روزانه حديث:
حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام فرمايو حيا، ايمان جو حصو آهي ۽ ايمان (جو مقام) بهشت آهي، بي حيائي ظلم و جفا (جو مقام) جهنم آهي. (ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 4562 )
نيوز ليٽر
اسان جو نيوز ليٽر حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اي ميل ايڊريس ڏيو.
اسلامي فلم سيڪشن

مهينن جون مناسبتون
what is hiv positive link hiv positive symptoms
pictures of hiv rashes site what causes aids virus
women who cheat when your husband cheats how many people cheat


ماه مبارڪ رمضان المبارڪ جون خصوصيات.

آلله تعالى قرآن ڪريم ۾ فرمايو آهي ته :

يا ايها الذين آمنوا كتب عليكم الصيام كما كتب على الذين من قبلكم لعلكم تتقون* اياما معدودات فمن كان منكم مريضا او على سفر فعدة من ايام اخر و على الذين يطيقونه فدية طعام مسكين فمن تطوع خيرا فهو خير له و ان تصوموا خير لكم ان كنتم تعلمون * شهر رمضان الذى انزل فيه القرآن هدى للناس و بينات من الهدى و الفرقان فمن شهد منكم الشهر فليصمه و من كان مريضا او على سفر فعدة من ايام اخر يريد الله بكم اليسر و لا يريد بكم العسر و لتكملوا العدة و لتكبروا الله على ما هديكم و لعلكم تشكرون *

(سوره بقره، آيات 185-183)

اي ايمان وارو توهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن جئين توهان کان پهرئين وارين امتن تي فرض ڪيا ويا هئا، تاڪه توهان پرهيزگارٿي وڃو. هي روزا ڪجهه ڏينهن لاءِ آهن پر انهي کانپوءِ به جيڪو شخص بيمار آهي يا سفر ۾ آهي ته اوترا ئي ڏينهن ٻئي ڪنهن وقت ۾ رکي، ۽ جيڪي ماڻهو سختي ۽ اهنج جي صورت ۾ روزا نٿا رکي سگهن ته اهي هڪ مسڪين کي کاڌو کاراين ۽ جيڪڏهن پنهنجي طرفان وڌيڪ نيڪي ڪن ته تمام ڀلو آهي. ليڪن روزو رکڻ توهان لاءِ بهتر آهي جيڪڏهن توهان ڄاڻيندڙ آهيوته. رمضان جو مهينو اهو مهينو آهي جنهن ۾ قرآن پاڪ نازل ڪيو ويو جيڪو ماڻهن لاءِ هدايت آهي ۽ ان ۾ هدايت، حق ۽ باطل جون نشانيون موجود آهن انهي ڪري جيڪو به ان مهيني ۾ حاضر هجي انهي جو فرض آهي ته روزا رکي ۽ جيڪو (انهي وقت) مريض يا مسافر هجي اهو اوترا ئي ڏينهن روزا ڪنهن ٻئي وقت ۾ رکي ربّ پاڪ اوهان لاءِ آساني کي پسند ڪري ٿو نه ڪه مشقت کي، ۽ ايترن ڏهاڙن جو حڪم انهي لاءِ آهي جو توهان عدد پورو ڪريو ۽ الله جي ڏنل هدايت جو اقرار ڪريو ۽ شايد توهان اهڙي طرح سان شڪر گذار ٿي وڃو.

تفسير:

روزو انسان جي جياپي ۾ تقوى پيدا ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي هي عمل صرف خدا جي لاءِ هوندو آهي ۽ انهي ۾ ريا ڪاري جو امڪان ڪونهي روزو فقط نيت آهي ۽ نيت جو علم صرف خدا وٽ آهي پوءِ روزو ارادي جي طاقت کي مضبوط ڪرڻ جو بهترين طريقو آهي جٿي انسان پنهنجي زندگي جي ضروري شيئن ۽ لذتن کي ترڪ ڪري ڇڏيندو آهي ته اها اُمنگ سڄي سال ۾ باقي رهندي آهي ته تقوى جي بلند ترين منزل حاصل ٿي سگهي.

روزي جي زحمت کي ٻين قومن جو حوالو ڏئي ڪري اطمينان ڏياريو ويو آهي ۽ پوءِ سفر ۽ بيماري ۾ منع جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ بيماري ۾ سختي يا سفر ۾ زحمت جي شرط نه لڳائي وئي آهي، اڄ ۽ ڪالهه جي سفر جو مقابلو ڪري ڏکيائي پيدا ڪرڻ گهري ٿو۽ اهڙي طرح خدا جي حڪم جي مخالفت ڪري روزو رکي، ته تقوى کان پري رهڻ گهري ٿو.

قرآن مجيد ۾ ”شايد“ جو لفظ علم خدا جي ڪمزوري جي ڪري نه بلڪه بشر جي ڪمزوري جي ڪري استعمال ٿيو آهي فقط روزو به تقوى لاءِ ڪافي نه آهي.

روزي جي ڪيفيت جو تمام زندگي ۾ باقي رهڻ ضروري آهي جئين ته سڄو وجود روزي دار رهي. بڇڙا خيال، خراب فڪر، بدعملي، بدڪرداري وغيره زندگي ۾ داخل نه ٿيڻ کپن.

روزو اها بهترين عبادت آهي جنهن کي پالڻهار استعانت جو ذريعو قرار ڏنو آهي ۽ آل محمد صلي الله عليه وآله وسلم مشڪل وقت ۾ انهي روزي کان ئي ڪم ورتو آهي ڪڏهن نماز ادا ڪئي آهي ڪڏهن روزو رکيو آهي هي روزي جي ئي برڪت هئي ته جڏهن به بيماري جي موقعي تي آل محمد (ص) روزي جي نيت نذر ڪري ڇڏي ۽ وفاءِ نذر روزا رکي چڏيا ته پالڻهار سڄي سورت ”دهر“ نازل ڪري ڇڏي. آلِ محمد جي پيروڪار ۽ سوره ”دهر“ جي آيتن تي عشق ڪرڻ وارا ڪهڙي به حالت ۾ روزي کان غافل نٿا ٿي سگهن ۽ فقط رمضان جي مهيني ۾ نه بلڪه سڀني مشڪلاتن ۾ روزي کي سهارو بڻائيندا.

 

الله جو مهينو.

- قال رسول الله‏ صلى‏ الله ‏عليه ‏و‏آله: شَعبانُ شَهري، و شَهرُ رَمَضانَ شَهرُ اللهِ(1)؛

شعبان منهنجو مهينو آهي ۽ رمضان الله جو مهينو آهي.


- قال رسول الله صلى‏ الله ‏عليه ‏و‏آله: شَهرُ رَمَضانَ شَهرُ اللهِ، و شَهرُ شَعبانَ شَهري؛ شَعبانُ المُطَهِّرُ، و رَمَضانُ المُكَفِّرُ (2)؛

رمضان جو مهينو الله جو مهينو آهي ۽ شعبان منهنجو مهينو آهي. شعبان پاڪ ڪرڻ وارو ۽ رمضان گناهن کي لڪائڻ وارو آهي.


- قال رسول الله صلى ‏الله ‏عليه‏ و‏آله: رَمَضانُ شَهرُ اللهِ، و هُوَ رَبيعُ الفُقَراءِ (3)؛‌

 

رمضان الله جو مهينو آهي ۽ هي مهينو فقيرن جي بهار آهي.


- الإمام عليّ عليه‏السلام: شَهرُ رَمَضانَ شَهرُ الله‏ِ، و شَعبانُ ‏شَهرُ رَسولِ ‏الله صلى‏الله‏عليه‏و‏آله، و رَجَبٌ شَهري(4)؛

امام علي عليه السلام فرمائين ٿا ته رمضان الله جو مهينو آهي شعبان پيغمبر(صه) جو ۽ رجب منهنجو ميهنو آهي.

 

ضيافت الاهي جو مهينو.

 

- قال رسول الله صلى ‏الله ‏عليه‏ و‏آله ـ في وَصفِ شَهرِ رَمَضانَ ـ : هُوَ شَهرٌ دُعيتُم فيهِ إلى ضِيافَةِ اللهِ، و جُعِلتُم فيهِ مِن أهلِ كَرامَةِ اللهِ، أنفاسُكُم فيهِ تَسبيحٌ، و نَومُكُم فيهِ عِبادَةٌ، ...(5)

 

پيغمبر اڪرم (صه) رمضان مهيني جي تعريف ۾ فرمايو : هي اهو مهينو آهي جنهن ۾ توهان کي ضيافت الاهي جي دعوت ڏني ويئي آهي هن ۾ توهان جو ساه کڻڻ تسبيح ۽ توهان جي ننڊ عبادت آهي. هن ۾ تنهجو جا عمل مقبول ۽ تنهنجون جون دعائون مستجاب.


- قال رسول الله صلى‏ الله‏ عليه ‏و‏آله: إذا كانَ يَومُ القِيامَةِ يُنادِي المُنادي: أينَ أضيافُ اللّه‏ِ؟ فَيُؤتى بِالصّائِمينَ ... فَيُحمَلونَ عَلى نُجُبٍ مِن نورٍ، و عَلى رُؤوسِهِم تاجُ الكَرامَةِ، و يُذهَبُ بِهِم إلَى الجَنَّةِ (6)؛

 

پيغمبر اڪرم (صه) فرمايو : جڏهن قيامت ٿيندي ته هڪ آواز ايندو : ڪٿي آهن الله جا مهمان؟ پوءِ روزيدارن کي آندو ويندو. انهن کي بهترين سوارين تي سوار ڪيو ويندو ۽ انهن جي سرن کي تاج سان سينگاريو ويندو ۽ انهن کي بهشت ۾ موڪليو ويندو.


- قال الامام عليّ عليه‏السلام ـ مِن خُطبَتِهِ في أوَّلِ يَومٍ مِن شَهرِ رَمَضانَ ـ : أيُّهَا الصّائِمُ، تَدَبَّر أمرَكَ؛ فَإِنَّكَ في شَهرِكَ هذا ضَيفُ رَبِّكَ، اُنظُر كَيفَ تَكونُ في لَيلِكَ و نَهارِكَ؟ و كَيفَ تَحفَظُ جَوارِحَكَ عَن مَعاصي رَبِّكَ؟ اُنظُر ألاّ تَكونَ بِاللَّيلِ نائِما و بِالنَّهارِ غافِلاً؛ ... (7)؛

 

امام علي عليه السلام رمضان مهيني جي پهرين ڏينهن خطبي ۾ فرمايو : اي روزيدارو ! پنهنجن معاملن ۾ تدبر ڪريو، ته توهان هن مهيني ۾ الله جا مهمان آهيو. ڏسو ته تنهنجيون  راتيون ۽ ڏينهن ڪيئن آهن؟ ۽ ڪيئن تون پنهنجن عضون کي پنهنجي پروردگار جي معصيت کان محفوظ رکين ٿو؟ ڏسو ائين نه ٿئي ته رات جو سمهي پوين ۽ ڏينهن ۾ ان جي ياد کان غافل رهين ۽ پوءِ هي مهينو گذري وڃي ۽ گناهن جو بار توهان جي گردنن تي باقي رهجي ويندو. ۽ جڏهن روزيدار پنهنجي جزا حاصل ڪندا ته تون سزا ملندڙن مان ٿيندين. ۽ جڏهن انهن کي ان جو مولا انعام سان نوازيندو ته تون محروم ٿي ويندين ۽ جڏهن انهن کي خدا جي همسائيگي نصيب ٿيندي تون کي پري ڀڃايو ويندو.

- قال الإمام الباقر عليه‏السلام: شَهرُ رَمَضانَ شَهرُ رَمَضانَ، وَالصّائِمونَ فيهِ أضيافُ اللّه‏ِ و أهلُ كَرامَتِهِ، مَن دَخَلَ عَلَيهِ شَهرُ رَمَضانَ فَصامَ نَهارَهُ و قامَ وِردا مِن لَيلِهِ وَاجتَنَبَ ما حَرَّمَ الله‏ُ عَلَيهِ، دَخَلَ الجَنَّةَ بِغَيرِ حِسابٍ (8) ؛

 

حضرت امام محمد باقر عليه السلام فرمايو ته : رمضان مهينو. رمضان مهينو، هن ۾ روزيدار الله جا مهمان ۽ ان جي ڪرم جا سزاوار آهن. جنهن شخص کي رمضان مهينو نصيب ٿئي ۽ هو روزا رکي ۽ رات جي هڪ حصي ۾ الله جي عبادت ڪري نماز پڙهي ۽ جيڪو ڪجھ الله، ان تي حرام ڪيو آهي ان کان پرهيز ڪري بغير حساب جي جنت ۾ داخل ٿيندو.

تمام مهينن جو سردار.

 

- قال رسول الله صلى‏ الله ‏عليه‏ و‏آله: شَهرُ رَمَضانَ سَيِّدُ الشُّهورِ (9)؛

 

رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو ته رمضان مهينو سڀني مهينن جو سردار آهي.

- قال الإمام الرضا عليه‏السلام: إذا كانَ يَومُ القِيامَةِ زُفَّتِ الشُّهورُ إلَى الحَشرِ يَقدُمُها شَهرُ رَمَضانَ عَلَيهِ مِن كُلِّ زينَةٍ حَسَنَةٍ، فَهُوَ بَينَ الشُّهورِ يَومَئِذٍ كَالقَمَرِ بَينَ الكَواكِبِ، فَيَقولُ أهلُ الجَمعِ بَعضُهُم لِبَعضٍ: وَدِدنا لَو عَرَفنا هذِهِ الصُّوَرَ! ...(10)

 

امام رضا عليه السلام فرمايو : جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو ته تمام مهينن کي محشر ۾ آندو ويندو، ان حال ۾ جو رمضان مهينو زيورات سان سينگاريل سڀني کان اڳيان هوندو. ان ڏينهن رمضان مهينو ٻين مهينن ۾ اهڙو هوندو جيئن چنڊ باقي ستارن جي وچ ۾ آهي. پوءِ محشر ۾ ماڻهون هڪ ٻئي کي چوندا : اسان انهن چهرن کي سڃاڻڻ چاهيون ٿا. خدا جي طرف کان هڪ آواز ڏنو ويندو : اي مخلوق خدا! هي مهينن جا چهرا آهن جيڪي ان وقت کان الله جي بارگاه ۾ موجود هئا جڏهن کان زمين و آسمان خلق ٿيا ۽ انهن جو تعداد ٻارهن آهي ۽ انهن جو سردار رمضان مهينو آهي. مون ان کي ظاهر ڪيو آهي ته جيئن ان جي برتري کي ٻين مهينن تي ڏيکاري سگھان ته جيئن هو مردن ۽ عورتن مان جيڪي منهنجا بندا آهن انهن جي شفاعت ڪري ۽ مان ان جي شفاعت قبول ڪريان.

شب قدر رمضان مهيني ۾


- قال رسول الله صلى ‏الله ‏عليه ‏و‏آله: قَد جاءَكُم شَهرُ رَمَضانَ؛ شَهرٌ مُبارَكٌ ... فيهِ لَيلَةُ القَدرِ خَيرٌ مِن ألفِ شَهرٍ، مَن حُرِمَها فَقَد حُرِمَ(11)؛

 

رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو ته رمضان مهينو اوهان وٽ اچي چڪو آهي جيڪو برڪتن وارو مهينو آهي. جو جنهن ۾ شب قدر آهي جيڪو هزارين مهينن کان بهتر آهي. محروم اهو شخص آهي جيڪو هن رات کان محروم ٿي وڃي.


- سُئِلَ رَسولُ الله‏ِ صلى‏ الله ‏عليه ‏و‏آله عَن لَيلَةِ القَدرِ، فَقالَ: «هِيَ في كُلِّ رَمَضانَ»(12) ؛

 

پيغمبر خدا (ص) کان شب قدر جي باري ۾ سوال ڪيو ويو ته پاڻ فرمايائون : شب قدر هر رمضان ۾ حاصل ڪئي ويندي آهي.


- مسند ابن حنبل عن أبي مرثد: سَأَلتُ أباذَرٍّ قُلتُ: كُنتَ سَأَلتَ رَسولَ الله صلى‏ الله ‏عليه‏ و‏آله عَن لَيلَةِ القَدرِ؟ قالَ: أنَا كُنتُ أسأَلَ النّاسِ عَنها يعني أشدّ الناس مسألةً عنها. قالَ: قُلتُ: يا رَسولَ اللهِ، أخبِرني عَن لَيلَةِ القَدرِ أ في رَمَضانَ هِيَ أو في غَيرِهِ؟ قالَ: «بَل هِيَ في رَمَضانَ.»
قالَ: قُلتُ: تَكونُ مَعَ الأَنبِياءِ ما كانوا فَإِذا قُبِضوا رُفِعَت، أم هِيَ إلى يَومِ القِيامَةِ؟ قالَ: «بَل هِيَ إلى يَومِ القِيامَةِ.»(13)

 

مسند ابن حنبل ابي مرثد جي حوالي سان ذڪر ڪري ٿو ته   ابوذر کان پڇيو ويو : ڇا اوهان رسول خدا (ص) کان شب قدر جي باري ۾ معلوم ڪيو آهي؟

ابوذر چيو: مون سڀ کان وڌيڪ هن سلسلي ۾ پڇندو رهيو آهيان.

 

(جناب ابوذر چيو) مون رسول خدا (ص) کان پڇيو : اي رسول خدا (ص)! مون کي شب قدر جي باري ۾ آگاه ڪريو ته ڇا شب قدر رمضان مهيني ۾ آهي يا ڪنهن ٻئي مهيني ۾ ؟

 

پاڻ فرمايو : رمضان مهيني ۾ .

 

مون چيو : ڇا جيستائين پيغمبر (ص) زنده آهن ايستائين يا ان جي رحلت کان بعد به شب قدر قيامت تائين رمضان مهيني ۾ رهندي؟

پاڻ فرمايائون : شب قدر قيامت تائين باقي رهندي.

==

 

حوالہ جات :


1- فضائل ال
أشهر الثلاثة: 44/20، الأمالي للصدوق:71/38 ، تحف العقول: 419 ، الإقبال: 3 / 293، روضة الواعظين:441، دعائم الإسلام: 1/283، بحارالأنوار: 97/68/4 .
2-
كنز العمّال: 8 / 466 / 23685 نقلاً عن ابن عساكر و ج 12 / 323 / 35216 نقلاً عن الديلمي وكلاهما عن عائشة .
3- ثواب ال
أعمال: 84 / 5، النوادر للأشعري: 17/2 ، فضائل الأشهر الثلاثة: 58/37، الجعفريّات: 58، النوادر للراوندي: 134/ ، بحارالأنوار: 97/75/26.
4- المقنعة: 373، مسارّ الشيعة: 56، مصباح المتهجّد: 797 .
5- فضائل ال
أشهر الثلاثة: 77/61، الأمالي للصدوق: 84/4، عيون أخبار الرضا عليه‏السلام:1/295/53، الإقبال:1/26، بحارالأنوار: 96/356/25.
6- مستدر
ك الوسائل: 4/22/4079 نقلاً عن تفسير أبي الفتوح الرازي.
7- فضائل ال
أشهر الثلاثة: 108 / 101 .
8- فضائل ال
أشهر الثلاثة: 123/130.
9- شرح ال
أخبار : 1/ 223 / 207، الفضائل: 125، بحارالأنوار:40/54/89؛ فضائل الأوقات للبيهقي: 89/205، شُعَب الإيمان:3/314/3637 و ص 355/3755 ، كنز العمّال: 8/482/23734 .
10- فضائل ال
أشهر الثلاثة: 110/102 عن عبدالله‏ بن عامر عن أبيه.
11- تهذيب ال
أحكام: 4/152/422، الأمالي للمفيد: 112/2 و301 /1 ، الأمالي للطوسي: 74 / 108و ص 149/ 246 ، بحارالأنوار: 97/17/34؛ سنن النسائي: 4/129، مسند ابن حنبل: 3/8/7151 و ص 412/9502.
12- سنن
أبي داود: 2/54/1387، السنن الكبرى: 4/506/8526 .
13- مسند ابن حنبل: 8/117/ 21555، المستدر
ك على الصحيحين:1/603/1596و ج2/578/3960، السنن الكبرى: 4/505/ 8525

رجب مهيني جي فضيلت ۽ ان جا اعمال.

حضرت رسول اڪرم صه فرمايو ته : رجب منهنجي امت جي لاءِ استغفار جو مهينو آهي. پوءِ هن مهيني ۾ وڌ کان وڌ مغفرت طلب ڪريو ۽ خدا وڏو بخشڻ وارو ۽ مهربان آهي. رجب کي اصب به چيو ويندو آهي ڇو ته هن مهيني ۾ منهنجي امت تي خدا جي رحمت تمام وڌيڪ وسندي آهي.

رجب مهيني جي فضيلت ۽ ان جا اعمال.

رجب مهيني جي فضيلت :

واضع رهي ته رجب، شعبان ۽ رمضان مهينا وڏي عظمت ۽ فضيلت رکن ٿا ۽ ڪيتريون ئي روايتون انهن جي فضيلت ۾ بيان ٿيون آهن. جيئن ته حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جو ارشاد پاڪ آهي ته رجب مهينو خدا جي ويجھو وڏي بزرگي رکي ٿو.

ڪو به مهينو حرمت و فضيلت ۾ هن جي برابر ناهي ۽ هن مهيني ۾ ڪافرن سان جنگ و جدال ڪرڻ حرام آهي. آگاه هجو رجب خدا جو مهينو آهي شعبان منهجو مهينو آهي ۽ رمضان منهنجي امت جو مهينو آهي. رجب ۾ هڪ روزو رکڻ واري کي خدا جي عظيم خوشنودي حاصل ٿئي ٿي “غضب الاهي ان کان پري ٿي وڃي ٿي” ۽ جهنم جي دروازن مان هڪ هزار دروازه ان جي لاءِ بند ٿي ويندا. امام موسى ڪاظم عليه السلام فرمائين ٿا ته رجب مهيني ۾ هڪ روزو رکڻ سان جهنم جي باه هڪ سال جي مفاصلي تائين پري ٿي وڃي ٿي ۽ جيڪو شخص هن مهيني ۾ ٽي روزه رکندو ته ان جي لاءِ جنت واجب ٿي ويندي. وڌيڪ پاڻ فرمائين ٿا ته رجب بهشت ۾ هڪ پاڻي جي شاخ آهي جنهن جو پاڻي کير کان وڌيڪ سفيد ۽ ماکي کان وڌيڪ شيرين آهي ۽ جيڪو شخص هن مهيني ۾ هڪ ڏينهن جو روزو رکندو ته هو ان شاخ مان سيراب ٿيندو.

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام کان روايت آهي ته حضرت رسول اڪرم صه فرمايو ته : رجب منهنجي امت جي لاءِ استغفار جو مهينو آهي. پوءِ هن مهيني ۾ وڌ کان وڌ مغفرت طلب ڪريو جو خدا وڏو بخشڻ وارو ۽ مهربان آهي.

رجب مهيني کي اصب به چيو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته هن مهيني ۾ منهنجي امت تي خدا جي رحمت وڌيڪ وسندي آهي. پوءِ هن مهيني ۾ هي ڪثرت سان چوندا ڪريو :


اَسْتَغْفِرُ اﷲ وَ اَسْئَلُہُ التَّوْبَۃَ

مان خدا کان بخشش چاهيان ٿو ۽ توبهه جي توفيق گھران ٿو”

ابن بابويه معتبر سند سان سالم کان روايت ڪئي آهي، ان چيو ته : مان آخر رجب ۾ امام جعفر صادق عليه السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ته حضرت منهنجي طرف ڏسندي فرمايو ته هن مهيني ۾ روزو رکيو آهي؟ مون عرض ڪيو فرزند رسول (ص) والله نه ! تڏهن فرمايائون ته اهڙي ثواب کان محروم رهيو آهين جنهن جو مقدار سوائي خدا جي ڪو به نه ٿو ڄاڻي ڇاڪاڻ ته هي ئي مهينو آهي جنهن جي فضيلت تمام مهينن کان وڌيڪ ۽ حرمت عظيم آهي ۽ خدا هن ۾ روزن رکڻ وارو جو احترام پاڻ مٿان لازم ڪيو آهي. مون عرض ڪيو ! اي فرزند رسول (ص) جيڪڏهن مان هن جي رهيل ڏينهن ۾ روزا رکان ته ڇا مون اهو ثواب ملي ويندو؟

پاڻ (ص) فرمايو : اي سالم! جيڪو شخص آخر رجب ۾ هڪ روزو رکندو ته خدا ان جي موت جي سختين ۽ ان کان بعد جي ڏکيائين ۽ عذاب قبر کان محفوظ رکندو. جيڪو شخص رجب مهيني جي آخر ٻه روزه رکندو ته هو پل صراط مان آساني سان گذري ويندو ۽ جيڪو آخر رجب ۾ ٽي روزه رکندو ان کي قيامت ۾ سخت ترين خوف، تنگي ۽ ڏکاين کان محفوظ رکيو ويندو ۽ ان کي جھنم جي باه کان آزادي جو پروانو عطا ڪيو ويندو.

واضع رهي ته رجب مهيني ۾ روزا رکڻ جي فضيلت تمام وڏي آهي، جهڙي طرح روايت ٿي آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص روزا نه ٿو رکي سگھي ته هو هر روز 100 مرتبه هيٺين تسبيح پڙهي ته ان کي روزي رکڻ جو ثواب حاصل ٿي ويندو :

سُبْحانَ الْاِلہِ الْجَلِیلِ سُبْحانَ مَنْ لاَ یَنْبَغِی التَّسْبِیحُ إلاَّ لَہُ سُبْحانَ الْاَعَزِّ الْاَکْرَمِ

پاڪ آهي اهو معبود وڏي شان وارو آهي پاڪ آهي اهو، جنهن کان سواءِ ڪو به لائق تسبيح ناهي، پاڪ آهي اهو جيڪو وڏي عزت وارو ۽ بزرگي وارو آهي.


سُبْحانَ مَنْ لَبِسَ الْعِزَّ وَھُوَ لَہُ ٲَھْلٌ ۔

پاڪ آهي اهو جيڪو عزت جي لباس ۾ ملبوس آهي ۽ اهو ئي ان جو اهل آهي.
 

رجب مهيني جي پهرين رات وڏي بابرڪت رات آهي ۽ جنهن ۾ ڪجھ اعمال آهن جيڪي هيٺ بيان ڪجن ٿا :

(1) جڏهن رجب جو چنڊ ڏسو ته هي دعا پڙهو:

اَللّٰھُمَّ أَھِلَّہُ عَلَیْنَا بِالْأَمْنِ وَالْاِیْمَانِ وَالسَّلامَةِ وَالْاِسْلَامِ رَبِّی وَرَبُّکَ اللهُ عَزَّ وَجَلَّ

اي معبود نئون چنڊ اسان تي پرامن، ايمان،سلامتي ۽ اسلام سان طلوع ڪر (اي چنڊ) تنهنجو ۽ منهنجو رب اهو آهي جيڪو عزت و جلال وارو آهي.

حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي سيرت هئي ته رجب جو چنڊ ڏسندا هئا ته هي دعا پڙهندا هئا.

 

اَللّٰھُمَّ بَارِکْ لَنٰا فِی رَجَبٍ وَ شَعْبانَ وَ بَلَّغْنَا شَھْرَ رَمَضانَ وَ أَعِنَّا عَلَیٰ الصَّیامِ وَ الْقِیاِم وَ حِفْظِاللِّسانِ وَ غَضِّ الْبَصَرِ وَ لَاٰ تَجْعَلْ حَظَّنا مِنْہُ الْجُوعَ وَ الْعَطَشَ

اي معبود! رجب ۽ شعبان ۾ اسان تي برڪت نازل فرما ۽ اسان کي رمضان جي مهيني ۾ داخل فرما ۽ اسان جي مدد ڪر ڏينهن جا روزا، رات جو قيام، زبان کي روڪڻ ۽ نگاهون هيٺ رکڻ ۾ ۽ هن مهيني ۾ اسان جو حصو فقط بک ۽ پياس قرار نه ڏي.

(2) رجب جي پهرين رات ۾ غسل ڪري. جهڙي طرح ڪجھ علماء فرمائين ته ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جو فرمان آهي ته جيڪو شخص رجب مهيني کي حاصل ڪري ۽ ان جي اول، وچ ۽ آخر ۾ غسل ڪري ته هو گناهن کان اهڙي طرح پاڪ هو ٿي ويندو جيئن اڄ ئي ماءُ جي پيٽ مان نڪتو آهي.

(3) حضرت امام حسين عليه السلام جي زيارت ڪري.

(4) نماز مغرب کان پوءِ ٻه ٻه رڪعتون ڪري 20 رڪعتون نماز پڙهي، هر رڪعت ۾ سورت حمد سان گڏ سورت توحيد جي تلاوت ڪري ته هو پاڻ، ان جو اهل و عيال ۽ ان جو مال محفوظ رهندو. اهڙي طرح عذاب قبر کان بچي ويندو ۽ پل صراط مان برق رفتاري سان گذري ويندو.

(5) نماز عشاء کان پوءِ ٻه رڪعتون نماز پڙهي، پهرين رڪعت ۾ سورت حمد کان بعد هڪ دفعا الم نشرح ۽ ٽي مرتبه سورت توحيد، ٻي رڪعت ۾ سورت حمد، سورت الم نشرح، قل هوالله ۽ سورت فلق و سورت ناس پڙهي.. نماز جي سلام ڏيڻ کان پوءِ 30 مرتبه لاَ إِلہَ إِلاَّ اللهُ  ۽ 30 دفعا درود شريف پڙهي ته اهو شخص گناهن کان اهڙي طرح پاڪ ٿي ويندو جهڙي طرح اڄ ئي ماءُ جي پيٽ مان پيدا ٿيو آهي.

(6) 30 رڪعت نماز پڙهي، هر رڪعت ۾ الحمد کان بعد هڪ دفعا سورت ڪافرون ۽ 30 دفعه سورت اخلاص پڙهي.

(7) رجب جي پهرين رات جي باري ۾ شيخ، مصباح المتهجد ۾ نقل ڪيو آهي ته (يعني ذڪر شب اول رجب) ابوالبختري وهب بن وهب امام جعفر صادي عليه السلام کان، پاڻ پنهنجي والد ماجد ۽ انهن پنهنجي جد امجد امير المومنين (ع) کان روايت ڪن ٿا ته پاڻ (ع) فرمائيندا هئا ته : مون کي خوشي محسوس ٿئي ته انسان سڄي سال جي دوران هن چار راتين ۾ پاڻ کي تمام ڪمن کان فارغ ڪري بيدار رهي ۽ خدا جي عبادت ڪري، اهي چار راتيون هي آهن : رجب جي پهرين رات، شب نيمه شعبان، شب عيد الفطر ۽ شب عيد قربان.

ٻڌايو ويو آهي ته جيڪو شخص سمهڻ کان پهريان سورت ياسين جي تلاوت ڪندو ۽ ليلته الرغائب جا اعمال بجا آڻيندو ان کي قبر جي وحشت مان نجات ملندي.

(پهرين جمع جي رات . ليلته الرغائب ليلته الرجب)

رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته هن دعائن ۽ نمازن جو مطلب هي آهي ته خدا اسان کي شب اول قبر جي عذاب کان محفوظ رکندو ۽ قيامت جي ڏينهن ان جو بهترين اجر و پاداش ڏيندو جڏهن اسان کي ان جي سخت ضرورت هوندي.

هن اعمال سان جيڪي گناهن جي معافي جو ذريعو آهن ۽ قبر جي پهرين رات ۾ الله پنهنجي سڀ کان وڌيڪ روشن، فصيح ۽ بهترين طريقي سان نوازيندو. جڏهن پڇيو ويو ته ..... ٻڌايائون.... “ منهنجا بندا توکي خوشخبري هجي ته توکي هر خوف ۽ پريشاني کان نجات ملي ويئي آهي. جڏهن پڇندو، “اوهان ڪير آهيو؟” الله جو قسم مون اوهان کان وڌيڪ خوبصورت ماڻهون ناهي ڏٺو، مون اوهان کان وڌيڪ پياري آواز نه ٻڌي ۽ اوهان کان وڌيڪ خوشبو مان نه ٿو ڄاڻان ” جواب ايندو، “مان.... تنهنجي اها عبادت آهيان جيڪا تو رجب مهيني جي پهرين جمع رات ۾ ڪئي هئي، مان اوهان وٽ آئي آهيان، توسان تنهائي ۾ ساٿ ڏيڻ جي لاءِ ته جيئن توکان خوف ۽ دهشت پري ٿي وڃي، تون بلڪل اطمينان سان ٿي وڃ ڇاڪاڻ ته منهنجو سايو تو سان گڏ ان وقت تائين رهندو جيستائين قيامت جي ڏينهن جو بيگل وڄايو نه ٿو وڃي.”

اعمال جو طريقو :

 هي چيو ويو آهي ته رجب جي پهرين جمع جو روزو رکي، مغرب ۽ عشاء جي نمازن جي وچ ۾ 12 رڪعت نماز 2،2 رڪعت ڪري 6 دفعا پڙهي، جنهن جي نيت “نامز رجا” ٿيندي. هر رڪعت ۾ سورت الحمد کان بعد 3 دفعا سورت القدر ۽ پوءِ 12 دفعه سورت اخلاص پڙهي. جڏهن هي نماز پوري ٿي وڃي ته هي   70 دفعا پڙهي


اي الله ا مي نبي محمد  صه ۽ ان جي اولاد تي پنهنجو درود و سلام موڪل.

پوءِ سجدي ۾ وڃي ۽ 70 دفعا پڙهي 

http://urdu.sahartv.ir/media/rajab_2.jpg

پاڪ آهي اها ذات جيڪا سڀ کان وڌيڪ مقدس فرشتن ۽ روحن جو رب آهي.

پوءِ سڌو ويهي ۽ 70 دفعا چوي :

اي رب! معاف ڪجان، رحم فرماءِ ۽ مهربان ٿي ان باري ۾ جيڪو تون خوب ڄاڻين ٿو، بيشڪ شاندار ڪامل ۽ غلبي وارو آهين.

پوءِ سجدي ۾ وڃي ۽ 70 دفعا پڙهي :

پاڪ آهي اها ذات جيڪا سڀ کان وڌيڪ مقدس فرشتن ۽ روحن جو رب آهي.


ب. رجب جي مهيني جا مخصوص اعمال :

 

هن مهيني جي مخصوص اعمالن مان ڪجھ نمازون آهن جن کي هر رات ۾ پڙهيو ويندو آهي ان جي ڪيفيت روايتن ۾ ذڪر ڪئي ويئي آهي.

هن مهيني جا مخصوص اعمالن ۾ پهرين رات، پندرهين رات ۽ رجب مهيني جي آخري رات ۾ غسل ڪرڻ آهي. رجب مهيني جي پهرين جمع رات (ليلته الرغائب) جون نمازون، تيرهين رات، چوڏهين رات ۽ پندرهين رات (ليالي البيض) جون نمازون، عمرو ادا ڪرڻ، امام حسين عليه السلام جي زيارت ۽ امام رضا (ع) جي زيارت هن مهيني جي مخصوص اعمالن ۾ شامل آهن.

رجب مهيني جا گڏيل اعمال :

(1) رجب جي سڄي مهيني ۾ هي دعا پڙهندو رهي روايت ۾ آهي ته دعا امام زين العابين عه رجب مهيني ۾ حجر جي مقام تي پرهي هئي :


یَا مَنْ یَمْلِکُ حَوائِجَ السَّائِلِینَ، وَیَعْلَمُ ضَمِیرَ الصَّامِتِینَ، لِکُلِّ مَسْٲَلَۃٍ مِنْکَ سَمْعٌ حَاضِرٌ، وَجَوَابٌ عَتِیدٌ ۔ اَللّٰھُمَّ وَمَواعِیدُکَ الصَّادِقَۃُ، وَٲَیادِیکَ الْفَاضِلَۃُ، وَرَحْمَتُکَ الْوَاسِعَۃُ فَٲَسْٲَلُکَ ٲَنْ تُصَلِّیَ عَلَی مُحَمَّدٍ وَآلِ مُحَمَّدٍ وَٲَنْ تَقْضِیَ حَوائِجِی لِلدُّنْیا وَالاْخِرَۃِ، إنَّکَ عَلَی کُلِّ شَیْئٍ قَدِیرٌ ۔

اي اهو، جيڪو سوالين جي حاجتن جو مالڪ آهين ۽ خاموش ماڻهن جي دلين جي ڳالهين کي ڄاڻين ٿو ۽ اهو سوال جيڪو توکان ڪيو وڃي تنهجا ڪن ان کي ٻڌن ٿا ۽ ان جو جواب تيار آهي. اي معبود تنهنجا سڀ واعدا يقينن سچا آهن تنهجون نعمتون تمام عمده آهن ۽ تنهجي رحمت وڏي وسيع آهي پوءِ مان تو کان سوال ڪريان ٿو ته محمد (ص) وآل(ع) محمد (ص) تي رحمت فرما ۽ هي ته منهجون دنياوي ۽ آخرت جون حاجتون پوريون فرما، بيشڪ تون هر شي تي قدرت رکين ٿو.

(2) هي دعا پڙهي جنهن کي امام جعفر صادق عه رجب ۾ هر روز پڙهندو هو :


 خابَ الْوافِدُونَ عَلَی غَیْرِکَ، وَخَسِرَ الْمُتَعَرِّضُونَ إلاَّ لَکَ، وَضاعَ الْمُلِمُّونَ إلاَّ بِکَ وَٲَجْدَبَ الْمُنْتَجِعُونَ إلاَّ مَنِ انْتَجَعَ فَضْلَکَ بَابُکَ مَفْتُوحٌ لِلرَّاغِبِینَ وَخَیْرُکَ مَبْذُولٌ لِلطَّالِبِینَ، وَفَضْلُکَ مُباحٌ لِلسَّائِلِینَ، وَنَیْلُکَ مُتَاحٌ لِلاَْمِلِینَ، وَرِزْقُکَ مَبْسُوطٌ لِمَنْ عَصَاکَ وَحِلْمُکَ مُعْتَرِضٌ لِمَنْ نَاوَاکَ عَادَتُکَ الْاِحْسانُ إلَی الْمُسِیئِینَ وَسَبِیلُکَ الْاِ بْقائُ عَلَی الْمُعْتَدِینَ اَللّٰھُمَّ فَاھْدِنِی ھُدَی الْمُھْتَدِینَ وَارْزُقْنِی اجْتِہادَ الْمُجْتَھِدِینَ وَلاَ تَجْعَلْنِی مِنَ الْغَافِلِینَ الْمُبْعَدِینَ، وَاغْفِرْ لِی یَوْمَ الدِّینِ ۔

(3) شيخ، مصباح ۾ فرمايو آهي ته معلى بن حنيس امام جعفر صادي (عه) کان روايت ڪئي آهي ته : پاڻ (عه) فرمايو ته رجب مهيني ۾ هي دعا پڙهندا ڪريو :

 

اَللّٰھُمَّ إنِّی ٲَسْٲَ لُکَ صَبْرَ الشَّاکِرِینَ لَکَ، وَعَمَلَ الْخَائِفِینَ مِنْکَ، وَیَقِینَ الْعَابِدِینَ
لَکَ اَللّٰھُمَّ ٲَنْتَ الْعَلِیُّ الْعَظِیمُ وَٲَنَا عَبْدُکَ الْبَائِسُ الْفَقِیرُ ٲَنْتَ الْغَنِیُّ الْحَمِیدُ وَٲَنَا
الْعَبْدُ الذَّلِیلُ اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلَی مُحَمَّدٍ وَآلِہِ وَامْنُنْ بِغِنَاکَ عَلَی فَقْرِی، وَبِحِلْمِکَ عَلَی
جَھْلِی وَبِقُوَّتِکَ عَلَی ضَعْفِی یَا قَوِیُّ یَا عَزِیزُ اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلَی مُحَمَّدٍ وَآلِہِ الْاَوْصِیائِ
الْمَرْضِیِّینَ وَاکْفِنِی مَا ٲَھَمَّنِی مِنْ ٲَمْرِ الدُّنْیا وَالاَْخِرَۃِ یَا ٲَرْحَمَ الرَّاحِمِینَ

لکڻ وارو چوي ٿو ته ڪتاب اقبال ۾ سيد بن طائوس به هن دعا جي روايت ڪئي آهي ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي جامع ترين دعا آهي ۽ ان کي پڙهي سگھجي ٿو.

(4) شيخ فرمائين ٿا ته هن دعا کي هر روز پڙهڻ مستحب آهي.
 


اَللّٰھُمَّ یَا ذَا الْمِنَنِ السَّابِغَۃِ وَالاَْلاَئِ الْوَازِعَۃِ وَالرَّحْمَۃِ الْوَاسِعَۃِ، وَالْقُدْرَۃِ الْجَامِعَۃِ
وَالنِّعَمِ الْجَسِیمَۃِ وَالْمَواھِبِ الْعَظِیمَۃِ وَالْاَیادِی الْجَمِیلَۃِ وَالْعَطایَا الْجَزِیلَۃِ یَا مَنْ
لاَ یُنْعَتُ بِتَمْثِیلٍ وَلاَ یُمَثَّلُ بِنَظِیرٍ وَلاَ یُغْلَبُ بِظَھِیرٍ یَا مَنْ خَلَقَ فَرَزَقَ وَٲَلْھَمَ فَٲَنْطَقَ
وَابْتَدَعَ فَشَرَعَ، وَعَلا فَارْتَفَعَ، وَقَدَّرَ فَٲَحْسَنَ، وَصَوَّرَ فَٲَتْقَنَ، وَاحْتَجَّ فَٲَبْلَغَ،
وَٲَنْعَمَ فَٲَسْبَغَ، وَٲَعْطی فَٲَجْزَلَ، وَمَنَحَ فَٲَفْضَلَ یَا مَنْ سَمَا فِی الْعِزِّ فَفاتَ نَواظِرَ
الْاَ بْصارِ، وَدَنا فِی اللُّطْفِ فَجازَ ھَواجِسَ الْاَفْکارِ یَا مَنْ تَوَحَّدَ بِالْمُلْکِ فَلا نِدَّ لَہُ
فِی مَلَکُوتِ سُلْطَانِہِ وَتَفَرَّدَ بِالاَْلاَئِ وَالْکِبْرِیائِ فَلاَ ضِدَّ لَہُ فِی جَبَرُوتِ شَٲْنِہِ یَا مَنْ
یکتا حارَتْ فِی کِبْرِیائِ ھَیْبَتِہِ دَقائِقُ لَطائِفِ الْاَوْہامِ، وَانْحَسَرَتْ دُونَ إدْراکِ عَظَمَتِہِ
خَطَائِفُ ٲَبْصَارِ الْاَنامِ ۔ یَا مَنْ عَنَتِ الْوُجُوھُ لِھَیْبَتِہِ، وَخَضَعَتِ الرِّقابُ لِعَظَمَتِہِ،
وَوَجِلَتِ الْقُلُوبُ مِنْ خِیفَتِہِ ٲَسْٲَلُکَ بِھَذِہِ الْمِدْحَۃِ الَّتِی لاَ تَنْبَغِی إلاَّ لَکَ وَبِما وَٲَیْتَ
بِہِ عَلَی نَفْسِکَ لِداعِیکَ مِنَ الْمُؤْمِنِینَ وَبِما ضَمِنْتَ الْاِجابَۃَ فِیہِ عَلَی نَفْسِکَلِلدَّاعِینَ یَا ٲَسْمَعَ السَّامِعِینَ،وَٲَبْصَرَ
النَّاظِرِینَ، وَٲَسْرَعَ الْحَاسِبِینَ، یَا ذَا الْقُوَّۃِ الْمَتِینَ صَلِّ عَلَی مُحَمَّدٍ خَاتَمِ النَّبِیِّینَ وَعَلَی ٲَھْلِ بَیْتِہِ وَاقْسِمْ لِی فِی شَھْرِنا ہذَاخَیْرَ مَا قَسَمْتَ وَاحْتِمْ لِی فِی قَضَائِکَ خَیْرَ مَا حَتَمْتَ، وَاخْتِمْ لِی بالسَّعادَۃِ فِیمَنْ خَتَمْتَ وَٲَحْیِنِی مَا ٲَحْیَیْتَنِی مَوْفُوراً وَٲمِتْنِی مَسْرُوراً وَمَغْفُوراً وَتَوَلَّ ٲَنْتَ نَجَاتِی مِنْ مُسائَلَۃِ البَرْزَخِ وَادْرٲْ عَنِّی مُنکَراً وَنَکِیراً، وَٲَرِ عَیْنِی مُبَشِّراً وَبَشِیراً، وَاجْعَلْ لِی إلَی رِضْوَانِکَ وَجِنانِکَ مَصِیراً وَعَیْشاً قَرِیراً، وَمُلْکاً کَبِیراً، وَصَلِّ عَلَی مُحَمَّدٍوَآلِہِ کَثِیراً ۔

 

ياد رهي ته علماء ڪرام رجب جي هر رات جي لاءِ هڪ مخصوص نماز لاءِ ذڪر ڪرڻ فرمايو آهي.


.......................................

رجب مهيني جون فضيلتون:

قالَ اللهُ تَبارَکَ و تَعالي:
  
جَعَلتُ هذَا الشَّهرَ (رَجَبَ) حَبلاً بَيني و بَينَ عِبادي فَمَنِ اعتَصَمَ بِهِ وَصَلَ بِي.
   
خداوند متعال فرمائي ٿو:


   مون رجب مهيني کي پنهنجي ۽ بندن جي وچ ۾ رسي قرار ڏنو آهي پوءِ جيڪو شخص ان سان متمسڪ ٿي وڃي مون تائين پهچي ويندو.  
إقبال الأعمال، ج 3، ص 174.
----------------------------------

قالَ اللهُ تَبارَکَ و تَعالي:
  
الشَّهرُ شَهري و العَبدُ عَبدي و الرَّحمَةُ رَحمَتي فَمَن دَعاني في هذَا الشَّهرِ أجَبتُهُ و مَن سَألَني أعطَيتُهُ.

خداوند متعال فرمائي ٿو:

رجب ميهنو مهنجو مهينو آهي ۽ بندو مهنجو بندو آهي ۽ رحمت منهجي رحمت آهي جنهنڪري جيڪو شخص هن مهيني ۾ مون کي پڪاريندو مان ان جو جواب ڏيندس ۽ جيڪو مون کان گھرندو مان ان کي عطا ڪندس.


إقبال الأعمال، ج 3،ص 174.   
---------------------------------
  
قالَ رسولُ الله صلي الله عليه و آله :
 
رَجَبٌ شَهرُ اللَّهِ الأصَبُّ يَصُبُّ اللَّهُ فِيهِ الرَّحمَةَ عَلى عِبادِهِ.

پيغمبر اعظم صلى الله عليه وآله فرمايو ته:  

رجب الله جي رحمت جي بارش جو مهينو آهي هن مهيني ۾ خدا پنهنجن بندن تي رحمت جي بارش ڪري ٿو.

عيون اخبار الرضا عليه السلام، ج 2، ص 71
----------------------------------------------------

قالَ رسولُ الله صلي الله عليه و آله:

إنَّ في الجَنَّةِ قَصراً لايَدخُلُهُ إلّا صُوّامُ رَجَبٍ.

پيغمبر اعظم صلى الله عليه وآله فرمايو ته:  

بهشت ۾ اهڙو محل آهي جنهن ۾ اهو ئي داخل ٿيندو جيڪو رجب مهيني ۾ روزه رکندو. 
بحار الأنوار، ج 97، ص 47
------------------------------

قالَ الإمامُ الکاظمُ عليه السلام :

رَجَبٌ شَهرٌ عَظيمٌ يُضاعِفُ اللَّهُ فيهِ الحَسَناتَ و يَمحُو فيهِ السَّيِّئاتَ.

امام موسي ڪاظم عليه السلام فرمايو ته :

رجب ميهنو هڪ عظيم مهينو آهي جنهن ۾ نيڪين جو ثواب ٻيڻو ٿي وڃي ٿو ۽ برائيون محو ڪيون وينديون آهن.

كتاب من لايحضره الفقيه، ج 2، ص 92.
---------------------------------------------

ڀلي ڪري آيا


اسان جا سوشل ميڊيا جا صفحه پسند ڪريو.
رابطو ڪريو

© سڀ حق ۽ واسطا صراط المستقيم وٽ محفوظ آهن