روزانه حديث:
حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام فرمايو حيا، ايمان جو حصو آهي ۽ ايمان (جو مقام) بهشت آهي، بي حيائي ظلم و جفا (جو مقام) جهنم آهي. (ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 4562 )
نيوز ليٽر
اسان جو نيوز ليٽر حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اي ميل ايڊريس ڏيو.
اسلامي فلم سيڪشن

مڪتب تشيع جو تعارف
free spy apps for android phones read best android spy app


شيعت ۽ شيعہ جي پيدائش

مختلف نظريات ۽ اصل صورتحال

مصنف           سيد حُسين موسوي

  معنى ۽ وصف

 معنى

تَشَيُّع لفظ جي عربي ٻوليءَ ۾ معنى پيروي، مدد ۽ دوستي آهي،(صحاح جوهري ۽ تاج العروس). انڪري شيعہ لفظ جي معنى پيروڪار ۽ دوست آهي.

قرآن مجيد ۾ شيعہ لفظ ان ئي معنى ۾ استعمال ٿيو آهي:

فَا سۡتَغَاثَہُ الَّذِي مِنۡ شِيۡعَتِہٖ عَلَي الَّذِي مِنۡ عَدُوِّهٖ (سورة القصص: آية: 51)

جيڪو موسى جي پيروڪارن ۽ مددگارن مان هيو، ان موسى کان مدد گھري، انجي خلاف جيڪو موسى جي دشمنن مان هيو.

شيعہ لفظ جي ٻي لغوي معنى معنى ڪنهن جي طور طريقي جي حمايت آهي، ان لحاظ کان جيڪو به ڪنهن جي سيرت ۽ عقيدي جو حمايتي ۽ متفق هوندو، انکي، ان انسان جو شيعو چيو ويندو، چاهي انکان پوءِ ٿئي يا ان کان به اڳ ٿي گذريو هجي.

وَحِيۡلَ بَيۡنَهُمۡ وَبَيۡنَ مَا يَشۡتَهُوۡنَ ڪَمَافُعِلَ بِاَشۡيَاعِهِمۡ مِّنۡ قَبۡلُ. اِنَّهُمۡ ڪَانُوۡ فِيۡ شَّکٍ مُّرِيۡبٍ  (سورة السبا: آية: 54)

انهن جي خواهشن ۽ سندن وچ ۾ رڪاوٽ پئجي وئي، جيئن کانئن اڳ گذريل سندن پيروڪارن سان (الله) سلوڪ ڪيو هيو.

هن آيت تي غور ڪريو ته معلوم ٿيندو ته شيعہ لفظ انهن پيروڪارن لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي جيڪي زير بحث ماڻهن  کان اڳ گذريا آهن. ان ڪري ڪنهن ماڻهوءَ جي عقيدي ۽ عمل جي اتباع ڪندڙ کي انجو شيعہ چيو ويو آهي. قرآن مجيد ۾ لفظ شيعہ ان ئي معنى ۾ حضرت ابراهيم (ع) لاءِ پڻ استعمال ٿيو آهي ۽ کين حضرت نوح (ع) جو شيعہ چيو وي آهي:

وَ اِنَّ مِنۡ شِيۡعَتِہٖ لَاِبۡرَاهِيۡمَ. (سورة الصّٰفّٰت: آية: 83)

هن (نوح) جي پيروڪارن مان ابراهيم به هيو.

حضرت ابراهيم (ع) کي حضرت نوح (ع) جو پيروڪار انڪري چيو ويو آهي ڇو ته حضرت ابراهيم جو دين حضرت نوح جي دين سان متفق هيو يعني ٻنهي جو دين توحيدي دين هيو. جڏهن ته حضرت ابراهيم پاڻ صاحب شريعت رسول هيو ۽ سندس شريعت ۽ حضرت نوح جي شريعت ۾ فرق هيو.

 

 وصف

اسلامي عقيدن، تعليمات ۽تاريخ  ۾ اهو لفظ هڪ اصطلاح طور استعمال ٿيو آهي، جنهن مان مراد:

“حضرت علي(ع) جا پيروڪار”

آهي، يعني شيعہ اُهي آهن جيڪو عقيدو رکن ٿا ته حضرت علي (ع) سڀني کان وڌيڪ رسول اڪرم (ص) جي جانشينيءَ جي لائق هيو ۽ رسول اڪرم (ص)  جي خلافت ۽ امت اسلاميءَ جي امامت جو بلا فصل حقدار حضرت علي (ع) ئي هيو. شيعن جو اهو به عقيدو آهي ته جيئن ته دين ۾ خلافت ۽ امامت جو اهم مقام آهي، انڪري نبي اڪرم (ص) ان مقام جي حقدار شخصيت معين ڪرڻ جي ڪم کي نظر انداز ناهي ڪيو ۽ انجو انتخاب امت جي حوالي ناهي ڪيو، بلڪ پنهنجي جانشين جو تعين فرمايو آهي. اماميہ اثناعشريہ جو عقيدو آهي ته نبي اڪرم (ص) پنهنجي سمورن جانشينن جو تعارف واضح نموني نالا وٺي فرمايو آهي.

جيئن ته ٻين مذهبن وانگر شيعہ مذهب ۾ پڻ ڪيترا ئي فرقا ٿيا آهن، جن مان اڪثر وقت گذرڻ سان خود بخود ختم ٿي ويا البت هن وقت اماميہ اثنا عشريہ کانسواءِ ٻيا ٻه شيعہ فرقا موجود آهن، جيڪي هن ريت آهن:

1. زيدي شيعہ: هي امام زين العابدين (ع) کانپوءِ سندس پٽ حضرت زيد کي امام مڃن ٿا. سندن عقيدي مطابق امام لاءِ ضروري آهي ته تلوار ذريعي قيام ڪري. زيدي شيعن جي آبادي يمن جي ڪجھ علائقن ۾ آهي.

2. اسماعيلي شيعہ: هي امام جعفر صادق (ع) کانپوءِ سندن فرزند حضرت اسماعيل کي امام مڃين ٿا. هن وقت اسماعيلي شيعن جا ٻه فرقا موجود آهن الف)- آغاخاني: هنن جو موجوده امام، ڪريم آغا خان آهي. 2)- بوهري: هنن جو موجوده امام سيدنا برهان الدين آهي.

سڀني شيعہ فرقن کي آڏو رکي شيعہ جي اهڙي ڪا وصف ڪرڻ جيڪا سڀني فرقن تي صحيح بيهي مشڪل آهي، انڪري اديان و مذاهب جي عالمن شيعہ جون مختلف وصفون ڪيون آهن جن مان ڪجھ اسان هتي بيان ڪريون ٿا.

3.       شهرستاني پنهنجي ڪتاب ”مِلَل و نِحَل“ ۾ چوي ٿو:

” شيعہ اهي آهن، جيڪي صرف حضرت علي (ع) جي پيروي ڪندا آهن (يعني پهرين ٽن خليفن جي پيروي قبول نٿا ڪن) سندس خلافت ۽ امامت جا قائل آهن، پيغمبر اڪرم (ص) جي نص ذريعي.“

4. نوبختي پنهنجي ڪتاب “فرق الشيعہ” ۾ چوي ٿو:

” حضرت علي (ع) جي پيروڪارن کي شيعہ چيو ٿو وڃي، اهي نبيءَ جي دور کان ان لقب سان سڏيا ٿا وڃن. ساڳي نموني شيعہ اهو آهي جنهنجي محبت علي (ع) جي مودت جي مطابق هجي“

5. محمد فريد وجدي پنهنجي ڪتاب “دائرة المعارف القرن العشرين” ۾ چوي ٿو:

”شيعہ اهي آهن جيڪي علي جي امامت ۾ پيروي ڪن ٿا ۽ عقيدو رکن ٿا ته امامت سندن اولاد مان ٻاهر نه ويندي.“

6. مشهور شيعہ عالم، شيخ مفيد (رح) شيعہ جي تعريف هن طرح ڪريٿو:

” شيعہ اهي آهن جيڪي علي (ع) جي پيروي ڪن ٿا ۽ کين نبيءَ جي سڀني صحابين کان افضل سمجھن ٿا. سندن عقيدو آهي ته ڪنهنجي به امامت، نبي اڪرم (ص) جي وصيت سان يا الله جي ارادي سان يا نص سان جيئن اماميہ قائل آهن يا وصف سان جيئن جاروديہ (هڪ زيدي فرقو) قائل آهن، سان ثابت ٿئي ٿي.“

7. مشهور شيعہ عالم، زين الدين علي بن احمد جبعي المعروف شهيد ثاني، چوي ٿو:

” شيعہ اهو آهي جيڪو علي (ع) جي پيروي ڪري يعني سندن اتباع ڪري ۽ امامت ۾ کين ٻين کان برتر ڄاڻي، چاهي سڀني امامن جو قائل نه به هجي. ان ڪري اماميہ، جاروديہ، اسماعيليہ، وقفيہ، فطحيہ فرقن کي شيعہ ئي ڳڻيو ويندو.“

 

  شيعہ نبي اڪرم جي حديثن ۾ 

اهلسنت ۽ شيعہ حديثن جي ڪتابن ۾ نبي اڪرم (ص) کان ڪيتريون ئي حديثون روايت ٿيل آهن، جن ۾ پاڻ سڳورن شيعہ لفظ ان ئي اصطلاحي معنى يعني ”حضرت علي (ع) جا خاص پيروڪار“ ۾ استعمال ڪيو آهي. هتي اسان هڙيون ڪجھ روايتون صرف اهلسنت جي ڪتابن مان بيان ڪريو ٿا:

1. علامہ جلال الدين سيوطي لکي ٿو:

الف)- و اخرج ابن عساكر عن جابر بن عبد الله قال: كنا عند النبي صلى الله عليه و سلم فاقبل علي فقال النبي صلى الله عليه و سلم و الذي نفسي بيده ان هذا و شيعته لهم الفائزون يوم القيامة و نزلت إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَ عَمِلُوا الصَّالِحاتِ اولئِكَ هُمْ خَيْرُ الْبَرِيَّةِ فكان اصحاب النبي صلى الله عليه و سلم اذا اقبل علي قالوا جاء خير البرية. (الدر منثور: ج:6)

ابن عساڪر، جابر بن عبدالله کان روايت ٿو ڪري ته: اسان نبي اڪرم (ص) وٽ ويٺا هيا سين ته علي (ع) آيا ته پاڻ سڳورن فرمايو: انجو قسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي ته هي ۽ هنجا شيعہ قيامت ڏينهن ڪامياب ٿيندا. پوءِ هيءَ آيت نازل ٿي.

إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَ عَمِلُوا الصَّالِحاتِ أُولئِكَ هُمْ خَيْرُ الْبَرِيَّةِ

جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا اهي سموري مخلوق ۾ افضل آهن. پوءِ جڏهن به علي (ع) ايندا هيا ته صحابي چوندا هيا اشرف مخلوق آيو  آهي.

ب)- وأخرج ابن عدى عن ابن عباس قال: لما نزلت إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَ عَمِلُوا الصَّالِحاتِ أُولئِكَ هُمْ خَيْرُ الْبَرِيَّةِ قال رسول الله صلى الله عليه و سلم لعلي هو أنت و شيعتك يوم القيامةراضين مرضيين‏.(الدرمنثور: جلد :6)

ابن عدي، ابن عباس کان روايت ٿو ڪري ته: جڏهن هيءَ آيت نازل ٿي:إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَ عَمِلُوا الصَّالِحاتِ أُولئِكَ هُمْ خَيْرُ الْبَرِيَّةِ

ته نبي اڪرم حضرت علي (ع) کي فرمايو: انجو مصداق تون ۽ تنهنجا شيعہ آهن، قيامت ڏينهن اهي الله سان راضي ۽ الله انهن سان راضي هوندو.

ت)- و أخرج ابن مردويه عن علي قال: قال لي رسول الله صلى الله عليه و سلم ألم تسمع قول الله إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَ عَمِلُوا الصَّالِحاتِ أُولئِكَ هُمْ خَيْرُ الْبَرِيَّةِ أنت و شيعتك و موعدي و موعدكم الحوض إذا حيت الأمم للحساب تدعون غرا محجلين‏. (الدرمنثور: جلد :6)

ابن مردويہ، علي (ع کان روايت ڪئي آهي ته: رسول اڪرم مونکي فرمايو: ڇا اوهان الله جو اهو فرمان نه ٻڌو آهي

إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَ عَمِلُوا الصَّالِحاتِ أُولئِكَ هُمْ خَيْرُ الْبَرِيَّةِ

انجو مصداق تون ۽ تنهنجا شيعہ آهن. منهنجي ۽ اوهانجي ملڻ جي وعدي گاهه حوض ڪوثر آهي، جڏهن امتن کان حساب ورتو ويندو ته اوهانکي نوراني چهرن سان سڏيو ويندو.

 

2.    حافظ ابن عساڪر، ڪجھ ٻيون روايتون پڻ بيان ڪيون آهن، هتي ٻه بيان ڪجن ٿيون. حضرت علي (ع) کان روايت ٿو ڪري ته:

قال لي رسول الله ( صلى الله عليہ و سلم ) انت وشيعتک في الجنة

پيغمبر اڪرم مونکي فرمايو: تون ۽ تنهنجا شيعہ جنت ۾ هوندا.

ٻي جاءِ تي روايت ٿو ڪري ته:

عن امير المؤمنين علي بن ابي طالب قال قال رسول الله (صلى الله عليہ و سلم ) يا علي اذا کان يوم القيامة يخرج قوم من قبورهم لباسهم النور على بخائب من نور ازمتها يواقيت حمر تزفهم الملائکة الى المحشر فقال علي: تبارک الله ما اکرم هؤلاء على الله. قال رسول الله (صلى الله عليہ و سلم): يا علي هم اهل ولايتک وشيعتک ومحبوک يحبونک بحبي ويحبوني بحب الله هم الفائزون يوم القيامة.

اميرالمؤمنين علي بن ابي طالب فرمايو: اي علي جڏهن قيامت ٿيندي ته هڪ قوم قبرن مان نور جي لباس سان نور جي سوارين تي، جن جون واڳون سرخ ياقوت جون هونديون جلوس جي صورت ۾ سينگاري ملائڪ انهن کي محشر ۾ وٺي ايندا. علي (ع) عرض ڪيو: الله بابرڪت آهي اهي ڪيتري نه عزت وارا آهن. نبي اڪرم فرمايو: اي علي اهي تنهجي ولايت رکندڙ، تنهنجا شيعہ ۽ تنهنجا محب هوندا. جيڪي توسان محبت منهنجي محبت سببان ڪندا ۽ مون سان محبت، الله سان محبت سببان ڪندا ۽ قيامت ڏينهن ڪامياب ٿيندا.
 (ترجمة امام علي بن ابي طالب: تاريخ دمشق)

3. ابن حجر مڪي لکي ٿو:

«ان الذين آمنوا و عملوالصالحات اولئك هم خيرالبريّه... البيّنه، آيه- 7.»

واري آيت نازل ٿيڻ کانپوءِ رسول الله (ص) ، علي (ع) کي فرمايو:

هن آيت مان مراد تون ۽ تنهنجا شيعہ آهن. ٻي جاءِ تي لکي ٿو:

حضرت ام سلمہ چوي ٿي: ان رات نبي مون وٽ هيو. پاڻ (ص)  وٽ فاطمہ (س) آئي ۽ پويان علي (ع) به آيو. پوءِ نبيءَ (ص)  فرمايو:

” اي علي (ع) تون ۽ تنهنجا صحابي ۽ تنهنجا شيعہ جنت ۾ هوندا“

(صواعق المحرقہ: ص: 96)

4. طبراني لکي ٿو:

رسول اڪرم (ص) حضرت علي (ع) کي فرمايو:

سڀني کان اڳ جيڪي چارماڻهو جنت ۾ ويندا اهي مان، تون ۽ حسنين آهن، اسانجي ذريت اسان جي پويان ۽ اسانجا شيعا اسانجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي هوندا.

(معجم الڪبير طبراني جلد 1: ص:319 مجمع الزوائد هيثمي جلد: 9 ص: 131)

5. سبط بن جوزي لکي ٿو:

ابو سعيد خدري روايت ٿو ڪري ته رسول اڪرم (ص) علي (ع) ڏانهن نظر فرمائي ۽ ارشاد فرمايو:

هي علي ۽ هن جا شيعہ قيامت جي ڏينهن سعادت جي درجي تي فائز ٿيندا.(تذڪرة الخواص : ص: 54)

6.  طبري لکي ٿو:

جڏهن آيت: «اولئك هم خير البرية» نازل ٿي ته رسول اڪرم (ص) فرمايو: اي علي هن آيت مان مراد تون ۽ تنهنجا شيعہ آهن.                (جامع البيان، ج30.ص 264)

7. خطيب بغدادي لکي ٿو:

حضرت رسول اڪرم (ص) حضرت علي (ع) کي فرمايو:

یا عَلِی أنْتَ وَ شِیعَتُكَ فِی الْجَنَّه

اي علي تون ۽ تنهنجا شيعہ جنت ۾ هوندا.

(تاريخ بغداد، ج12، ص289)

8. هيثمي لکي ٿو:

حضرت رسول اڪرم (ص)  حضرت علي (ع) کي فرمايو:

منهنجي امت مان سڀني کان اڳ جيڪو جنت ۾ ويندو، اهو تون هوندين ۽ تنهنجا شيعہ نور جي منبرن تي هوندا. اهي خوش ۽ سفيد چهرن سان مون وٽ ايندا، مان انهن جي شفاعت ڪندس ۽ قيامت بهشت ۾ اهي مون سان گڏ هوندا.

(مجمع الزوائد، ج9، ص131 ۽ کفاية الطالب، ص265)

9. علامہ مناوي لکي ٿو:

حضرت ام سلمہ رسول اڪرم(ص)  کان روايت ٿي ڪري ته پاڻ فرمايائون:

علي ۽ سندس شيعہ قيامت ڏينهن سعادت جي درجي تي پهچندا.

(کنوزالحقائق للمناوي الشافعي ص130)

10. ذهبي لکي ٿو:

حضرت فاطمہ (س)، رسول اڪرم(ص)  کان روايت ٿي ڪري ته پاڻ علي (ع) کي فرمايو:

اي ابوالحسن! ڄاڻي وٺ بيشڪ تون ۽ تنهنجا شيعہ جنت ۾ هوندا.

(ميزان الاعتدال،  ذڪر: تليد بن سليمان)

11. ابن مغازلي شافعي لکي ٿو:

انس بن مالڪ روايت ٿو ڪري ته نبي اڪرم(ص) فرمايو:

” منهنجي امت مان ستر هزار ماڻهو بغير حساب جي جنت ۾ ويندا.“

پوءِ پاڻ علي (ع) ڏانهن نظر ڪيائون ۽ فرمايائون:

” اهي تنهنجا شيعہ هوندا ۽ تون انهن جو امام آهين“ (مناقب ابن مغازلي)

ان طرح جي حديثن کي اهلسنت جي ڪيترن ئي عالمن پنهنجي ڪتابن ۾ بيان ڪيو آهي آخر ۾ انهن جي هڪ نامڪمل لسٽ ڏجي ٿي:

1- ابن عساڪر.    2)-  ابن حجر مڪي، در الصواعق المحرقة    3)- ابو نعيم اصفهانى، در ما نزل من القرآن فى علي  ـ4)- ابن اثير، در النهايہ 5)-  حاکم حسکاني، در شواهد التنزيل  6)-  ديلمي، در الفردوس بماثور الخطاب  7)- طبراني، در المعجم الکبير 8)-  هيثمي، در مجمع الزوائد  9)-زرندي،در نظم درر السمطين  10)- حاکم، در المستدرک على الصحيحين 11)-  احمد بن حنبل، در المناقب 12)-  سيوطي، در الدرر المنثور  13)-  قندوزي، در ينابيع المو 14)- ـ ابن المغازلي، در المناقب  15)-  گنجي شافعي، در کفاية الطالب  ـ16)- حمويني، در فرائد السمطين  17)-  خوارزمي، در المناقب 18)- ابن حجر، در مجمع الزوائد ـ19)- بلاذري، در انساب الاشراف  20)-  سبط بن جوزي، در تذکرة الخواص 21)- سمهودي، در جواهر العقدين 22)-  طبري، در جامع البيان  23)-  ابن صباغ مالکي، در الفصول المهمہ 24)-خطيب بغدادي، در تاريخ بغداد  25)-  مسعودي، در مروج الذهب  26)-  مير سيد علي همداني، در مودّى القربى 27)-  مناوي، در کنز الحقايق 28)- ذهبي، در ميزان الاعتدال  29)- ابوالفرج الصفهاني، در الاغانى 30)-  شبلنجي، در نورالابصار  31)- متقي الهندي، در کنزالعمال 32)-  محب الدين طبري، در رياض النضره 33)- آلوسي، در روح المعاني، در تفسير سوره «بيّنہ»   34)-  شوکاني، در فتح القدير  

 

  شيعہ مذهب ڪڏهن وجود ۾ آيو؟

مختلف نظريا

غير شيعہ محققن ۽ مورخن، ان باري ۾ مختلف ۽ متضاد نظريا بيان ڪيا آهن ته آخر شيعہ ڪيئن وجود ۾ آيا؟ انهن مان هرڪو شيعہ جي وجود ۾ اچڻ لاءِ هڪ خاص دور ۽ خاص سبب کي بيان ڪريٿو. جڏهن ته ٻئي پاسي شيعہ محقق انهن نظرين کي رد ٿا ڪن ۽ ٻيو نظريو بيان ٿا ڪن. هتي اسان اهلسنت جي محققن جا اهي نظريا ۽ انهن بابت شيعہ محققن جي راءِ بيان ڪندا سين، پوءِ وري آخر ۾ شيعہ جي وجود ۾ اچڻ بابت شيعہ محققن جي راءِ بيان ڪندا سين.

 

 1- شيعہ وفات نبيءَ کانپوءِ وجود ۾ آيا

اهلسنت جي مورخن ۾ محققن جو هڪ گروهه اهو نظريو رکي ٿو ته شيعہ مذهب نبي اڪرم (ص) جي وفات کان پوءِ نبي اڪرم (ص) جي جانشينيءَ بابت ٿيندڙ بحثن وقت وجود ۾ آيو. يعني جنهن وقت مهاجر ۽ انصار سقيفہ بني ساعده ۾ گڏ ٿيا ته جيئن نبي اڪرم (ص) جي خليفي جو انتخاب ڪيو وڃي. ان وقت نبي اڪرم جا ڪجھ صحابي حضرت ابوبڪر جي انتخاب کي قبول نه ڪندي حضرت علي (ع) جي گھر ۾ جمع ٿيا ۽ حضرت علي (ع) کي خلافت جو حقدار قرار ڏيندي، حضرت ابوبڪر جي بيعت جو انڪار ڪيائون. ان گروهه کي ”شيعہ علي“ جو نالو ڏنو ويو.

جن محققن ان نظرئي کي پيش ڪيو آهي انهن ۾ مشهور تاريخدان ابن خلدون به آهي. هو چوي ٿو:

شيعہ ان وقت وجود ۾ آيا جڏهن پيغمبر (ص)  رحلت فرمائي، ان وقت پيغمبر جا اهلبيت پاڻکي ٻين سڀني کان وڌيڪ امامت ۽ خلافت جو حقدار سمجھنڻ لڳا ۽ ۡڪجھ اصحابي به علي (ع) جا پيروڪار هئا ۽ کين خلافت جو حقدار پئي سمجھائون. انڪري خليفي جي پيروي جو انڪار ڪري علي (ع) ڏانهن رجوع ڪيائون.                         (تاريخ ابن خلدون جلد: 3)

مشهور مؤرخ طَبَري به ائين ئي بيان ٿو ڪري:

انصار سقيفہ بني ساعده ۾ جمع ٿيا ته جيئن سعد بن عُباده جي بيعت ڪن، اها خبر حضرت ابوبڪر تائين پهتي. پاڻ حضرت عمر ۽ ابو عبيده جراح سان گڏ سقيفہ آيو ۽ پڇڻ لڳو: ڇا ٿا چئو؟ انصارن چيو ته: هڪ امير اسان مان ٿئي ۽ هڪ امير اوهان مان. ابوبڪر چيو: امير اسان مان ٿيندا ۽ وزير اوهان مان.................... ايستائين جو حضرت عمر، حضرت ابوبڪر جي بيعت ڪئي. پوءِ ٻين ماڻهن به بيعت ڪئي. البت سڀني انصارن يا انهن مان ڪن چيو: اسان علي(ع) کانسواءِ ڪنهن جي به بيعت نه ڪنداسين.

پوءِ طبري بيان ٿو ڪري ته:

عمر بن خطاب، علي(ع) جي گھر آيو، جڏهن ته طلحہ، زبير ۽ ڪجھ مهاجر اتي اندر موجود هيا. عمر چوڻ لڳو: خدا جو قسم! گھر کي باهه ڏئي توهان جي مٿا ڪيرائيندس. نه ته ٻاهر اچو ۽ بيعت ڪريو. (طبري،ج:2)

يعقوبي پڻ پنهنجي تاريخ ۾ لکي ٿو:

انصارن ۽ مهاجرن جي هڪ گروهه ابوبڪر جي بيعت کان انڪار ڪيو ۽ علي (ع) ڏانهن لاڙو ڏيکاريائون. انهن ۾ عباس بن عبدالمطلب، فضل بن عباس، زبيربن عوام، خالد بن سعيد، مقداد بن عمرو، سلمان فارسي، ابوذر غفاري، عمار ياسر، براءِ بن عازب ۽ اُبي بن ڪعب شامل آهن. (تاريخ يعقوبي: ج: 2)

ڊاڪٽر احمد امين مصري لکي ٿو:

شيعت جو پهريون ٻج اهو گروهه آهن، جن پيغمبر (ص) جي وفات کانپوءِ، سندن اهلبيت کي سڀني کان وڌيڪ خلافت جو حقدار سمجھيو.  (فجر الاسلام احمد امين)

ڊاڪٽر حسن ابراهيم حسن لکي ٿو:

پيغمبر جي وفات کانپوءِ، مسلمانن ان بحث ۾ ته پيغمبر (ع) جي خلافت جي لائق ڪير آهي، جنهن  ۾ خلافت حضرت ابو بڪر تائين وڃي پهتي، اختلاف ڪيو. ان اختلاف عربي امت کي ٻن ڌڙن ”جماعت“ ۽ ”شيعہ“ ۾ تقسيم ڪيو.      (تاريخ اسلام: حسن ابراهيم حسن)

ڇنڊ ڇاڻ:

شيعہ عالمن انهن ئي نظرين جي ذريعي انهن نظرين کي رد ڪيو آهي. مٿي ٻڌايل مورخن ۽ محققن جهڙي انداز ۾ پنهنجا نظريا بيان ڪيا آهن اهي نظريا پاڻ ئي ڳالهائن ٿا ته شيعہ پيغمبر جي وفات کانپوءِ، سقيفہ جي معاملي سببان وجود ۾نه آيا آهن بلڪ خود نبي اڪرم (ص) جي دور ۾ موجود هيا. ڇو ته اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته پيغبر اڪرم(ص)  جي وفات جهڙي نهايت پر آشوب ڏينهن، سقيفہ بني ساعده ۽ حضرت علي (ع) جي گھر ۾ موجود صحابين ۾ اهڙو نظرياتي اتحاد فوري طور وجود ۾ اچي وڃي ۽ اهي حضرت علي (ع) کي خلافت جو حقدار قرار ڏين ۽ حضرت ابوبڪر جي خلافت جو انڪار ڪن. جيئن طبريءَ چيو آهي ته: ”سڀني انصارن يا انهن مان ڪن چيو ته اسان علي (ع) کانسواءِ ڪنهنجي به بيعت نه ڪنداسين.“ ۽ عمر ابن خطاب، ابوبڪر جي بيعت کانپوءِ علي (ع) جي گھر ويو ۽ طلحہ، زبير ۽ مهاجرن جو هڪ گروه ابوبڪر جي بيعت ڪرڻ لاءِ تيار نه هيو، هن انهن کي ڌمڪي ڏئي بيعت ڪرڻ لاءِ چيو. انڪري اڳواٽ اهڙي سوچ ۽ عقيدو هجڻ کانسواءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته انهن ٻنهي گروهن ۾، جن مان هڪڙو سقيفہ ۾ موجود هيو ۽ ٻيو علي (ع) جي گھر ۾ موجود هيو، حضرت علي (ع) جي خلافت جي حقدار هجڻ بابت مڪمل نظرياتي اتحاد وجود ۾ اچي ۽ اهو گروهه هڪ فرقي ۽ مذهب جي صورت ۾ وجود ۾ اچي. انکان به اڳتي ڳالهه اها آهي ته ابن قُتيبہ دينوري لکي ٿو ته: ابوبڪر جي بيعت وٺڻ وقت ابوذر موجود نه هيو. جڏهن آيو ته چوڻ لڳو:

”اوهان گھٽ تي قناعت ڪئي آهي ۽ نبيءَ جي ويجھن کي ڇڏيو اٿو. جيڪڏهن اهو معاملو اهلبيت پيغمبر (ص)  جي حوالي ڪيو ها ته اوهان مان ٻن ماڻهن ۾ به اختلاف نه ٿئي ها“                          

     (الامامة السياسة: ابن قتيبہ)

ابوذر جي موقف مان معلوم ٿو ٿئي ته خلافت ۽ نبيءَ جي جانشينيءَ جي معاملي ۾ علي بن ابي طالب (ع) کي ٻين تي برتري ڏيڻ، ڪو اهڙو موضوع نه هيو جنهن سقيفہ واري ڏينهن جنم ورتو هجي، بلڪ اصحابن جي ذهن ۾ اهو نظريو انکان به اڳ ۾ موجود هيو. انڪري ئي ابوذر، جيڪو سقيفہ واري هلچل وقت موجود نه هيو، جيئن ئي موٽيو ته بغير ڪنهن وقفي جي پنهنجي نظرئي کي بيان ڪري ڇڏيائين. 

 

 2- شيعہ جنگ جَمل يا صِفين وقت وجود ۾ آيا

مشهور تاريخدان ابن نديم جو نظريو آهي ته شيعہ، جنگ جمل جي ڇڪتاڻ وقت وجود ۾ آيا آهن. هو لکي ٿو ته:

جڏهن حضرت علي(ع) ، طلحہ ۽ زبير سان جنگ لاءِ (مديني) مان نڪتا ته جيئن انهن ٻنهي کي الله جي حڪم ڏانهن موٽائن. ته جن ماڻهن سندن ساٿ ڏنو ۽ جنگ لاءِ تيار ٿيا، پاڻ انهن کي شيعہ نالو ڏنو ۽ انهنکي ”منهنجو شيعو“ چيو، پوءِ کين اصفياءَ ۽ اولياءَ جي.......... صفت سان موصوف ڪيو” (فهرست ابن نديم)

ڪجھ ٻيا محقق چون ٿا ته: شيعہ جنگ صفين جي حالات ۾ هڪ پاسي معاويہ جي طرفدارن ۽ ٻئي پاسي خارجين جي مقابلي ۾ وجود ۾ آيا آهن. شاه عبد العزيز دهلوي لکي ٿو:

شيعہ لقب سن 37هه ۾ وجود ۾ آيو آهي، جنهن سال صفين جي جنگ ٿي هئي.

(احداث التاريخ الاسلامي: ج:1)

هڪ ٻيو محقق ان تي اضافو ڪندي چوي ٿو:

جڏهن علي (ع) جو لشڪر، حَڪميت جي معاملي کانپوءِ انتشار جو شڪار ٿي ويو ته حضرت علي جي ساٿين ڪوفي موٽڻ کانپوءِ ٻيهر حضرت علي(ع) جي بيعت ڪئي ۽ چوڻ لڳا: اسان انهن جا دوست آهيون جيڪي اوهانجا دوست آهن ۽ انهن جا دشمن آهيون جيڪي اوهان سان دشمني ڪن. ان وقت شيعہ جو وجود تشڪيل هيٺ آيو. ( تاريخ الاماميہ: عبد الله فياض)

ان نظرئي جي ئي بنياد تي مغربي مستشرق ولهائوزن چوي ٿو:

عثمان جي قتل ٿيڻ کانپوءِ مسلمان ٻن پارٽين ۾ ورهائجي ويا، عليءَ جي پارٽي ۽ معاويہ جي پارٽي، پارٽيءَ کي عربيءَ ۾ ”شيعہ“ چيو ٿو وڃي. انڪري شيعہ علي جو اصطلاح شيعہ معاويہ جي مقابلي ۾ استعمال ڪيو ويندو هيو. پر جڏهن معاويہ پنهنجي حڪومت کي سموري اسلامي دنيا تائين وسعت ڏني ته شيعہ لفظ صرف علي (ع) جي پيروڪارن لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو. (الخوارج والشيعہ: ولهائوزن: ترجمہ عبدالرحمان بدوي)

ڇنڊ ڇاڻ:

مٿين سڀني نظرين کي هن نموني جمع ڪري ٿو سگھجي ته شيعہ جي وجود ۾ اچڻ جو زمانو حضرت عثمان جي قتل ٿيڻ کانپوءِ کان وٺي جنگ صِفين ۽ حَڪَميت جي وقت تائين سان مربوط آهي. يعني شيعہ علي اهي آهن جيڪي معاويہ ۽ سندس پيروڪارن جي تهمتن يعني قتل عثمان جي الزام جي مقابلي ۾ علي جو ساٿ ڏيڻ وارا آهن ۽ شيعہ علي جي مقابلي ۾ شيعہ معاويہ جو اصطلاح آهي، جيڪي علي (ع) کي عثمان جو قاتل سمجھندا هيا.

شيعہ علماءَ جو چوڻ آهي ته ان ۾ ته ڪوبه شڪ ناهي ته شيعہ علي، حضرت علي (ع) تي لڳندڙ قتل عثمان جي الزامن کي رد ڪندا هيا ۽ علي (ع) جو دفاع ڪندا هيا. پر ان ڳالهه مان اهو ڪٿان ٿو ثابت ٿئي ته شيعہ پيدا ئي ان دور کان ٿيا آهن؟ ڇو ته ولهائوزن جي تعبير مطابق ٻن پارٽين جي هڪٻئي خلاف صف بندي ٻڌائي ٿي ته اهي، عقيدا ۽ نظريا موجود اڳ کان هيا. واضح لفظن ۾ ته اهي عقيدا اڳ ۾ موجود هيا ۽ خليفہ جي قتل جي تهمت انهن ٻنهي گروهن کي هڪٻئي کي مد مقابل آڻي بيهاريو آهي. ٻي ڳالهه هيءَ ته ابن نديم (متوفي: 378هه) جيڪا روايت بيان ڪئي آهي، اها روايت انکان اڳ برقي (متوفي: 274 يا 280هه) پڻ بيان ڪئي آهي، جنهن ۾ هن هڪ گروهه کي اميرالمؤمنين جي اصفياءَ ۾ ڳڻيو آهي، جن ۾ سلمان فارسي، مقداد، ابوذر، عمار، ابوليلى، شبير، ابوسنان، ابو سعيد خدري، ابوبرزه، جابربن عبدالله انصاري، براءِ بن عازب، عرفہ ازدي ۽ ابو عمره کي ڳڻيو آهي. (رجال: برقي). ان ڳالهه تي غور ڪرڻ سان ته سلمان، ابوذر۽ مقداد جهڙا ته جنگ جمل کان اڳ ئي دنيا ڇڏي چڪا هيا ته پوءِ ڪيئن ممڪن آهي ته شيعہ جنگ جَمَل يا انکانپوءِ وجود ۾ آيا هجن.

 

 

  3- عبد الله بن سبا شيعت جو باني؟

هڪ ٻيونظريو، جيڪو شيعت جي باري ۾ پيش ڪيو ويو آهي، اهو هيءُ آهي ته: شيعہ مذهب هڪ ”عبدالله بن سبا“ نالي شخص، عثمان جي خلافت جي دور ۾ ٺاهيو آهي. هتي اسان پهريان ان شخص جي ڪاررواين بابت جيڪو ڪجه چيو ويندو آهي اهو بيان ڪنداسين ۽ پوءِ انجي ڇنڊ ڇاڻ ڪنداسين.

ڪي محقق بيان ٿا ڪن ته:

·   عبدالله بن سبا جيڪو ابن اَمة السوداءِ (سياه ڪنيز جو پٽ) جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، اصل يهودي هيو ۽ يمن جي شهر صنعا يا حيره يا حِمير جو رهاڪو هيو. هو ٽين خلافت جي دور ۾ مسلمان ٿيو ۽ ان ئي وقت کان پنهنجي خاص عقيدن جي مسلمانن ۾ تبليغ ڪرڻ شروع ڪيائين. مسلمانن کي گمراهه ڪرڻ جي ارادي سان مسلمانن جي مختلف شهرن شام کان ڪوفي، بصري، ننڍي ايشيا، ايران، مصر ۽ آفريقا جي ڪجھ حصن جو به سفر ڪندو رهيو ۽ پنهنجي عقيدن جي تبليغ ڪندو رهيو. هو خطابت جي فن ۾ وڏي مهارت رکندو هيو انڪري جلد ئي گھڻن ماڻهن کي پنهنجي چوڌاري گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جن ۾ ابوذر، عمار، محمد بن حذيفہ، مالڪ اشتر، محمد بن ابي بڪر، صعصعہ بن صوحان ۽ عبدالرحمان بن عديس جهڙا صحابي ۽ تابعي به شامل هيا.

(پرتو اسلام: احمد امين مصري، السنہ الشيعہ: محمد رشيد رضا، شهسوار اسلام: گيبريل پل انڪيري، مقالات الاسلاميين: ابوالحسن اشعري ۽ وعاظ السلاطين: علي الوردي)

·   عبدالله بن سبا ماڻهن ۾ ٽي عقيدا ڦهلايا جنهن جو انکان اڳ ڪو به مسلمان عقيدو نه رکندو هيو. پهريون: اهو ته هي پهريون شخص هيو جنهن چيو ته پيغمبر اڪرم (ص) ، علي (ع) کي پنهنجو وصي ۽ امت جو امام قرار ڏنو آهي. ٻيو: هي پهريو شخص هيو جيڪو پيغمبر ۽ علي جي رَجعت جو قائل ٿيو. ٽيون: علي (ع) قتل نه ٿيو آهي بلڪ هميشہ زندهه آهي ۽ ڪڪرن ۾ رهي ٿو، گوڙ سندس آواز ۽ کنوڻ سندس لڪڻ آهي ۽ الله جو هڪ جُز سندس اندر آهي. هڪ ڏينهن دنيا ۾ واپس موٽندو ۽ دنيا کي عدل سان ڀريندو.

ابن سبا جتي به ويندو هيو پنهنجي غلط عقيدن جي تبليغ ڪندو هيو ۽ چوندو هيو: مان اُن تي تعجب ٿو ڪريان جيڪو عيسى (ع) جي موٽڻ جو ته عقيدو رکي ٿو پر محمد (ص) جي موٽڻ جو عقيدو نٿو رکي. الله جا هزار پيغمبر هيا انهن مان هرهڪ جو وصي هيو ۽ علي(ع)، محمد (ص) جو وصي آهي. هو علي (ع) جي باري ۾ جن عقيدن جو اظهار ڪندو هيو اسلام آڻڻ کان اڳ ساڳا عقيدا موسى ۽ يوشع بن نون بابت بيان ڪندو هيو.

 (مقالات اسلاميين: ابوالحسن اشعري، پرتو اسلام: احمد امين، المهدوية في الاسلام: سعد محمد حسن، محاضرات تاريخ الامم الاسلاميہ: شيخ محمد خضري ۽ تاريخ سياسي اسلام: حسن ابراهيم حسن)

·   چوٿين خليفي، علي بن ابي طالب جي نالي تي شيعہ سازيءَ جو آغاز، اسلامي امت ۾ ديني ۽ سياسي تفرقي جو سبب بڻيو. سڀ کان پهريان جنهن تشيع جا اصول گھڙيا اهو عبدالله بن سبا جي نالي سان هڪ يهودي هيو. جنهن ڌوڪي ۽ فريب سان اسلام جو اظهار ڪيو، هن علي(ڪرم الله وجهہ) بابت ماڻهن کي غُلُوّ جي دعوت ڏني ته جيئن امت ۾ تفرقو وجھي سگهي ۽ انهن جي دين ۽ دنيا کي خراب ڪري. (السنہ والشيعہ: محمد رشيد رضا مصري)

·   يهودين بدعتون ايجاد ڪرڻ انهن کي ڦهلائڻ ۽ مسلمانن ۾ تفرقو وجھڻ ذريعي جيئن عبدالله بن سبا، علي بابت تشيع ۽ غلو ايجاد ڪيو ۽ خلافت جي مسئلي کي باطل قرار ڏنو، چاهيو ته اسلام جي نور کي وسائي ڇڏين.  (تفسير المنار: ج:10 : محمد رشيد رضا)

·   عثمان جي خلاف بغاوت عبدالله بن سبا جي چُرچ تي شروع ٿي هئي. هو چوندو هيو: عثمان غاصب آهي، عوام کي اٿڻ گھرجي ۽ غاصب حڪمران جو مقابلو ڪرڻ گهرجي. اهو ئي هيو، جنهن علي ۽ عائشہ جي وچ ۾ صلح ٿيڻ نه ڏني جنهنجي نتيجي ۾ جنگ جمل ٿي.         (عثمان بن عفان، عمار ياسر ۽ زبيربن عوام: ابراهيم صابر عبده)

  عبد الله بن سبا جي تاريخي حيثيت    

سڀني ليکڪن ۽ مورخن ان قصي کي طبريءَ کان ورتو آهي، جنهن ۾ ابن اثير، ابن خلدون، ابن ڪثير، فريد وُجدي، بُستاني، احمد امين مصري، حسن ابراهيم وغيره شامل آهن. البت محمد رشيد رضا ان قصي کي ابن اثير کان روايت ڪيو آهي. جڏهن ته ابن اثير پنهنجي تاريخ الڪامل  جي مقدمي ۾ وضاحت ڪئي آهي ته هُن هن ڪتاب ۾ واقعات طبريءَ کان ورتا آهن، ڇوته سڀ اهلسنت ان تي اعتماد ڪن ٿا. (الڪامل في التاريخ: ابن اثير)

            ان مان خبر پئي ته سڀني ليکڪن، محققن ۽ مورخن عبدالله بن سبا جو اهو قصو ۽ ڪردار طبريءَ کان ورتو آهي. هاڻي ڏسڻ گهرجي ته طبريءَ اهو قصو ڪنهن کان ۽ ڪهڙي نموني ورتو آهي. ان سموري قصي جي خبرن جو هڪ ئي راوي، سيف بن عمر نالي شخص آهي. اهو راوي اهلسنت جي علم رجال جي سڀني ماهرن وٽ ضعيف، ڪوڙو ۽ حديث ساز قرار ڏنو ويو آهي. علم رجال جي ڪجھ ماهرن جي راءِ سيف بن عمر بابت پيش ڪجي ٿي:

·   يحى بن معين (متوفي: 233هه) چوي ٿو: هن جون روايتون ضعيف ۽ ڪمزور آهن.

·   امام نسائي (متوفي:303هه) چوي ٿو: هو ضعيف آهي ۽ سندس روايتن کي ترڪ ڪيو ويو آهي. نه معتبر آهي نه امين.

·   امام ابوداؤد (متوفي: 275هه) چوي ٿو: بي قيمت آهي، وڏو ڪوڙو آهي.

·   امام ابن ابي حاتم (متوفي: 377هه) چوي ٿو: سندس روايتن کي ترڪ ڪيو ويو آهي.

·   ابن السکن (متوفي: 353هه) چوي ٿو: هو ضعيف آهي.

·   ابن حبان (متوفي: 354هه) چوي ٿو: جيڪي روايتون پاڻ گھڙيندو هيو اهي ڪنهن معتبر شخص جي نالي بيان ڪندو هيو، مٿس زنديق هجڻ  جو الزام پڻ آهي. چيو ويو آهي ته حديثون گھڙيندو هيو.

·   دارقطني (متوفي: 385هه) چوي ٿو: ضعيف آهي سندس روايتن کي ترڪ ڪيو وي آهي.

·   امام حاکم (متوفي: 405هه) چوي ٿو: سندس روايتن کي ترڪ ڪيو وي آهي. مٿس زنديق هجڻ جي تهمت پڻ آهي.

·   فيروزآبادي (متوفي: 817هه) ۽ ابن حجر (متوفي: 852هه)  کيس ضعيف ۽ سيوطي (متوفي: 911هه) کيس تمام ضعيف چيو آهي.

جڏهن ته ڪيترن ئي طبريءَ کان به قديم مورخن حضرت عثمان خلاف انقلاب ۽ جنگ جمل جي واقعن ۾ ابن سبا جو اصل نالو ئي نه آندو آهي، مثلاً: طبقات ابن سعد ۽ بلاذريءَ جو انساب الاشراف وغيره.

وري جن ابن سبا جو قصو بيان ڪيو آهي انهن ۾ به تضاد آهي، مثلاً: معلوم ناهي ته ڪٿان جو هيو، صنعا جو، حيره جو يا حمير جو.

اهو به واضح ناهي ته عثمان خلاف انقلاب ۾ هنجو ڪهڙو ڪردار هيو وري جنگ جمل ۾ سبائين جو ذڪر ته ڪن ٿا پر خود ابن سبا جو ڪو به ذڪر نٿو ملي، جڏهن ته صفين ۾ وري نه ئي سبائين جو ذڪر آهي نه ئي ابن سبا جو، معلوم ناهي ته سڀ اوچتو تاريخ ۾ ڪٿان آيا ۽ ڪيڏانهن گم ٿي ويا.

ان سان گڏوگڏ نهايت تعجب جهڙي ڳالهه اها آهي ته جيڪو حضرت عثمان پنهنجي مخالفن، ابوذر، ابن مسعود، عمار ۽ محمد بن ابي حذيفہ سان ته نهايت سختيءَ سان پيش ٿو اچي پر ابن سبا سندس حڪومت ۾ پوري آزاديءَ سان سمورا اسلامي شهر ڀيليندو ٿو وتي، بي بنياد ۽ ڪفريہ عقايد ڦهلائندو ٿو وتي، نه ئي خليفو انجي ڪا پڪڙ ٿو ڪري نه وري سندس شهرن جا مقرر ڪيل گورنر. نه پڪڙيو ٿو وڃي، نه ٻَڌو ٿو وڃي نه ئي کيس ڪا سزا ٿي ملي نه ئي انجي خلاف ڪا مخبري ٿي ٿئي!!.

  عبدلله بن سبا جي قصي بابت علماءَ جي راءِ    

 مشهور مصري ليکڪ ڊاڪٽر طٰہٰ حسين لکي ٿو:

منهنجي نظر ۾ جن ليکڪن، ابن سبا جي قصي کي ايڏو وڏو ڪري ڏيکاريو آهي، انهن پاڻ تي ۽ تاريخ تي ظلم ڪيو آهي. پهرين شيءِ هيءَ آهي ته اسان اهم ڪتابن ۽ بنيادي ماخذن ۾ جن ۾ عثمان جي خلاف شورش محفوظ ٿيل آهي، انهن ۾ ابن سبا جو نالو ئي نٿا ڏسون. ابن سعد جتي خلافت عثمان ۽ ماڻهن جي انقلاب جو بيان ڏئي ٿو، ابن سبا جو اصل نالو ئي نٿو کڻي. انساب الاشراف ۾، جيڪو منهنجي نظر ۾ اهم ترين ۽ مفصل ترين ڪتاب آهي جنهن ۾ ان انقلاب کي بيان ڪيو ويو آهي، بلاذري  ڪنهن به نموني ابن سبا جو ذڪر نٿو ڪري. صرف طبري آهي جنهن اهو قصو سيف بن عمر کان روايت ڪيو آهي ۽ مورخن پوءِ طبريءَ کان ئي ورتو آهي.

مونکي خبر ناهي ته عثمان جي دور ۾ ابن سبا کي ڪا اهميت حاصل هئي يا نه پر مونکي يقين آهي ته ڪا خاص حيثيت نه هيس. ڇو ته ممڪن ناهي ته هڪ يهودي جيڪو تازو مسلمان ٿيو هجي، ان درجي جي حيثيت حاصل ڪري وڃي جو مسلمانن جي عقل، تدبير ۽ طاقت کي پنهنجي راند جو ميدان بڻائي ڇڏي ۽ اڃان پورو مسلمان به نه ٿيو هجي ۽ مسلمانن جي شهرن ۾ سازشن جو ڄار ڦهلائي ڇڏي.

جيڪڏهن عبدالله بن عامر يا معاويہ، هڪ نومسلم يهودي کي جيڪو اٽڪل سان مسلمان ٿيو هيو، گرفتار ڪن ها، ته انهن مان هڪڙو ئي يا انهن مان ٻئي ان بابت عثمان کي رپورٽ ڏين ها ۽ ابن سبا کان پڇاڻو ڪن ها.

جيڪو گورنر حضرت عثمان کي خط لکي اجازت ٿو گھري ته ، محمد بن ابي بڪر، محمد بن ابي حذيفہ ۽ عمار ياسر کي تنبيہ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته هڪ يهوديءَ کي، جيڪو مسلمانن ۾ تفرقو وجھڻ لاءِ مسلمان ٿيو هجي ۽ انهن کي سندن ئي امام خلاف بلڪ ان کان به مٿي سندن دين خلاف شڪ ۽ شبها پيدا ڪري، انکي آزاد ڇڏي ڏئي؟!!.

تعجب جي ڳالهه اها آهي ته ليکڪ جڏهن عثمان خلاف شورش جو روايتون بيان ٿا ڪن ته ابن السوداءَ يعني عبدالله بن سبا جو گھڻو نالو ٿا کڻن، عثمان جي قتل ٿيڻ کانپوءِ ۽ حضرت علي جي طلہ، زبير ۽ عايشہ خلاف جنگ لاءِ نڪرڻ کان اڳ به سندس نالو گھڻو ورتو ٿو وڃي. يا ان وقت جڏهن علي صلح لاءِ ڪنهنکي طلہ، زبير ۽ عايشہ وٽ موڪلين ٿا سندس نالو ورتو ٿو وڃي. اهي ليکڪ چون ٿا ته هن علي جي اجازت کانسواءِ جنگ جا شعلا ڀڙڪائڻ لاءِ سازش ڪئي. پر اهي ليکڪ جڏهن جنگ صِفين تي پهچن ٿا ته ابن سبا ۽ سندس پيروڪارن کي بلڪل وساري ٿا ڇڏين ۽ انهن جو نالو ئي نٿا کڻن. جيڪڏهن ابن السوداءِ جو قصو ڪا صحيح تاريخي حقيقت رکي ها ته تمام گھڻو طبيعي هيو ته سندن ڌوڪا ۽ فريب هن مشڪل جنگ ۾ ضرور ظاهر ٿين ها.

ان نظر اندازيءَ کي ڪهڙو نالو ٿو ڏئي سگھجي؟ يا جنگ صفين ۾ سندن غير موجودگيءَ جو ڪهڙو سبب ڄاڻائي ٿو سگھجي؟ مونکي انجو صرف هڪ ئي سبب سمجھ ۾ اچي ٿو ۽ اهو هيءُ آهي ته ابن السوداءَ هڪ خيالي شخصيت هئي ۽ شيعن جي دشمنن، شيعن جي ڪردار ڪُشيءَ لاءِ انکي جوڙيو هيو ۽ انجو ڪوبه خارجي وجود نه رهيو آهي. (الفتنة الڪبرى: فصل: ابن سبا: ڊاڪٽر طٰہٰ حسين)

بغداد يونيورسٽيءَ جو پروفيسر ڊاڪٽر علي الوردي لکي ٿو:

مان هڪ ڏينهن هڪ عيسائي پادريءَ کي ڏٺم ته اسلام تي ٺٺول ڪري رهيو هيو ۽ چئي رهيو هيو: هن دين کي ڏسو، جيڪو پنهنجي فتح ۽ ترقيءَ جي دور ۾ ڪيتري آسانيءَ سان هڪ اهڙي اجنبي جو شڪار ٿي ٿو وڃي، جنهن جو تاريخ ۾ ڪو چڱو اتو پتو به ناهي. جنهن وقت محمد (ص) جا صحابي اسلامي سرزمين تي مڪمل تسلط رکندڙ هيا ۽ پنهنجي پيغمبر جي تعليمات کي ڦهلائي رهيا هيا، تنهن وقت هڪ اڻ پڙهيل يهودي ان معاشري ۾ داخل ٿئي ٿو، ڪوبه کيس روڪڻ يا ڪڍڻ جي ڪوشش ئي نٿو ڪري ۽ هو انهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي ٿو ڇڏي.

انکانپوءِ ڊاڪٽر الوردي چوي ٿو:

هن عجيب شخصيت کي هٿ سان ٺاهيو ويو آهي...... جيڪي وڏا وڏا ڪم هن سان منسوب ڪيا ٿا وڃن، اُهي ڪنهن وڏي غيرمعمولي عظيم شخصيت يا مها جادوگر يا هيپناٽزم جي وڏي ماهر کانسواءِ ڪير به نٿو ڪري سگھي. انڪري ابن سبا اهڙيون مقناطيسي اکيون رکندڙ هيو جيڪي پٿر کي به ٽوڙي وجھن يا هن ۾ ڪو ديو مالائي روح هيو جنهن جي قوت آڏو ماڻهو رڍن وانگر فرمانبردار ٿي ويندا هيا ۽ بغير رڪاوٽ جي سندس ڳالهيون ماڻهن تي اثر ڪنديون هيون. جيڪڏهن عثمان جي دور ۾ اهڙو ديو مالائي شخص پيدا ٿئي ها ته سندس وصفون ۽ علامتون ضرور اسان تائين پهچن ها. پر تعجب اهو آهي ته جيڪي اهم ڪتاب عثمان خلاف شورش جو قصو بيا ڪن ٿا انهن ۾ ابن سبا جو ڪوبه ذڪر ناهي. (وعاظ السلاطين: ڊاڪٽر علي الوردي)

مشهور شيعہ عالم علامہ عبدالحسين اميني چوي ٿو:

ان معاملي ۾ نهايت احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اوائلي دور جي مسلمانن کي ان شيءَ کان مٿاهون سمجھون ته هڪ يهودي زادو جيڪو پاڻ به يهودي هيو ۽ صرف مسلمانن کي ڌوڪو ۽ فريب ڏيڻ لاءِ مسلمان ٿيو هيو، اهو مسلمانن جي دين، سياست، عقل ۽ سلطنت سان راند ڪري، سڀ هنجي ڌوڪي ۾ اچي وڃن ۽ پنهنجي ئي خليفي کي قتل ڪري ڇڏين ۽ پوءِ هو مسلمانن کي فرقن ۾ ورهائي ڇڏي. (الغدير: ج:9 : علامہ اميني)

مشهور شيعہ عالم محمد حسين ڪاشف الغطاء ان سلسلي ۾ چوي ٿو:

شيعہ ڪتاب، عبدالله بن سبا تي لعنت ڪرڻ ۾ متفق آهن ۽ ان کان بيزاري اختيار ٿا ڪن ۽ جيڪا عام تعبير ان لاءِ اختيار ڪئي وئي آهي اها هيءَ ته: سندس ذڪر ڪرڻ به پليدگي آهي. (اصل شيعہ و اصولها: محمد حسين کاشف الغطاء)

 

 4- شيعت ايراني مذهب آهي؟

شيعہ مذهب بابت چوٿون نظريو هي آهي ته شيعت ايرانين ذريعي وجود ۾ آئي آهي يا گھٽ ۾ گھٽ ايرانين شيعت کي هڪ سادي نظرئي مان تبديل ڪري ان ۾ غير اسلامي اصول ۽ قانون داخل ڪري هڪ ۾ڪمل مذهب بڻائي ڇڏيو آهي. جيڪي محقق اهو نظريو بيا ٿا ڪن اهي پاڻ ۾ به متفق ناهن ۽ ٽن گروهن ۾ ورهائجن ٿا ۽ هرهڪ پنهنجو جدا نظريو بيان ٿو ڪري. اسان هتي اهي نطريا بيان ڪري انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪنداسين.

 

 1- شيعت ۽ ايرانين سان رشتيداري

            ڪي ليکڪ شيعت جي ظهور کي امام حسين (ع) جي طرفان ايران جي بادشاه يزدگرد سوم جي ڌيءُ سان شاديءَ سان ڳنڍين ٿا. سندن چوڻ آهي ته: ان رشتي سببان ايرانين علي (ع) ۽ سندس اولاد ڏانهن لاڙو ڪيو ۽ سندن محبت جو دم ڀرڻ لڳا ۽ سندن پيروي ڪرڻ شروع ڪيائون. اها محبت ۽ پيروي ڪربلا جي واقعي کانپوءِ شدت اختيار ڪري وئي ۽ ان ڳالهه جو سبب بڻي ته شيعہ مذهب اهل سنت خلاف غير لچڪدار موقف اختيار ڪري.

احمد امين مصري چوي ٿو:

البت انهن (ايرانين) جي توجہ علي (ع) ڏانهن، جيئن تاريخ وارا بيان ٿا ڪن، ان سببان آهي ته سندس پٽ حسين، فارس جي پادشاهه يزد گرد جي ڌيءُ سان شادي ڪئي هئي، اهڙي نموني علي ۽ ايرانين ۾ رشتيداري قائم ٿي وئي. البت اولاد فاطمہ سان سندن محبت جو سبب هي آهي ته ايراني عقيدو رکندا هئا ته الله پنهنجن ڪمن کي بادشاهن جي حوالي ڪيو آهي ۽ الله جو هڪ جُز انهن ۾ هوندو آهي.  ساڳو عقيدو ايراني اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ خليفن لاءِ رکندا هئا. سندن عقيدو هيو ته اهو خدائي جُز پيءُ مان پٽن ۾ منتقل ٿيندو آهي. (فجر الاسلام: احمد امين)

ڊاڪتر حسن ابراهيم چوي ٿو:

حسين بن علي (ع) جي شهربانوءَ سان شاديءَ سببان، جيڪا ساساني خاندان جي آخري بادشاه يزد گرد جي ڌيءُ هئي ايرانين جا قومي ۽ سياسي جذبا عربن لاءِ پيدا ٿيا ۽ ايراني حسين بن علي کي پنهنجي قديمي بادشاهن جو مظهر سمجھندا هئا. ان ئي سببان ايراني علي (ع) سان بي مثال محبت رکندا هئا ۽ شيعہ مذهب ايران ۾ آسانيءَ سان ڦهلجي ويو.

ڪربلا ۾ حسين جي قتل، شيعن جي جوش ۽ اتحاد کي مضبوط ڪيو، جڏهن ته ان واقعي کان اڳ شيعہ منتشر هئا، ڇو ته ان وقت تائين شيعت هڪ سياسي نظريو هيو جنهن اڃا دلين ۾ گھر نه ڪيو هيو. جڏهن حسين قتل ٿيو ته شيعت سندن رت سان ملي وئي ۽ شيعت، شيعن جي دلين تائين پهچي وئي. قتل حسين جي نتيجي ۾، ايراني جيڪي حسين جا رشتيدار هئا، انهن ۾ شيعت ڦهلجي وئي. ايراني حڪومت کي حسين ۽ سندس اولاد جو حق سمجھندا هئا... (تاريخ سياسي اسلام: حسن ابراهيم حسن)  

ڇنڊ ڇاڻ:

حسين بن علي جي شهربانو سان شاديءَ جو قصو ايران جي فتح ٿيڻ کان پوءِ جي دور جو آهي. ايران جي فتح کانپوءِ مسلمانن پاڻ سان گڏ قيدي به آندا، انهن ۾ يزدگرد جو ٽي ڌيون پڻ هيون. جڏهن قيدي وڪڻيا پئي ويا ته علي (ع) فرمايو قوم جي سردارن جي ڌين سان ٻين جهڙو سلوڪ نه ڪيو وڃي. پاڻ فرمايو ته: انهن جي قيمت مقرر ڪئي وڃي جيڪو چاهي انکي وٺي. پوءِ پاڻ علي (ع) هڪ کي عبدالله بن عمر جي زوجيت ۾ ڏنو، جنهن مان عبدالله کي سالم نالي پٽ به ڄائو، ٻيءَ کي محمد بن ابي بڪر جي زوجيت ۾ ڏنو، جنهن مان کيس قاسم نالي پٽ ڄائو ۽ ٽين امام حسين (ع) جي زوجيت ۾ ڏني جنهن مان امام زين العابدين جي ولادت ٿي. انڪري، سالم، قاسم ۽ امام زين العابدين پاڻت ۾ ماسات هئا. ( اهو بيان خود احمد امين مصري، فجر الاسلام ۾ لکيو آهي)

هاڻي هتي هڪ سوال ٿو اڀري ته ايرانين جي شيعت جو سبب امام حسين سان رشيتيداري آهي ته ايرانين جي ساڳي قسم جي رشتيداري ته ابوبڪر ۽ عمر سان به آهي، پوءِ ايرانين جي انهن سان محبت ڇو نه ٿي؟ انکانسواءِ بني اميہ جا آخري خليفا وليد بن عبد الملڪ ۽ مروان بن محمد جون مائر به ايراني هيو. (تاريخ خميس: دِيار بِڪري) پوءِ ڇو بني اميہ جي محبت ۽ مذهب ايران ۾ نه ڦهليو؟

 2- شيعت آل بَوَيۡہ جي ٺاهيل؟

ڪجھ بين ليکڪن چيو آهي ته: شيعہ مذهب آلِ بويہ جو ٺاهيل آهي.

مثلاً چون ٿا:

آلِ بويہ جي حڪومت، جيڪا هڪ جاه ۽ جلال واري ايراني بادشاهت هئي، ان حڪومت جي دور ۾ شيعت ظاهر ٿي. (المهدويہ في الاسلام: سعد محمد حسن)

يا چون ٿا:

ايران ۾ اسلام اچڻ کانپوءِ آلِ بويہ جي بادشاهت جو هڪ خاص رنگ هيو، ڇو ته اهو گروهه ٻين دورن کان وڌيڪ پاڻکي ايرانين جي قومپرستيءَ جو نشان بڻجي اڀريو ۽ ان بغداد جي خلافت کي انتهائي درجي تائين ڪمزور ڪري ڇڏيو هيو. هنن خلافت جي مقابلي ۾ شهنشاهيت ۽ سنيت جي جاءِ تي شيعت ۽ عربي رسمن ۽رواجن جي جاءِ تي ايراني رسم ۽ رواج قائم ڪيا. (تاريخ دودمان بويہ: بهمنيار: مقدمہ: رشيد ياسمي)

ڇنڊ ڇاڻ:

آلِ بَوَيۡہ جي حڪومت سن 320هه کان 447هه تائين مغربي ۽ ڏاکڻئي ايران، ڪرمان، فارس، اصفهان ۽ عراق تي رهي آهي. البت اها حڪومت ان عرصي مان ڪا متصل حڪومت نه رهي آهي بلڪ مختلف دورن ۾ انهن علائقن مان ڪن تي حاڪم رهيا آهن. جيئن ابن اثير ”الڪامل في التاريخ“ ۾ لکيو آهي ته آلِ بويہ جي اها حڪومت علم دوست رهي آهي انڪري مختلف علائقن جا عالم ان حڪومت جي سرزمين تي اچي تحقيق ۽ تاليف ۾ مصروف رهيا آهن جن ۾ اڪثر سُني مذهب جا آهن. پوءِ ابن اثير ان دور جي تاليف ٿيل جن ڪتابن جا نالا لکي ٿو انهن ۾ ”الايضاح في النحو“، ”الحجة في القراءَات“، ”المکلي في طب“ ۽ ”التاجي في التاريخ“ شامل آهن. (الڪامل في التاريخ: ج: 9)  ان مان واضح آهي ته آل بويہ جي سني يا شيعہ سان ڪابه مخالفت نه هئي جو هڪ کي ڪمزور ڪري ٻئي کي انجي جاءِ تي آڻين.

 شيعت صفوي بادشاهن جي ٺاهيل آهي

            ٻين ليکڪن جو چوڻ آهي ته صفوي بادشاهن، شيعت ۾ ڪجهه عقائدي اصول ۽ قانون داخل ڪري، شيعت جي ٻوٽي کي ٽاريون ۽ گل ڏنا ۽ انکي هڪ سادي صورت ما ڪڍي  هڪ نئون مذهب ٺاهيو ته جيئن ان کي باقي مسلمانن سان مقابلي لاءِ استعمال ڪري سگھن. مثلاً: چون ٿا:

ساساني بادشاهن جو قانون اسلامي شڪل ۾ شيعت جي روپ ۾ ظاهر ٿيو. صفوي حڪومت جيڪا بعد ۾ وجود ۾ آئي، اها اسلامي لباس ۾ ساساني بادشاهت هئي. (عالم نو اسلام: لوٿروپ اسٽيوارت)

۽ چون ٿا:

صفوين جيڪو ڪم ڪيو اهو هي هيو ته علائقا فتح ڪري اتي درگاهون ٺاهيندا هئا جتي درويش علي ۽ اولاد علي جي تعريف ۽ ثنا ڪندا هئا. (السنہ الشيعہ: محمد رشيد رضا)

يا وري چون ٿا:

شاهه اسماعيل صفوي جي طاقت وڌي وئي ۽ هن خدائيءَ جي دعوى ڪئي. هو هڪ ظلم ۽ قاتل هيو. هن ايترا ماڻهو ماريا جن جو حساب ناهي. هنجو لشڪر جڏهن هنکي ڏسندو هيو ته هنکي سجدو ڪندو هيو. هو شرن کي فتح ڪندو هيو ۽ الله جي بندن جو خون وهائيندو هيو. هن رقص ۽ الحاد جي مذهب کي ڦهلايو ۽ علماءَ کي قتل ڪيو ۽ جيڪي قرآن اهلسنت وٽ هيا انهن کي ساڙي ڇڏيو. جنهن به امير کي قتل ڪندو هيو انجي زال ڪنهن ٻئي لاءِ مباح ڪندو هيو يا انکي تحفي ۾ ڏيندو هيو.

  ڇنڊ ڇاڻ:

صفوي بادشاهه سن 905هه کان 1135هه تائين ايران ۽ عراق جي ڪجھ حصي تي حڪومت ڪندا رهيا آهن. هنن ان دور ۾شيعت کي سرڪاري مذهب قرار ڏنو. پر:

1-    انهن کي شيعت جو باني قرار نٿو ڏئي سگھجي.

2-    نه ئي وري شيعت جا عقيدا صفوين جا جوڙيل آهن.

ڇو ته ڪيترن ئي شيعہ عالمن شيعہ مّهب جا فڪري ۽ عقيدتي اصول صفوين کان گھڻو اڳ واضح ڪري ڇڏيا هئا ۽ پنهنجي ڪتابن ۾ بيان ڪري ڇڏيو هيو. مثال طور: شيعہ علماءَ سيد مرتضى، سيد رضي، شيخ طوسي، شيخ مفيد، ڪُليني، خواجہ نصيرالدين طوسي ۽ ڪيترن ئي ٻين عالمن صفوين کان گھڻو اڳ ڪيترا ئي ڪتاب يادگار ڇڏيا آهن، جن ۾ شيعت جا فڪري ۽ فقهي اصول بيان ٿيل آهن. انهن ڪتابن کي ڌسڻ کانپوءِ انسان سمجھي سگھي ٿو ته اهو نظريو ڪيترو صحيح آهي ته شيعت جا فڪري ۽ عقيدتي بنياد صفوي بادشاهن ٺاهيا آهن. انکانسواءِ صفوين جي ڪار ڪردگيءَ کي مٿي ٻڌايل علماءَ جي بيان ڪيل اصولن جي مطابق پرکي سگھجي ٿو ته هنن جو، صحيح تاريخن ۾ موجود، ڪيترو ڪردار شيعت جي اصولن جي مطابق آهي؟ ۽ ڪهڙا نوان اصل هنن شيعت ۾ آندا آهن.

 

   احوال واقعي

شيعہ علماءَ جو نظريو آهي ته: شيعہ نظريو نبي اڪرم (ص) جي زندگيءَ ۾ ئي موجود هيو. ان دعوى تي هو نبي اڪرم (ص) جون ڪيتريون ئي حديثون پيش ڪن ٿا جن ۾ ” شيعہ علي“ ان ئي اصطلاح طور استعمال ٿيو آهي جيڪو هاڻ موجود آهي. اهڙين حديثن جا ڪجھ نمونا اسان اڳ ۾ پيش ڪري چڪا آهيون. انهن علماءَ جو چوڻ آهي ته: نبي اڪرم (ص) جي دور ۾ شيعہ جي علحيده مذهب طور شناخت جي نه ئي ڪا ضرورت هئي ني ئي ڪو سبب! ڇو ته:

·   شيعہ نظريو نبيءَ جي تعليمات جي غير مشروط پيرويءَ کانسواءِ ٻي ڪابه شيءءِ ناهي.

·   جڏهن ته انجي ابتڙ نبيءِ اڪرم (ص) جي واضح نص آڏو پنهنجي راءِ جا اظهار ۽ انتي عمل جو نظريو به سندن ئي زندگيءَ ۾ ملي ٿو جيڪو اڳتي هلي هڪ مڪمل مذهب جي صورت اختيار ڪري ويو.

البت نبي اڪرم (ص) جي رحلت کانپوءِ  خلافت جي بحث ۾، علي (ع) جي شيعن، نبي اڪرم (ص) جي نص مطابق حضرت علي (ع) جي امامت ۽ خلافت قائم ٿيڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وري ڪجھ ٻين صحابين طرفان انهن ڪوششن جي مخالفت ٿي جنهن سببان اسلامي معاشرو ٻن فڪري ۽ سياسي تحريڪن ۾ ورهائجي ويو، جڏهن ته اهي ٻئي فڪر، نظرياتي صورت ۾ نبيءَ جي زندگيءَ ۾ ئي موجود هيا. انهن تحريڪن مان هڪ تحريڪ کي شيعہ نالي سان سڃاتو ٿو وڃي ۽ ٻيءَ کي السنہ جي نالي سان. پوءِ جيئن جيئن وقت گذرندو رهيوشيعہ مذهب جا مختلف فڪري، عقيدتي، سماجي ۽ فقهي پهلو آئمہ اهلبيت (ع) ذريعي بيان ٿيندا رهيا ۽ هڪ مڪمل مڪتب جي صورت ۾ گڏ ٿي ويا. البت شيعہ عقيدي مطابق آئمہ اهلبيت (ع) نبيءَ جي تعليمات ۾، نه ئي ڪو اضافو ڪيو آهي نه وري گھٽاءُ، بلڪ صرف انجي وضاحت، تفسير ۽ تشريح ڪئي آهي ته جيئن ماڻهو هر دور ۾ ۽ هر صورتحال ۾ نبي اڪرم(ص) جي شريعت ۽ سنت مطابق پنهنجي فڪري ۽ عملي ذميواري ادا ڪري سگھن. جڏهن ته نص جي مقابلي واري فڪر به نبيءَ جي وفات کانپوءِ گل ٻوٽا ڏنا ۽ اها به هڪ مڪمل مذهب جي صورت اختيار ڪري وئي جنهنکي اڄ السنہ نالي سان سڃاتو ٿو وڃي.

ڀلي ڪري آيا


اسان جا سوشل ميڊيا جا صفحه پسند ڪريو.
رابطو ڪريو

© سڀ حق ۽ واسطا صراط المستقيم وٽ محفوظ آهن