملو ڪري ڏنائين. امام دشمن جو وار پنهنجي ڍال تي روڪيو، ان کان پوءِ پاڻ هڪ ئي ضرب سان کيس پٽ تي ڪيرائي قتل ڪري ڇڏيو. عمرو جي ساٿين جڏهن اهو منظر ڏٺو ته ميدان ڇڏي ڀڄي نڪتا، جيڪي ڀڄي نه سگهيا اُهي امام علي3جي تلوار جي ڪاٽ ۾ آيا. (12) امام علي3 جڏهن سوڀارا ٿي وريا ته پيغمبر جن فرمايو ته:

جيڪڏهن تنهنجي اڄوڪي جنگ کي اسلامي امت جي سڀني سٺن عملن جي ڀيٽ ۾ تورجي ته تنهنجو هيءُ عمل انهن سڀني کان وزني آهي.“[2]

رسول الله جن جڏهن يهودين جي مرڪز ”خيبر“ جو گهيرو ڪيو ان موقعي تي علي3اکين ۾ سور هئڻ سبب شامل نه هئا. رسول الله جن ٻن مسلمانن کي جهنڊو ڏنو پر اهي ٻئي ڄڻا ڪاميابي ماڻڻ کان اڳ ۾ ئي موٽي آيا. پاڻ سڳورن فرمايو: ”علم انهن جو حق نه هو، علي3کي سڏيو“. ماڻهن عرض ڪيو ته، ”سندن اکين ۾ سور آهي.“ پاڻ فرمايائون: ”کين سڏي اچو، هُو اُهو آهي جنهن کي خدا ۽ ان جو رسول دوست رکندا آهن ۽ هُو به خدا ۽ ان جي پيغمبر کي دوست رکندو آهي.“

جڏهن حضرت علي3جن آيا ته پيغمبر جن فرمايو: ”علي3 ڪهڙي تڪليف آهي؟“ علي3 جن چيو: ”اکين ۽ مٿي ۾ سور آهي.“

رسول خدا جن دعا ڪين ۽ مولا علي3جي اکين ۾ لعاب هنيائون، سور لهي وين. علي3 جن اڇو جهنڊو ڦڙڪايو. پاڻ سڳورن جناب امير علي3کي فرمايو: ”جبرئيل توهان سان گڏ ۽ ڪاميابي توهان جي اڳيان اڳيان آهي، ڌڻيءَ انهن جي دلين ۾ ڀوءُ وجهي ڇڏيو آهي.“

علي3جن ميدان ۾ ويا. مرحب سان ڪجهه ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ نيٺ کيس کڻي پٽ تي اڇلايائون. يهودي قلعي ۾ اندر لڪي پيا ۽ دروازو بند ڪري ڇڏيائون. امام علي3 جن دروازي وٽ آيا ۽ جنهن دروازي کي ويهه ڄڻا بند ڪندا هئا ان کي اڪيلي سِر کوليائون ۽ اتان پٽي يهودين جي کوٽيل کاهي تي وجهي ڇڏيائون. ايسيتائين جو مسلمان ان تان لنگهي قلعي اندر گهڙي آيا ۽ سوڀ ماڻيائون.

3. علي3 ۽ پيغمبر جي جانشيني

پاڪ پيغمبر کان پوءِ مسلمانن جي سرپرستي ۽ ولايت جي مسئلي ۾ رسول خدا جن دعوت ۽ تبليغ جي پهرين ڏينهن کان ئي ولايت جي مسئلي کي توحيد ۽ نبوت سان گڏ گڏ چٽائيءَ سان بيان ڪندا آيا ۽ رسول الله وٽ خدا جو  هي فرمان موجود هو ته دين ۽ دنيا جي ڳالهين ۾ علي3جي ولايت ۽ سرپرستي ۽ پاڻ کان پوءِ پنهنجي جانشينيءَ جو اعلان ڪن.

رسول اڪرم جن ان ڪم کي ڌار ڌار جاين الڳ الڳ موقعن تي جملي انهن مان ”غدير خُم“ تي ڪيو. پاڻ سڳورا سن ١١هه ۾ حج لاءِ مڪي روانا  ٿيا. مؤرخن ان سفر ۾ پيغمبر جي ساٿين جو انگ هڪ لک چوويهه هزار لکيو آهي(14) موٽ تي١٨ ذي الحج جو جحفه نالي برپٽ جي ”غدير خُم“ نالي جاءِ تي پهتا. پيڪاري، پيغمبر جي حڪم مطابق اعلان ڪيو ”الصلوة جامعة“ سڀئي ماڻهو رسول جي چؤڦير گڏ ٿي ويا. اٺ جي پالاڻن سان هڪ مٿاهين جاءِ (منبر) ٺاهي وئي ۽ پيغمبر ان تي تشريف کڻي ويا. ڌڻيءَ جي ساراهه ۽ تفصيلي خطبي کان پوءِ پاڻ فرمايائون، اي انسانؤ! مومن کان وڌيڪ سندن جانين تي ڪير لائق آهي. جيڪو مٿن ولايت ۽ سندن سرپرستي ڪري؟ ماڻهن چيو، خدا ۽ پيغمبر وڌيڪ بهتر ڄاڻين ٿا. پاڻ فرمايائون، منهنجو ولي خدا آهي ۽ آءُ مومنن تي انهن جي نفسن کان وڌيڪ حَق رکان ٿو پوءِ فرمايائون:

مَن کُنتُ مَولاَهُ فَهَذا عَلِيُّ مَولاَهُ(15). جنهن جو مان ولي آهيان، هي علي 3به ان جو سرپرست ۽ ولي آهي. پالڻهار هن جي دوستن کي دوست رک ۽ هن جي دشمنن کي دشمن رک.

اڃا ماڻهو اتي ئي بيٺا هئا ته آيت نازل ٿي:

اليَومَ اکمَلتُ لَکُم دِينکُم وَاَتمَمتَ عَليکُم نِعمَتِي وَرِضِيتُ لَکُمُ الاِسلامَ دِيناً[3]           

اڄ مون توهان جي دين کي ڪامل ڪري ڇڏيو. پنهنجون نعمتون توهان تي پوريون ڪري ڇڏيم ۽ توهان لاءِ دين اسلام کي پسند ڪيو.

 4. پيغمبر جي رحلت کان خلافت تائين

رسول اڪرم جي اک ٻوٽڻ کان پوءِ ڪجهه مسلمان بني ساعده جي سقيفي ۾ گڏ ٿيا ۽ باوجود ان جي ته پاڪ پيغمبر علي3کي الله جي حڪم سان پنهنجو جانشين مقرر فرمايو هو. ان جي ابتڙ ماڻهن حڪومت ابوبڪر جي حوالي ڪري ڇڏي. ابوبڪر سن ١٣ هه ۾ 63 سالن جي ڄمار ۾ فوت ٿيو. هن جي خلافت جو عرصو ٻه سال ٽي مهينا آهي(17). تنهن کان بعد عمر بن خطاب، ابوبڪر جي وصيعت موجب خلافت جي واڳ سنڀالي ۽ نيٺ ذي الحج ٢٣هه ۾ ابو لؤلؤ ”فيروز“ هٿان قتل ٿيو. هن جي خلافت جو عرصو 10 سال 6 مهينا ۽ چار ڏينهن آهي (18).

عمر پاڻ کان پوءِ خليفو بڻائڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺاهي جنهن جو نتيجو عثمان ابن عفان جي فائدي ۾ رهيو. هن عمر کان پوءِ  محرم جي آخر ۾ ۲۴هه تي خلافت جون واڳون سنڀاليون ۽ ذي الحج ۳۵ هه ۾نا انصافي ۽ بيت المال ۾ گهوٻين جي ڪري مسلمانن جي هڪ شورش ۾ هڪ وڏي ٽولي هٿان قتل ٿيو. هن جي خلافت 12 سالن کان ڪجهه وقت گهٽ رهي (19). مٿين ٽنهي خليفن پيغمبراڪرم کان پوءِ هڪ ٻئي پويان تقريباً 25 سال ماڻهن تي راڄ ڪيو. ان ڊگهي عرصي ۾ اسلام ۽ پيغمبر جي جانشيني لاءِ سڀ کان جوڳي شخصيت علي ابن ابي طالب 4صبر ۽ تحمل کان ڪم ورتو ۽ گهر ۾ ويٺا رهيا.

علي3خلافت کي پنهنجو حق سمجهندا هئا. پاڻ انهن ماڻهن جي مخالفت ڪئي جن سندن حق کي پامال ڪيو هو. پاڻ اعتراض ڪيائون ۽ جيسيتائين اسلام جي اعليٰ مصلحتن اجازت ڏني ان حد تائين پاڻ گفتگو ۽ احتجاج ۾ پنهنجي مقصد (خلافت جي اهميت ۽ ان جي اهل جي ضرورت) کي روشن فرمايو. اسلام جي عظيم خاتون سائڻ فاطمہ زهرا/پڻ ان سلسلي ۾ ساڻن گڏ هيون ۽ سندن مددگار بڻيون ۽ عملي طور تي ٻين جي حڪومت کي غيرقانوني ٻڌايو، پر جيئن ته اسلام اڃا نئون نئون هو، ان لاءِ حضرت علي3تلوار کڻڻ ۽ جنگ جي باهه ڀڙڪائڻ کان پاسو فرمايو ڇو ته طبعي طور تي ان فعل سان اسلام کي ڇيهو رسي ها ۽ ممڪن هو ته پيغمبر جي زحمتن تي پاڻي ڦري وڃي ها، پر حضرت علي3جن اسلام جي آبرو بچائڻ لاءِ ضروري موقعن تي ٽنهي خليفن جي ديني مسئلن ۽ ڪيترين ئي سياسي ڏکيائين ۾ رهنمائي ۽ هدايت ڪرڻ کان پاسو نه ڪيو. جيئن اهي پڻ مجبوراً سندن علمي، بزرگي ۽ جوڳين خدمتن جو اعتراف ڪندا رهيا.

مثلاً: خليفو ٻيون اڪثر چوندو هو: ”لَولاَ عَلي لَهَلَکَ عُمَرٌ(20) يعني جيڪڏهن علي3نه هجي ها ته عمر هلاڪ ٿي وڃي ها.

عثمان جي قتل کان پوءِ اڪثريت جي اصرار ۽ خواهش تي تقريباً مهاجرن ۽ انصارن جي اتفاق سان حضرت علي3خلافت لاءِ منتخب ڪيا ويا. پاڻ پهريائين ان عهدي کي قبولڻ کان انڪار ڪيائون. واضح رهي ته هي انڪار ان ڪري نه هو ته پنهنجي پاڻ ۾ واڳ سنڀالڻ جي سگهه ۽ مصيبتون سهڻ جي قوت نه پئي سمجهيائون. يا وري اصحابن ۾ کانئن وڌيڪ مناسب ڪو موجود هو. پر اهو انڪار ان لاءِ هو ته پاڻ ڄاڻن پيا ته اسلامي معاشرو گذريل خليفن جي غلط سياست جي ڪري خاص ڪري عثمان جي سياست جي دور ۾ طبقاتي اختلاف، اجتماعي ۽ اقتصادي ويڇن  جو شڪار بڻجي چڪو هو. پاڻ ڏسي رهيا هئا ته اصلي اسلام جا اصول ۽ مفهوم، جن تي پاڪ پيغمبر پنهنجي زندگي جي ڊگهي عرصي ۾ عمل ڪندا رهيا ويساري هيٺ اچي ختم ٿي چڪا آهن. انهن سڀني شين کي پنهنجي جاءِ تي آڻڻ لاءِ  ڏکيائيون ۽ سختيون آڏو اينديون. انهن ڳالهين کي آڏو رکندي حضرت علي3چاهيو ته ماڻهن کي پرکي ڏسجي ته اهي اسلامي انقلاب جي رَوِش کي عملي طور تي اختيار ڪرڻ تي ڪيتري حد تائين تيار آهن ته جيئن پوءِ ائين نه سمجهن ته علي3کين غافل رکي، هنن جي انقلابي تحريڪ ۽ شورش مان فائدو ماڻيو.

انهن ڳالهين سميت ٻين ڳالهين کي به آڏو رکندي امام علي3 اصحابن ۽ جمهور جي گهڻي اصرار باوجود فوري طور تي حڪمراني قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ انهن جي جواب ۾ فرمايائون: ”مون کي ڇڏي ڏيو ۽ ڪنهن ٻي جي ڳولها ڪريو ڇو ته جيڪو ڪم سامهون آهي ان ۾ طرح طرح جون اهڙيون ڏکيائيون آهن جو دل ۾ انهن جي تحمل جي سگهه ۽ عقل کي قبولڻ جو ستُ نه آهي. عالم اسلام جي اُفق کي ظلم ۽ بدعت جي ڪارن ڪڪرن گهيري ڇڏيو آهي ۽ اسلام جي روشن راهه مٽجي چڪي آهي. توهان پڪ رکو ته جيڪڏهن مون خلافت  قبولي ته جيڪو مان ڄاڻان ٿو ان مطابق توهان سان سلوڪ ڪندس ۽ ڪنهن به چوڻ واري جي ڳالهه يا ملامت ڪرڻ واري جي ملامت تي ڌيان نه ڏيندس.“

عام ميڙ ۾ تقرير ۽ حجت تمام ڪرڻ کان پوءِ جڏهن ماڻهن جو زور تمام وڌي ويو ته پاڻ جمعي ڏهاڙي ٢٥ ذي الحج ٣٥ هه تي لاچار خلافت قبوليائون ۽ ماڻهن سندن بيعت ڪئي.

5. خلافت کان شهادت تائين

امام علي3 اهڙين حالتن ۾ حڪومت جي واڳ سنڀالي جڏهن اسلامي معاشرو ڇڙوڇڙ ۽ اجتماعي ۽ اقتصادي اختلاف باعث تباهي ۽ هلاڪت جي ڪناري تي پهچي چڪو هو ۽ هر قسم جون ڏکيائيون ۽ وکريل مشڪلاتون سندن انتظار ۾ هيون.

جن مقصدن لاءِ علي3حڪومت قبولي انهن جي پورائي لاءِ پاڻ پنهنجي سياست کي چند شين ۾ رائج ڪيو.

هن سياست جا ٽي شعبا هئا

1. حقن جو شعبو

2. مال جو شعبو

3. انتظام جو شعبو

هت اسين اختصار سان کين درپيش مٿين مرحلن جو تجزيو پيش ڪريون ٿا:

1. حقن جو شعبو

حقن جي سلسلي ۾ امام علي3 جا سڌارا، سڀني ماڻهن کي برابريءَ جا حق ڏيڻ ۽ بيت المال مان بخشش ۽ عطا جي سلسلي ۾ امتياز ۽ اوليت کي بيڪار قرار ڏيڻ تي ٻڌل هئا. پاڻ فرمايائون:

”ذليل ۽ ڏاڍ سٽيل منهنجي آڏو مانوارا آهن ايسيتائين جو مان کين حق واپس ڏياريان ۽ طاقتور مون آڏو نٻل آهي، جيسيتائين مان مظلوم جو حق ان کان واپس نه وٺان.“[4] 

2. مالي شعبو

هن سلسلي ۾ امام علي3 جيڪو پهريون قدم کنيو اهو ان مال مڏي کي واپس وٺڻ هو جيڪو عثمان جي خلافت جي زماني ۾ ڏنو ويو هو. اميرالمؤمنين علي3ان مال، ملڪيت، پاڻي، زمين (جاگير)[5] کي، جيڪا عثمان پنهنجن مائٽن ۽ ڪارندن کي بخشي هئي، بيت المال ۾ واپس  ورتي (23)، تنهن کان پوءِ مال جي ورهاست لاءِ ماڻهن کي پنهنجي سياست کان آگاهه ڪندي فرمايو:

”اي انسانو! مان به توهان مان هڪ فرد آهيان ۽ ڀلي بُري ۾ توهان سان گڏ آهيان، مان پيغمبر جي طريقي جي طرف توهان جي رهنمائي ڪندس ۽ سندن قانونن کي توهان مٿان لاڳو ڪندس. آگاهه ٿيو هر زمين جو ٽڪڙو ۽ تيول (ملڪيت، پاڻي ۽ زمين) جيڪي عثمان ٻين کي ڏئي ڇڏي آهي ۽ ٻيو اهڙو مال جيڪو خدا جي مال مان ڏنو ويو آهي اهو بيت المال ۾ موٽڻ کپي. بيشڪ ڪا به شيءِ حق کي ختم نه ٿي ڪري سگهي. خدا جوقسم! مان ڏسندس ته جيڪڏهن اهو مال ڪنهن عورت جي مهر ۾ ڏنو ويو آهي ته مان سڀ ڪجهه واپس موٽرائيندس. بيشڪ عدالت ۾ وسعت آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن تي عدالت سخت ۽ ڏکي آهي ته ڏاڍ ۽ ڏمر ان تي اڃان به وڌيڪ ڏکيو ٿيندو.“ (24)

3. انتظامي شعبو

علي3انتظامي سياست کي ٻن مرحلن ۾ عملي جامو پهرايو.

غير صالح حڪمرانن کي معزول ڪرڻ ۽ هٽائڻ

 ان باري ۾ پاڻ فرمائن ٿا:

”مون کي ان ڳالهه تي بيحد ڏک آهي ته امت جا بيوقوف ۽ بدڪار ماڻهو حڪومتي واڳون پنهنجن هٿن ۾ کنيون ويٺا آهن. نتيجي ۾ خدا جو مال پاڻ ۾ هڪ هٿ مان ٻي هٿ ۾ اٿلائن پٿلائن ٿا ۽ خدا جي ٻانهن کي پنهنجي غلامي ۾ ڇڪيووڃن ٿا اهي ماڻهو نيڪو ڪارن سان وڙهن ٿا ۽ فاسقن کي پنهنجو ساٿي بڻائن ٿا. ان ٽولي ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا به آهن. جيڪي شراب پي چڪا آهن ۽ انهن مٿان حد به جاري ٿي چڪي آهي ۽ انهن مان ڪن ته اسلام ئي نه قبوليو جيسيتائين سندن لاءِ ڪا بخشش مقرر نه ٿي.“ (25)

صالح ۽ لائق حڪمرانن کي مقرر ڪرڻ ۽ کين مختلف شهرن ۾ موڪلڻ

 عثمان بن حنيف کي بصري جو حاڪم، سهيل بن حنيف کي شام جو حاڪم، قيس بن زياد کي مصر جو حاڪم بڻايو ۽ ابوموسيٰ اشعري کي مالڪ اشتر جي اصرار تي سندس عهدي تي ڪوفي ۾ برقرار رکيو.(26)

علي3جي اپائن تي مخالفن جو رد عمل

علي3 جا اصلاحي اُپاءَ جهڙي طرح غريب ۽ اٻوجهه طبقي لاءِ خوشيءَ جو ڪارڻ هئا ته اهڙي طرح قريش جي غرور ، پاڻَ پڻي ۽ پاڻ کي اُتم سمجهڻ جي جذبي تي ڪاري وار هئا. ان ڪري جڏهن شاهوڪارن جي مُک ماڻهن ۽ وڏي طبقي پنهنجي ذاتي فائدي ۽ پنهنجي گڏيل حيثيت کي خطري ۾ ڏٺو ته علي3 سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. مالي ۽ حقن جي مسئلي ۾ سندن سياست مان مايوس ٿيڻ کان پوءِ مخالفت جوجهنڊو بلند ڪيو ۽ ماڻهن کي بيعت ٽوڙِڻ ۽ اڀارڻ، مختلف بهانن سان امام علي3جي حيثيت کي ڪمزور ڪرڻ  ۽ گهرو ويڙهه ۽ اختلاف (جي باهه) کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا.

حضرت علي3پنهنجن الڳ بيانن ۾ پنهنجن مخالفن کي ٽن ٽولين ۾ ورهايو ۽ فرمايو آهي:

”جڏهن مان خلافت جي ڪمن لاءِ اٿيس ته هڪ ٽولي بيعت ٽوڙي ڇڏي ۽ ڪجهه ماڻهو دين مان نڪري ويا ۽ هڪ ٽولي منڍ کان ئي ڏاڍائي ۽ ڇڙواڳي ڪئي“.[6]

هاڻي اميرالمؤمنين جي اسلامي حڪومت جي مقابلي ۾ آيل ٽنهي ٽولن جي موقف کي مختصر پيش ڪريون ٿا:

1. ناڪثين : (عهد ٽوڙڻ وارا)

پيسي جا پوڄاري، لالچي ۽ ويڇا وجهندڙ امام علي3 جي سياست جي مقابلي ۾ آرام سان نه ويٺا. پهريون فتنو انهن بصري ۾ کڙو ڪيو. ان فتني جي سربراهي ڪرڻ وارا طلحه ۽ زبير هئا. هي ٻئي بصري ۽ ڪوفي جي گورنريءَ جي گهُر ڪري رهيا هئا.(27) ۽ امام علي3جي سامهون چٽيءَ طرح پڌرو ڪيائون ته اسان اوهان جي بيعت ان لاءِ ڪئي آهي ته جيئن خلافت جي ڪمن ۾ اوهان سان شريڪ رهون (12) پر علي3 سندن خواهش نه مڃي ۽ آخر ٻئي عمري ڪرڻ جي بهاني مديني مان مڪي پهتا ۽ جناب عائشه جي مدد ۽ عثمان جي زماني ۾ لاٿل اڳواڻن جي ملي ڀڳت سان ”ناڪثين“ جو مرڪزي ڍانچو جُڙي ويو.

انهن ماڻهن اموين جي دولت مان فائدو وٺندي خود عثمان جي انتقام جي بهاني بيبي عائشہ جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ لشڪر تيار ڪري ورتو ۽ بصري طرف روانا ٿيا ۽ بصري جو دفاع ڪرڻ وارن تي حملو ڪري ڏنو. ڌرين ۾ سخت ويڙهه ٿي ڪيترا ماڻهو قتل ۽ زخمي ٿيا ۽ بصري جي حاڪم عثمان بن حنيف جي گرفتاريءَ کان پوءِ بصرو سندن قبضي هيٺ اچي ويو.

حضرت علي3 ”شام“ سان جنگ لاءِ وسيلا جمع ڪرڻ ۾ مصروف هئا (ڇو ته معاويي قانوني طرح خلافت کان سرڪشيءَ جو اعلان ڪندي امام جي بيعت کان انڪار ڪري ڇڏيو هو) جڏهن عائشہ، طلحہ ۽ زبير جي وڳوڙ جي خبر کين پهتي ته پاڻ امت ۾ ڦوٽ ۽ تفرقي پوڻ کان ڊنا ۽ اهو سمجهايائون ته هنن ماڻهن جو خطرو معاويي جي سرڪشيءَ کان وڌيڪ اهم آهي. جيڪڏهن فوري طور تي ان فتني جي باهه کي وسايو نه ويو ته پوءِ ممڪن آهي ته حق جي خلافت جا بنياد ئي لڏي وڃن. تنهن ڪري پاڻ (پهرين) انهن سان جنگ جو فيصلو فرمايائون ۽ پاڻ جلد ئي لشڪر سميت مديني مان روانا ٿيا. ربذه[7] جي مقام تي پاڻ ڪوفي وارن لاءِ خط ۽ نمائندا اُماڻي کين پنهنجي مدد لاءِ سڏيائون. سندن نمائندي امام حسن3 ۽ عمار ياسر. جي ڪوششن سبب ڪوفي جا هزارين ماڻهو علي3جي مدد لاءِ ڪوفي مان روانا ٿيا ۽ ”ذي قار“[8] مقام تي علي3 سان مليا.

علي3 انهن واعدي ٽوڙيندڙن سان وڙهڻ کان پهرين مختلف طريقن سان صلح جي حفاظت ۽ رتوڇاڻ کان پاسو ڪرڻ جي هر طرح جي ڪوشش ڪري چڪا پر کين ڪاميابي نه ٿي ڇو ته وڳوڙي جنگ ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري چڪا هئا. علي3 مجبوراً ساڻن وڙهيو ۽ جتي جنگ کان پوءِ اهو فتنو علي3 جي فتحيابي ۽ ”ناڪثين“ جي شڪست تي ختم ٿيو. ڪيترائي ماڻهو قتل ٿيا ۽ باقي شام ڀڄي ويا. اها جنگ تاريخ ۾ ”جنگ جمل“ جي نالي سان مشهور آهي.

2. قاسطين

علي3 جڏهن اسلامي معاشري جي اڳواڻيءَ جي ذميواري قبولي ان وقت کان وٺي سندن ارادو هو ته پاڪ پيغمبر جي سيرت کي جيڪا عرصي کان وساري ويئي هئي ٻيهر ياد ڏياريندا. خدائي قانون جي هر قسم جي لتاڙ ۽ الاهي حدون اورانگهڻ کي ختم ڪندا ۽ بني امين جي هلت کي جنهن جي چڱي مڙس ۽ قانون جي ڀڃڪڙي کي جاري رکڻ واري معاويي کي اسلامي معاشري مان هٽائي ڇڏيندا. ان ڪري پاڻ پنهنجي حڪومت جي پهرين ئي ڏينهن کان اهو طئي ڪري ڇڏيو هئائون ته معاويي کي شام جي گورنريءَ تان لاهي ڇڏيندا. ان ڏس ۾ ڪنهن جي سفارش، ايسيتائين جو ابن عباس جي ڳالهه به سندن مؤقف بدلائي نه سگهي. ڇاڪاڻ ته پاڻ ڪنهن به صورت ۾ معاويي جي وجود کي اسلامي حڪومت ۾ قبول نه پئي ڪري سگهيا.

پهرين ڳالهه ته اسلامي حڪومت معاويي جهڙن عثمان جي گورنرن جو وجود، عثمان جي حڪومت جي خلاف مسلمانن جي شورش جو انتهائي اهم سبب هو. مسلمانن سدائين واري ڦيري سان انهن ماڻهن کي معزول ڪرڻ ۽ لاهڻ جي گهُر ڪئي هئي.  هاڻي جيڪڏهن علي3انهن کي (پوءِ ڀلي ٿورڙي وقت لاءِ ئي کڻي) بحال رکن ها ته ماڻهو نئين حڪومت لاءِ ڪهڙي راءِ رکن ها؟ ٻيو هيءَ ته شام ۾ معاويي ۽ ان جي حڪومت جيڪا حيثيت ۽ مقام ٺاهي ورتو هو ان کان حضرت علي3 چڱي پر اهو اندازو لائي ورتو هئو ته معاويو ڪهڙي ريت به شام جي حڪومت تان هٿ ڪو نه کڻندو. هاڻي جيڪڏهن علي3 پاران به تائيد ٿي وڃي ها ته ٿي پئي سگهيو ته سڀاڻي  ان تائيد کي معاويو پنهنجي سچائيءَ لاءِ سنَد ڄاڻي وٺي ها ۽ ان کي امام جي حڪومت خلاف استعمال ڪري ها.

امام علي3 جن ڀلي ڀت ڄاڻن پيا ته معاويو پنهنجي زندگيءَ ۾ شام ۾ مرڪزي حڪومت جي نمائندي جي حيثيت سان نه ٿو هلي، بلڪ شام کي هو پنهنجي حڪومت سمجهي ٿو ۽ ان سرزمين تي هن جا سڄا پروگرام ۽ ڪم حڪومت جي ان رئيس جهڙا هئا، جنهن پاڻ حڪومت جو پايو وڌو هجي ۽ ڌار ڌار ذريعن سان پنهنجو اقتدار قائم ڪيو هجئين. هو مشهور ۽ بااثر شخصيتن کي خريد ڪندو هو ۽ ڏوڪڙن ذريعي هڪڙن کي محروم ڪري ماڻهن جو سُک تباهه ڪري ٻين کي ڌن ڏيندو هو. هو هارين، واپارين ۽ ٽئڪس وغيره ڏيندڙ جملي ماڻهن تي سخت ظلم ڪندو هو ۽ اها سموري ميڙا چونڊي انهن عرب قبيلن جي سردارن کي جيڪي فوج جي مدد سان آزاديءَ جي هر هلچل کي چيڀاٽڻ لاءِ آماده هجن، کي ڏيندو هو. اهڙيءَ ريت ان پنهنجو پاڻ کي ڪيترن ئي ڏينهن تائين پنهنجي منصب تي باقي رکڻ لاءِ آماده ڪري ڇڏيو هو.

معاويو ۽ عثمان جو چولو

معاويو حضرت علي3کي چڱي طرح سڃاڻيندو هو، هو ان ڳالهه کان بي خبر نه هو ته علي3جلدئي کيس ان ميدان جي ڪرسيءَ تان هيٺ ڪيرائي ڇڏيندو ۽ هن جي مادي خواهشن، آرام طلبين ۽ منصب پرستي جي وچ  ۾  هڪ مضبوط بند ٻڌي ڇڏيندو. ان ڪري معاويي پنهنجي باطل حڪومت جي پائي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجن مقصدن تائين پهچڻ لاءِ انقلابي مسلمانن جي هٿان عثمان جي قتل کي بهترين موقعو ۽ ذريعو ڄاتو. ان ڪري ئي هن عثمان جي قتل کي تمام وڏو بڻائي پيش ڪيو ۽ ڇتي پروپيگنڊي ذريعي ان کي اهڙو حادثو بڻائي ڇڏيو جو شام وارن جون دليون ڪنبي ويون. معاويي حڪم ڏنو ته عثمان جي رت ڀريل ڪرتي ۽ سندس زال نائلا جي ڪپيل آڱر کي جنهن کي نعمان بن بشير کڻي ويو هو (13). دمشق جي جامع مسجد جي منبر تي مٿي ڪري ٽنگي ڇڏيو ۽ شام جي ڪجهه پوڙهن کي ان ڪرتي جي چوڦير نوحه چوڻ ۽ عزاداري ڪرڻ تي آماده ڪيائين. (14) اهڙيءَ ريت شام جي ماڻهن جي جذبات کي مرڪزي حڪومت خلاف ڀڙڪائي انهن ۾ ايڏو تاءُ پيدا ڪيائين جو هو معاويي کان به وڌيڪ غضب ۾ ڀرجي ويا ۽ معاويي کان وڌيڪ جنگ ۽ انتقام لاءِ تيار نظر اچڻ لڳا.

معاويي جو ڪم ويتر سنهنجو ٿيو جڏهن طلحه، زبير ۽ عائشه عثمان جي حمايت جي نالي تي شورش ڪئي. هينئر معاويو انهن ڳالهين جي مدد سان شام وارن کي مڇرائي ۽ جيڏانهن وڻيس وٺي وڃي سگهي پئي.

جنگ جي شروعات

معاويي جي اوسي پاسي ۾ جڏهن دنيا جا پوڄاري ۽ بي ايمان ماڻهو ڪٺا ٿي ويا ته معاويو جنگ لاءِ سنڀري بيٺو. حق ۽ عدل واري شرعي حڪومت سان جھيڙڻ لاءِ معاويي جو لشڪر صفين ۾ پهتو ۽ فرات جي ڪپ تي خيما هڻي ويٺو. هن جي ساٿين اميرالمؤمنين جي صحابين تي پاڻي بند ڪري ڇڏيو. علي3 جن ڪوفي ۾ هئا، جڏهن کين خبر ملي ته معاويو هڪ ڪثير لشڪر ساڻ ڪري صفين ۾ پهچي ويو آهي ته پاڻ ساڻس مقابلي لاءِ تيار ٿيا. علي3 جي فوج ٻوڏ وانگر اٿلي پئي ۽ فرات جي ڪپر تي پهتي(15) ۽ معاويي جي لشڪر جي سامهون صفون سينگاري بيٺي. پر علي3 جي سپاهين ڏٺو ته فرات تائين پهچڻ جو رستو ڪونهي. علي3 رتوڇاڻ نه ٿيڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا پر ڪامياب نه ٿيا. جنگ اڻٽر هئي. علي3جي سپاهين جنگ جي شروع ۾ ئي شامين کي فرات جي ڪناري تان ڀڄائي ڇڏيو ۽ شام جي لشڪر کي وڏو نقصان پهچايائون. جڏهن عراق جي لشڪر فرات کي پنهنجي قبضي ۾ آندو ته علي3ثبوت ڏنو ۽ فرمايائون:

”ڇڏيون ته ڀل پاڻي کڻن.................“

ان کان پوءِ ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ ننڍا ننڍا حملا ٿيندا رهيا. علي3نه پيا چاهين ته اجتماعي ڪاهه ڪجي. ان ڪري جو کين اها اميد هئي ته دشمن حق جي آڏو پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيندو ۽ جنگ نه ڪندو پر دشمن ساڳين پيرن تي بيٺو رهيو ۽ صلح جي ڪا اميد باقي نه رهي ته حضرت علي3 پنهنجي صحابين کي وڏي جنگ لاءِ تيار ڪيو. معاويو به جنگ لاءِ تيار ٿي ويو نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جي “ليلة الهرير“[9] ۾ ڇتي ويڙهه ٿي. صبح جي نماز کان اڌ رات تائين ۽ اڌ رات کان ٻئي ڏينهن ظهر تائين جنگ ٿيندي رهي. اهڙي جنگ جنهن ۾ سپاهي نماز جي وقت کي به سمجهي نه پئي سگهيا ۽ آرام ڪرڻ کانسواءِ لڳاتار جنگ ڪندا رهيا. (16)

علي3 جو سپهه سالار مالڪ اشتر انتهائي مڙسيءَ سان ميدان ۾ حملا ڪندا رهيو، پنهنجي آسي پاسي جي دلير ۽ ناليري سٿ کي دشمن ڏانهن وڌائيندو ٿي ويو. پوءِ معاويي اهڙو هارايو جو هن جي لشڪر جون صفون ڀڄي پيون ۽ ائين ٿي لڳو ته علي3 جو لشڪر سوڀ ماڻي وٺندو پر معاويي عمرو عاص جي مدد سان ڊوهه ڪرڻ لاءِ سوچڻ لڳو ۽ ڌوڪي سان قرآن نيزن تي بلند ڪيائين. جنهن ڪري علي3 جي سپاهين ۾ اختلاف ۽  شورش پئجي وئي. نيٺ پنهنجي سٿ طرفان انتهائي زور ڀرڻ تي لاچار ٿي علي 3 ابوموسيٰ اشعري ۽ عمرو عاص جي ٽياڪڙي تي ڇڏي ڏنو ته هو اسلام ۽ مسلمانن جي مصلحتن جو اڀياس ڪن ۽ پنهنجي نظريي جو اعلان ڪن. ٽياڪڙي واري مسئلي کي قبولڻ جي ڏس ۾ علي3ان منزل تائين پهچي ويا هئا جو جيڪڏهن ان کي نه پيا قبولين ته ٿي سگهيو پئي ته پنهنجي ئي ڪن سپاهين هٿان قتل ڪيا وڃن ها ۽ مسلمان سخت گهوٽالي ۾ پئجي وڃن ها. جڏهن ٽياڪڙي (حَڪَمين) جي فيصلي ٻڌائڻ جو وقت آيو ته ٻنهي پنهنجي نظريي کي  ظاهر ڪيو، عمرو عاص، ابوموسيٰ اشعري کي ڌوڪو ڏنو ۽ هن معاويي جي حڪومت کي برقرار رکيو. ان ڳالهه معاويي جي حرفت ۽ ڊوهه کي پڌرو ڪري ڇڏيو.

3 ــ مارقين

ٽياڪڙي واري واقعي کان پوءِ مسلمانن مان جيڪي علي3 سان ساڻ هئا انهن مان ڪن علي3جي خلاف بغاوت ڪئي ۽ ان فيصلي کي قبول ڪرڻ سبب علي3 تي تنقيد ڪرڻ لڳا. جيتوڻيڪ ٽياڪڙي سندن ئي مڙهيل ۽ ٿوڦيل هئي.انهن ماڻهن کي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پنهنجين غلطين جو پتو پئجي ويو ۽ هو ڦڪا ٿيا، هنن ان ڳالهه جي ڪوشش ڪئي ته علي3 عهد ڀڃي ڇڏن (17)  پر علي 3 عهد ڀڃڻ وارن مان نه هئا.

خارجي علي3 جي مقابلي لاءِ تيار ٿي بيٺا ۽ وڳوڙ وڌائون. ڪوفي کان ٿورو پرڀرو نڪري ”نهروان“[10] ۾ خيما هڻي ويٺا. هنن ڪلور ڪري ڏنا ۽ تباهي ذريعي ماڻهن کي هيسائڻ ۽ ڊيڄارڻ لڳا.

علي3 ڪوشش ڪرڻ لڳا ته ماڻهن کي ٻيهر معاويي سان جنگ لاءِ تيار ڪن ۽ ماڻهن ٻيو ڀيرو به سندن دعوت قبولي. جڏهن علي3 خارجين جي قتل و غارتگري ۽ وڳوڙ کي ڏٺو ته خوارج جي خطري کي معاويي جي خطري کان وڏو محسوس ڪيائون. جيڪڏهن علي3 جا سپاهي معاويي سان وڙهڻ جي لاءِ نڪرن پيا ته کين خوارج جي حملي سان منهن ڏيڻو پوي ها. ان  ڪري جو خوارج پاڻ کان علاوه مسلمانن جي سڀني فرقن کي ڪافر سمجهندا هئا ۽ سندن مال ۽ خون کي حلال سمجهندا هئا.(18) ان ڪري علي3 جي سپاهين نهروان ڏانهن ڪوچ ڪيو. ٻنهي لشڪرن ۾ جنگ ڇڙڻ کان اڳ ۾ علي3 جن ان ڳالهه جي ڪوشش ڪئي ته منطق سان انهن ماڻهن جا شڪ شبها سندن اڳيان وائکا ڪري سندن هدايت ڪجي ۽ رتوڇاڻ نه ٿي پر افسوس جو اهي اياڻا، مت جا موڙهل ۽ هٺيرا استدلال ۽ حقيقت مان ڪنهن به شيءِ کي سمجهڻ لاءِ تيار نه ٿيا.

جڏهن علي3 انهن جي هدايت کان آسرو پلي ويٺا ۽ اهو يقين ٿي وين ته اهي حق جي دڳ تي ٺپ ڪو نه ايندا، تڏهن جنگ ڪيائون. امام علي 3 جن لشڪر جي ساڄي کاٻي کان دشمن تي ڪاهي پيا ۽ خوراج کي گهيري ۾ وٺي نيزي ۽ تلوار سان مٿن ڪڙڪي پيا. اڃا ٿوري دير ئي مس گذري ته سواءِ 9 ڄڻن جي باقي ٻين سڀني کي ماري ڇڏيائون. 

شهادت

     آخرڪار علي3 جي پنجن سالن تائين حڪومت ڪرڻ کان پوءِ١٩رمضان المبارڪ جي رات سن ٤٠ هه ۾ صبح جي نماز پڙهندي ڪوفي جي مسجد ۾ پليت ترين انسان عبد الرحمٰن ابن ملجم جي زهر ۾ ٻڏل تلوار سان محراب حق ۾ ضربت جهليائون ۽ سندن منهن مبارڪ رت سان رنگجي ويو. ٻن ڏينهن کان پوءِ رمضان المبارڪ جي ايڪيهين (٢١) رات شهادت جو پيالو پيتائون، شهادت کان پوءِ سندن جسد اطهر کي نجف جي مقدس سرزمين ۾ دفن ڪيائون.


حوالا

1 ــ ارشاد مفيد ــ ص 9، ڇاپو بيروت/بحار ــ ج 35 ص 5 ”تهذيب“ تان نقل ورتل / ڪشف الغمہ ڇاپو تبريز ــ ج پهريون ص 59.

ڪعبي ۾ سندن ولادت جي موضوع کي اهل سنت جي ڪيترن ئي مؤرخن ۽ محدثن لکيو آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو. مروج الذهب ــ ج 2 ص 249 / شرح الشفا ــ ج پهريون ص 151 / مستدرڪ حاڪم ــ ج 3 ص 283 / شرح قصيده عبدالباقي آفندي ــ از آلوسي ص 15.

2 ــ حضرت عمران3 جا چار پٽ طالب، عقيل، جعفر ۽ علي3 هئا. پاڻ ابوطالب جي ڪنيت سان مشهور هئا پر ابن ابي الحديد شرح نهج البلاغہ جي جلد پهرين صفحي 11 تي حضرت علي3 جي والد جو نالو عبدمناف لکيو آهي.

3 ــ سيرت ابن هشام ــ ج پهريون ص 263 / ڪامل ابن اثير ــ ج 2 ص 58 / ڪشف الغمہ / تاريخ طبري ــ ج 2 ص 312.

4 ــ نهج البلاغہ ــ خطبہ قاصعہ مان چند جملا ــ از صبحي صالحي ــ حديث 192 ست 3 (ص 811 ۽ ٻه سٽون ص 812 تان).

5 ــ تاريخ طبري ــ جي 2 ص 262 / ڪشف الغمہ ــ ج پهريون ص 86.

6 ــ نهج البلاغہ ــ فيض الاسلام ــ خطبو 237 ص 811.

7 ــ سورة الشعراء ــ آيت 214.

8 ــ تاريخ طبري ــ ج 2 ص 320 / مجمع البيان ــ ج 7 ــ 8 ص 206 / الغدير ــ ج 2 ص 379 / ڪامل ابن اثير ــ ج 2 ص 62 ــ 63. ”اِنَ هٰذا اَخِي وَ  وَصِي وَخَلِيفَتِي فِيڪُم فَاسمَعُوا لَہُ وَاَطِيعُوا.“

9 ــ سيرة ابن هشام ــ ج 2 ص 124 / ڪامل ابن اثير ــ ج 2 ص 101 ــ 103 / الصحيح من سيرة النبي ــ ج 2 ص 238.

10 ــ تفسير الميزان ــ ج 2 ص 99 (ڏهن جلدن واري) تفسير برهان ــ ج پهريون ص 206.

11 ــ سورة بقره ــ آيت 207.

12 ــ مديني کان ٻن فرسخن (11 km) جي پنڌ تي ”قبا“ بني عمرو بن عوف قبيلي جي رهائش جي جاءِ هئي ــ معجم البلدان ــ ج 4 ص 301.

13 ــ مناقب ان شهر آشوب ــ ج 2 ص 58 / الصحيح من سيرة النبي ــ ج 2 ص 295.

14 ــ ارشاد مفيد ص 45 ــ 47.

15 ــ الغدير ــ ج پهريون ص 9.

16 ــ ايضاً ــ ص 9 ــ 11.

17 ــ مروج الذهب ــ ج 2 ص 298.

18 ــ ايضاً ــ ص 204.

19 ــ ايضاً ــ ص 333.

20 ــ بحار ــ ج 4 ص 149 / الغدير ــ ج 4 ص 64 ــ 66 ۽ ج 6 ص 81، 93، 106، 113  ۽ ج 17 ص 151 ۽ ج 8 ص 186 / شرح نهج البلاغہ. ابن ابي الحديد معتزلي ــ ج پهريون ص 58.

21 ــ نهج البلاغہ ــ صبحي صالحي ــ ص 92.

22 ــ تاريخ طبري، ڪامل ابن اثير ــ ج 3 ص 193.

23 ــ مسعوديءَ مروج الذهب ــ ج 2 ص 353 تي ۽ ابن ابي الحديد  ــ شرح نهج البلاغہ ــ ج پهريون ص 27 تي اها ڳالهه صاف صاف لکيل آهي. وڌيڪ معلومات لاءِ مٿين ماخذن کانسواءِ شرح نهج البلاغہ ــ ج پهريون ص 130 / شرح بحراني ــ ج پهريون ص 296 ۽ ڪتاب سيرة الآئمہ ــ مصنف علامه سيد محمد امين ــ ج پهريون جز ٻيون ص 11 ڏسو.

24 ــ ثورة الحسين ــ مهدي شمس الدين ــ ص 75 / نهج البلاغہ، ص 15 / شرح ابن بي الحديد. ج پهريون ص 269.

25 ــ نهج البلاغہ. خطبو نمبر 62.

26 ــ تاريخ يعقوبي ــ ج 2 ص 179 / ڪامل ابن اثير ــ ج 3 ص 201.

27 ــ ڪامل ابن اثير ــ ج 3 ص 196.

28 ــ تاريخ يعقوبي ــ ج 2 ص 180 / شرح نهج البلاغہ ــ ابن ابي الحديد ــ ج پهريون ص 230.

29 ــ ڪامل ابن اثيرــ ج 3 ص 192.

30 ــ وقعة صفين ــ ص 127.

31 ــ ڌرين جي لشڪر جي تعداد ۾ اختلاف آهي. مسعودي مروج الذهب ۾ علي3 جي لشڪر جو تعداد نَوي هزار ۽ معاويي جي لشڪر جو تعداد پنجاسي هزار لکيو آهي. ڏسو جلد ٻيون ص 375.

32 ــ وقعة صفين ــ ص 475.

33 ــ ان معاهدي ڏانهن اشارو آهي جيڪو جنگ بندي کان پوءِ علي3 ۽ معاويي جي وچ ۾ ٿيو هو.

34 ــ ملل والنحل ــ شهرستاني ــ ج 2 ص 118 ــ 122.



[1] (شرح نهج البلاغة، فيض السلام، ص 971)

[2] لَو وُزِنَ اُليَومَ عَمَلُکَ بِعَمَلِ اُمَةِ مُحَمَّدٍ لَرَجَحَ عَمَلُکَ بَعَمَلِهِم

[3] سوره مائده ــ آيت 3

[4] اَلذَلِيلُ عِندِي عَزِيزٌ حتى آخُذَ  اَلحقَ لَہُ وَآلَقوي عِندِي ضَعِيفٌ حَتيَ آخُذَ اَلحَقَ مِنہُ (نهج البلاغہ صبحي صالح)

[5] جاگير مان مراد ملڪيت، پاڻي ۽ زمين آهي. جيڪا حڪومت طرفان ڪنهن کي ڏني وڃي ته جئين انهن مان حاصل ٿيندڙ اُپت مان فائدو وڄندو رهي. ڏسو فرهنگ عميد

[6] فَلَمَا نَهضتُ بِالاَمرِ نَکَثَتْ طَائِفَةٌ وَمَرَقَت اُخرَيٰ وَقَسَطَ آخَرُونَ(شقشقيه خطبو)

[7] ربذہ مديني جو هڪ ڳوٺ، جيڪو مديني کان ٽن ميلن جي پنڌ تي آهي هاڪارو صحابي ابوذرغفاري اتي دفن ٿيل آهي. (معجم البلدان-ياقوت حموي- ج 3ص 24)

[8] ذي قار، بڪر بن وائل سان متعلق ڪوفي ۽ واسط جي وچ ۾ هڪ اهڙو ٽڪڙو آهي جتي پاڻي موجود آهي  (معجم البلدان- ياقوت حموي- ج 3 ص 24)

[9] لغت ۾ ”هرير“ سيءَ سببان نڪرندڙ ڪُتي جي آواز کي چئبو آهي. ڇاڪاڻ ته ان رات ڇتي جنگ ۽ ٻنهي طرفان سوارن جي ڪاهه سبب ٻئي رڙيون ڪري رهيا هئا، ان ڪري ان رات کي ”ليلة الهرير“ چوندا آهن. (معجم البلدان-ياقوت حموي- ج 5 ص 443/مجمع البحرين- ج 3 ص 18 ڌاتو هَرَرَ)

[10] نهروان، واسط ۽ بغداد جي وچ ۾ هڪ وسيع علائقو هو. جتي اسڪان ۽ صافيہ جهڙا شهر ان علائقي ۾ هئا. (معجم البلدان، ياقوت حموي- ج 5 ص 234)

what is hiv positive go hiv positive symptoms
free spy apps for android phones top free spy apps best android spy app

ڀلي ڪري آيا


اسان جا سوشل ميڊيا جا صفحه پسند ڪريو.
رابطو ڪريو

© سڀ حق ۽ واسطا صراط المستقيم وٽ محفوظ آهن