روزانه حديث:
حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام فرمايو حيا، ايمان جو حصو آهي ۽ ايمان (جو مقام) بهشت آهي، بي حيائي ظلم و جفا (جو مقام) جهنم آهي. (ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 4562 )
نيوز ليٽر
اسان جو نيوز ليٽر حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اي ميل ايڊريس ڏيو.
اسلامي فلم سيڪشن

عدل الاهي
pictures of hiv rashes site what causes aids virus


عدل الاهي

الله تعالى جي صفتن مان هڪ صفت “عدل” پڻ آهي، جيئن ته عدل جي صفت هڪ خاص اهميت رکي ٿي. انڪري ان تي جدا بحث ڪيو ٿو وڃي.

معنى:

عربي ٻوليءَ ۾ عدل لفظ جي معنى آهي:

وصف: اصطلاحي لحاظ کان عدل جي  وصف هن طرح سان ڪئي وڃي ٿي:

“هر ڪنهن کي سندس حق ڏيڻ”

ان عدل جو ضد ظلم آهي، جنهن جي معنى آهي ڪنهن کي سندس حق کان گھٽ ڏيڻ يا بلڪل نه ڏيڻ.

v                مساوات: مساوات جي معنى هڪ جيترائي يا برابري آهي.

مثال طور: امتحان کان پوءِ جيڪڏهن سڀني شاگردن کي هڪ جيتريون مارڪون ملن ته اها مساوات آهي،

v                احسان: احسان جي معنى ڀلائي ڪرڻ آهي.

مثال طور: جيڪڏهن ڪنهن مزدور سان هڪ سوَ روپيا مزدوري طئي ڪئي وئي آهي ته ڪم ڪرڻ کانپوءِ هڪ سوَ روپيا ڏيڻ “عدل” آهي. مزدوري نه ڏيڻ يا طئي ٿيل هڪ سوَ روپين کان گھٽ ڏيڻ “ظلم” آهي، پر طئي ٿيل سوَ روپين کان وڌيڪ ڏيڻ احسان آهي.

v                انصاف: انصاف لفظ نصف مان نڪتل آهي جنهن جي معنى آهي اڌ، ان ڪري انصاف جي معنى ٿيندي اڌواڌ ڪرڻ البت عام طور انصاف لفظ عدل جي معنى ۾ ئي استعمال ڪيو ٿو وڃي.

الله تعالى جي عدل جي معنى:

مٿي ٻڌايل عدل جي ٻنهي معنائن جي لحاظ کان الله تبارڪ و تعالى عادل آهي، انڪري الله تعالى جي وصف هن طرح آهي.

“الله تعالى هر شيءِ کي سندس حق مطابق عطا ڪري ٿو،

ان کي سندس مناسب جڳهه ۽ مقام تي رکي ٿو،

۽ ان سان اهڙو سلوڪ ڪري ٿو جنهن جي لائق اها آهي.”

 

الله تعالى ڪهڙين شين ۾ عادل آهي:

الله تعالى جي عدل جي وسعت کي سمجھڻ خاطر ، اسان عدل کي ٽن حصن ۾ ورهايون ٿا:

1. تخليق ۾ عدل :

الله تعالى پيدا ڪرڻ ۾ عادل آهي، يعني :

“هر مخلوق کي سندس صلاحيت مطابق ڪمالات عطا ڪري ٿو ۽ ڪنهن به مخلوق کي سندس گنجائش ۽ ڪمالات سان پيدا نٿو ڪري.” 

2. قانون سازي ۾ عدل :

الله تعالى قانون سازيءَ ۾ عادل آهي، يعني :

‏*  انسان کي سعادت ۽ ڪمال تائين پهچڻ لاءِ ، جن قانونن جي ضرورت آهي، الله تعالى اهي سڀئي ٺاهي، انسانن تائين پهچائي ٿو.

*  انسان تي سگھ کان وڌيڪ ذميواري نٿو رکي.

انڪري الاهي شريعت انهن ٻنهي معنائن ۾ عادلاڻي.

3. جزا ۽ سزا ۾ عدل :

الله تعالى جزا ۽ سزا ۾ پڻ عادل آهي، يعني هن :

*  هر انسان لاءِ سندس عملن مطابق جزا ۽ سزا مقرر فرمائي آهي، الله تعالى نيڪو ڪارن کي جزا ۽ برن کي سزا ڏئي ٿو.

*  ڪنهن به انسان کي سندس ذميواريءَ کان آگاه ڪرڻ کانسواءِ سزا نه ٿو ڏئي.

الله تعالى جر عدالت تي دليل

دليل : 1

انساني عقل فيصلو ٿو ڪري ته عدل ڀلائي آهي ۽ ظلم برائي آهي، جيئن ته الله تعالى سڀني براين کان پاڪ آهي، انڪري ظلم نٿو ڪري عدل ڪري ٿو.

دليل : 2

جڏهن اسان تجويز ٿا ڪريون ته سمجھ ۾ اچي ٿو ته ظلم جو سبب ٽي شيون آهن :

·        جھالت

·        گھرج

·        منصوبه بندي (Strategy)

جيئن ته الله تعالى هر طرح جي جھالت ۽ محتاجي کان پاڪ آهي، انڪري ظلم نٿو ڪري، جڏهن ته الله تعالى جو منصوبو ڀلائي چاهي ٿي ظلم نٿو چاهي.

اعتراض : 1

جيڪڏهن الله تعالى عادل آهي ته سندس هن دنيا ۾ ظلم ڇو آهي؟

جواب :

هن دنيا ۾ الله تعالى ڪنهن تي به ظلم نٿو ڪري پر هڪڙا انسان ٻين تي ظلم ڪن ٿا. انڪري دنيا ۾ ظلم جو سبب الله تعالى نه خود انسان آهن.

اعتراض : 2

الله تعالى جڏهن هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو ته پوءِ پنهنجي هن دنيا ۾ ٿيندڙ ظلم کي ڇو نه ٿو روڪي؟

جواب :

الله تعالى انسان کي با اختيار مخلوق بڻايو آهي. جنهن جو غلط فائدو وٺي هڪڙا انسان ٻين تي ظلم ڪن ٿا. البت هيءَ دنيا آخري دنيا ناهي پر سڀني انسانن کي آخرت ۾ وڃڻو آهي. جتي ظالم ۽ مظلوم ٻنهي کي پورو پورو بدلو ملندو، جيڪڏهن آخرت جو حساب ڪتاب نه هجي ها ته پوءِ الله تعالى کي ظالم چئي پئي سگھيا سين پر آخرت جي هجڻ کانپوءِ الله تعالى هرگز ظالم ناهي.

 

 

women who cheat when your husband cheats how many people cheat

ڀلي ڪري آيا


اسان جا سوشل ميڊيا جا صفحه پسند ڪريو.
رابطو ڪريو

© سڀ حق ۽ واسطا صراط المستقيم وٽ محفوظ آهن