روزانه حديث:
حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام فرمايو حيا، ايمان جو حصو آهي ۽ ايمان (جو مقام) بهشت آهي، بي حيائي ظلم و جفا (جو مقام) جهنم آهي. (ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 4562 )
نيوز ليٽر
اسان جو نيوز ليٽر حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اي ميل ايڊريس ڏيو.
اسلامي فلم سيڪشن

حضرت امام حسن عليه السلام
what is hiv positive go hiv positive symptoms


ذاتي ڪوائف

 

نالو :                   حسن 3

لقب :                  مجتبيٰ، سبط اڪبر

ڪنيت :               ابو محمد

والد :                   حضرت علي ابن ابي طالب4

والده :                  حضرت فاطمه بنت محمد2

ولادت جو هنڌ:       مدينه منوره

ولادت جي تاريخ :   15 رمضان المبارڪ هجرت جي  3 سال

خلافت جو عرصو :  ڇهه  (6) مهينا

امامت جو عرصو :  ڏهه (10) سال

شهادت:                          28  صفر سن 50 هه

شهادت جو سبب:    زهر

قاتل :                  معاويي جي چوڻ تي جعده بنت اشعث  

                        زهر ڏنو

مرقد مبارڪ :        جنت البقيع ــ مدينو

 


امام حسن مجتبيٰ3

اميرالمومنين علي3۽ سائڻ فاطمہ زهرا/جو پهريون پٽ ۱۵ رمضان سن ٣هه تي مديني شهر ۾ پيدا ٿيو (1) پيغمبر اڪرم جن مبارڪ ڏيڻ لاءِ فاطمہ/جي گهر پهتا ۽ خدا جي پاران ان ٻار جو نالو ”حسن“ رکيائون. (2) امام حسن مجتبيٰ3ستن سالن تائين پيغمبر سان گڏ رهيا (3). رسول اڪرم پنهنجي ڏوهٽي سان نهايت گهڻو پيار ڪندا هئا.ڪڏهن کين ڪلهن تي سوار ڪندا هئا ۽ فرمائيندا هئا: ”خدايا مان هن کي دوست رکان ٿو تون به هن کي دوست رکج“ (4) ۽ فرمائيندا هئا:

”جنهن حسن ۽ حسينکي دوست سمجهيو ان مون کي دوست سمجهيو ۽ جيڪو انهن سان دشمني رکندو اهو منهنجو به دشمن آهي“ (5).

امام حسن3جي بزرگيءَ جي لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي ته ننڍپڻ جي باوجود پيغمبر ڪيترن ئي عهدنامن ۾ کين گواهه بڻايو. واقدي بيان ٿو ڪري ته پيغمبر ”ثقيف“ قبيلي سان ذمه وارو معاهدو ڪيو. خالد بن سعيد معاهدو لکيو ۽ امام حسن ۽ امام حسين4 جن گواهه بڻيا. (6)

والد سان گڏ 

رسول اڪرم جي رحلت کان ڪجهه ڏينهن بعد سندن مٿان ٻاجهاري ماءُ جو پاڇو به لهي ويو. تڏهن پيار ۽ پاٻوهه جو فقط هڪ سهارو علي3 جي مهر ۽ محبت ڀري آغوش ئي هئي. امام حسن3پنهنجي والد جي زندگي ۾ ساڻن گڏ رهيا. ظالمن تي ڇوهه ڇنڊيندا ۽ مظلومن جي حمايت ڪندا رهيا ۽ سدائين سياسي مسئلا سلجهائيندا رهيا.

جڏهن عثمان پيغمبر جي وڏي مرتبي واري صحابي ابوذر کي ربذه موڪلڻ جو حڪم ڪيو ته ان وقت هي حڪم به هو ته ڪو به کين رخصت ڪرڻ نه وڃي. ان جي برخلاف علي3پنهنجن ٻن پُٽن امام حسن ۽ امام حسين4 ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن سان گڏجي هن مرد آزاد کي وڏي شان سان رخصت فرمايائون ۽ کيس صبر ۽ ثابت قدميءَ جي وصيعت فرمائي. (7)

سن ٣٦هه ۾ پنهنجي والد بزرگوار سان مديني کان بصري روانا ٿيا ته جيئن جنگِ جمل جي باهه جنهن کي عائشه، طلحه ۽ زبير ڀڙڪايو هو، وسائي ڇڏين.

بصري جي مقام ذي قار ۾ داخل ٿيڻ کان پهرين علي3جي حڪم سان عمار ياسر سان گڏجي ڪوفي روانا ٿيا ته جيئن ماڻهو جمع ڪري سگهن. سندن ڪوشش ۽ تقريرن جي نتيجي ۾ تقريباً ٻارهن هزار ماڻهو امام جي مدد لاءِ پهتا.(8) پاڻ جنگ جي زماني ۾ نهايت تعاون ۽ فداڪاريءَ جو مظاهرو فرمايائون (اهڙي طرح) آخر امام جي لشڪر ئي سوڀ ماڻي.(9)

جنگِ صفين ۾ به پاڻ پنهنجي والد بزرگوار سان ثابت قدميءَ جو مظاهرو فرمايائون. هن جنگ ۾ معاويي، عبدالله ابن عمر کي امام حسن مجتبيٰ3 ڏانهن اماڻيو ۽ چورايائين ته: ”پنهنجي پيءُ جي حمايت تان هٿ کڻو ته مان خلافت توهان لاءِ ڇڏي ڏيندس، ڇو ته قريش ماضيءَ ۾ پنهنجن ابن ڏاڏن جي قتل تي اوهان جي والد کان ناراض آهن ۽ اهي ماڻهو اوهان کي قبول ڪندا“.

امام حسن3 جواب ۾ فرمايو: ”نه، خدا جو قسم، ائين نه ٿو ٿي سگهي“. پوءِ کيس خطاب ڪندي فرمايائون:

”ڄڻ! مان توهان جن مقتولن کي اڄ يا سڀان جنگ جي ميدان ۾ ڏسندس شيطان توهان کي ڌوڪو ڏنو آهي ۽ توهان جي ڪمن کي هن ائين سجايو آهي جو توهان پاڻ کي سينگاري ۽ واسي رکيو ته جيئن شام جون عورتون توهان کي ڏسن ۽ توهان تي گهور ٿين پر (ياد رک) جلد ئي خدا توکي موت ڏيندو“.(10)

امام حسن3 هن جنگ ۾ آخر تائين پنهنجي والد بزرگوار سان گڏ رهيا ۽ جڏهن به کين موقعو مليو، دشمن تي حملو ڪندا هئا ۽ نهايت بي جگريءَ سان موت جي منهن ۾ ٽپي پوندا هئا. پاڻ اهڙي دليريءَ جو مظاهرو فرمايائون جو علي3 پنهنجي پٽ جي جان خطري ۾ ڏسي ڏکويل انداز  ۾ آواز ڏنو:

”ان نوجوان کي سختيءَ سان روڪيو ڪٿي (هن جو موت) مونکي هيڻو نه بڻائي وجهي. مان انهن ٻنهي (حسن ۽ حسين6) جي موت کان ڊڄان ٿو ته ڪٿي انهن جي موت سبب رسول خدا جو نسل نه مٽجي وڃي.“ [1]

ٽياڪڙي (حڪميت) واري واقعي ۾ ابوموسيٰ جي ذريعي علي3کي  (خلافت تان) هٽائڻ واري ڏکوئيندڙ خبر عراقين ۾ پکڙجڻ کان پوءِ فتني فساد جي باهه ڀڙڪي پئي. علي3 ڏٺو ته ان موقعي تي سندن  خاندان جي ڪنهن فرد کي تقرير ڪرڻ گهرجي ۽ ماڻهن  کي گمراهيءَ کان بچائي سڪون ۽ هدايت طرف رهنمائي ڪجي تنهن ڪري پاڻ پنهنجي پٽ امام حسن3 کي فرمايائون: ”منهنجا لال! اٿو ۽ ابوموسيٰ ۽ عمرو عاص جي متعلق ڪجهه چئو“. امام حسن مجتبيٰ3زوردار تقرير ۾ وضاحت فرمائي ته:

”انهن ماڻهن کي ان لاءِ منتخب ڪيو ويو ته جيئن ڪتاب خدا کي پنهنجي دلي خواهش تي مقدم رکن پر انهن (هوس جي ڪري) قرآن جي خلاف فيصلو ڪيو ۽ اهڙا ماڻهو امين بڻائڻ جي لائق نه آهن پر اهي ماڻهو وڪاميل (۽ مذمت جوڳا) آهن“.(11)

شهادت کان پهرين علي3 پيغمبر جي فرمان مطابق حسن3کي پنهنجو جانشين مقرر فرمايو ۽ ان “عمل” تي امام حسين3 پنهنجن (ٻين) پٽن ۽ بزرگ شيعن کي گواهه بڻايو.(12)

اخلاقي خصوصيتون

امام حسن 3 هر طرف کان حَسن هئا. سندن پاڪ وجود ۾ انسانيت جا اعليٰ ڳُڻ موجود هئا. سيوطي پنهنجي تاريخ ۾ لکي ٿو ته ”حسن ابن علي 4 اخلاقي امتياز ۽ بي پناهه انساني فضيلتن جا مالڪ هئا. پاڻ بزرگ، باوقار، بردبار، سخي، بخشيندڙ ۽ ماڻهن جي محبتن جو مرڪز هئا.” (13) سندن روشن خصلتن مان هت ڪجهه بيان ڪجي ٿو:

پرهيزگاري:

پاڻ خدا جي طرف مخصوص توجهه جا حامل هئا ۽ ان توجهه جا آثار ڪڏهن وضو جي وقت سندن منهن مبارڪ تي ماڻهو ڏسندا هئا. جڏهن پاڻ وضو ڪندا هئا ته ان وقت سندن رنگ بدلجي ويندو هو ۽ پاڻ ڏڪڻ لڳندا هئا. جڏهن ماڻهو سبب پڇندا هئا ته امام حسن3جن فرمائيندا هئا ته: ”جيڪو ماڻهو خدا جي سامهون ٿو ويهي، ان کي ان کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿو سونهين.“ (14)

امام جعفر صادق3 جن فرمايو: امام حسن3پنهنجي زماني جا عابد ترين ۽ زاهد ترين انسان هئا جڏهن موت ۽ قيامت کي ياد فرمائيندا هئا ته روئندي بي حال ٿي ويندا هئا. (15)

امام حسن3پنهنجي زندگي ۾ 25 ڀيرا پنڌ ۽ ڪڏهن پيرين اگهاڙا خانه خدا جي زيارت لاءِ اسهيا ته جيئن خدا جي بارگاهه ۾ وڌ کان وڌ ادب ۽ نهٺائي پيش ڪري سگهجي ۽ وڌ کان وڌ اجر ملي. (16)

بخشش ۽ عطا

امام جي سخاوت ۽ بخشش جي باري ۾ ايترو ٻڌائڻ ئي ڪافي آهي ته پاڻ پنهنجي زندگي ۾ ٻه ڀيرا سمورو مال ۽ پنهنجي ڪُل پونجي خدا جي راهه ۾ ڏنائون ۽ ٽي ڀيرا پاڻ وٽ موجود سڀني شين کي ٻن حصن ۾ ورهائي اڌ راهه خدا ۾ ڏنائون ۽ اڌ پنهنجي لاءِ رکيائون. (17) هڪ ڏهاڙي سندن هڪ ٻانهيءَ کين گلدستو تحفو ڪري ڏنو، پاڻ بدلي ۾ ٻانهيءَ کي آزاد ڪري ڇڏيائون، جڏهن ماڻهن ان جو سبب پڇيو ته پاڻ فرمايائون: خدا پاڪ اسان جي اهڙي ئي تربيت ڪئي آهي ۽ هن آيت جي تلاوت فرمايائون:

وَ اِذَا حُیِّیۡتُمۡ بِتَحِیَّۃٍ فَحَیُّوۡا بِاَحۡسَنَ مِنۡہَاۤ.

”جڏهن توهان کي ڪو هديو ڏئي ته ان کان بهتر ان جو جواب ڏيو“.

(سورہ نساء 86) (18)

هڪ ڏينهن پاڻ خانه خدا ۾ ٻڌائون ته هڪ شخص خدا کان دعا گهري رهيو هو ته ”خداوندا! مون کي ڏهه هزار درهم ڏي“. امام ان وقت گهر ويا ۽ اتان ان ماڻهو لاءِ ايترا درهم موڪليا. (19)

هڪ شخص شام کان آيل هو ۽ معاويي جي چرچ تي هن امام کي گهٽ وڌ ڳالهايو. امام ماٺ رهيو ۽ پوءِ پاڻ مشڪندي نهايت سهڻي انداز ۾ کيس سلام ڪري فرمايائون: ”اي هيڻا انسان! منهنجو خيال آهي ته تون مسافر آهين ۽ مان گُمان ٿو ڪريان ته تون غلطيءَ ۾ ڦاٿل آهين. جيڪڏهن تون منهنجي رضامنديءَ جو طلبگار آهين، يا ڪا شيءِ گهرجئي ته مان توکي ڏيندس ۽ ضرورت وقت مان تنهنجي رهنمائي ڪندس. جيڪڏهن توتي قرض آهي ته مان اهو قرض لاهيندس. جيڪڏهن بُکايل آهين ته مان توکي ماني کارائيندس... ۽ مون ڏانهن ايندين ته وڌيڪ سُک ماڻيندين“...

اهو شخص ڦڪو ٿيو ۽ روئندي عرض ڪيائين: ”مان گواهي ٿو ڏيان ته اوهين ڌرتيءَ تي خدا جا خليفا آهيو، خدا بهتر ٿو ڄاڻي ته هو پنهنجي رسالت کي ڪٿي قرار ڏئي. اوهين ۽ اوهان جو والد منهنجي نظرن ۾ دشمن ترين شخص هئا هينئر اوهين منهنجي نظرن ۾ سڀ کان وڌيڪ پيارا آهيو“. (20)

مروان بن حڪم، جيڪو امام جو ڪٽر دشمن هئو. شهادت کان پوءِ ان امام جي جنازي ۾ شرڪت ڪئي. امام حسين3 پڇيو: ”منهنجي ڀاءُ جي حياتيءَ ۾ توکان جيڪو ٿي سگهيو اهو تو ڪيو پر هاڻي تون ان جي جنازي ۾ شريڪ ٿيو آهين ۽ روئين به ٿو؟“ مروان وراڻيو : ”مون جو ڪجهه ڪيو ان شخص سان ڪيو جنهن جي بردباري پهاڙ (ڪوهه مدينه طرف اشارو ڪندي) کان وڌيڪ هئي“. (21)

خلافت

۲۱رمضان سن ۴۰ هه جي شام جو علي3جي شهادت ٿي ان کان پوءِ ماڻهو شهر جي جامع مسجد ۾ گڏ ٿيا. حضرت امام حسن3 منبر تي تشريف فرما ٿيا ۽ پنهنجي والد بزرگوار جي شهادت جي اعلان کان پوءِ سندن ڪجهه فضائل بيان ڪري پوءِ پنهنجو تعارف ڪرايائون ۽ ويهي رهيا. عبدالله بن عباس اٿي بيٺو ۽ چيائين ”اي ڪوفي وارؤ! هي (امام حسن3 جي طرف اشارو ڪندي) توهان جي پيغمبر جو فرزند، علي3 جو جانشين ۽ توهان جو امام آهي، هن جي بيعت ڪريو“.

  ماڻهو ننڍين ننڍين ٽولين ۾ امام وٽ آيا ۽ بيعت ڪندا رهيا.(22) نهايت غير اطمينان، پريشان ۽ منجهيل ماحول ۾ جيڪو امام جي بابي سائين جي حياتيءَ جي آخري اَيام ۾ تمام خراب حالتن تي پهچي چڪو هو. امام حسن3 حڪومت جي ذميواري سنڀالي. سندن حڪومت اهڙن ماڻهن تي شروع ٿي جيڪي هڪ اعليٰ نظريو رکي، ان اعليٰ نظريي خاطر پابنديءَ سان پاڻ پتوڙن، وڙهن ۽ ان جي اعليٰ مقصدن تي ايمان رکن. اهڙي قسم جي ڪا به ڳالهه منجهن ڪو نه هئي. جيئن ته پاڻ هڪ طرف پاڪ پيغمبر ۽ علي3 جي طرفان ان عهدي لاءِ منصوب هئا ۽ ٻيو ماڻهن جي بيعت ۽ انهن جي آمادگيءَ  بظاهر حجت مڪمل ڪئي هئي ان لاءِ پاڻ حڪومت جون واڳون سنڀاليندي سڀني گورنرن کي ضروري احڪام روانا ڪيا ۽ معاويي جي جاسوسن مان ٻن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري کان پوءِ کين قتل ڪرائي ڇڏيو. پاڻ هڪ خط به معاويي ڏانهن موڪليائون ته تون جاسوس ٿو موڪلين يعني جنگ ٿو گهُرين. جنگ ويجهو ٿي انتظار ڪر! انشاءَالله .[2]

معاويي جي وعده خلافي   

جنهن بهاني قريش حضرت علي3کان منهن موڙيو ۽ امام جي ننڍي عمر جو بهانو بڻايو. معاويي به ان ئي بهاني امام حسن3 جي بيعت جو انڪار ڪيو (امام حسن3جي نالي معاويي جو اهو خط پڙهڻ گهرجي جيڪو ابن ابي الحديد پنهنجي شرح جي جلد 16/37 تي لکيو آهي.) هو دل ۾ ته سمجهي پيو ته امام حسن3 سڀني ماڻهن کان وڌيڪ مناسب آهن پر هن جي رياست طلبي هن کي حقيقت جي پيرويءَ کان پري رکيو.

معاويي نه فقط  اهو ته بيعت کان انڪار ڪيو پر امام کي ئي منظر تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. ڪجهه ماڻهن کي هن ڳجهي طرح ان ڳالهه لاءِ مقرر ڪيو ته امام کي قتل ڪري ڇڏين. ان سبب ڪري امام حسن3 لباس هيٺان زره پهريندا هئا ۽ بنا زره جي نماز لاءِ نه ويندا هئا. معاويي جي انهن ڀاڙيتن مان هڪ ماڻهوءَ هڪ ڏينهن امام حسن3 تي تير سان حملو ڪيو پر اڳواٽ ڪيل انتظام سبب امام کي ڪو ڇيهو نه رسيو. (23)

معاويي اتحاد جي بهاني ۽ اختلاف کي روڪڻ لاءِ پنهنجي عمال کي لکيو ته: ”توهان لشڪر ساڻ ڪري مون ڏانهن اچو“. اهڙي ريت لشڪر ڪٺوڪري امام حسن3 سان جنگ جوٽڻ لاءِ کين عراق اماڻيو. (24)

امام حسن3 به حجر بن عدي ڪِنَدِي کي حڪم ڪيو ته حڪام ۽ ماڻهن کي جنگ لاءِ تيار ڪن. (25)

امام حسن3جي حڪم کان پوءِ ڪوفي جي گهٽين ۾ پيڪاري (منادي) ”الصلوٰة جامعة“ جو سڏ ڪيو ۽ ماڻهو مسجد ۾ گڏ ٿيا. امام حسن3منبر تي آيا ۽ فرمايائون ته: ”معاويو توهان ڏي جنگ لاءِ اچي رهيو آهي توهان به نَخَيله جي لشڪر گاهه ڏانهن وڃو.....“ سڄي ميڙ تي خاموشي ڇائنجي وئي.

حاتم طائي جي پٽ عديءَ جڏهن اهي حالات ڏٺا ته اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو: ”سبحان الله! هيءَ ڪهڙي موت جي ماٺ آ جنهن توهان جو ساهه مُٺ ۾ ورتو آ؟! توهان امام ۽ پنهنجي پيغمبر جي فرزند جو جواب نه ٿا ڏيو...... خدا جي غضب کان ڊڄو، ڇا توهانکي ذلت ۽ خواري (قبولڻ) کان ڀؤ نه ٿو ٿئي......؟“ پوءِ امام حسن3 طرف منهن ڪري چيائين: ”مون اوهان جي ڳالهين کي ٻڌو ۽ ان جي پورائي لاءِ حاضر آهيان. هن اڳتي چيو ته : هاڻ مان لشڪر گاهه طرف وڃي رهيو آهيان، جيڪو تيار آهي اهو مون سان هليو هلي.“ قيس بن سعد، معقل بن قيس ۽ زياد بن صعصعه جن پڻ پنهنجي زوردار تقريرن ۾ ماڻهن کي جنگ لاءِ اڀاريو ۽ سڀ ئي لشڪر گاهه پهتا. (26) امام حسن3 جي پوئلڳن کانسواءِ (امام جي) سپاهين کي هيٺين ٽولين ۾ ورهائي سگهجي ٿو:

-- خارجي جيڪي رڳو معاويي سان دشمني ۽ ان سان جنگ ڪرڻ لاءِ آيا هئا، امام جي طرفداري ڪرڻ لاءِ نه.

-- لوڀي ۽ فائدي جي ڳولها ۾ رهڻ وارا ماڻهو جيڪي مادي فائدي ۽ جنگي غنيمت جو مال هٿ ڪرڻ لاءِ آيا هئا.

-- شڪي ڊانواڊول ارادي جا مالڪ جن تي اڃا تائين امام حسن3 جي حقانيت ثابت نه ٿي هئي، ظاهر آهي ته اهڙا ماڻهو جنگ جي ميدان ۾ پنهنجي جان نثاريءَ جو ثبوت نه ٿا ڏئي سگهن.

-- اهي ماڻهو جن پنهنجي قبيلي جي سردارن جي پيرويءَ ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ انهن ۾ ڪا ديني تحريڪ نه هئي. (27)

امام حسن3 لشڪر جي هڪ ٽولي کي حڪم جي سرداريءَ ۾ شهر انبار موڪليو پر اهو معاويي سان وڃي مليو ۽ ان جي طرف هليو ويو.

حَڪَم جي خيانت کان پوءِ امام مدائن جي مقام ”ساباط“ روانا ٿيا ۽ اتي ٻارهن هزار ماڻهن کي عبيدالله بن عباس جي سپهه سالاريءَ ۾ معاويي سان جنگ ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو ۽ قيس به سعد کي به ان جي مدد لاءِ منتخب فرمايو ته جيڪڏهن عبيدالله بن عباس شهيد ٿي وڃي ته هو سپهه سالاري سنڀالي.

معاويو پهرين ان ڪوشش ۾ هو ته قيس کي ڌوڪو ڏئي. هن ڏهه لک درهم قيس ڏانهن موڪليا ته جيئن هو هن جي حمايت ڪري يا گهٽ ۾ گهٽ امام حسن3کان جُدا ٿي وڃي. قيس ان رقم کي واپس ڪري ڇڏيو ۽ جواب ۾ چيائين: ”تون ڌوڪي سان منهنجو دين منهنجي هٿان کسي نه ٿو سگهين“. (28)

عبيدالله بن عباس رقم جي (زباني) واعدي تي ڌوڪي ۾ اچي ويو ۽ راتو رات پنهنجي خاص ماڻهن جي هڪ ٽولي سان معاويي ڏانهن ڀڄي ويو. صبح جو سوير لشڪر بنان سرپرست جي ٿي ويو. قيس ماڻهن سان گڏجي نماز پڙهي ۽ ان واقعي جي رپورٽ امام حسن3 ڏانهن اماڻي ڇڏي. (29)

قيس وڏي بهادريءَ سان جنگ ڪئي جيئن ته معاويي کي قيس کي ڌوڪي ڏيڻ جي ڪا واهه هٿ نه آئي. تنهن ڪري هن عراق جي سپاهين جي حوصلي شڪني لاءِ ٻيو دڳ ورتو. هن امام حسن3 جي لشڪر ۾، پوءِ اهو مَسڪِن (مسڪن منزل جي وزن تي آهي، نهرو جبل جي ڪناري تي هڪ مقام آهي جتي قيس جي سپهه سالاريءَ ۾ امام حسن3 جي لشڪر جو منزل هنئي.) ۾ هو يا مدائن ۾ ڪجهه جاسوس موڪليا ته جيئن اهي ڪوڙيون افواهون پکيڙين ۽ سپاهين ۾ هراس پيدا ڪن.

مسڪن ۾ پروپيگنڊا ڪيو ويو ته امام حسن3 معاويي کي صلح جي آڇ ڪئي آهي ۽ معاويي (آڇ) قبولي آهي. (30) ۽ ان کانسواءِ مدائن ۾ به اها افواهه پکيڙي وئي ته قيس بن سعد معاويي سان ٺاهه ڪري وڃي مليو آهي.(31)

اهڙين افواهن امام حسن3 جي سپاهين جو حوصلو ڀڃي وڌو ۽ اهو پروپيگنڊا امام جي لشڪر جي ڪمزور ٿيڻ جو سبب بڻيو جيڪو هر طرف کان طاقتور ۽ مضبوط هو. معاويي جي سازشن ۽ افواهن کانپوءِ خوارج ۽ اهي ماڻهو جيڪي صلح جي حق ۾ نه ها انهن فتنو فساد پکيڙڻ شروع ڪري ڇڏيو. انهن مان ڪجهه ماڻهو نهايت ڪاوڙ جي حالت ۾ امام جي خيمي ۾ ڪاهي پيا ۽ سامان ڦري لٽي کنيون ويا. ايتري قدر جو امام جي پيرن هيٺان وڇايل چادر کي به ڇڪي کنيون ويا.(32)

انهن ماڻهن جي جهالت ۽ ڪٺورائپ ان هنڌ تي پهتي جو ڪي ماڻهو فرزند پيغمبر کي (معاذالله) ڪافر چوڻ لڳا. ”جراح بن سنان“ ته قتل جي ارادي سان امام جي طرف وڌيو ۽ رڙ ڪري چيائين ته: “اي حسن3 تون به پنهنجي پيءُ وانگر مشرڪ ٿي وئين.“ (معاذالله) جنهن کان پوءِ هن امام جي ڄنگهه تي وار ڪيو ۽ پاڻ ڌڪ نه سهي سگهيا ۽ زمين تي ڪِري پيا. امام کي ماڻهو تڪڙ ۾ مدائن جو گورنر ”سعد بن مسعود ثقفي“ جي گهر کڻي آيا ۽ اتي ڪجهه ڏينهن تائين سندن علاج ٿيندو رهيو. (33)

ان وچ ۾ امام کي خبرملي ته ڪجهه قبيلن جي رئيسن ڳجهه ڳوهه ۾ معاويي کي لکيو آهي ته ”جيڪڏهن تون عراق اچين ته اسان توسان معاهدو ڪريون ته حسن3 تنهنجي حوالي ڪري ڇڏيون.“

معاويي اهي خط امام ڏانهن موڪليا ۽ صلح جي خواهش ظاهر ڪئي ۽ هي عهد ڪيو ته جيڪو به شرط اوهين رکندا اهو مون کي قبول آهي.(34)

انهن ڏکوئيندڙ واقعن کان پوءِ امام محسوس ڪيو ته معاويي ۽ ان جي چيلن جي خلل اندازي جي آڏو اسان جون سڀ ڪوششون بيڪار آهن. اسانجي فوج جا مُک ماڻهو معاويي سان ملي چڪا آهن، لشڪر ۽ سرويچن ايڪي ۽ ٻڌيءَ جو دامن ڇڏي ڏنو آهي. ٿي سگهي ٿو ته معاويو وڌيڪ تباهي ۽ فتنو پکيڙي.

مٿي ذڪر ڪيل ڳالهين ۽ ڪجهه سببن جي پيشِ نظر امام حسن3 جنگ جاري رکڻ ۾ پنهنجي پيروڪارن ۽ اسلام جو فائدو نه ڏٺو. جيڪڏهن امام پنهنجي قريبي اصحابن سان گڏجي اڪيلا مقابلي لاءِ قيام فرمائن ها ۽ قتل ٿي وڃن ها ته نه فقط اهو ته معاويي جي سلطنت جي پاين کي ڌوڏڻ ۽ ماڻهن جي دلين کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جي سلسلي ۾ ڪو به اثر نه ٿئي ها. الٽو معاويو اسلام جي بنيادن کي ميٽڻ ۽ سچن مسلمانن جي قوت ڇڙوڇڙ ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي مخصوص فريبي چال استعمال ڪندي ماتمي وڳو ڍڪي امام حسن3 جي خون جو پلاند ڪرڻ نڪري پوي ها (۽ ان چال ذريعي) ۽ پنهنجي دامن تان رسول جي ٻچڙي جي خون جو داغ ڌوئي ڇڏي ها ۽ خاص ڪري ان صورت  ۾ جو صلح جي پيشڪش معاويي ڪئي هئي ۽ هو امام جو هر شرط مڃڻ لاءِ تيار نظر پئي آيو. ان بنياد تي (فقط اهو) ڪافي هيو ته امام (صلح جي پيشڪش) نه قبولن ها ۽ معاويوسندن خلاف وسيع پروپيگنڊا ذريعي صلح جي پيشڪش کان پوءِ سندن انڪار کي حق جو مخالف قرار ڏيئي امام جي نندا ڪري ها ۽ ان ڳالهه ۾ ڪا به تعجب جي گنجائش نه آهي ته جيئن امام جن پاڻ اڳڪٿي فرمائي هئي :

”مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ کي گرفتار ڪري فتح مڪه جي موقعي تي پيغمبر جي هٿان پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي اسيري جي واقعي جو انتقام وٺي ها“.

ان سبب ڪري ئي امام نهايت سخت حالتن ۾ صلح جي آڇ قبول ڪئي.

صلح جو معاهدو    

امام حسن3 جي صلح جي معاهدي جو متن اسلام جي مقدس مقاصد ۽ هدفن کي بچائڻ ۾ سندن ڪوششن جو نشان آهي. جڏهن به ڪو منصف ۽ دوررس نگاهه رکڻ وارو شخص صلح نامي جي هڪ هڪ شرط جي تحقيق ڪندو ته سولائيءَ سان فيصلو ڪري سگهي ٿو ته امام حسن3 خاص حالتن ۾ پنهنجي، پنهنجي پيروڪارن ۽ اسلام جي مقدس مقصدن کي بچائي ورتو.

صلح نامي جا ڪجهه شرط:

1ــ حسن3 حڪومت جي واڳ معاويي جي حوالي ڪري رهيو آهي هن شرط تي معاويو قرآن ۽ سيرت پيغمبر ۽ هدايت يافته خليفن جي روش تي عمل ڪندو.(35)

 2 ــ بدعت ۽ علي3 جي متعلق اڻ وڻندڙ جملا چوڻ هر حال ۾ ممنوع قرار ڏنا وڃن ۽ کين (علي3کي) نيڪيءَ کانسواءِ ڪنهن به نموني ياد نه ڪيو وڃي. (36)

3 ــ ڪوفي جي بيت المال ۾ پنجاهه لک درهم موجود آهن. اهي امام حسن مجتبيٰ3جي زيرِ نظر خرچ ٿيندا. (37) معاويو ”داراب گرد“ جي آمدني مان هر سال ڏهه لک درهم جنگ جمل ۽ صفين جي انهن شهيدن جي پوين ۾ ورهائيندو جيڪي علي3جي طرفان وڙهندي قتل ڪيا ويا هئا. (38)

4 ــ معاويو پاڻ کان پوءِ جي لاءِ ڪنهن کي به خليفو معين نه ڪندو. (39)

5 ــ هر شخص پوءِ ان جو تعلق ڪهڙي به رنگ ۽ نسل سان هجي ان کي پورو تحفظ ملي ۽ ڪنهن به معاويي جي خلاف ان جي گذريل ڪمن جي بنياد تي سزا نه ڏني وڃي. (40)

6 ــ شيعان علي3 جتي به هجن محفوظ رهن ۽ ڪو به ساڻن کونسي نه(41)

امام انهن ۽ ٻين شرطن وسيلي پنهنجي ڀاءُ امام حسين3 ۽ پنهنجي حبدارن جي جان جي حفاظت فرمائي ۽ چند صحابن سان گڏجي جن جو تعداد تمام گهٽ هيو هڪ ننڍو اسلامي پرروح ڀريو معاشرو جوڙي ورتو ۽ اسلام کي (حتمي) فنا کان بچائي ورتو.

معاويي جي پيمان شڪني

معاويو اهڙو نه هو جو ٺاهه جي معاهدي کي ڏسي امام جو مطلب نه سمجهي سگهي. ان سبب جي ڪري ئي صلح جي سڀني طرفن تي عمل ڪرڻ جي عهد جي باوجود صرف جنگ بندي ۽ مڪمل غلبي کان پوءِ هن تمام شرطن کي پنهنجي پيرن هيٺان رکي ڇڏيو. ۽ نخيله ۾ هڪ تقرير ۾ واضع طور تي چئي ڇڏيائين:

”مون توهان سان جنگ ان لاءِ نه ڪئي هئي ته توهان نماز پڙهو، روزا رکو، حج لاءِ وڃو پر منهنجي جنگ ان لاءِ هئي ته مان توهان تي حڪومت ڪريان ۽ هاڻ مان حڪومت جي ڪرسيءَ تي پهچي ويو آهيان ۽ اعلان ٿو ڪريان ته ٺاهه جي معاهدي ۾ جن شرطن کي مون مڃڻ جو عهد ڪيو هو انهن کي پيرن هيٺان رکان ٿو ۽ انهن کي پورو نه ڪندس.“(42)

 سو هن پنهنجي لشڪر کي اميرالمؤمنين علي3جي شان ۾ گُٿا لفظ ڳالهائڻ لاءِ اڀاريو. ڇو ته هو ڄاڻي پيو ته سندس حڪومت امام جي اهانت ۽ انتقامي رويي کي جاري رکڻ سان ئي قائم رهي سگهي ٿي. جيئن مروان کيس صاف لفظن ۾ چيو هو ته: ”علي3کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ کانسواءِ اسان جي حڪومت قائم نه ٿي رهي سگهي“.

ٻئي پاسي اميرالمؤمنين علي3 جا دوست جتي به هٿ ايندا هئا، مختلف الزامن ۽ بهانن سان مارائي ڇڏيندو هو. ان وقت ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪوفي وارا سختي ۽ ڏاڍ سبب آزاريل هئا. ڇو ته معاويي مغيره جي مرڻ کان پوءِ ڪوفي جي گورنري زياد کي ڏني هئي ۽ هو شيعن کان چڱي طرح واقف هو، زياد کين ڪٿي به ڏسندو هو ته نهايت بي رحميءَ سان قتل ڪري ڇڏيندو هيو.(43)

مديني ڏانهن موٽ

معاويو هر پاسي کان امام کي آزاريندو هو. امام تي ۽ سندس اصحابن تي هن جي ڪڙي نگاهه هئي. هو کين سخت حالتن ۾ رکندو آيو ۽ علي3 ۽ حبدار علي3 جي توهين ڪندو رهيو. ايسيتائين جو ڪڏهن ته امام حسن3جي اڳيان سندن والد بزرگوار جي برائي ڪرڻ لڳو ۽ جيڪڏهن امام ان جو رد ڪري ته امام کي به ادب سيکارڻ جي جرئت ڪرڻ لڳو. (44) پاڻ جڏهن ڪوفي ۾ رهڻ مشڪل ڏٺائون ته مديني موٽڻ جو ارادو فرمايائون. پر مديني جي زندگي به حالتن جي سٺائي جو سبب نه پئي، ڇو جو معاويي جي عاملن مان هڪ پليت ترين شخص مروان مديني جو حاڪم هيو. مروان اهو جنهن جي متعلق پيغمبر جن فرمايو هو ته: ”هو الوزغ بن الوزغ، الملعون بن الملعون“ ”ڏيڏر جو پٽ ڏيڏر ۽ ملعون جو پٽ ملعون“ (45) هن امام ۽ سندن اصحابن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. ايسيتائين جو امام حسن3 جي گهر اچڻ وڃڻ ڏکيو ٿي پيو. باوجود ان جي ته امام ڏهه سال مديني رهيا پر سندن اصحاب، فرزند پيغمبر جي علم و دانش جي چشمي مان نهايت گهٽ فيضياب ٿي سگهيا.

شهادت

معاويي جيڪو امام جي ننڍي عمر جي بهاني ان لاءِ تيار نه هو ته کيس خلافت ڏني وڃي. اهو هاڻ ان فڪر ۾ هئو ته پنهنجي نالائق جوان پٽ يزيد (لعين)  کي ولي عهدي لاءِ مقرر ڪري ته جيئن کانئس پوءِ سلطنت جو وارث اهو بڻجي. ۽ اهو ظاهر آهي ته امام حسن3 ان راهه ۾ وڏي رڪاوٽ هئا ان لاءِ جو معاويي کان پوءِ امام حسن مجتبيٰ3 زنده رهيا ته ممڪن آهي، اهي ماڻهو جيڪي معاويي جي پٽ کان خوش نه آهن. اهي امام حسن3 جي چوڌاري جمع ٿين ۽ هن جي پٽ جي سلطنت خطري ۾ پئجي وڃي. تنهن ڪري يزيد جي ولي عهديءَ جي بنيادن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ هن امام حسن3 کي رستي تان هٽائڻ جو ارادو ڪيو. نيٺ هن مڪاريءَ جو مظاهرو ڪندي امام حسن3 جي زال “جعده بنت اشعث” جي هٿان کين زهر ڏياري ڇڏيو ۽ امام معصوم 47 سالن جي عمر ۾ ۲۸ صفر سن ۵۰ هه ۾ شهيد ٿيا ۽ مديني منور جي قبرستان جنت البقيع ۾ دفن ٿيا. (46) 

حوالا

1 ــ ارشاد مفيد ــ ص 187 / تاريخ الخلفاء ــ سيوطي ــ ص 188.

2 ــ بحار ــ ج 43 ص 238.

3 ــ دلائل الامامہ طبري ــ ص 60

4 ــ “اَللّهُمَّ اِنّيِ اَحَبَ فَاحبِہُ“

5 ــ “مَنُ اَحَبَ الحَسَنَ وَالحُسَينَ (3) فَقَدُ اَحَبَنّيِ وَمَن اَلبُغَضُّهَا فَقَدُ اَبغَضَنِي”.

(بحار ــ ج 43 ص 264 / ڪشف الغمہ ــ ج پهريون ص 550 ــ تبريزي ڇاپو / ستن ترمذي ــ ج 5 ص 7)

6 ــ طبقات ڪبير ــ ج پهريون حصو 2 ص 23

7 ــ حياة الامام حسن ــ ج پهريون ص 20 / مروج الذهب ــ ج 2 ص 341 / تاريخ يعقوبي ــ ج 2 ص 172 / شرح ابن ابي الحديد ــ ج 8 ص 252 ــ 55.

8 ــ ڪامل ابن اثير ــ ج 3 ص 227 ــ 231.

9 ــ حياة الامام الحسن ــ ج پهريون ص 396 ــ 399.

10 ــ وقعة صفين ــ ص 297.

11 ــ الامامة والسياسة ــ ج پهريون ص 119 / حياة الامام الحسن ــ ج پهريون ص 444.

12 ــ اصول ڪافي ــ ج پهريون ص 297.

13 ــ تاويخ الخلفاء ــ ص 179.

14 ــ “حَقُّ عَليٰ کُلِ مَنُ وَقَفَ بَينَ يَدَي رَبِ العَرشِ اَنَ يَصفَرَ لَونَہ وَتَرتَعِدِ مَفَاصِلَہ“ (مناقب ابن شهر آشوب ــ ج 4 ص 14).

15 ــ بحار ــ ج 43 ص 231.

16 ــ بحار ــ ج 43 ص 231 / تاريخ الخلفاء ــ ص 190 /  مناقب ابن شهر آشوب ــ ج 4 ص 41 / شرح ابن ابي الحديد ــ ج 16 ص 10 / تذڪرة الخواص ــ ص 871.

17 ــ  تاريخ يعقوبي ــ ج 2 ص 215 / بحار ــ ج 43 ص 232 / تاريخ الخلفاء ــ ص 190 / مناقب ــ ج 4 ص 14.

18 ــ بحار ــ ج  43 ص 342.

19 ــ ڪشف الغمہ ــ ج پهريون ص 558 ــ تبريزي ڇاپو.

20 ــ بحار ــ ج 43 ص 344.

21 ــ  تاريخ الخلفاء ــ ص 191 / شرح ابن ابي الحديد ــ ج 16 ص 12، 150 (واقعي جي آخري حصي ۾ ٿورڙي فرق سان)

22 ــ  ارشاد مفيد ــ ص 188 / شرح ابن نهج البلاغہ ابن ابي الحديد ص 30 / مقاتل الطالبين ــ ص 50 ــ 52 ــ بيروتي ڇاپو.

23 ــ  بحار ــ ج 44 ص 33.

24 ــ شرح ابن ابي الحديد ــ ج 16 ص 37 / مقاتل الطالبين ــ ص 60 ــ بيروتي ڇاپو.

25 ــ  ارشاد مفيد ــ ص 189 / بحار ج 44 ص 46 / شرح ابن ابي الحديد ص 16، 38 / مقاتل الطالبين ــ ص 61.

26 ــ شرح ابن ابي الحديد ــ ج 16 ص 37 ــ 40 / بحار ــ ج 44 ص 50.

27 ــ ارشاد مفيد ــ ص 189 / بحار ــ ج 44 ص 46.

28 ــ تاريخ يعقوبي ــ ج 2 ص 214.

29 ــ  ارشاد مفيد ــ ص 190.

30 ــ تاريخ يعقوبي ــ ج 2 ص 214.

31 ــ  ايضاً

32 ــ ارشاد مفيد ــ ص 190 / تاريخ يعقوبي ــ ج 2 ص 215 / بحار ــ ج 44 ص 47 / شرح ابن ابي الحديد ــ 11 ص 41 / مقاتل الطالبين ــ ص 63 ــ ڇاپو بيروت.

33 ــ ايضاً

34 ــ ارشاد مفيد ــ ص 190، 191 / تاريخ يعقوبي ــ ج 2 ص 215 / بحار ــ ج 44 ص 17 / شرح ابن ابي الحديد ــ ج 16 ص 41 ــ 42 / مقاتل الطالبين ــ ص 14 ــ ڇاپو بيروت.

 

35 ــ بحار ــ ج 44 ص 65.

36 ــ ارشاد مفيد ــ ص 191 / مقاتل الطالبين / حياة الامام الحسن بن علي ــ ج 2 ص 237 / شرح ابن ابي الحديد ــ ج 16 ص 4.

37 ــ تاريخ دول الاسلام  ــ ج پهريون ص 53 / حياة الامام الحسن ابن علي ــ ج 2 ص 238 / تذڪرة الخواص ابن جوزي ــ ص 180 / تاريخ طبري ــ ج 5 ص 65.

38 ــ  جوهرة الڪلام / حياة الامام الحسن ابن علي ــ ج 2 ص 337.

39 ــ بحار ــ ج 44 ص 65.

40 ــ  مقاتل الطالبين ــ ص 43 / ارشاد مفيد/ حياة الامام الحسن ابن علي ــ ج 2 ص 237 شرح نهج البلاغہ ابن ابي الحديد ــ ج 16 ص 4.

41 ــ حياة الامام الحسن ابن علي ــ ج 2 ص 237 / مقاتل الطالبين ــ ص 43.

ڪتاب ذخائر العقبيٰ ۾ ايترو وڌيڪ لکيل آهي ته معاويي منڍ ۾ انهن شرطن کي صفا نه قبوليو ۽ ڏهن ماڻهن جن ۾ قيس بن سعد به هو، لاءِ لکيائين ته انهن کي جتي به ڏسندس انهن جي زبان ۽ هٿ وڍي ڇڏيندم. امام حسن3 جواب ۾ لکيو آهي ته: اهڙيءَ صورت ۾ آءٌ تو سان ڪڏهن به صلح نه ڪندم. معاويي جڏهن اهو ڏٺو ته ڪورو ڪاڳر ڏانهن موڪلي ڏنائين ۽ لکيائين ته توهان کي جيڪو وڻي لکو. امان ان کي مڃيندس ۽ ان تي عمل ڪندس.

42 ــ  بحار ــ ج 44 ص 49 / شرح ابن ابي الحديد ــ ج 16 ص 14 ــ 15 / مقاتل الطالبين  ــ ص 70 بيروتي ڇاپو / ارشاد مفيد ــ ص 91.

43 ــ حياة الامام الحسن بن علي ــ ج 2 ص 356.

44 ــ ارشاد مفيد ــ ص 191 / شرح ابن ابي الحديد ــ ج 16 ص 47.

45 ــ حياة الامام الحسن ابن علي ــ ج پهريون ص 239 / مستدرڪ حاڪم ــ ج 4 ص 479.

46 ــ دلائل الامامہ طبري ــ ص 61 / ڪشف الغمہ ــ ج پهريون ص 515 ــ 516 / ارشاد مفيد ص 192. مرحوم شيخ مفيد شهادت وقت سندن عمر 47 سال لکي آهي.

 



[1] اِمِلکُو اعَنِي هٰذَا لغُلاَمَ لَا يَهُدَّنِنِي فَاِنَنِي اَنفَسُ بِهٰذَينِ يَعنِي الحَسَنَ وَالحُسَينَ عَلَي المَوتِ لِنَلَايَنقَطِعَ بِهِمَا نَسلُ رَسُولِ اللہِ (نهج البلاغہ-فيض الاسلام- خطبو 198ص 1166)

[2]  اَمَا بَعدُ فَاِنَکَ دسَستَ الرِجالَ لِلاِ حتِيالِ وَالاِ غتِيَالِ وَاَرصَدتَ العُيوُنَ کَاَنَکَ  تُحِبُ الِلقَاءَ وَمَا اَشکُ فِي ذَالِکَ فَتُوقِعُھ اِنشَاءَ اللهُ

(ارشاد مفيد ــ ص 189 / بحار ــ ج 44 ص 45/ شرح ابن ابي الحديد ــ 16 ص 21 / مقاتل الطالبين ص 53.)

pictures of hiv rashes hiv in women what causes aids virus

ڀلي ڪري آيا


اسان جا سوشل ميڊيا جا صفحه پسند ڪريو.
رابطو ڪريو

© سڀ حق ۽ واسطا صراط المستقيم وٽ محفوظ آهن