روزانه حديث:
حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام فرمايو حيا، ايمان جو حصو آهي ۽ ايمان (جو مقام) بهشت آهي، بي حيائي ظلم و جفا (جو مقام) جهنم آهي. (ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 4562 )
نيوز ليٽر
اسان جو نيوز ليٽر حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اي ميل ايڊريس ڏيو.
اسلامي فلم سيڪشن

صفات خدا


الله تعالى جون صفتون

پهريون موجود

سموري ڪائنات جو سرچشمو يعني “الله“ “پهريون موجود“ آهي ۽ ٻيا سڀ موجودات ان جا ئي خلقيل آهن. عقل مطابق پهرئين موجود جون ڪجھ لازمي خصوصيتون ٿينديون آهن. جيڪي هن ريت آهن؛

مستقل (Self Sufficient)  آهي ۽ محتاج ناهي.

1.        وجود ۾ محتاج ناهي:

يعني سندس وجود پنهنجو هوندو ۽ ڪنهن ٻئي هن کي وجود نه ڏنو هوندو. ٻي صورت ۾ هو پهريون موجود نه ٿيندو. جنهنجو وجود پنهجو هجي انجو هجڻ لازمي هوندو آهي انڪري انکي “واجب الوجود“ پڻ چيو ٿو وڃي.

2.       صفات ۾  محتاج ناهي:

يعني سندس سموريون صفتون (ڪمالات) پنهنجون هونديون ۽ ڪنهن ٻئي هنکي نه ڏنيو هونديون.

ٻي صورت ۾ يا ته هو پهريون موجود نه هوندو يا وري پنهنجي مخلوق جو محتاج ٿي پوندو، جيڪو محال آهي.

ازلي ۽ ابدي

1.       سندس ڪا ابتدا ناهي (ازليت):

جيڪڏهن ابتدا رکندڙ هوندو ته يقيني طور ڪنهن ٻئي جي مخلوق هوندو ۽ اول موجود نه هوندو.

2.       سندس ڪا انتها ناهي (ابديت)

ڪنهن موجود لاءِ انتها ان ڳالهه جو دليل آهي ته کيس ڪنهن ٻئي وجود ڏنو هيو، جيڪو هاڻي واپس ورتوويو آهي. ڇو ته جيڪڏهن وجود سندس پنهنجو هجي ها ته ان کان ڌار نه ٿي سگهي ها.

صفات ثبوتيه

الله تعالى وٽ ڪمال ۽ جمال جون سڀئي صفتون لامحدود پيماني تي موجود آهن، انڪري کيس “الله“ يعني سڀني ڪمالن جو مالڪ چيو وڃي ٿو. انهن مان مشهور اٺ صفتون آهن؛

(1)   قديم: 

وصف؛ الله تعالى زماني جي حد بيدين کان مٿاهون آهي يعني “زماني موجود ناهي“ انڪري ازلي ۽ ابدي آهي، اول ۽ آخر آهي.

دليل؛ الله تعالى جيئن ته پهريون موجود آهي ۽ زمانو سندس ئي مخلوق آهي، انڪري زماني جي حدبندين کان مٿاهون آهي.

(2) قادر:

وصف: الله تعالى هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو يعني چاهي ته ڪري چاهي ته نه ڪري.

دليل: الله کانسواءِ هر شيءِ سندس مخلوق آهي ۽ هر خالق پنهنجي مخلوق تي هر طرح جي قدرت رکندو آهي.

(3) عالم:

وصف:الله تعالى هر شيءِ کي ڄاڻي ٿو يعني هر شيءِ هن وٽ حاضر آهي.

دليل: الله کانسواءِ هر شيءِ سندس مخلوق آهي ۽ هر خالق پنهنجي مخلوق جي هر شيءِ ڄاڻندو آهي.

(4) حَيءُ:

وصف: الله تعالى حيات نالي هڪ ڪمال رکي ٿو، جنهن جي نشاني علم ۽ قدرت آهي.

دليل: سندس لامحدود علم ۽ قدرت سندس لامحدود حيات جي خبر ڏين ٿا.

(5) مدرڪ

وصف: الله تعالى بغير ڪنهن وسيلي (مثلا؛ حواس خمسه وغيره)جي هر شيءِ کي درڪ (معلوم) ڪري ٿو يعني ڏسي ۽ ٻڌي ٿو.

دليل: جيئن ته آواز ۽ رنگ الله جي مخلوق آهن ۽ هر خالق پنهنجي مخلوق جي هر شيءِ ڄاڻندو آهي.

(6) مريد :

وصف: الله تعالى صرف پنهنجي ارادي سان ڪم ڪري ٿو يعني مجبور ناهي.

دليل: الله کانسواءِ هر شيءِ سندس مخلوق آهي ۽ ڪا به مخلوق پنهنجي خالق تي ڪا به قدرت نه رکندي آهي.

(7) متَڪَلم:

وصف: الله تعالى جنهن به شيءِ ذريعي چاهي مخلوق سان ڳالهائي سگهي ٿو يعني ان شيءِ مان آواز پيدا ڪري سگھي ٿو.

دليل: الله کانسواءِ هر شيءِ سندس مخلوق آهي ۽ هر خالق پنهنجي مخلوق تي هر طرح جي قدرت رکندڙ آهي.

(3)صادق.

وصف: “الله تعالى صرف سچ ۽ حقيقت ئي بيان ڪري ٿو.”

دليل: ڪوڙ برائي يا محتاجيءَ جي نشاني آهي ۽ الله ۾ نه ئي ڪا برائي آهي نه وري محتاجي.

صفات سَلبيه

الله تعالى ۾ عيب ۽ نقص واري ڪا به صفت ناهي، ان ڪري کيس “سبحان” چيو ٿو وڃي، يعني هر عيب ۽ نقص کان “پاڪ” جن صفتن کان الله پاڪ آهي انهن مان مشهور اَٺ آهن.

(1) مرَڪَب ناهي:

وصف: “الله تعالى جي ذات ڪجھ جزن سان ملي ٺهيل ناهي”

دليل: جيڪڏهن هن جي ذات جا جز _حصا) هجن ته پوءِ هو وجود ۾ اچڻ لاءِ انهن جو محتاج ٿيندو، جڏهن ته الله تعالى محتاج ناهي.

(2) مجَسم ناهي.

وصف: “الله تعالى جسم (Body) نٿو رکي.”

دليل: جيئن ته جسم مخلوق،مرڪب،محدود ۽ تبديل ٿيندڙ آهي ۽ اهي سڀ نقص آهن. جڏهن ته الله تعالى هر نقص کان پاڪ آهي.

(3) مَرئي ناهي:

وصف: “الله تعالى کي اکين سان هرگز نٿو ڏسي سگھجي، نه دنيا ۾ ۽ نه آخرت ۾.”

دليل: جيئن ته اکين ذريعي اهائي شيءِ ڏسڻ ۾ ايندي آهي جيڪا مجسم ۽ محدود هجي ۽ روشني ان سان ٽڪرائجي اکين تائين موٽي. الله تعالى مجسم ۽ محدود ناهي، انڪري مَرئي به ناهي.

(4) هن جو شريڪ ناهي:

وصف: “الله تعالى جھڙو ٻيو ڪو به ناهي، نه ئي وري ٿي سگھي ٿو.”

دليل: هن جو وضاحت الله تعالى جي توحيد واري بحث ۾ ايندي.

 

(5) مڪان نٿو رکي:

وصف: الله تعالى مڪان (Place) جي ضرورت کان به پاڪ آهي.”

دليل: مڪان جي ضرورت ان موجود کي ٿئي ٿي. جيڪو مجسم هجي،الله تعالى جيئن ته مجسم ناهي انڪري “لامڪان” آهي.

(6) مَحل حوادث ناهي.

وصف: “الله تعالى اهڙو موجود ناهي جنهن ۾ تبديليون (حوادث) اچن.”

دليل: تبديلي يا ته ڪو ڪمال ڏيندي يا وٺندي آهي. الله تعالى نه ئي ناقص آهي جو ڪو ڪمال مليس نه ني هنجو ڪمال ٻئي ڪنهن جو عطا ٿيل آهي جو کسجي وڃيس.

(7) حلول نٿو ڪري:

وصف: “الله تعالى ڪنهن شيءِ ۾ سمائجي نٿو.”.

دليل: جيڪا شيءِ جنهن شيءِ ۾ سمائبي ته وجود کي قائم رکڻ ۾ انجي محتاج ٿي پوندي ۽ الله محتاج ناهي.

(8) صفتن ۽ ذات ۾ ٻيائي ناهي:

وصف: “الله تعالى جو صفات ذات ( قديم،قادر، عالم، حي ۽ مريد) ۽ الله جي ذات ٻه شيون نه آهن، هڪ ئي شيءِ آهي يعني صفتون هن جي عين ذات آهن.”

دليل: جيڪڏهن سندس ذات ۽ صفات ٻه شيون مڃجن ته پوءِ الله مرڪب ٿي پوندو ۽ الله مرڪب ناهي. ان جو تفصيل توحيد جي بحث ۾ ايندو.

 

ڀلي ڪري آيا


اسان جا سوشل ميڊيا جا صفحه پسند ڪريو.
رابطو ڪريو

© سڀ حق ۽ واسطا صراط المستقيم وٽ محفوظ آهن