روزانه حديث:
حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام فرمايو حيا، ايمان جو حصو آهي ۽ ايمان (جو مقام) بهشت آهي، بي حيائي ظلم و جفا (جو مقام) جهنم آهي. (ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 4562 )
نيوز ليٽر
اسان جو نيوز ليٽر حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اي ميل ايڊريس ڏيو.
اسلامي فلم سيڪشن

شرڪ


شرڪ

وصف:

شرڪ مان مراد هيءَ آهي ته:

          “اهو مڃڻ ته الله تعالى جھڙو ڪير آهي يا ڪير ٿي سگھي ٿو.”

شرڪ جا قسم:

سمجھڻ خاطر شرڪ کي پڻ توحيد وانگر ٻن بنيادي حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو.

(الف) فڪر ۾ شرڪ:

وصف؛ فڪر ۾ شرڪ مان مراد هيءَ آهي ته:

          “اهو مڃڻ ته الله جهڙو ڪير آهي يا وري ٿي سگھي ٿو.”

هن قسم جي شرڪ کي سمجھڻو آهي ۽ ان جو انڪار ڪرڻو آهي. هن قسم جي شرڪ تي عمل ڪرڻ انسان لاءِ ممڪن ناهي. مثال طور؛ شرڪ ذات يعني اهو مڃڻ ته الله تعالى جھڙي ذات ڪنهن جي آهي يا وري ڪنهن جي ٿي سگھي ٿي.

(ب) عمل ۾ شرڪ.

وصف: عمل ۾ شرڪ جي وصف هن طرح ڪري سگھجي ٿي:

          “فڪر ۾ شرڪ جي عملي مظاهري کي عمل ۾ شرڪ چيو ٿو وڃي.”

هن قسم جي شرڪ کي صرف سمجھڻ ۽ ان جو انڪار ڪافي نه آهي، بلڪ ان سان گڏ ان تي عمل ڪرڻ به لازمي آهي. مثال طور؛ شرڪ عبادت يعني جڏهن اهو مڃيو ويو ته عبادت جي لائق الله تعالى کانسواءِ ٻيو ڪير به آهي ته پوءِ ان معبود لاءِ ڪو به عمل ڪرڻ عبادت ۾ شرڪ چيو ويندو.

 

(الف) فڪر ۾ شرڪ.

سوچ ۽ فڪر ۾ الله تعالى کي بي مثال نه مڃڻ يعني اهو ايمان رکڻ ته الله جهڙو ڪير آهي ۽ يا وري ڪير ٿي سگھي ٿو. اهڙي قسم جي شرڪ تي عمل ڪرڻ ممڪن ئي ناهي. فڪر ۾ شرڪ به ايترن ئي قسمن ۾ ورهائجي ٿو جيترن حصن ۾ فڪر ۾ توحيد ورهائجي ٿي.

(1)     ذات ۾ شرڪ    (2) صفات ۾ شرڪ    (3) افعال ۾ شرڪ     (4) الوهيت ۾ شرڪ

1. ذات ۾ شرڪ

وصف: ذات ۾ شرڪ مان مراد هيءَ آهي ته:

          “ذات يا وجود ۾ الله تعالى جھڙو ڪنهن کي مڃڻ.”

هن قسم جي شرڪ ۾ ٻه ڳالهيون شامل آهن:

(الف) الله تعالى “مرڪب” آهي يعني سندس ذات يا وجود مرڪب آهي.

مثلا؛ صفات الله کان جدا آهن يا تثليت جو عقيدو.

(ب) الله تعالى “واحد ناهي” يعني سندس ذات يا وجود جھڙو ڪير آهي يا ٿي سگھي ٿو.

رد؛                      

اسان صفات سلبيه ۾ الله جي ترڪيب کي رد ڪري چڪا آهيون ۽ توحيد ذات ۾ سندس وحدانيت ثابت ڪري چڪا آهيون.

2. صفات ۾ شرڪ.

وصف؛ صفات ۾ شرڪ مان مراد هيءَ آهي ته:

          “الله تعالى جي ذات ۽ صفات کي ٻه شيون مڃڻ.”

رد:

اهڙي عقيدي کي اسان توحيد صفات ۾ رد ڪري چڪا آهيون.

3. افعال ۾ شرڪ.

وصف؛ افعال ۾ شرڪ مان مراد هي آهي ته:

“الله تعالى کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي پنهنجي قوت سان فعل انجام ڏيندڙ مڃڻ.”

رد:

“پنهنجي قوت سان فعل انجام ڏيندڙ صرف الله تعالى آهي. “انکي اسان توحيد افعال۾ ثابت ڪري چڪا آهيون.”

افعال۾ شرڪ وري ٻن حصن ۾ ورهائجي ٿو:

(الف) ؛ خالقيت ۾ شرڪ؛ الله تعالى کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي حقيقي خالق مڃڻ.

(ب)؛ ربوبيت ۾ شرڪ؛ الله تعالى کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي وجود ۽ صلاحيتن جو پالڻهار مڃڻ.

(2) شرڪ ربوبيت تشريعي؛ الله تعالى کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي حقيقي حاڪم ۽ حقيقي قانون ساز مڃڻ.”

رد :

خالقيت ۽ ربوبيت ۾ توحيد اسان اڳ ۾ ئي ثابت ڪري چڪا آهيون.

(4) الوهيت ۾ شرڪ.

وصف: الوهيت ۾ شرڪ مان مراد هيءَ آهي ته:

          “الله تعالى کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي عبادت جي لائق مڃڻ.”

رد:

توحيد الوهيت ۾ اسان ان شرڪ کي رد ڪري چڪا آهيون.

(ب) عمل ۾ شرڪ

وصف: عمل ۾ شرڪ مان مراد هيءَ آهي ته:

          “فڪر ۾ شرڪ جي عملي مظاهري کي عمل ۾ شرڪ چيو ٿو وڃي.”

انسان جا سڀئي اختياري عمل سندس سوچن ۽ نظرين مان ئي ڦٽن ٿا. جيڪڏهن انسان جي سوچ شرڪ سان ميري هوندي ته لازمي طور ان مان ڦٽندڙ عمل پڻ مشرڪاڻا بڻجي ويندا. شرڪ آلود سوچ، جن مشرڪاڻن عملن کي پيدا ڪري ٿي، انهن جو نالو “شرڪ عملي” آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته شرڪ عملي فڪري ۾ شرڪ کان جدا ڪا شيءِ ناهي بلڪ فڪر ۾ شرڪ جوعملي مظاهرو آهي.

انسان جا عمل ٻن قسمن جا آهن:

1) جسماني عمل: مثال طور: عبات ۽ اطاعت وغيره.

2) روحاني عمل:  مثال طور: محبت، نفرت ۽ توڪل وغيره.

عمل ۾ شرڪ جو دائرو ايترو ته وسيع آهي جو انسان جي سڀئي جسماني ۽ روحاني عمل ان ۾ شامل ٿي وڃن ٿا. هتي اسان ڪجھ عملن جي ذڪر ڪنداسين.

(1) عبادت ۾ شرڪ.

وصف: عبادت ۾ شرڪ مان مراد هيءَ آهي ته:

          “غير الله جي عبادت ڪرڻ”

عبادت ۾ شرڪ حقيقت ۾ الوهيت ۾ شرڪ جو عملي مظاهرو آهي يعني انسان پهريان غير الله کي عبادت جي لائق سمجھي ٿو ۽ پوءِ انجي عبادت ڪري ٿو.

رد :

عملي ميدان ۾ غير الله جي عبادت ڪرڻ انکي عبادت جي لائق قرار ڏيڻ آهي، جڏهن ته اسان توحيد الوهيت ۾ ثابت ڪري آيا آهيون ته عبادت جي لائق صرف الله تعالى آهي.

(2)  شرڪ ربوبيت تشريعي

وصف: الله تعالى کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي حقيقي حاڪم ۽ قانون ساز سمجھي ان جي حڪم ۽ قانون تي هلڻ”

رد :

اسان اڳ ۾ توحيد ربوبيت تشريعي ثابت ڪري آيا آهيون. البت جنهن کي الله تعالى جنهن دائري ۾ حاڪم ۽ قانون ساز بڻايو آهي انجي حڪم ۽ قانون تي ان نيت سان هلڻ، الله جي حڪم ۽ قانون تي هلڻ آهي.

(3)  اطاعت ۾ شرڪ

وصف: اطاعت ۾ شرڪ مان مراد هيءَ آهي ته:

          “غير الله جي ذاتي اطاعت ڪرڻ”

رد :

جيئن ته هر شيءِ جو حقيقي مالڪ صرف الله تعالى آهي انڪري غير الله جي ذاتي اطاعت ڪرڻ ان کي حقيقي مالڪ مڃڻ آهي.

(4)  استعانت ۾ شرڪ.

وصف: استعانت ۾ شرڪ مان مراد هيءَ آهي ته:

          “غير الله کي حقيقي فاعل قرار ڏئي کانئس مدد ۽ نصرت گھرڻ”

رد :

اسان توحيد افعال ۾ ثابت ڪري آيا آهيون ته ڪائنات ۾ حقيقي فاعل صرف الله آهي. ان ڪري ڪنهن ٻئي کي حقيقي فاعل قرار ڏيڻ کان عقل روڪي ٿو.

(5)  محبت ۾ شرڪ

وصف؛ محبت ۾ شرڪ مان مراد هيءَ آهي ته:

          “غير الله سان ذاتي طور محبت ڪرڻ”

رد:

توحيد محبت ۾ اسان ثابت ڪري چڪا آهيون ته ذاتي محبت صرف الله سان ئي ڪرڻ گھرجي.

(6)  توڪل ۾ شرڪ

وصف؛ توڪل ۾ شرڪ مان مراد هيءَ آهي ته:

          “غير الله تي ذاتي توڪل ڪرڻ”

رد:

توحيد توڪل (ڀروسو) ۾ اسان ثابت ڪري چڪا آهيون ته غير الله توڪل جي لائق ناهي.

 

 

ڀلي ڪري آيا


اسان جا سوشل ميڊيا جا صفحه پسند ڪريو.
رابطو ڪريو

© سڀ حق ۽ واسطا صراط المستقيم وٽ محفوظ آهن