روزانه حديث:
حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام فرمايو حيا، ايمان جو حصو آهي ۽ ايمان (جو مقام) بهشت آهي، بي حيائي ظلم و جفا (جو مقام) جهنم آهي. (ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 4562 )
نيوز ليٽر
اسان جو نيوز ليٽر حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اي ميل ايڊريس ڏيو.
اسلامي فلم سيڪشن

تاريخ رحمة للعالمين


پيغمبر آخر زمان

حضرت محمد بن عبد الله مصطفيٰ صه

                   

ذاتي ڪوائف

نالو:                   محمد، احمد صه

هاڪارو لقب:       رسول الله، خاتم النبيين

ڪُنيت :              ابوالقاسم

والده ۽ والدۡ :        بيبي آمنه، حضرت عبدالله

وقت ۽ ڄمڻ جو هنڌ:

                   پرهه ڦٽي، جمعي ڏينهن، 17 ربيع الاول، سن571 ع

                   (بعثت کان چاليهه سال اڳ) مڪي ۾ ولادت ٿي.

 

نبوت جو زمانو:

             چاليهه سالن جي عمر ۾ ٢٧ رجب تي نبوت جواعلان           

   فرمايائون، جنهن جا 13 سال مڪي، ۾ 10 سال مديني ۾ان حساب سان سندن (ظاهري طور) نبوت جو زمانو ڪُل ٽيويهه سال ٿئي ٿو.

وقت ۽ وصال جو هنڌ ۽ مرقد منور:

   سومر ڏينهن ٢٨ صفر، سن ١١ هه مديني ۾63 سالن جي ڄمار ۾ وصال فرمايائون ۽ مسجد نبويءَ ۾ سندن

روضو مبارڪ آهي.

عمر جو تفصيل: ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿي:

             1ـ نبوت کان اڳ ۾

             2 ــ نبوت کان پوءِ مڪي ۾

           3 ــ مڪي  مان هجرت کان پوءِ مديني ۾ 

          اسلامي حڪومت جي تشڪيل ڏيڻ ۾ لڳ ڀڳ ڏهه سال.

 

خاتم الانبياء حضرت محمدمصطفيٰ صه

قريش جو قبيلو

حجاز ۾ عرب جي معزز قبيلن منجهان قريش جو قبيلو سڀ کان وڌيڪ مانائتو ليکيو ويندو هو. پيغمبر جو پڙ ڏاڏو (قصي بن قلاب) حرمِ خدا (ڪعبي) جو متولي هو. قريش ڪيترن ئي نکن ۾ ورهائجي ويا هئا. انهن سڀني منجهان بني هاشم سڀني کان وڌيڪ وڏي رُتبي وارا هئا. حضرت هاشم بلند مرتبي وارو، ڏاهو ۽ مڪي وارن ۾ آبرو وارو سمجهيو ويندو هئو. پاڻَ مڪي جي رهواسين جي ڪم اچڻ ۽ سندن زندگي سولي ۽ سُکي بڻائڻ لاءِ سياري توڙي اونهاري ۾ واپار جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو هو.ان خدمت جي عيوض اتان وارن کين ”سيد“ جي لقب سان نوازيو ۽ ان ئي بنياد تي هاشم ۽ پيغمبر جي اولاد کي سيد سڏيو وڃي ٿو.

هاشم کان پوءِ مطلب ۽ مطلب کان پوءِ عبدالمطلب، هاشم جا پٽ قريش جا اڳواڻ ٿيا. عبدالمطلب جي شخصيت مانائتي هئي، انهن جي ئي زماني ۾ ابرهه ڪعبي تي حملو ڪيو ۽ پاڻ تباهه ٿي ويو، جنهن ڪري عبدالمطلب جي عظمت هٿئون وڌي وئي. پاڻ پنهنجي پٽ عبدالله سان گهڻو پيار ڪندا هئا. چوويهه ورهين جي ڄمار ۾ عبدالله جي شادي شريف نينگري ”آمنه“ سان ٿي.

بيبي ”آمنه“ کي عام الفيل جي واقعي کان ٻه مهينا پوءِ هڪ فرزند ڄايو، جنهن جو نالو ”محمد“ رکيو  ويو. پاڻ سڳورن جي ولادت کان اڳ ئي سندن بابي سائينءَ (حضرت عبدالله) جو انتقال ٿي ويو ۽ ٿوري ئي وقت کان پوءِ سندن جيجل امڙ جو سايو به سر تي نه رهيو، ۽ پاڻ سڳورن کي سندن ڏاڏي سائين حضرت عبدالمطلب پنهنجي سنڀال ۾ ورتو.

عبدالله جو پٽ رب پاڪ جي رحمت جي ڇانوَ ۾ روح جي پاڪائين ساڻ جوانيءَ کي رسيو، جنهن کي ساري مڪي جا رهواسي ڀائيندا هئا ۽ پنهنجون امانتون  وٽن ئي رکندا هئا. ان ئي بنياد تي پاڻ سڳورن کي ”امين“ چيو ويو. پاڻ سڳورا ايماني قوت کان محروم ۽ ڏتڙيل انسانن جي مدد ڪندا هئا، انهن سان گڏجي ماني کائيندا هئا، سندن پيڙا ٻڌي انهن جو حل ٻڌائيندا هئا. جڏهن ڪجهه نوجوانن هڪ ”عهد جوانان“ (حلف الفضول) نالي تنظيم جوڙي ته پاڻ ان ۾ شامل ٿيا ۽ انهن جي حمايت ڪرڻ لڳا، ڇو ته انهن جو مقصد مظلومن جي حمايت ۽ ظالمن سان جنگ جوٽڻ هيو. پنهنجي چاچي سائين ابوطالب جي آڇ تي پاڻ سڳورا بيبي خديجا جي واپاري قافلي ۾ شامل ٿيا ۽ پنهنجي سهڻي وهنوار جي ڪري قافلي جا اڳواڻ بڻجي ويا. ڪجهه عرصي کان پوءِ سندن ڀلي ڪردار کان متاثر ٿي بيبي خديجا پاڻ سڳورن سان شاديءَ جي خواهش ڏيکاري. پاڻ سڳورن ان آڇ کي قبوليندي شادي ڪئي ۽ قريش جي ڄاتل سڃاتل ۽ مشهور ڀاڳوند خاتون پنهنجو سمورو ڀاڳ بخت پاڻ سڳورن جي قدمن تي گهوري ڇڏيو.

سائڻ خديجه جي شڪم مان سائڻ فاطمہ/تولد ٿيون ۽ امت اسلام جا سڀئي معصوم رهبر ۽ اڳواڻ سائڻ جي ئي نسل منجهان آهن.

 پاڻ سڳورن صهجي دانائي

پاڻ سڳورن جي شادي جي ڏهين سال کان پوءِ مڪي ۾ زبردست ٻوڏ آئي، جنهن جي ڪري خانه ڪعبه ويران ٿي ويو. اختلاف کان بچڻ لاءِ ڪعبي جي تعمير جو ڪم قريش جي مختلف قبيلن ۾ ورهايو ويو، پر جڏهن عمارت جڙي راس ٿي ۽ حجرِ اسود (ڪاري رنگ جو  پٿر، جيڪو ڪعبي شريف جي ڪنڊ تي لڳل آهي) کي نصب ڪرڻ جو وقت آيو ته قريش جو هر قبيلو چاهي پيو ته حجرِ اسود کي نصب ڪرڻ جي عزت ان کي ملي. قريب هيو جو ان ڳالهه تي تلوارون مياڻن منجهان نڪري اچن ۽ جنگ جو ميدان ريٽي رت سان رڱجي وڃي، پر پاڻ سڳورن انهن کي اها سهڻي صلاح ڏني ته حجرِ اسود کي هڪ چادر ۾ رکي، ان کي سڀ گڏجي کڻي نصب ڪن.

رسالت جو آغاز

چاليهن سالن جي ڄمار ۾ پاڻ سڳورا الله تعاليٰ جي پيغام پهچائڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا. هڪ ڏينهن پاڻ غار حِرا ۾ خدا جي عبادت ۽ واکاڻ ۾ رُڌل هئا ته فرشتي ذريعي وحي نازل ٿي ته اوهان کي رسول ۽ خدا جو پيغام پهچائيندڙ چونڊيو ويو آهي. وحي کان پوءِ پاڻ سڳورا آرام لاءِ گهر آيا. ٻيهر فرشتو نازل ٿيو ته اٿو ۽ پنهنجي تبليغ جي شروعات ڪيو.  شروعات ۾ پاڻ لِڪ ۾ تبليغ ڪندا هئا ۽ ڪجهه ماڻهو اندروني طرح سان ايمان آڻي چڪا هئا. سڀ کان پهريان سندن گهرواريءَ خديجه بيبي سندن نبوت کي قبوليو ۽ پوءِ امام عليعه، ٽن سالن تائين انهن مڪي جي ماحول کي تبليغ لاءِ هموار ڪيو. خدا پاران حڪم مليو ته، ماڻهن کي ”هڪڙي خدا“ جي دعوت ڏيو ۽ بُتن جي خلاف جهاد ڪيو. جيئن ته اهو ڪم انتهائي خطرناڪ هو ڇو ته قبيلن جا سردار، حڪمران ۽ اڳواڻ آقا بڻيا ويٺا هئا ۽ سڀن کي پنهنجو غلام بڻائي رکيو هيائون، ۽ ٻيو ته انهن بُتن جو ٽوڙڻ تمام ڏکيو هو ڇو جو هڪ وڏي عرصي کان اهي انهن بُتن کي پوڄيندا هئا، پر هڪ عظيم مقصد جي حصول، هيڪڙائيءَ جي مڃرائڻ ۽ توحيد جي قانون جي تبليغ خاطر سختيون سهڻ کان سواءِ  ٻيو ڪو چارو ئي نه هو.

عام دعوت کان پوءِ اوهان جي مخالفت ۽ دشمنيءَ جو سلسلو شروع ٿي ويو. شروعات ۾ مخالفن رشوت ذريعي پاڻ سڳوري کي، ان ڪم کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر انهن جي اها ڪوشش ڪامياب نه ٿي ته پوءِ انهن طاقت جو استعمال شروع ڪيو. پاڻ سڳورن تي چٿرون ڪرڻ لڳا، پر هنن جي هڪ به ڪوشش پيغمبر جي مقصد کي اڳتي وڌڻ کان روڪي نه سگهي.

مشرڪن ظلم ۽ ڏاڍ ۾ واڌارو آندو ۽ پيغمبر کي گهر ڀاتين ۽ صحابن سميت مڪي کان تڙي ڪڍيو ويو. تنهن ڪري اهي ٽن سالن تائين شعب ابو طالب ۾ زندگي گذارڻ لاءِ مجبور ٿي ويا، جيئن دشمن جي شر کان محفوظ رهي سگهن، پر دشمن ان تي ئي بس نه ڪئي ۽ شعب ابو طالب تي پهرو بيهاريو ويو جيئن انهن تائين غذا ۽ پاڻي به نه پهچي سگهي، پر ڪجهه

اهڙي ريت زمانو گذرندو رهيو ايستائين جو مشرڪ مسلمانن جي پير ڄمائيءَ کان عاجز ٿي پاڻ سڳورن کي قتل ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو ۽ اهو منصوبو جوڙيو ويو ته هر هڪ خاندان ۽ قبيلي مان هڪ هڪ جوان چونڊيو وڃي جيئن انهن جي خون بها جو مطالبو ڪوئي به نه ڪري سگهي، ۽ پوءِ انهن هڪ رات مقرر ڪئي ته جيئن پيغمبر صه جي گهر تي حملو ڪري پاڻ سڳوري کي قتل ڪري ڇڏين.

 مديني طرف هجرت

وحي جي ذريعي پيغمبر صه کي انهن جي منصوبي جي خبر پئجي وئي. چاهيندڙن ۾ فقط عليعه ئي هئا، جيڪي پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ سندن بستري تي ليٽيا، ۽ پاڻ سڳورا صه رات جي اونداهيءَ ۾ مڪي کان ٻاهر نڪري ويا. رات جو مقرر وقت تي مشرڪ حملي لاءِ ڪٺا ٿيا، پر جڏهن انهن بستر رسول تي علي عه کي ڏٺو ته وائڙا ٿي ويا ۽ پوءِ فوراً پاڻ سڳورن جي پٺيان نڪري پيا پر نامراد ٿي واپس موٽيا. 9 ڏينهن جي ڏکن ڏاکڙن کان پوءِ پيغمبر مديني جي ويجهو مقام قبا تي پهتا جتي مديني وارن سندن ڀليڪار ڪئي.

اتي پهچڻ کان پوءِ پاڻ سڳورن مسجد قبا جي  تعمير جو منصوبو جوڙيو، جيئن مسلمان اتي گڏجي نماز پڙهن ۽ پنهنجي اڏاوتي ڪمن جي منصوبا بندي ڪري سگهن.مسجد جي اڏاوت جو ڪم تيزيءَ سان اڳتي وڌڻ لڳو. پيغمبر صه به ان ڪم ۾ هٿ ونڊرائيندا هئا. تعمير کان پوءِ پاڻَ پهرين جمعي جي نماز ان ئي مسجد ۾ پڙهي ۽ هڪ مختصر تقرير به ڪيائون.  پيغمبر ڪجهه ڏينهن اتي ئي پنهنجي نمائندي حضرت عليعه جو انتظار ڪندا رهيا، ته جيئن اهي هاشمين جي عورتن کي وٺي اچن ته پوءِ سڀئي گڏجي مديني ۾ داخل ٿين.

حضرت عليعه (پاڻ سڳورن کان پوءِ) ٽن ڏينهن تائين مڪي ۾ ترسيا ۽ جيڪي امانتون رسول وٽ رکيل هيون انهن کي ماڻهن تائين پهچايائون ۽ اڌ رات جو بني هاشم جي عورتن کي ساڻ وٺي مديني طرف روانا ٿيا ۽ قبا ۾ پيغمبر سان اچي مليا. پيغمبر، حضرت عليعه ۽ عورتن سميت، ماڻهن جي پُرجوش استقبال سان مديني شهر ۾ داخل ٿيا. هر هڪ شخص پاڻ سڳورن کي پنهنجي گهر مهمان ٿيڻ جي آڇ پئي ڪئي. پر پاڻ فرمايائون ته منهنجي ڏاچي جي رستي مان پري ٿيو. اها جنهن جي دروازي تي ويٺي، مان ان جو ئي مهمان بڻجندس.

ڏاچي مديني جي وَرَ وڪڙ گهٽين کي طئي ڪندي رهي ايتري تائين جو ابوايوب انصاري جي دروازي تي اچي ويٺي ۽ اهڙي ريت پاڻ سڳورا حضرت ابوايوب جا مهمان ٿيا. مديني پهچي سڀ کان پهريان پاڻ سڳورن مسجد جو بنياد وڌو جيئن ان عزت ۽ عظمت واري هنڌ کان رسالت جي تبليغ جو آغاز ڪري سگهن. ان ئي وقت اوس ۽ خزرج قبيلي جي ويڙهه جو انت آڻي ٺاهه ڪرايائون جيڪا يهودين جي چرچ تي 120 سالن کان هلندي پئي آئي.

مهاجر، انصار لاءِ تڪليف نه بڻجن ان ڪري پيغمبر صه انهن ۾ ڀائيچارو قائم فرمايو. جيئن ٻئي ڌريون پاڻ ۾ گڏجي سهڻي زندگي گذارين. مديني جا يهودي، جن جي هٿ اُتان جي معيشت ۽ وڻج واپار جي ڪنجي هئي. انهن پاڻ لاءِ خطرو محسوس ڪيو ۽ مسلمانن سان تعلقات خراب ڪري ڇڏيائون. اهي چاهين پيا ته مسلمانن جو اتحاد ختم ڪري انهن کي موت جي منهن ۾ ڏئي ڇڏيون. پر پيغمبر صه انهن جي مقاصد کان آگاهه هئا. ان ڪري انهن جي هر چال کي ناڪام بڻائي ڇڏن پيا.

 قبلي جي تبديلي

پيغمبر صه 13 سال مڪي ۾ ۽ هڪ سال پنج (5) مهينا مديني ۾ مسجد اقصيٰ (بيت المقدس) جي طرف منهن ڪري نماز پڙهندا رهيا. (هيڏانهن) يهودين جو اعتراض هو ته جيڪڏهن اسان حق تي ناهيون ته پوءِ اوهان اسان جي قبلي طرف نماز ڇو ٿا پڙهو؟ ايتري تائين جو هڪڙي ڏينهن جبرئيل امين ان وقت وحي کڻي نازل ٿيو جڏهن پاڻ سڳورا نماز ۾ مشغول هئا، ۽ فرمايائين ته اوهان هينئر ڪعبة الله طرف منهن ڦيريو. ان وقت کان ئي مسجد الحرام مسلمانن جو قبلو آهي.

يهودين کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ اهي مسلمانن تي اعتراض ڪرڻ لڳا ته جيڪڏهن اوهان جو قبلو ڪعبو هو ته پهريان اوهان مسجد اقصيٰ (بيت المقدس) ڏانهن نماز ڇو پڙهندا هئا.  اهي ان ڳالهه کان اڻ ڄاڻ هئا ته اها قبلي جي تبديلي ان لاءِ ٿي آهي ته جيئن اسلام جي دوست ۽ دشمن جي پرک ٿي وڃي ۽ خبر پوي ته ڪير پيغمبر جي ان حڪم جي پيروي ٿو ڪري ۽ ڪير مخالفت.

جنگين جو تعارف

 1 . جنگ بدر

جڏهن پيغمبر صه وٽ جنگي طاقت ۽ لشڪر جمع ٿي ويا ته سڀ کان پهريان پاڻ سڳورن مديني جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ قبيلن ساڻ صلح جو معاهدو ڪري امڪاني  حملن کي ٻنجو ڏئي ڇڏيو ۽ ان ئي وقت ڪفار قريش جي هڪ وڏي قافلي تي جيڪو مديني جي ڀرسان لانگاهو ٿي شام وڃي رهيو  هو. حملي جو ارادو ڪيو جيئن هڪ پاسي ڪفر ۽ شرڪ جي ساٿارين جي ڪن مهٽ ڪئي وڃي ۽ انهن جي تڪبر کي ٽوڙيو وڃي ۽ ٻي طرف انهن کي مهاجرن جا مال لٽڻ ۽ انهن جي گهرن کي برباد ڪرڻ جو جواب ڏنو وڃي.

جيئن ته اها جنگ ”بدر“ جي نالي کوهه جي ويجهو وڙهي وئي ان ڪري ان کي جنگ بدر چيو وڃي ٿو. پيغمبر اها جنگ سياسي افراد جي صلاح سان جوٽي ۽ دشمن جي درست حالت جو پتو لڳائڻ کان پوءِ پنهنجي ڪم جو آغاز ڪيائون ۽ ايمان جي ڇانو ۾ سندن ساٿارين ڪاميابي ماڻي ۽ مشرڪن کي هارَ پلئه پئي. 

2  . جنگ احد

جنگ بدر ۾ مسلمانن جي ڪاميابي، مشرڪن جي قتل انهن (مشرڪن) کي سخت ڪاوڙائي ڇڏيو هو ان جي پڄاڻي ان تي ٿي جو ابو سفيان اهو اعلان ڪري ڇڏيو ته ڪوئي به پنهنجي عزيز جي موت جو تڏو نه وڇائي. ٻي طرف مسلمانن جي ڪاميابي کان يهودي به  ڊنل  هئا. ان ڪري ئي ڪعب بن اشرف نالي يهودي مڪي ويو ۽ اتي وڃي ڀڙڪائيندڙ شعر پڙهي ڪفار کي سندن ڪُٺلن تي روئاريو ۽ پلاند ڪرڻ لاءِ سندرا ٻڌرايا.

نتيجي ۾ قريش دارلندوه ۾ هڪ ميڙ ڪوٺايو جتي صلاح کان پوءِ ايندڙ جنگ لاءِ پنجاهه هزار سونن  دينارن جوڪاٿو لڳايو ويو. ۽ تڏهن کان جنگ لاءِ هٿيار پنهوار ڪٺي ڪرڻ کي لڳي ويا ۽ ڀرپاسي وارن قبيلن کان به واهُر وٺڻ لڳا.

روانگي جو طريقو

ٽن هزار جوانن تي ٻڌل مشرڪن جي لشڪر مديني تي ڪاهه ڪئي. “عباس ابن عبدالمطلب” جنهن پنهنجو اسلام مخفي رکيو هو. تنهن پيغمبر صه جي مدد ڪئي ۽ تڪڙي قاصد جي هٿ هڪ خط ذريعي کين اطلاع ڏنائين. جنگي ساز ۽ سامان سان لڏيل مشرڪن جو اهو لشڪر ابوسفيان جي اڳواڻي ۾ ۽ پيادو لشڪر خالد بن وليد جي ڪمان ۾ هليو ۽ احد جي ٽڪريءَ ويجهو اچي لٿا.

پيغمبر صه کي مشرڪن جي ارادي جي خبر جيئن ئي پهتي پاڻ سڳورن هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي جنهن ۾ گهڻائيءَ جو فيصلو اهو ٿيو ته مديني کان ٻاهر نڪرجي حڪم پيغمبر صه سان اسلامي لشڪر ۷ شوال المڪرم ڇنڇر ڏينهن سن ۳ هه نمازِ صبح کان پوءِ احد ڏانهن روانو ٿيو. ۽ دشمن جي ويجهو اچي لٿا. پيغمبر صه عبدالله ابن جُبَير کي پنجاهه تيراندازن ساڻ گڏ هڪ اهم ۽ جنگي لحاظ سان خطرناڪ ”گهٽ“ تي مقرر فرمايو ۽ کيس چيائون ته اسان ڪاميابي ماڻيون يا ناڪامي توهان ان گهٽ کان نه هٽجو.

لشڪر توحيد و شرڪ هڪ ٻي سان مهاڏو اٽڪايو ۽ لشڪر قريش جي سپاهي ابوعامر ويڙهه جي شروعات ڪئي. شروع ۾ اسلامي لشڪر بهادريءَ سان مقابلو ڪيو ۽ ڪفر جي لشڪر جا پير اکڙجي ويا پر ڏسندي جنگ جو نقشو مٽجي ويو. تيراندازن جو دستو جنهن کي پيغمبر صه گهٽ تي بيهاريو هو. انهن اهو سوچي ته جنگ پڄاڻي تي پهتي  ۽ مال غنيمت جي لالچ ۾ گهٽ ڇڏي ڏنائون. دشمن جي پيادي فوج جي ڪمانڊر خالد بن وليد موقعي کان فائدو وٺندي جبل جي ٻئي پاسي کان ڦري گهٽ تي اچي قبضو ڄمايو ۽ پويان مسلمانن تي ڪاهه ڪيائين جيڪي مال غنيمت لٽي رهيا هئا  انهن مان ڪيترن ئي کي قتل ڪري وڌائين. مسلمانن جا ستر (70) جوان قتل ٿيا ۽ باقين ڀَڄي جند ڇڏائي ۽  جنگ جي پڄاڻي دشمن جي حق ۾ ٿي پر رسول سڳوري، حضرت عليعه جي سر تريءَ تي رکي وڙهڻ، ۽ ڪجهه ٻين جوانن جي ساٿ سان دشمن جو پيڇو ڪيو ۽ انهن جي ڪجهه سپاهين کي قتل ڪري وڌائون ۽ دشمن کي مديني تي نئين حملي کان روڪي وڌائون.

 3 . جنگ احزاب

جن يهودين کي دشمن جو ساٿ ڏيڻ ۽ خيانت ڪرڻ جي ڪري مديني مان تڙيو ويو هو. اهي چپ ڪري نه ويٺا انهن جا سردار مڪي پهتا ۽ قريش کي مسلمانن سان جنگ ڪرڻ لاءِ اڀاريائون ۽ انهن سان هر قسم جي مدد ڪرڻ جو وعدو پڻ ڪيائون. ان هلچل جي نتيجي ۾ اسلام جي خلاف مختلف لشڪرن ۽ گروهن جو مورچو ٻڌو ويو. ان ڪري ان جنگ جو نالو جنگ احزاب پيو. ان فوج ۾ مشرڪ، متڪبر يهودي، منافق ۽ مديني مان ڀڳل سڀني اسلام جي خلاف هڪ ٻئي سان ساٿ ڏيڻ جو معاهدو ڪيو. ته جيئن انهن جي خيال ۾ اسلام جو خاتمو ڪري سگهن. ڏهه هزار جوانن تي ٻڌل هڪ لشڪر شوال المڪرم مهيني، سن ۵ هه تي ابوسفيان جي اڳواڻي ۾ مديني تي حملي ڪرڻ لاءِ نڪري پيا.  خزا جي جٿي جا ڪجهه تکا سوار مديني پهتا ۽ حضور جن کي حقيقت کان واقف ڪيائون. رسول پاڪ اسلامي لشڪر کي تيار رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ لشڪر جا اڳواڻ صلاح ڪرڻ لاءِ گڏجي ويٺا. ڳالهه ٻولهه کان پوءِ حضرت سلمان.جي صلاح وٺندي مديني جي چؤطرف کاهي کوٽي وئي ۽ مسلمان کاهي جي اندران دفاع ڪرڻ ۾ رُڌجي ويا.

ٽن هزار سرويچ مسلمانن رات ڏينهن سِر تريءَ تي رکي هڪ کاهي پنج ميٽر اونهي ۽ ڇهه ميٽر ويڪري ۽ ٻارهن هزار ميٽر ڊگهي کوٽي ۽ کاهي تان لنگهڻ لاءِ ڪجهه رستا ٺاهيا ويا. ۽ انهن تي نگهبان مقرر ڪيا ويا.  کاهي پويان مورچا جوڙيا ويا ۽ شهر جي بچاءَ لاءِ انهن ۾ تير انداز ويهاريا ويا. جڏهن مشرڪن جو لشڪر مديني پهتو ته ڏٺائون ته شهر جي چوڌاري کاهي کوٽيل آهي. جنهن مٿان لنگهڻ ممڪن نه هو. مجبور ٿي کين کاهيءَ جي ٻاهران ئي لهڻو پئجي ويو. ابوسفيان پنهنجي لشڪر جي دل وڌائڻ لاءِ قبيله بني نضير جي يهودين جي سردار ابن اخطب کي سڏرايو ۽ ان کي چيائين تون ڪعب بن اسد بني قريظه جي يهودين جي سردار جيڪو مديني ۾ آهي. ان سان ملاقات ڪر ۽ ان کي چئو ته پنهنجي پيروڪارن ساڻ گڏجي مديني ۾ گهرو جنگ شروع ڪري ڏي. جيئن مشرڪن جي حملي جي راهه سنئين ٿي سگهي. ان اهو ڪم ڪيو پر پيغمبر ان جي اڳواٽ ئي پيشبندي ڪري ڇڏي هئي ۽ پنج سئو هٿيار بند جوانن کي شهر جي گشت تي مقرر فرمائي چڪا هئا. جيئن اچڻ وڃڻ وارن تي تکي نظر رکن ۽ دشمن جي ڪنهن به چال کي ڪامياب نه ٿيڻ ڏين. ان سان اندروني حملي جوخطرو ٽري ويو ۽ ڪجهه گروهن تي ٻڌل لشڪر کاهي جي پريان ئي رهيو. هڪ ڏهاڙي عمرو بن عبدود جي اڳواڻي ۾ مشرڪين جا پنج دلير کاهي ٽپي آيا ۽ عمرو بن عبدود دانهن ڪري چيو ته “اي جنگ جي دعوا ڪندڙؤ وارو! ڪٿي آهيو اچو ته توهان کي جنت ۾ پهچايان!” پر سواءِ حضرت علي عه جي ڪنهن کي به ان جي جواب جي جرئت نه ٿي. حضرت علي عه کِوِڻ جئان ان جي ويجهو ويا ۽ مختصر گفتگو ڪرڻ کان پوءِ هڪ ئي ڌڪ سان ان کي جهنم رسيد ڪري تڪبير بلند ڪيائون. عمرو بن عبدود جو هڪ ساٿي ڀڳو ۽ کاهيءَ منجهه وڃي ڪريو. حضرت علي عه ان کي ڀڄڻ جي مهلت نه ڏني ۽ اڳتي وڌي قتل ڪري ڇڏيائونس ۽ ٻيا ٽئي جوان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. علي عه جي ٻانهن جي ٻَلَ ۽ ڦڙتيءَ اسلامي لشڪر کي هڪ وڏي ڪاميابي ڏياري. جيئن پيغمبر فرمايو ته ”اسلام خاطر علي عه جي اها ضربت ۽ سرويچائي جنن ۽ انسانن جي ستر سالن جي عبادت کان افضل آهي.“

ٻي ڏينهن شڪست جو بدلو وٺڻ ۽ پنهنجي لشڪر جي دل وڌائڻ خاطر خالد بن وليد پنهنجي لشڪر جي ڪجهه سوارن سان کاهي ٽپڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسلامي مجاهدن ان جو مقابلو ڪيو، ان حالت ۾ انهن جون وايون بتال ٿي ويون. ان وقت پيغمبر صه پنهنجي حڪمت عمليءَ  سان نعيم بن مسعود کي ان ڳالهه تي مقرر فرمايو ته هو بني قريظه جي يهودين ۽ انهن مشرڪن جي وچ ۾ اختلاف ۽ ڏڦيڙ پيدا ڪري ڇڏن جيئن هو پنهنجن وعدن کي ٽوڙي ڇڏن.

انهن رات جي اونداهيءَ ۾ حذيفه کي مشرڪن وٽ روانو ڪيو ته جيئن اهي انهن کي جنگ کان شڪ ۾ مبتلا ڪري ڇڏن. انهن ٿڌي هوا ۽ خطرناڪ طوفان اچڻ جي خبر هُلائي. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سپاهين ۽ سردارن ۾ اختلاف پئجي ويو، آخرڪار ٿيو ائين جو ابوسفيان رات جي اونداهيءَ ۾ چپ چپاتيءَ ۾ فوج سميت مڪي روانو ٿي ويو. نماز صبح جو جڏهن مسلمان جاڳيا ته ڇا ڏسن ته دشمن ڀڄي ويو آهي. پيغمبرصه کي جڏهن دشمن جي ڀاڄ جي خبر ملي ته پاڻ اصحابن کي حڪم ڏنائون ته مورچا ڇڏي شهر واپس هليا اچو.

 بني قريظه جو خاتمو

جنگ احزاب کان پوءِ پيغمبر صه  قلعه بني قريظه ڏانهن روانا ٿيا ۽ 25 ڏينهن قلعي جو گهيرو ڪرڻ کان پوءِ انهن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ حضرت عليعه جي خوف کان انهن هٿيار ڦٽا ڪيا. شڪست کان پوءِ انهن نبي پاڪ کي عرض ڪيو ته اسان کي مديني ڇڏي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. پر پاڻ سڳورن ان عرض کي رد فرمائي ڇڏيو. ڇو ته کين اها پروڙ هئي ته اهي آزادي کان پوءِ ٻي جنگ جي باهه ڀڙڪائيندا. جيئن ”بني قنقاع“ (بني قينقاع) جي يهودين آزاديءَ کان پوءِ جنگ احد جي باهه ڀڙڪائي هئي ۽ بني نضير جي يهودين جنگ خندق، نيٺ انهن سعد ابن عباده جي حڪم آڏو ڪنڌ جهڪايو ته جن ماڻهن جنگ ۾ خيانت ڪئي ۽ دشمنن جي مدد ڪئي انهن جي مردن کي قتل ڪيو وڃي ۽ انهن جا مال ضبط ڪيا وڃن.

صلح حُدَيبيه

اندروني جنگين ۾ قريش جي هار ۽ مسلمانن جي لڳاتار سوڀُن خصوصاً ”طائفه بني مطلق“ جي شڪست ۽ پيغمبر صه تي ايمان آڻڻ قريش کي ڇتو ڪري ڇڏيو.

ذيقعد سن ٢ هه ۾ رسول الله چوڏهن سئو مسلمان ساڻ ڪري حج جي ارادي سان نڪتا، ذوالحليفه جي مقام تي احرام ٻڌائون ان سفر ۾ روحاني ۽ عبادي فائدن کانسواءِ هڪ سياسي اهميت وارو ڪم عرب جي ٻيٽ ۾ مسلمانن کي مستقل حيثيت ڏيڻ به هو. مڪي جي مشرڪن کي جڏهن پاڻ سڳورن جي اچڻ جي خبر پئي ته انهن پنهنجن بُتن جو قسم کڻي چيو ته اسان پيغمبر صه ۽ انهن جي ساٿين کي مڪي ۾ داخل ٿيڻ نه ڏينداسون. اهڙيءَ طرح انهن خالد بن وليد کي ٻن سئو سوارن ساڻ پاڻ سڳورن ڏانهن روانو ڪيو ته جيئن هو کين مڪي ۾ داخل ٿيڻ نه ڏي.

هيڏانهن پيغمبر صه ڪنهن به اختلاف کان بچڻ خاطر اڻ مشهور رستن کان ٿيندا حديبيه جي سرزمين تي اچي پهتا. پهريان ته رسول پاڪ قريش ڏانهن پنهنجا نمائندا موڪليا ته جيئن انهن کي يقين ڏيارجي ته اسان ڪا جنگ جوٽڻ لاءِ نه آيا آهيون پر اسان جو مقصد صرف حج ڪرڻ آهي. پر اهي پاڻ سڳورن جي قاصدن سان سٺي نموني پيش نه آيا. جنهن مان لڳو پئي ته انهن جي سرن تي اڃا تائين جنگ جو ڀوت سوار آهي.

نبي پاڪ جن هڪ وڻ هيٺيان پنهنجي اصحابن کان ٻيهر بيعت ورتي ۽ اصحابن به کين وفاداري ۽ جانثاري جو يقين ڏياريو. قريش جڏهن اهو واقعو ٻڌو ته ڏاڍا گهٻرايا ۽ صلح جي لاءِ ”سهيل“ کي پنهنجو نمائندو بڻائي پيغمبر صه جي خدمت ۾ روانو ڪيائون. قريش چاهين پيا ته هن سال مسلمان مڪي ۾ داخل نه ٿين ۽ بغير حج ڪرڻ جي موٽي وڃن ۽ ايندڙ سال بغير هٿيارن جي اچن ۽ پنهنجي مذهبي رسمن کي آزاديءَ سان پورو ڪن ۽ ان زماني ۾ انهن جي جان مال جي حفاظت جي ذميواري قريش تي هوندي. پنجن شرطن تي ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ صلح ٿيو پر اها ڳالهه نه هئي ته اهو صلح مڪي جي فتح جو آغاز آهي. انهن جي ڪاوڙ جي اها انتها هئي جو اهي خود رسولِ خدا تي اعتراض پيا ڪن. انهن جي غلط سوچ ۾ ان صلح ۾ ذلت ۽ بدنامي هئي، خاص طرح سان ان فيصلي تي وڌيڪ ناراض هئا ته ”جيڪڏهن مڪي مان ڪوئي مسلمان مديني اچي ته ان کي واپس ڪيو وڃي.“ پيغمبر صه سختيءَ سان انهن کي سمجهايو. امام جعفر صادقعه ان صلح جي اهميت بابت فرمائين ٿا ته ”پيغمبر جي زندگيءَ ۾ سڀ کان اهم واقعو (صلح حديبيه) آهي.“

 4. جنگ خيبر

ربيع الاول سن 7 هه ۾ پيغمبر سورهن سئو (1600) مسلمان ساڻ، مديني کان خيبر ڏانهن  روانا ٿيا. ۽ دشمن جي غفلت ۾ پاڻ سڳورا صه  تيزيءَ سان ”رجيع“ جي سرزمين تي پهچي ويا. جيڪا خيبر ۾ ”غطفان“ جي سرزمين جي وچ ۾ آهي. انهن جي ان جنگي حڪمت عمليءَ جي ڪري ٻن اهڙن قبيلن جي هڪ ٻئي جي ساٿ جو معاهدو ڪيو هو يعني خيبر جا يهودي ۽ غطفان جا عرب انهن ۾ جدائي ڪرائي ڇڏي. ته جيئن اهي هڪ ٻئي جي مدد نه ڪري سگهن. مسلمانن راتورات خيبر جي قلعن جو گهيرو ڪري ڇڏيو ۽ اسلامي مجاهدن کجين جي باغن ۾ لڪل موزون جڳهن تان خيبر جي گهٽن جي ڳولها ڪري جنگ جي شروعات ڪري ڏني ۽ سر تريءَ تي رکي دليريءَ سان خيبر جي گهٽن کي هڪ ٻئي پٺيان فتح ڪري ڇڏيو.  پر ٻه اهم گهٽ فتح نه ٿي سگهيا انهن گهٽن مان يهودي مسلمانن سان جنگ ڪري رهيا هئا ۽ تير وسائي رهيا هئا. سپاهه اسلام، رسول الله صه  جي حڪم مطابق هڪ ٻئي پٺيان ٽن ڏينهن تائين ابوبڪر، عمر ابن خطاب ۽ سعد بن عباده جي اڳواڻي هيٺ الڳ الڳ قلعن تي حملا ڪندي رهي پر هر دفعي شڪست جو منهن ڏسڻو پين. پيغمبر فرمايو ته ”سڀاڻي مان علم ان کي ڏيندس جيڪو ان قلعي کي فتح ڪري پوءِ موٽندو“ ان خوش قسمت کي ڏسڻ لاءِ سڀئي ٻي ڏينهن جو انتظار ڪرڻ لڳا پر اهو عليعهکان سواءِ ٻيو ڪير ٿي سگهيو پئي. صبح ٿيو رسول، علي عه کي علم عطا فرمايو ۽ خيبر جي قلعي کي فتح ڪرڻ تي مقرر فرمايو ۽ سندن فتح جي لاءِ دعا گهريائون. رسول پنهنجي ان عمل سان ٻين سردارن تي عليعه جي فضيلت ثابت ڪرڻ چاهين پيا. جڏهن حضرت علي عه لشڪر وٺي دروازي جي ويجهو پهتا ته ٻن بهادر ۽ طاقتور ڀائرن ”حارث“ ۽ ”مرحب“ زبردست حملو ڪيو ته مسلمان ڀڄڻ لڳا پر حضرت علي عه پنهنجي زبردست طاقت، دليريءَ سان ٻنهي کي جهنم ۾ داخل ڪيو. اها حالت ڏسي ٻيا يهودي دهلجي قلعي جي اندر لڪي ويا ۽ مضبوطيءَ سان ٻاهريون قلعي جو دروازو بند ڪري ڇڏيائون، ڀاڄوڪڙ مسلمانن اها حالت ڏسي موٽ کاڌي ۽ حضرت علي عه جي ڀرسان اچي بيٺا.

حضرت علي عه گجندڙ شينهن جيان حملو ڪري قلعي جو دروازو پاڙؤن پٽي پنهنجي ڍال بڻايو ۽ پوءِ ان کي کاهيءَ مٿان پل بڻائي رکي ڇڏيو جيئن مسلمان قلعي اندر داخل ٿي سگهن. اهو در ايترو ته ڳرو هو جو ست مسلمان به گڏجي ان کي لوڏي نه پئي سگهيا. علي عه ان عجب ۾ وجهندڙ طاقت متعلق فرمايو ته : ”مون درِ خيبر انساني طاقت سان نه پر خدا جي ۽ ايماني طاقت سان پٽيو اٿم.“

نيٺ اسلامي لشڪر سڀني قلعن کي فتح ڪري ڇڏيو ۽ يهودين کي واضح شڪست ملي. يهودين رسول الله صه کي عرض ڪيو ته اسان کي اتي ئي رهڻ ڏيو ۽ ٻني ٻارو ڪرڻ ڏيو ۽ ان جو اڌ اسان مسلمانن کي ڏينداسين. پيغمبر اسلام کين ان جي اجازت ڏئي آزاد فرمائي ڇڏيو.

 باغِ فدڪ

خيبر جي فتح جي خبر جڏهن فدڪ جي يهودين کي ملي ته اهي دهلجي ويا ۽ پيغمبر صه جي خدمت ۾ صلح لاءِ پنهنجا نمائندا موڪلي اڌ فدڪ رسول الله صه کي پيش ڪيائون ۽ پاڻ سڳورن سائڻ فاطمہ زهراسکي بخشي ڇڏيو ته جيئن اهي ان مان پنهنجا ۽ ٻين مسڪينن جا خرچ پورا ڪن.

رسولِ خدا خيبر جي جنگ کان پوءِ ”القريٰ“ جي وادي جيڪا يهودين جو ڳڙهه هئي ان ڏانهن روانا ٿيا ۽ ان جوگهيرو ڪري ان تي قابض ٿي ويا ۽ خيبر وانگر ان شرط تي انهن کي سندن زمين ڏنائون ته ان جي اڌ  آمدني مسلمانن کي ڏيندا.

رسول الله صه ان فيصلي سان مسلمانن کي مالي ۽ معاشي آسودگي عطا فرمائي ڇڏي. جيئن دشمن جو مقابلو ڪري سگهن.

 جنگ موته

پيغمبر صه هڪ سفير بصري جي بادشاهه ڏانهن روانو فرمايو ته ان تائين اسلام جي دعوت جو پيغام پهچائي.جڏهن اهو سفير موته جي سرزمين تي پهتو ته اتان جي حاڪم ان کي گرفتار ڪرائي قتل ڪرائي ڇڏيو. ان کان پوءِ پاڻ سڳورن 16 (سورهن) مبلغ اوڏانهن اُماڻيا، پر انهن مان سواءِ هڪ جي، ٻين کي به قتل ڪيو ويو. اهو زندهه بچڻ وارو  رات جي وقت لڪي مديني پهتو ۽ رسول پاڪ کي ان ڏکائيندڙ  واقعي جي خبر ڏنائين. رسول کي بيحد افسوس ٿيو ۽ جمادي الاول سن ۸ هه تي موته ڏانهن لشڪر موڪلڻ جو اهو ئي سبب بڻيو. ڏهه هزار جوان سر تريءَ تي رکي تيار ٿيا. پيغمبر صه  رواني ٿيڻ کان اڳ ۾ فرمايو ته: ”لشڪر جي سردارن جي ترتيب هن ريت هوندي: پهريان حضرت جعفر ابن ابي طالب سردار ٿيندو ۽ ٻيو زيد بن حارث، ان کان پوءِ عبدالله بن رواحه، پر انهن سڀني جي شهادت کان پوءِ توهان پاڻ منجهان ڪنهن کي به پنهنجو امير بڻائي سگهو ٿا.“

لشڪر اسلام موته ڏانهن روانو ٿيو، جڏهن اهو لشڪر معان جي شهر پهتو ته اطلاع مليو ته روم جي بادشاهه (هرقل) هڪ لک رومي ۽ هڪ لک عرب گهيري  ڪرڻ لاءِ روانا ڪيا آهن.

 اڻ برابري واري جنگ

دشمن جي ٻن لکن جو لشڪر 10 هزار مسلمانن جي مقابلي تي آيو ته جنگ جي شروعات ٿي وئي. جعفرعه دليريءَ سان وڙهيو ايتري تائين جو شهادت ماڻيائين. انهن کان پوءِ زيد بن حارث.علمدار مقرر ٿيا.

اهي به دليريءَ سان وڙهندي شهيد ٿيا ۽ انهن کان پوءِ عبدالله بن رواحه. به بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿي ويا. سندن کان پوءِ لشڪر خالد بن وليد کي پنهنجو علمدار منتخب ڪيو. خالد تجربيڪار ۽ سياڻو ته هيو ئي ان سوچيو ته جيڪڏهن جنگ جاري رهي ته سڀئي شهيد ٿي وينداسين. ان ڪري ان جنگي حڪمت عمليءَ کان ڪم  وٺي دشمن کان ميدان کسي ورتو. ۽ خالد لشڪر وٺي واپس وريو.  رسول پاڪ کي جڏهن پنهنجي عزيزن جي شهادت جي خبر پئي ته تمام رنجيده ٿي ڳوڙها ڳاڙيائون ۽ خالد کي سياڻپ تي داد ڏنائون.

 6. فتح مڪه

جنگ موته جي حالتن کي ڏسي قريش دلير بڻجي ويا ۽ صلح حديبيه جي قول قرار جي باوجود انهن پنهنجي ساٿارين بنوبڪر کان مدد وٺي خزاعه جي گروهه جي مسلمانن تي حملو ڪري ڪيترن مسلمانن کي شهيد ڪري ڇڏيائون. ابوسفيان سمجهي پيو ته ان گستاخي جو جواب ضرور ملندو. ان ڪري هو پهرين فرصت ۾ مديني پهتو ته جيئن پيغمبر صه سان عذرخواهي ڪري صلح نامي کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري پر پيغمبر صه ان کي ڪوئي دل گهريو جواب نه ڏنو ۽ هو ناڪام ٿي مڪي موٽيو.

رسول اڪرم صه فوج کي تيار رهڻ جو حڪم ڏنو ۽ ڏهه هزار جوان تيار ٿي ويا. پاڻ سڳورن مديني جي چوڌاري پهريدار مقرر ڪيا ته جيئن مديني کان ٻاهر نڪري ڪوئي ان واقعي جو اطلاع مشرڪن تائين نه پهچائي. پر هڪڙي خشڪ متقي خيانت ڪار ”حاطب“ هڪ عورت ذريعي هڪ خط لکي قريش تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ان جي ان ڪُڌي ڪرتوت جي خبر پئجي وئي ۽ خط عورت وٽان پڪڙجي پيو. رسول الله ان سان تعلقات ٽوڙي ڇڏڻ جو حڪم ڏنو. جيڪو ان لاءِ موت کان بدتر هو.

۱۰رمضان سن ۸ هه تي رسول پاڪ لشڪر کي روانگي جو حڪم ڏنو مسلمان تيزيءَ سان هڪ هفتي اندر مڪي پهچي ويا ۽ شهر جي ويجهو اچي لٿا. پيغمبر صه پنهنجي حڪمت عمليءَ سان مسلمانن کي حڪم ڏنو ته اهي رات جو ٽڙي پکڙي وڃن. ۽ باهه روشن ڪري ڇڏن جيئن دشمن ائين سمجهي ته وڏو لشڪر مديني کان آيو آهي. اهڙي نموني دشمن تي رعب ڇائنجي ويو. رات جو باهه جي ڀيڙن، مسلمانن جي جوش خروش ۽ چوٻول ۾ اٺن جي آواز ۽ گهوڙن جي هڻڪڻ سان سارو جهنگ ٻُري اٿيو ويو. جڏهن ابوسفيان قريش جي سردارن جي هڪ گروهه سان صورتحال ڏسڻ آيو ته ڊڄي ويو ۽ پنهنجي ساٿارين کي چوڻ لڳو ته مان اڄ سوڌو ايڏو وڏو لشڪر نه ڏٺو آهي.

ابوسفيان عباس سان ملاقات ڪئي ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪيائون. عباس ان کي امان ڏني ۽ رسول خدا  جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. ابوسفيان طاقت جمع ڪرڻ وارو ته هو ئي ان ڪمزوريءَ کان مسلمان فائدو وٺي سگهن پيا.

پيغمبر اڪرم صه مصلحت کي نگاهه ۾ رکندي فرمايو ته ابوسفيان مڪي جي رهواسين کي اهو يقين ڏياري سگهي ٿو ته جيڪو ان جي گهر ۾ پناهه وٺندو ان جي لاءِ امان آهي. ابو سفيان امان وٺي مڪي وريو ۽ مڪي وارن کي مسلمانن جي لشڪر جو احوال ٻڌائي ڊيڄاري ڇڏيائين. ۽ انهن کي مسلمانن سان جنگ ڪرڻ کان جھليائين ۽ اهڙي طرح مڪو بغير ڪنهن رتو ڇاڻ جي فتح ٿي ويو.

عام معافي

مسلمانن جي هڪ ٽولي ۾ خاص طرح مهاجرن ۾ قريش کان انتقام جو جذبو هو، پر رسول خدا عام بخشش جو اعلان فرمائي ڇڏيو ۽ چيائون: ”اڄ رحمت جو ڏهارو آهي، انتقام جو نه“ ڪنهن کي به ماڻهن سان وڙهڻ جو حق ناهي پر ڪجهه ماڻهن کي جتي به ڏسو قتل ڪري ڇڏيو ڇو ته انهن جو ڏوهه معافيءَ جهڙو نه آهي. ان کان پوءِ پاڻ سڳورن انهن جا نالا ٻڌايا.

          پيغمبر صه مختصر آرام کان پوءِ ڪعبي شريف ۾ داخل ٿيا ۽ ڪعبي کي بُتن جي وجود کان پاڪ ڪيائون. حضرت بلال. اذان ڏني ۽ رسول خدا پنهنجي اصحابن سميت نماز ادا فرمائي.

 7 .جنگ حنين

مسلمانن  هٿان مشرڪن جي مرڪز مڪي جي شڪست مڪي جي ڀر پاسي ۾  رهندڙ مشرڪن جي قبيلن ۾ گھڻو ڊپ پکيڙي ڇڏيو هو. ان ڪري سڀئي گڏ ٿيا ۽ فيصلو ڪيائون ته سڀئي قبيلا گڏجي مسلمانن سان وڙهن. سڀني هوازن قبيلي جي سردار کي پنهنجو سپهه سالار مقرر ڪيو. ان ميڙاڪي جي خبر پاڻ سڳورن کي ملي ته پاڻ هڪ شخص کي حالتن جو جائزو وٺڻ لاءِ انهن قبيلن ڏانهن موڪليو، ته جيئن اهو انهن جي جنگي سنڀت جي خبر آڻي.

 حنين ڏانهن روانگي

جڏهن پاڻ سڳورن کي دشمن جي ارادن جي خبر پئي ته انهن ٥ شوال سن ٨ هه تي حنين جي گهٽ ڏانهن هٿيار بند لشڪر وٺي روانگي

اختيار فرمائي. مشرڪن جي سردار مالڪ پنهنجا ٽي سپاهي لشڪر اسلام جي جاسوسيءَ لاءِ موڪليا. اهي اسلام جي عظيم لشڪر جو مشاهدو ڪري موٽيا ۽ پنهنجي سردار کي اچي خبر ڏنائون. ان سوچيو ته مسلمان جي عظيم لشڪر جي مقابلي جي اسان ۾ سگهه نه آهي. ان ڪري ان پنهنجي لشڪر کي حڪم ڏنو ته ، ”حنين جي گهٽ جي مٿان پهچي پٿرن جي اوٽ ۾ مٿاهين جڳهه تي پنهنجا مورچا مضبوط ڪن ۽ جڏهن لشڪر اسلام گهٽ ۾ داخل ٿئي ته بي خبريءَ  جي حالت ۾ ان تي حملو ڪري ڏيو.“

 حنين جي گهاٽيءَ ۾

10 شوال اڱاري جي رات سن 8 هه تي اسلامي لشڪر حنين جي گهٽ وٽ پهتو. پيغمبر صه جي حڪم سان رات جو سڀني آرام ڪيو ۽ اَسُر جي وقت اسلامي لشڪر حنين جي گهاٽيءَ ۾ داخل ٿيو، دشمن جيڪو پوري هوشياريءَ سان موقعي جي انتظار ۾ ويٺل هو چئني طرفن کان مسلمانن مٿان ٽٽي پيو. هِڪُ رات جي اونداهي ٻيو گهوڙن جي ٽاڪوڙي ۽ ٽيون اسلامي لشڪر ۾ ٻه هزار نون مسلمانن جي وجود دشمن جي ڪافي مدد ڪئي تنهن ڪري وليد کي مجبور ٿي پوئتي هٽڻو پيو ۽ لشڪر اسلام پوئتي هٽيو. رڳو ڏهه جوان پيغمبرصه جي چوڌاري هئا جيڪي پاڻ سڳورن جي دفاع ۾ مصروف هئا. پيغمبر صه حڪم ڏنو ته ڀڄڻ وارن کي پوئتي موٽايو ۽ انهن کي مدد لئه سڏيو. حضرت عباس جي گجندڙ ۽ ملامت ڪندڙ آواز ڀڄڻ وارن کي پوئتي موٽايو. جيڪو دشمن شروع ۾ ڪامياب ٿي ويو هو. هاڻي هوريان هوريان ڪمزور ٿيندو پئي ويو. ايتري قدر جو سندن بچاءُ جا مورچا به تباهه ٿي ويا ۽ دشمن هٿيار ڦٽا ڪري ڀڄڻ تي مجبور ٿي ويو. پاڪ پيغمبر صه هڪ ٽولي کي ڀاڄوڪڙن جي ڪڍ موڪليو ته جيئن انهن کي سُٺي سيکت ڏين ته جيئن آئنده ڪا به فوجي ڪاروائي نه ڪري سگهن. سندن پويان ويندڙ پنهنجو فرض سهڻي نموني نڀائي اسلامي لشڪر جي مرڪز ۾ موٽي آيا ۽ پاڻ سڳورن پنهنجي لشڪر ۾ مال غنيمت ورهايو.

8 .جنگ تبوڪ

رجب جي مهيني ۾ سن 9 هه ۾ پيغمبر اڪرم کي اطلاع مليو ته اتر جي اوڀارين سرحدن کان مسلمانن مٿان روم وارا حملا ڪري رهيا آهن ۽ روم اسلامي علائقن مٿان قبضو ڄمائڻ چاهي ٿو. رسول خدا اسلامي لشڪر تيار فرمايو ۽ هميشه وانگر هن دفعي پنهنجي مقصد کي ڳجهو نه رکيائون ۽ ماڻهن کي ٻڌايائون ته اسان روم تي حملي جو ارادو رکون ٿا. ان ڪري جيترو ٿي سگهي اسلامي لشڪر جي مدد ڪريو. ماڻهن ضرورت جي هر شيءِ  مدد ۾ ڏني ۽ پنهنجو فرض نڀايائون.

منافقن جو ڪردار

اسلامي لشڪر جي تياريءَ سان ئي منافقن به پنهنجون ڪاروايون شروع ڪري ڏنيون ۽ ماڻهن کي روم جي فوج جو خوف ڏيارڻ شروع ڪري ڏنو. (ان ئي زماني ۾) انهن ضرار نالي هڪ مسجد جوڙي ته جيئن ان مسجد کي پنهنجي زهريلي تبليغ جو مرڪز بڻائي ماڻهن کي جهاد ۾ شريڪ ٿيڻ کان روڪيو وڃي. پر پاڻ سڳورا انهن جي سازشن کي سمجهي ويا هئا. پاڻ سڳورن جي حڪم مطابق منافقن جي گڏجاڻيءَ جي مرڪز ”سويلم“ يهوديءَ جي گهر کي باهه ڏني وئي ۽ انهن جي سڄي ڪوشش پاڻيءَ تي ليڪو ثابت ٿي.

 

تبوڪ ڏانهن روانگي

ٽيهه هزار مسلمان جوانن جي عظيم الشان فوج مديني جي ٻاهران تيار ٿي خيما کوڙي ويٺي. رسول خدا لشڪر جو علم پاڻ وٽ ئي رکيو ۽ سردارن جي صفن جو جائزو وٺي هڪ تقرير ڪيائون ان وقت حضرت عليعهکي پنهنجو جانشين مقرر فرمايائون ۽ پاڻ لشڪر سان تبوڪ ڏانهن روانا ٿيا.

لشڪر اسلام تپندڙ برپٽ جي 600 ڪلوميٽر جي ڊگهي مسافري طئي ڪري تبوڪ پهتو، پر اتي رومي لشڪر جو نانءُ نشان ئي ڪو نه هئو. شايد کين اسلام جي طاقتور فوج جي اچڻ جو اطلاع  اڳواٽ ئي ملي ويو هيو. ان ڪري اهي اتر طرف لڪي ويٺا هئا. اتي ويهه (20) ڏينهن  ترسڻ کان پوءِ بنا مهاڏو اٽڪائڻ جي، اسلامي لشڪرحڪمِ رسول الله ساڻ واپس وريو.

 

منافقن جي سازش

تبوڪ کان واپسيءَ تي منافقن جي هڪڙي ٽولي جن ماڻهن جي خوف کان جنگ ۾ شرڪت ڪئي هئي، تبوڪ جي جبل جي هڪ گهٽ ۾ لڪڻ جو منصوبو ٺاهيو ته رات جي اونداهي جو فائدو وٺي پاڻ سڳورن جي اُٺ کي ٽاهه ڏنو وڃي ۽ کين اٺ تان ڪيرائي شهيد ڪيو وڃي.  پر انهن جي اها سازش به ظاهر ٿي پئي ۽ سڀئي ڀڄي ويا. اسلامي جوڌا چاهين پيا ته انهن منافقن کي قتل ڪري  ڇڏجي. پر پاڻ سڳورن ائين ڪرڻ کان منع فرمايو. تبوڪ کان موٽ تي رسول الله منافقن جي مرڪز  ”مسجد ضرار“ کي ڊاهي ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ۽ اهڙي نموني ان منافقت جي اڏي جو خاتمو ٿي ويو.

جنگ تبوڪ لشڪر اسلام جي طاقت ۽ قدرت جو مظاهرو هئي ۽ ان ۾ سڀئي شريڪ هئا. ان مظاهري جي ڪري پاڙيسري مشرڪ  ملڪن اسلامي طاقت کي مڃي ڇڏيو ۽ ان جي خلاف ڪنهن به قسم جي سازش کان سدائين لاءِ پلجي ويا.

 مشرڪن کان بيزاري

۱۰ ذي الحج سن ۹ هه تائين مشرڪ حج جي رسمن کي پنهنجي گذريل طريقي مطابق ادا ڪندا هئا. ان ئي سال حج جي موقعي تي ”سورة برائت“ نازل ٿي. پيغمبرصه الاهي وحي مطابق ان سورة کي حضرت عليعه جي حوالي فرمايو ته جيئن اهي ان جي تبليغ مشرڪن جي درميان وڃي فرمائن ۽ انهن کي ٻڌائين:

”هن سال کان پوءِ ڪو به مشرڪ ڪعبي ۾ داخل نه ٿيندو ۽ نه ئي اگهاڙپ جي حالت ۾ طواف ڪندو.“

حضرت عليءفرمانِ رسالت مطابق مڪي آيا. حاجين ۾ سورة برائت پڙهي ٻڌايائون ۽ حڪمِ رسول کان ماڻهن کي آگاهه ڪيائون. 

مباهلو

رسول خدا جن جيئن مختلف سردارن ڏانهن دعوت اسلام جا خط روانا ڪري رهيا هئا. اهڙي نموني انهن هڪ خط نجران جي اسقف (عيسائين جو پيشوا) جي نالي به روانو فرمايو. ان خط ۾ اسقف کي سڌو ايمان قبولڻ يا اسلامي حڪومت کي ٽيڪس ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو. اسقف پهريان ئي پنهنجن مقدس ڪتابن ۾ حضرت عيسيٰ عه کان پوءِ هڪ نبيءَ جي اچڻ بابت پڙهي چڪو هو. ان ڪري ان تحقيق خاطر پنهنجا چند نمائندا مديني روانا ڪيا. انهن اتي پهچي پيغمبرصه ساڻ بحث ڪيو پر مطمئن نه ٿيا نيٺ فرشتو وحي کڻي نازل ٿيو ته ، اوهان پاڻ ۽ نجران جا عالم هڪ ميدان ۾ هليا وڃو ۽ هڪ مقرر وقت تائين عبادت ڪري ڪوڙن تي لعنت ڪريو. جڏهن مباهلي جو وقت آيو ته پاڻ سڳورا پاڻ سان گڏ مسلمانن ۽ گهر ڀاتين مان صرف چئن شخصيتن کي پاڻ سان گڏ وٺي آيا. حسين عه جهوليءَ ۾، حسن مجتبيٰ عه کي آڱر کان ورتل ۽ حضرت عليء  ۽ فاطمہ زهرا سه پويان پويان هلي رهيا هئا.

جڏهن عيسائين جون نگاهون سندن مٿان پيون ته انهن جي سردار چيو ته : “خدا جو قسم مان اهڙا چهرا ڏسي رهيو آهيان جي اهي لعنت ۾ بيزاري ڪندا ته ميدان جهنم بڻجي ويندو ۽ ان عذاب جو اثر سرزمين نجران تائين پهچندو ۽ خطرو آهي ته سڀئي عيسائي هلاڪ ٿي وڃن. نتيجو اهو نڪتو جو انهن ”جزيو“ ڏيڻ قبول ڪيو ۽ طئي اهو ٿيو ته ٻه هزار لباس ۽ ٽيهه زرهون عيسائي، مسلمانن کي ڏيندا رهندا”.

 حجة الوداع

۲۵ذيقعد سن ۱۰ هه رسول جن هي اعلان فرمايو ته هن سال پاڻ سڳورا حج ادا ڪرڻ ويندا، ۽ جيڪو به انهن سان گڏجي حج ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو اهو تيار ٿي. ان خبر ماڻهن ۾ شوق پيدا ڪري ڇڏيو ۽ هزارين مسلمان تيار ٿي ويا. رسول پاڪ جن مديني ۾ ”حضرت ابودجانه“ کي پنهنجو قائم مقام مقرر فرمايو ۽ اصحابن سميت روانا ٿي ويا. سرزمين ذوالحليفه تي پاڻ سڳورن احرام ٻڌو ۽ لبيڪ چيائون ۽ مڪي ڏانهن روانا ٿيا. ڏهن ڏينهن کان پوءِ مڪي پهتا ۽ مسجد الحرام ۾ داخل ٿيا ۽ حج جا ارڪان ادا ڪيائون. رسول الله جن عرفه جي ڏهاڙي جي ٻي ڏينهن منيٰ ۾ حاجين کي خطاب ڪيو ۽ نصيحت فرمايائون ته دين جي معاملن ۾ پير ڄمائڻ جي ضرورت آهي. 

غدير خم

خميس جي ڏهاڙي ۱۸ ذي الحج تي جڏهن پاڻ سڳورا صه حجفه کان (روانا ٿي) خم جي تلاءُ جي ڪناري پهتا ته خدا جو فرشتو وحي کڻي نازل ٿيو ته ”عليعهکي پڳدار مقرر ڪري ڇڏيو.“ ان پيغام خاطر رسول پاڪ اعلان ڪرايو ته هڪ اهم پيغام پهچائڻو آهي ان لاءِ سڀئي حاضر ٿين. ان سخت گرميءَ ۾ هزارين حاجي رسول الله جي تقرير ٻڌڻ لاءِ گڏ  ٿيا. نماز کان پوءِ رسول صه جن (اٺن جي) پاکڙن سان جڙيل منبر  تي چڙهي ويا ۽ فرمايائون ته سڀئي حمد ۽ تعريفون صرف ذاتِ خدا کي سونهن اسان ان کان ئي مدد ٿا گهرون ۽ ان تي ئي ايمان ۽ ڀروسو رکون ٿا. مان شاهدي ٿو ڏيان ته ان کان سواءِ ٻيو پالڻهار ڪو نه آهي ۽ محمدصه ان جو ٻانهو ۽ پيغمبرصه آهي. ها ! اي انسانو! مان تمام جلد ئي اوهان منجهان وڃڻ وارو آهيان ۽ ٻه ڳريون قدر ۽ اهميت واريون شيون اوهان منجهه ڇڏيون ٿو وڃان. هڪ قرآن ۽ ٻي منهنجا اهل بيت، اهي هڪ ٻئي کان ڪڏهن به جدا نه ٿينديون. ايتري تائين جو حوض ڪوثر تي مون تائين نه پهچن، بس اوهان قرآن ۽ منهنجي آل سان ڳانڍاپيل رهجو ۽ انهن جي پلون کي نه ڇڏجو. جيڪڏهن انهن کي ڇڏي ڏنوَ ته هلاڪ ٿي ويندؤ. ان کان پوءِ پاڻ سڳورن علي عه جو هٿ وٺي بلند فرمايو ۽ فرمايائون: ”اي انسانو! جنهن جو آءُ مولا آهيان، ان جو هيءُ علي(عه) به مولا آهي“، ”خدايا ان کي دوست رک جيڪو علي(عه)کي دوست رکي ۽ ان کي دشمن رک جيڪو علي (عه) کي دشمن رکي. علي(عه) جي مددگار جي مدد فرماءِ ۽ جيڪو ان جي شان کي گهٽائي انهن کي ذليل ۽ خوار فرماءِ.“ پاڻ سڳورن جي خطبي کان پوءِ آسمان منجهان فرشتو نازل ٿيو ۽ پاڻ سڳورن کي خدا پاران خوشخبري ڏنائين ته اڄ عليعهجي ولايت تي دين اسلام مڪمل ۽ الاهي نعمتون پنهنجي پڄاڻيءَ تي رسيون.

انتقال

حج کان واپسيءَ تي رسول الله جن بيمار ٿي پيا ۽ هڪ ٽولي موقعو ڏسي نبوت جي دعويٰ ڪري ڇڏي. پر پاڻ سڳورن جي حڪم سان سڀني کي قتل ڪيو ويو. هڪ ڏهاڙي جڏهن پاڻ سڳورا صه گهڻا بيمار هئا. حضرت عليعهجي ٽيڪ وٺي جنت البقيع جي قبرستان تشريف وٺي ويا ته جيئن پنهنجن پيارن جي مزارن جي زيارت ڪن. ديدار کان پوءِ گهر موٽيا روز بروز سائين جن جي بيماريءَ ۾ واڌارو ٿيندو ويو، ايتري تائين جو سومر جي ڏهاڙي ٢٨ صفر ١١هه تي پاڻ سڳورا حضرت عليعه جي جهوليءَ ۾ انتقال فرمائي ويا ۽ عالم اسلام کي سوڳوار ڪري ويا.

ڀلي ڪري آيا


اسان جا سوشل ميڊيا جا صفحه پسند ڪريو.
رابطو ڪريو

© سڀ حق ۽ واسطا صراط المستقيم وٽ محفوظ آهن