روزانه حديث:
حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام فرمايو حيا، ايمان جو حصو آهي ۽ ايمان (جو مقام) بهشت آهي، بي حيائي ظلم و جفا (جو مقام) جهنم آهي. (ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 4562 )
نيوز ليٽر
اسان جو نيوز ليٽر حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اي ميل ايڊريس ڏيو.
اسلامي فلم سيڪشن

حضرت امام علي نقي عليه السلام
free spy apps for android phones read best android spy app


ذاتي ڪوائف

 

 

نالو:                        علي3

لقب:                       هادي، نقي

ڪنيت:                            ابوالحسن

والد:                        امام محمد تقي3

والده:                       جناب سمانه

ولادت جي تاريخ:         15 ذي الحج سن 212 هه

هنڌ:                        مدينو منور

امامت جو عرصو:       34 سال

شهادت جي تاريخ:       3 رجب المرجب ، سن 254 هه

هنڌ:                        شهر سامرا ، عراق

شهادت جو سبب:        معتز، معتمد ذريعي زهر ڏيارايو .

عمر:                       42 سال

مرقد مبارڪ:            سامرا ــ عراق

  

 

 

امام علي نقي3

ولادت

شيعن جو ڏهون امام ۱۵ ذوالحج سن ۲۱۲ هه تي مديني جي ”صريا“[1] نالي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. (1) سندن نالو مبارڪ علي3 ۽ مشهور لقبَ ”نقي“ ۽ ”هادي“، ڪنيت ”ابوالحسن“ آهي. پاڻ ”ابوالحسن ثالث“ جي نالي سان مشهور ٿيا.[2] سندن بابا سائين امام جواد3 هئا ۽ سندن امڙ ”سمانه“ هڪ بافضيلت ۽ باتقويٰ خاتون هئي. خود امام هادي پنهنجي امڙ جي باري ۾ فرمائن ٿا:

”منهنجي والده منهنجي حقن کان آشنا ۽ اهل بهشت مان آهي. سرڪش شيطان هن جي ويجهو نه ايندو آهي ۽ دشمن جو فريب هن تائين نه ٿو پهچي، خدا هن جو محافظ ۽ مددگار آهي، هوءَ هرگز صديقن ۽ صالحن جي گروهن مان ٻاهر نه آهي.“[3]

امام جي پرورش جو ماحول

امام هادي3پنهنجي عمر جا ست سال ۽ ڪجهه ڏينهن پنهنجي والد محترم سان گڏ ، سندن تربيت هيٺ ۽ خاص نگراني ۾ گذاريا. پاڻ جنهن ماحول ۾ پلي وڏا ٿيا، اهو ماحول تقويٰ جي اوسر واري ڏاهپ، اخلاق، وسعت، علم ۽ زندگي جي سڀني شعبن ۾ فڪر جي بلندي سان ٽمٽار ماحول هو، ٻي صدي هجري ۾ عالمن  جي فڪري تحريڪن ۽ مامون جي خلافتي مشنري طرفان سندن استقبال سببان ديني حقائق کي واضح ڪرڻ ۽ انهي دور جي روشن فڪر ۽ سمجهه سوچ رکڻ واري نسل تائين اسلام جي نياپي پهچائڻ جا موقعا، انهيءَ زماني جي آئمہ معصومين کي حاصل هئا.

مدينو، جيڪو اسلامي قدرن جي ترقيءَ لاءِ نپجڻ جو مرڪز هو ۽ جتي گهڻو ڪري آئمہ معصومين جن ڄايا، ان مديني ۾ والدين جي توجهه ۽ تدبير سان امام جي جسم ۽ روح پارسائي ۽ دور انديشي جي منزل ڪمال کي حاصل ڪيو. سندن پاڪ سڀاوَ ۾ دور انديشي ۽ هوشمندي لڪل هئي ۽ پاڻ الهام الاهي جي فيض ۽ برڪت سان سڀني شعبن  ۾ ڪمالات ۽ امتيازن جا حامل هئا. پاڻ خلافت عباسي جي ظلم ۽ ستم سان جهاد ڪرڻ وارن جا رهبر ۽ اسلامي معاشري ۾ هدايت جا ڏيئا هئا.

امامت تي نص

علي ۽ موسيٰ (جيڪو موسيٰ مبرقع جي نالي سان مشهور هو) کانسواءِ نائين امام جو ٻيو ڪو به اولاد ڪو نه هو. جيئن ته حضرت هادي، علم  ۽ معرفت، تقويٰ ۽ عبادت ۾ پنهنجي زماني جي سڀني ماڻهن کان مٿانهان هئا. تنهن ڪري سندس ڀاءُ سميت ڪو به مقابلو نه ٿي ڪري سگهيو. انهيءَ ڪري پيءَ کان پوءِ امامت ۽ رهبري جو مٿانهون منصب کين سونپيو ويو.

انهيءَ لياقت ۽ ٻين ڳالهين جي ڪري سندن بابي ڪيترائي ڀيرا پاڻ کان پوءِ سندن امامت کي وضاحت سان بيان فرمايو آهي.

 اميہ ابن علي قيسي روايت ڪري ٿو ته مون ابوجعفر3 کي عرض ڪيو ته اوهان جو جانشين ڪير ٿيندو. تنهن تي فرمايائون: ”منهنجو پٽ علي.“ (2)

 صقرا بن دلف چئي ٿو ته ”مون ابوجعفر امام جواد3 کان ٻڌو، چيائون پئي ته مون کان بعد پيشوا منهنجو پٽ علي آهي، ان جو فرمان منهنجو فرمان، ان جي گفتار منهنجي گفتار ۽ ان جي پيروي منهنجي پيروي آهي ۽ ان کان پوءِ ان جو پٽ حسن، امام آهي.“ (3)

امام جو اخلاق ۽ سيرت

امام هادي پنهنجن بزرگن وانگر اخلاق ۽ فضائل انساني جا  مجسما ۽ ڪمالاتِ نفس جا مظهر هئا.

ابن صباغ مالڪي پنهنجي ڪتاب ۾ سندن اخلاقي ڳُڻن ۽ فضيلتن جو نقشو ڪڍندي لکي ٿو:

.”ابوالحسن، علي ابن محمد جي فضيلت ۽ برتري هنڌين ماڳين ڦهليل آهي ۽ انهيءَ جي ڪري ٻين جي چمڪ ختم ٿي وئي آهي ۽ سندن بلندين ڏانهن وڌندڙ سلسلا آسمان جي تارن تي راڄ ڪري رهيا آهن. اهڙي ڪا به شيءِ ڳڻي نه ٿي سگهجي، جنهن جو نچوڙ سندن وجود مان ڏيکاري نه ڏيندو هجي. اهڙي ڪا به فضيلت ۽ ڪرامت بيان نه ٿي ڪري سگهجي جنهن جو ڳچ کان وڌيڪ حصو سندس ملڪيت ۾ نه هجي. جڏهن به تعريف جي لائق ڪا به خصلت بيان ڪئي وڃي ٿي ته ان جو بلند ۽ مڪمل حصو انهن وٽ ئي هوندو آهي. سندن وجود هر نيڪ ۽ ارجمند خصلت جو اهڙو تجلي گاهه آهي جيڪو سندس عظمت جي تعريف ڪري ٿو. انهن سڀني ڪمالات جي استحقاق جو سرچشمو اها بزرگي ۽ ڪرامت آهي جيڪا سندس جوهر زندگي سان گڏ مليل آهي. اها عظمت ۽ بزرگي آهي جيڪا سندن وجود ۾ رچيل آهي. جهڙي طرح هڪ ڌنار پنهنجي ڌڻ کي ڪني پاڻي پيئڻ کان روڪي ٿو، تهڙي طرح سندس وجود به معرفت حقيقي جي پاڻي کانسواءِ ٻئي پاڻي پيئڻ کان جهلي ٿو. تنهن ڪري سندس جان مبارڪ پاڪ آهي، سندس اخلاق شيرين آهي، سندس سيرت عادلاڻي سندس سڀ صفتون نيڪ آهن. پاڻ وقار، سڪون، صبر، عفت، طهارت، سياڻپ ۽ دانائي ۾ نبوي طريقي ۽ علوي سيرت تي هلندڙ هئا. اهڙي تزڪيي ٿيل نفس ۽ اهڙي بلند همت جا مالڪ هئا جو سندن مقابلي ۾ ڪو به بيهي نه سگهيو ۽ سندن نيڪ روش جي ڪري سندس ڪو به مٽ نه آهي ۽ ڪنهن به انهن  شين جي طمع نه ڪئي“.... (4)

عبادت ۽ زندگي

متوڪل جا مقرر ٿيل ماڻهو تلاشي خاطر ڪيترا ڀيرا سندن گهر ۾ اوچتو گهڙي آيا ته کين کُهري لباس ۾ هڪ تڏي تي نماز جي حالت ۾ ڏٺائون يحيٰ بن هرثمه روايت ڪري ٿو ته امام هادي سدائين مسجد ۾ رهندا هئا ۽ دنيا سان ڪو به لاڳاپو نه رکندا هئا. (5)

حائري پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته پالڻهار جي عبادت سان گهڻي چاهه هجڻ ڪري راتين جو آرام ڪو نه ڪندا هئا. اڌ رات جو واري ۽ پٿرائين زمين تي ويهي عبادت، استغفار ۽ تلاوت ۾ رات گذاريندا هئا. (6)

سخا ۽ بخشش

امام جي دوستن مان چند ماڻهو، جيئن ابو عمرو عثمان ابن سعيد، احمد ابن اسحاق اشعري ۽ علي ابن جعفر همداني سندن خدمت ۾ پهتا. احمد ابن اسحاق پاڻ تي گهڻي قرض جي شڪايت ڪئي. امام هادي پنهنجي وڪيل ”ابوعمرو“ کي فرمايو ٽيهه هزار دينار، احمد ابن اسحاق ۽ ٽيهه هزار دينار علي ابن جعفر کي ڏيو ۽ پاڻ لاءِ به ٽيهه هزار دينار کڻي وٺ. (7)

ابوهاشم جعفري روايت ڪري ٿو ته مان گهڻو محتاج ٿي ويس. مان امام هادي جي خدمت ۾ پهتس، جڏهن ويٺس ته امام فرمايو: اي ابوهاشم خدا جيڪي نعمتون توکي ڏنيون آهن، انهن مان  ڪنهن هڪ نعمت جو شڪريو ادا ڪري سگهين ٿو؟ مان چپ رهيس ۽ سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڇا چوان. امام فرمايو، خدا توکي ايمان ڏنو آهي ۽ انهيءَ جي ذريعي هن تنهنجي جسم کي دوزخ جي باهه کان بچايو آهي. خدا توکي  صحت ۽ عافيت عطا ڪئي آهي  ۽ هن پنهنجي عبادت لاءِ تنهنجي مدد ڪئي، خدا توکي قناعت ڏني آهي ۽ انهي ذريعي هن تنهنجي آبرو بچائي آهي. اي ابوهاشم، اهي ڳالهيون انهيءَ لاءِ شروع ڪيون اٿم جو مون گُمان ڪيو هو ته تون انهيءَ متعلق مون سان شڪايت ڪرڻ چاهين  ٿو. جنهن سڀ نعمتون توکي ڏنيون آهن. مون حڪم ڏنو آهي سؤ دينار توکي ڏنا وڃن ۽ تون اهي وٺي ڇڏ. (8)

مشڪل ڪشائي

محمد ابن طلحه نقل ڪري ٿو ته هڪ ڏينهن امام هادي سامرا مان هڪ ضروري ڪم لاءِ هڪ ڳوٺ ڏانهن روانا ٿيا. سندن پَرپُٺ هڪ ماڻهو گهر آيو. جڏهن امام گهر ۾ نه مليس ته هو به امام پٺيان انهيءَ ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن امام جي خدمت ۾ پهتو ته عرض ڪيائين ته مان ڪوفي جو رهواسي آهيان. گهڻو قرضدار ٿي ويو آهيان ۽ سڪت ڪانهيم جو لاهي سگهان اوهان کانسواءِ مون کي ٻيو ڪو به اهڙو نظر نه ٿو اچي جيڪو منهنجي ضرورت پوري ڪري سگهي. امام پڇيو ته تنهنجو قرض ڪيترو آهي؟ هن وراڻيو: ”تقريباً ڏهه هزار درهم.“ امام دلاسو ڏيندي کيس چيو، ڳڻتي نه ڪر جيئن چوانءِ تيئن ئي ڪجان. پوءِ پاڻ پنهنجي هٿ سان هڪ چٺي لکي کيس فرمايائون: هن لکت کي پاڻ وٽ رک ۽ جڏهن مان سامرا پهچان، تڏهن جيڪي رقم هن ۾ لکي اٿم، انهي جو مون کان مطالبو ڪجان، توڙي جو ماڻهن جي سامهون توکي چوڻو پوي.خبردار انهيءَ ۾ ڪوتاهي نه ڪجان.

امام جي سامرا واپس پهچڻ کان پوءِ جڏهن خليفي جا ماڻهو به وٽن ويٺا هئا، تڏهن اهو عرب مرد به اتي پهتو ۽ اهو رقعو ڏيکاري اصرار سان پئسا گهرڻ لڳو. امام نهايت نرميءَ سان دير جي معذرت  ڪندي هن کان مهلت گهري ته ڪنهن مناسب وقت تي کيس اها رقم ڏيئي سگهن. ليڪن اهو شخص سانده زور ڀريندو رهيو ۽ مهلت نه پئي ڏنائين. جڏهن اها ڳالهه متوڪل تائين پهتي ته هن امام ڏانهن ٽيهه هزار دينار موڪلڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن پئسا امام تائين پهتا ته انهيءَ عرب مرد کي گهرايائي سموري رقم کيس ڏنائون. عرب چيو ته انهيءَ رقم جي ٽئين حصي کان به گهٽ رقم مان سندس ضرورت پوري ٿي ويندي، ليڪن امام ٽيهه هزار دينار انهيءَ کي ڏيئي ڇڏيا.

هن عرب پئسا ورتا ۽ چيو: خدا ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته پنهنجي رسالت کي ڪٿي مقرر ڪري. (9)

امامت جي معنوي هيبت ۽ عظمت

محمد ابن حسن اشتر علوي نقل ڪري ٿو ته ”مان پنهنجي والد سان گڏ متوڪل جي گهر ۾ هوس ۽ آلِ ابوطالب، آلِ عباس و آلِ جعفر جي هڪ جماعت به اتي موجود هئي ته امام هادي اتي تشريف آور ٿيا. جيڪي ماڻهو اتي موجود هئا سي سڀ امام جي احترام ۾ سوارين تان لهي پيا ۽ امام گهر ۾ داخل ٿيو. موجود ماڻهن مان ڪن هڪٻئي چيو ته اسان انهيءَ خاطر پنهنجين سوارين تان ڇو لهون جو هو نه ته اسان کان شرف ۾ مٿي آهي نه وري عمر ۾ وڏو آهي، خدا جو قسم اسان انهيءَ جي لاءِ سواريءَ تان نه لهنداسون.“

ابوهاشم جعفري، جيڪو اتي موجود هو، تنهن چيو ته: ”خدا جو قسم، اوهان ماڻهو جڏهن به انهيءَ کي ڏسندؤ ته نهايت ذليل ٿي سواري تان لهي پوندؤ.“

اڃا ٿوري دير به نه ٿي ته امام واپس موٽيو، جڏهن ماڻهن جي نظر امام تي پيئي ته بي اختيار ٿي سواري تان لهي پيا، ابوهاشم چيو: ڇا اوهان نه چيو هو ته اسين سوارين تان نه لهنداسين؟ ماڻهو چيو خدا جو قسم، اسان پنهنجو پاڻ کي روڪي ئي نه سگهياسين ۽ بي اختيار لهي پياسين. (10)

علمي مقام

خدا پنهنجي لامحدود قدرت ۽ پنهنجي وسيع علم مان خاندان رسالت کي علم جا خزانا عطا ڪيا، ۽ انهن کي علم جي زيور سان سينگاريو، اهڙو علم جو، انهن کان وڌيڪ علم ڪنهن وٽ به نه هوندو.

شيعن جا آئمہ، الاهي علم جا علمبردار، خزانيدار ۽ توحيدي اسرار جا محافظ آهن، امام هادي انهيءَ طيب خاندان جي هڪ شاخ آهن. جيڪو وسيع  ۽ جامع علم سان مالامال هئو. جنهن جي علمي عظمت ۽ منزلت، عقل کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو.

الله جي صفتن، تقدس ۽ پاڪيزگيءَ جي باري ۾ سندن حديثون، جبر ۽ تفويض جي وچ واري راهه ثابت ڪندڙ تفصيلي خط، آئمہ معصومين جي زيارت جا جملا، جيڪي ”زيارت جامعہ“ جي نالي سان مشهور آهن، سندن يادگار آهن، مخالفن سان مختلف موضوعن تي مناظرا (11) وغيره..... عالمن جي توجهه جو مرڪز رهندا پئي آيا آهن. جيڪي سندن علمي پهلوئن جي گهرائي ۽ وسعت جو شان آهن.

امامت جو زمانو

امام هادي سن ۲۳۰ هه ۾ پنهنجي والد محترم جي شهادت کان پوءِ اٺن سالنجي عمر ۾ امامت جي عهدي تي فائز ٿيا. سندن امامت جو عرصو 23 سال ۽ چند ڏينهن هو. انهيءَ عرصي دوران بنوعباس جا ڇهه خليفا سندن همعصر رهيا. انهن جا نالا معتصم، واثق، متوڪل، مستنصر، مستعين ۽ معتز آهن 

امامت جي دور جو سياسي منظرنامو

ڏهين امام جو زمانو، پريشانين، تشويش ۽ انقلاب جو زمانو هو. انهيءَ زماني ۾ خاندانِ علي3۽ انهن جي دوستن سان حڪومت جي سختي ۽ اڍنگو سلوڪ پنهنجي عروج تي پهتل هو ۽ انهيءَ شدت واري هلت جي ڪري سڄي اسلامي مملڪت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾  علوين جون شورشون ڦهليل هيون. هتي اسان هاڻي خلافت جي انهيءَ زماني جي ڪن خاصيتن ڏانهن اشارو ڪريون ٿا ته جيئن ڏهين امام جي سياسي حالتن کي چڱي طرح سمجهي سگهون.

 

الف ــ درٻار خلافت جي هيبت ۽ عظمت جو زوال ۽ عجمين  جو تسلط

انهيءَ دور ۾ ترڪ، قبطين ۽ عجمين جو اسلامي مملڪت تي تسلط ۽ ملڪي ڪمن ڪارين کان خليفي جي ڪناره ڪشي، درٻار خلافت جي هيبت ۽ عظمت کي ختم ڪري ڇڏيو. خلافت مذڪور ماڻهن جي هٿن ۾ هڪ کينوئڙي وانگر هئي، جيڏانهن چاهيندا هئا، اڇلائي ڇڏيندا هئا.[4] ايتري تائين جو ”معتمد“ انهي جو اعتراف ڪيو ۽ چند شعرن ۾ هن چيو ته، ڇا اها تعجب جي ڳالهه نه آهي ته مون جهڙي شخصيت کي نهايت ئي ننڍڙن شين کان روڪيو وڃي. جنهن جي نالي تي سڄي دنيا حاصل ڪئي وڃي، حالانڪه انهيءَ مان ڪا به شيءِ هن جي هٿ ۾ نه آهي. مال جي گهڻائي ۽ دولت هن ڏانهن منتقل ٿئي ليڪن ان مان ذري برابر شيءِ به هن کي نه ٿي ڏني وڃي.[5]

خلافت جي مشنري ۾ انهن ماڻهن جو دخل ۽ اثر رسوخ ۽ بغداد وارن جي حد کان وڌيڪ مزاحمت ۽ پريشاني، انهيءَ جو سبب ٿي جو معتصم انهن ماڻهن کي جن جي فوج ۽ انتظامي طاقت ۾ گهڻائي هئي. تن کي ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر ڪنهن ٻئي پاسي منتقل ڪري ڇڏي، تنهن ڪري سامرا شهر کي انهي ڪم لاءِ چونڊيو ويو. انهيءَ کي گاديءَ جو هنڌ ڪيوويو ۽ لشڪر کي به انهيءَ شهر ۾ منتقل ڪيو ويو.

انهن ماڻهن جا رئيس ”موسيٰ ابن بغا“ ۽ سندس ڀاءُ ”محمد ابن بغا“ ۽ ”وصيف“ هئا. ذڪر ڪيل ٻئي فرد مستعين تي ايترا ته حاوي هئا جو انهن متعلق چيو ويندو هو ته ”خليفو وصيف ۽ بغاءِ جي وچ ۾ قيدي وانگر آهي“ اهي ماڻهو جيڪي چوندا آهن هي طوطي وانگر اهو ئي چوندو آهي[6]

علوين جي تحريڪن جي وسعت

انهي دور ۾ ”رضاءِ آلِ محمد“ ۽ حڪمومت جي ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف احتجاجي گهڻيون ئي تحريڪون اٿيون، تحريڪن جي ليڊرن ڏٺو پئي ته انهن جا معصوم آئمہ فوجي اڏَن اندر سامرا ۾ قيد آهن. ۽ خلافت جا ڪارنده سندن نگراني ڪري رهيا آهن. ۽ ڪنهن خاص ماڻهوءَ جي نالي تي ماڻهن کي گڏ ڪرڻ ان جي حياتي تان هٿ ڌوئي ڇڏڻ ٿيندو تنهن ڪري اهي ماڻهن کي رڳو رضاءِ آلِ محمد جي طرف ڪانڍ ڏيندا هئا.

مورخن ارڙهن تحريڪن جا نالا ڄاڻايا آهن، اسان انهن مان چند جو اختصار سان بيان ڏيون ٿا:

1 ــ محمد ابن قاسم علوي جي تحريڪ: هي هڪ عالم ، زاهد ۽ پرهيزگار ماڻهو هو، هن معتصم جي دور ۾ طالقان ۾ قيام ڪيو ۽ عبدالله ابن طاهر سان گڏ هڪ جهڙپ کان پوءِ ۳۱۹ هه ۾ عبدالله جي هٿان گرفتار ٿي معتصم وٽ آندو ويو (12)

 2 ــ يحيٰ بن عمر علوي جي تحريڪ:  يحيٰ هڪ زاهد، مقتي ۽ با علم ماڻهو هو هن سن ۲۵۰ هه ۾ ڪوفي ۾ قيام ڪيو ۽ چڱو خاصو ڪٽڪ ڪٺو ڪيائين. بيت المال تي حملو ڪري مال پنهنجي قبضي ۾ آندائين، قيد خانن جا دروازا کولي قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيائين ۽ شهر جي حاڪمن کي شهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائين. ليڪن آخرڪار شڪست کائي ”حسين ابن اسماعيل“ جي هٿان قتل ٿيو. هن جي لاش کي ڦاهيءَ جي تختيءَ تي لڙڪايو ويو (13).

3 ــ حسين ابن زيد جي تحريڪ: هن سن ۲۵۰ هه ۾ طبرستان ۾ قيام ڪيو ۽ انهي سرزمين ۽ شهر گرگان تي قبضو ڪيائين ۽ سن ۲۷۰ هه ۾ وفات ڪري ويو. سندس ڀاءُ ”محمد“ سندس جانشين ٿيو. (14)

4 ــ محمد ابن جعفر علويءَ جي تحريڪ: هن سن ۲۵۰ هه ۾ خراسان ۾ قيام ڪيو مگر عبدالله ابن طاهر جي هٿان گرفتار ٿي قيد ٿيو ۽ اتي وفات ڪيائين. (15)

متوڪل جو سلوڪ

امام هادي3 جيتوڻيڪ بنوعباس جي ڇهن خليفن جو همعصر رهيو، ليڪن ٻين خليفن جي ڀيٽ ۾ متوڪل ۽ معتز کان وڌيڪ ڏُک سٺائيون. انهن ٻنهي خليفن جي سياست مخالفن خاص طور تي علوين کي ختم ڪري ڇڏڻ جي سياست هئي.

متوڪل، بنو عباس حڪمرانن ۾ سڀ کان وڌيڪ ظالم ۽ بدماش بادشاهه هو. هن جي حڪومت 14 سال ۽ ڪجهه ڏينهن رهي. ۲۳۲هه کان ۲۴۶هه هي زمانو ڏهين امام ۽ سندس ساٿين لاءِ نهايت ڏکيو دور ڳڻيو ويندو هو.

متوڪل جي دل، اميرالمؤمنين ۽ سندن  گهراڻي ۽ انهن جي شيعن جي بغض سان ڀريل هئي. هواها ڪوشش ڪندو هو ته خاندانِ امامت جي نمايان فردن کي بيدرديءَ سان ختم ڪري ڇڏي. انهيءَ ڪري هن علوين جي هڪ گروهه کي قتل ڪيو ۽ ٻئي گروهه کي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيو. هو آئمہ جي طرف وڌندڙ عوامي سوچ کي روڪڻ ۽ آئمہ کي گوشه نشين ڪرڻ خاطر ڪوڙا خواب ٻڌائي ماڻهن کي محمد ابن ادريس شافعي (جيڪو گذري چڪو هو) جي پيروي ڪرڻ جو شوق ڏياريندو هو.(16) هن سن ۲۳۶ هه ۾ حڪم ڏنو ته سيدالشهداء امام حسين3جي مرقد مطهر کي ويران ڪيو وڃي، ۽ ان جاءِ تي پوک ڪئي وڃي ته جيئن ماڻهو مرقد مطهر جي زيارت نه ڪن. ڇاڪاڻ ته مرقدِ امام شيعن جو مرڪز ۽ درٻارِ خلافت جي ظلمن ۽ استبداد جي خلاف شيعن جي تحريڪن لاءِ مرڪز انقلاب آهي. (17) انهن پابندين جي هوندي به نه رڳو شيعا انهيءَ مقدس مزار جي زيارت کان نه مُڙيا بلڪه اهو جُرم هنن جي جذبات کي وڌائڻ جو سبب بڻيو. انهن پنهنجي نفرت ۽ ڪاوڙ کي نعرن ۽ شعرن جي صورت ۾ بغداد شهر ۽ اتي جي مسجدن جي ديوارن تي لکي ظاهر ڪيو. هڪ شعر جو مضمون ملاخطه ڪريو.

”خدا جو قسم جيڪڏهن بنواميه ظلم ۽ ستم سان فرزندِ پيغمبر کي قتل ڪري ڇڏيو ته هاڻي وري بنوعباس جيڪي عبدالمطلب جا پٽ ۽ ان جي نسل مان آهن. انهن به بنواميه وانگر جرم جو ارتقاب ڪيو. هي قبرِ حسين آهي جيڪا ويران ڪئي وئي آهي جيئن اوهين چئو ته بنو عباس کي انهي ڳالهه جو افسوس آهي ته انهن قتلِ امام حسين3 ۾ شرڪت نه ڪئي ۽ هاڻ حضرت جي تربت تي ظلم ڪري ۽ ان کي ويران ڪري هو بنو اميه جي پيروي ڪري رهيا آهن.“[7]

آئمہ جي دوستي ۽ ان جي پيروي جي جرم ۾ متوڪل ماڻهن تي سختي ڪندو هو ۽ کيس سزائون ڏيندو هو.

ابن سڪيت هڪ شيعو اديب ۽ شاعر، متوڪل جي پٽن معتز ۽ مؤيد جو استاد هو. هڪ ڏينهن خليفي ٻنهي پٽن ڏانهن اشارو ڪندي ابن سڪيت کان پڇيو ته: تنهنجي نزديڪ هي ٻئي وڌيڪ پيارا آهن يا حسن ۽ حسين(4)؟ ابن سڪيت بي ڌڙڪ جواب  ڏنو ته اميرالمؤمنين جو غلام قنبر، تنهنجي ٻنهي پٽن کان بهتر آهي.[8]

متوڪل کي اهڙي جواب جي صفا اميد نه هئي. تنهن ڪري ڏاڍو ڏمريو ۽ هن جي زبان پاڙ کان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو ۽ انهيءَ دردناڪ طريقي سان ابن سڪيت کي شهيد ڪيو ويو. (18)

اميرالمؤمنين سان بغض ۽ عداوت، متوڪل کي اهڙي پستي ۽ رذالت تي پهچايو جو هو ناصبين ۽ اهل بيت جي دشمنن کي پنهنجو ڪندو هو ۽ ڪيني سان ڀريل دل جي تسڪين لاءِ حڪم ڏيندو هو ته هڪ مسخرو پنهنجي حرڪتن سان اميرالمؤمنين جي مذاق اڏائي. پاڻ متوڪل ٽهڪ ڏيندو هو ۽ شراب واپرائيندو هو. (19)                     

سامرا ۽ امام جي جلاوطني

سن ۲۳۲ هه ۾ جڏهن متوڪل اقتدار ۾ آيو، تڏهن مختلف گروهن جي ماڻهن ۾ امام هاديءَ3 جي تائيد ۽ ساڻن محبت کي ڏسي ڏاڍو ڊنو، تنهن ڪري چاهيائين ته امام کي مديني مان سامرا گهرائي ۽ ان ڏس ۾ اٺين امام جي سلسلي ۾ مامون واري رويي جي پيروي ڪيائين ته جيئن امام کي چاهيندڙن کان پري ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جي نزديڪي کان نگراني به ڪندو رهي.

حرمين جي امام جماعت ۽ مديني جي والي، امام جي باري ۾ متوڪل وٽ جيڪا چغلي هنئي هئي. انهيءَ خليفي کي انهيءَ ڳالهه تي ڀڙڪايو. تنهن ڪري سن ۲۳۴هه[9] ۾ هن امام کي هڪ خط لکيو ۽ انهيءَ کي يحيٰ ابن هرثمه

جي ذريعي موڪليو ۽ حڪم ڏنو ته کين سامرا آندو وڃي. (20) 

امام جيتوڻيڪ ڄاڻي پيو ته متوڪل جي نيت صاف ناهي، پر پنهنجي ابن ڏاڏن جي پيروي ڪندي ان ڳالهه ۾ ڀلائي نه ڀانيائون ته متوڪل جي مخالفت ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته متوڪل جي مخالفت چغل خورن لاءِ ثابتي ٿي پئي ها ۽ خليفي کي هٿئون ڀڙڪائن ها. تنهن ڪري انهيءَ جبري سفر تي آماده ٿيا.[10] ۽ پنهنجي پٽ امام حسن عسڪري 3 کي ساڻ ڪري خليفي جي موڪليل ماڻهن سان گڏ سامرا جي سفر تي نڪري پيا.

متوڪل، امام جي شخصيت کي نقصان پهچائڻ ۽ پنهنجي ڌاڪ ۽ داٻي ويهارڻ خاطر حڪم ڏنو ته امام کي هڪ  نامناسب جاءِ ، جنهن  جو نالو ”خان الصعليڪ“ هو ۾ آندو وڃي. جيڪا پينو فقير جي جاءِ هئي. هڪ ڏينهن اتي رهائڻ کان پوءِ عسڪر محلي[11] ۾ امام لاءِ هڪ گهر ورتو ويو ۽ امام کي ان ۾ منتقل ڪيو ويو.(21)  آخر عمر تائين پاڻ انهي جاءِ ۾ مقيم رهيا ۽ متوڪل ۽ ان کان پوءِ وارن خليفن جي وجهه کان هميشه نظربند رهيا. سامرا جي ويهه ساله قيام دوران پاڻ تمام گهڻا ڏک سٺائون . خاص طور تي متوڪل طرفان سدائين آزار هيٺ رهيا. بغير ڪنهن اطلاع جي رقم ۽ اسلحي جي تلاشي جي بهاني بار بار امام جي گهر جي تلاشي ورتي ويندي هئي ۽ گهڻن ئي موقعن تي امام کي خليفي وٽ آندو ويو.

معتز، متوڪل جو پٽ به پنهنجي پيءُ کان گهٽ نه هيو، علوين سان هن جو سلوڪ تمام ڪريل هيو، هن جي حڪومتي دور ۾ اڪيچار علوين کي يا ته زهر ڏنو ويو يا قتل ڪيو ويو. امام هادي3 به ان دور ۾ شهيد ٿيا.

امام جي فعاليت ۽ سندن مؤقف

 امام هادي3جي علمي ۽ سماجي فعاليت ۽ خلافت جي مشنري جي مقابلي لاءِ امام جي مؤقف کان آگاهه هجڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان مسئلي جي ٻن حصن ۾ تشريح ڪريون.

1 ــ مديني ۾ امام جي فعاليت ۽ مؤقف

2 ــ سامرا ۾ حضرت جي ڪارڪردگي ۽ سندن مؤقف

الف ــ مديني ۾ امام جي فعاليت ۽ مؤقف

پنهنجي بابي محترم جي شهادت کان پوءِ ۽ پنهنجي امامت جي زماني ۾ امام هادي3 اٽڪل 13 سال نهايت دشوار گذار ۽ تڪليف واري ماحول ۾ زندگي جا ڏينهنڙا گهاريائون. امام مختلف گروهن کي آگاهي بخشڻ، طاقتن کي جذب ڪرڻ ۽ عوامي مرڪز تشڪيل ڏيڻ ۾ پنهنجيون سموريون ڪوششون صَرف ڪيون. اهي ڪوششون ايتريون اثرائتيون ۽ درٻار خلافت لاءِ اهڙيون خطرناڪ هيون جو حرمين جي امام جماعت ”بريحه“، متوڪل کي لکيو ”جيڪڏهن توکي مڪي ۽ مديني جي ضرورت آهي ته علي ابن محمد هادي کي انهيءَ علائقي مان ڪڍي ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته هي ماڻهن  کي پنهنجي طرف سڏي ٿو. تنهن ڪري گهڻائي ماڻهو انهيءَ جا پوئلڳ آهن.“[12] ان ڏس ۾ بريحا کان علاوه بنوعباس جي طرفدارن ۽ مديني جي واليءَ پڻ متوڪل وٽ امام تي چغلي کاڌي نتيجي ۾ متوڪل امام کي سامرا گهرائي نگرانيءَ ۾ رکيو.

 سامرا وٺي وڃڻ مهل مديني جي عوام جوردِعمل، امام جي سماجي ۽ سياسي ڪوششن ۽ معاشري ۾ سندن حيثيت متعلق ٻيو کليل دليل آهي. يحيٰ بن هرثمه روايت ڪري ٿو ته جڏهن مديني وارن کي خبر پئي ته اسان امام هادي3 کي مديني مان وٺي وڃي رهيا آهيون ته انهن جي روڄ ۽ راڙي جا اهڙا ته آواز بلند ٿيا جو مون انهيءَ ڏينهن تائين اهڙا آواز پهرين ڪڏهن به نه ٻڌا هئا. جڏهن مون قسم کڻي انهن کي ٻڌايو ته امام سان ڪو به خراب سلوڪ نه ڪيو ويندو، تڏهن اهي ماڻهو چپ ٿيا.(22)

مديني وارن جي شورشن ۽ انهن جي فرياد مان ٻن حقيقتن جي خبر پوي ٿي، پهرئين ڳالهه اها آهي ته انهيءَ مان امام سان انهن جي محبت ۽ الفت جو اندازو ٿئي ٿو ۽ ٻي ڳالهه اها آهي ته امام جي  باري ۾ حڪومت جي خراب رويي کان ماڻهو آگاهه ٿي ويا. ماڻهن جو تاءُ ۽ انهن جي تشويش ٻن ڳالهين جي ڪري هئي.

1 ــ امام جي رهبري ۽ سندن فيض ۽ برڪتن کان محرومي ۽ جدائي.

2 ــ انهيءَ ڳالهه جو شڪ ته امام کي راڄڌانيءَ  ۾ گهرائي شهيد ڪيو ويندو ۽ انهيءَ شڪ کي خليفي جي موڪليل ماڻهن مديني جي ماڻهن جي ڪوماڻيل چهرن ۽ روڄ راڙي مان ڀليءَ ڀت محسوس ڪري ورتو هو. تنهن ڪري ئي يحيٰ بن هرثمه قسم کڻي چيو ته جيئن ڪو حادثو پيش نه اچي.

ب ــ سامرا ۾ امام جي فعاليت ۽ مؤقف

امام هادي3 سامرا ۾ جيڪا ويهن ورهين واري زندگي گذاري، انهيءَ ڏکي ماحول ۾ جتي سندس ۽ دوستن جي نگراني سخت هئي. ان جي ابتڙ  امڪاني حد تائين الاهي نياپي کي سدائين وانگر پهچائڻ ۾ امام جن ڪامياب رهيا. امام جي ڪارڪردگيءَ جو تَتَ ٻن ڀاڱن ۾ بيان ڪجي ٿو.

1 ـــ پنهنجي حقي مؤقف کي بيان ڪرڻ ۽ ان کي مضبوط ڪرڻ ۽ ڪوڙي جي مؤقف تي تنقيد ڪرڻ

2 ــ عوامي مرڪز  جي پٺڀرائي ۽ ماڻهن کي درٻار خلافت ۾ داخل ٿيڻ ۽ ان جي مدد ڪرڻ کان روڪڻ

1 ــ پهريون مؤقف: مذڪور مؤقف کي بيان ڪرڻ لاءِ چند مثال بيان ڪرڻ ضروري آهن.

1 ــ خليفي جي امام تي کليو کلايو تنقيد ۽ واضح بيان، ان جو واضح ترين نمونو آهي، شعر آهن جيڪي امام، خليفي جي بزم ۾ پڙهيا ۽ متوڪل روئي ڏنو.

متوڪل هڪ محفل منعقد ڪئي ۽ هن حڪم ڪيو ته امام هادي3کي به گهرايو وڃي. جڏهن امام اتي پهتو ته متوڪل جيڪو شراب خوري ۾ رُڌل هو، تنهن امام کي پنهنجي ڀر ۾ ويهاريو ۽ امام کي به انهيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ خواهش ظاهر ڪيائين (معاذالله). امام فرمايو: ”منهنجو گوشت ۽ منهنجو خون هرگز شراب سان آلوده نه ٿيو آهي.“ متوڪل، امام کي شراب پيارڻ ۾ ناڪام ٿيو ته شعر پڙهڻ جي پيشڪش ڪيائين. امام فرمايو ته مان تمام گهٽ شعر پڙهندو آهيان. متوڪل چيو شعر پڙهڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو نه آهي.

امام شعر پڙهيا، جن کان خليفو متاثر ٿيو ۽ خود خليفو ۽ ٻيا ڪچهري ۾ ويٺل روئڻ لڳا. پوءِ فورن شراب جي سامان کي کڻڻ جو حڪم ڏنائين ۽ امام هادي3کي چار هزار دينار ڏيئي احترام سان واپس ڪيائين.[13]

 2 ــ ماڻهن درميان انفرادي يا اجتماعي  طرح سان پنهنجي حقانيت ۽ امامت جو ثبوت: انهيءَ مرحلي ۾ امام جو مؤقف ڪجهه هن ريت هو. جيڪو درٻار خلافت سان امام جي ڪُلي مخالفاڻي رويي جي خلاف نه هو. تاريخ ۾ انهي سلسلي جا ڪيترائي مثال درج آهن ته امام پنهنجي اڳڪٿين ۽ معجزن جي ذريعي ماڻهن کي پنهنجي حقانيت طرف ڌيان ڇڪرائڻ ۽ انهن کي غفلت جي اگهور ننڊ مان جاڳائڻ لاءِ جَتَن ڪيا. انهيءَ مان هڪ مثال امام جو ”سعيد ابن سهل بصري“ سان سلوڪ آهي. سعيد خود روايت ڪري ٿو ته مان واقفي مذهب[14] تي هيس. هڪ ڏينهن امام هادي3سان مليس، امام مون کي مخاطب ٿي فرمايو، ڪيسيتائين سُتل رهندين؟ ڇا تون نه ٿو چاهين ته انهيءَ غفلت مان سجاڳ ٿئين؟ امام جي ڳالهين مون تي اهڙو اثر ڪيو جو مون پنهنجو عقيدو ڇڏي حق کي قبول ڪري ورتو.(23)

ڪنهن خليفي جي پٽ جي وليمي ۾ امام کي به دعوت هئي، جڏهن پاڻ پهتا ته حاضرين سندن احترام ۾ خاموش ٿي ويا، ليڪن هڪ نوجوان لڳاتار ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ کلندو رهيو. هو چاهي پيو ته ماڻهن جو ڌيان امام تان هٽائي ڇڏي. امام انهي نوجوان ڏانهن منهن ڦيريو ۽ فرمايو ته: ”هي ڪهڙي کل آهي جنهن توکي ياد خدا کان غافل ڪري ڇڏيو آهي، حالانڪه تون ٽن ڏينهن کان پوءِ مري ويندين.“

نوجوان اهي ڳالهيون ٻڌي چپ ٿي ويو، تمام حاضرين امام جي اڳڪٿي کي پرکڻ خاطر ڏينهن ڳڻڻ لڳا، ايتري تائين جو ٽيون ڏينهن آيو ۽ اهو نوجوان مري ويو. (24)

2 ــ علمي ڪارڪردگي

ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ، امامت جي مؤقف جي وضاحت ۽ ان جي تفسير بيان ڪرڻ لاءِ امام جي فعاليت جا محور هيٺيان آهن.

1 ــ مختلف قول يا تحريرون جيڪي حق کي ثابت ڪرڻ ۽  ماڻهن جي ذهنن ۾ اڀرندڙ شڪ شبهن کي ختم ڪرڻ لاءِ مهل موقعي سر سامهون آيا.

2 ــ مناظري جي جلسن ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ خليفي يا انهن ماڻهن جي سوالن جا جواب ڏيڻ، جن کي خليفو اڀاريندو هو. ۽ پوءِ انهن کي علمي لحاظ سان عاجز ڪرڻ.

متوڪل هڪ ڏينهن ابن سڪيت (25) کي اڀاريو ته هو امام کان ڏکيا مسئلا پڇي، هن هڪ محفل ۾ اهي مسئلا امام کان پڇيا جيڪي هن جي نظر ۾ تمام ڏکيا هئا. امام انهن سڀني سوالن جا جواب ڏنا.

ان کان پوءِ ابن سڪيت، يحيٰ ابن اڪثم کي مقابلي ۾ آندو، ليڪن يحيٰ مغلوب ٿيو، هن متوڪل کي چيو ته اهڙا جلسا ڪرائڻ حڪومت جي ڀلائي ۾ نه آهن. ڇاڪاڻ ته امام جي ڪاميابيءَ جو  آواز شيعن جي ڪنن تائين پهچي چڪو آهي. اهي جلسا انهن جي استحڪام ۽ فخر جو باعث ٿيندا.[15]

 3 ــ شاگردن جي تربيت

درٻار خلافت طرفان محدوديت جو شڪار هجڻ ۽ سندن گهر اچڻ وڃڻ وارن جي نگراني هجڻ جي باوجود به امام ڪيترن ئي مشهور ۽ بافضيلت ماڻهن جي تربيت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. شيخ طوسي انهن ماڻهن جو تعداد، جيڪي حضرت کان روايت ڪندا هئا. (185) هڪ سؤ پنجاسي لکيو آهي، انهن ۾ خاص ماڻهو به نظر اچن ٿا. چند جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.

1 ــ حضرت عبدالعظيم حسني، سندن سلسلو چار واسطن سان حضرت امام حسن المجتبيٰ3سان ملي ٿو. پاڻ محدثن ۽ بزرگ عالمن منجهان ڳڻيا وڃن ٿا ۽ زهد ۽ پرهيزگاريءَ ۾ وڏو مقام رکندا هئا.

2 ــ حسين ابن سعيد اهوازي، هن فقهه، ادب ۽ اخلاق تي ٽيهه ڪتاب لکيا آهن. پاڻ علمي مقام ۽ منزلت تي فائز هجڻ سان گڏ، ماڻهن کي رشد ۽ هدايت به فرمائيندا هئا. (26)

3 ــ علي ابن جعفر ميناوي کين متوڪل قيد خاني ۾ وجهي ڇڏيو هو.

4 ــ ابن سڪيت: هي مشهور اديب  متوڪل جي هٿان شهيد ٿيو.

4 ــ زيارت جامعہ

امام هادي جي زنده جاويد يادگارن مان هڪ شيءِ ”زيارت جامعہ“ آهي. ”موسيٰ ابن عبدالله نخعي“ نالي هڪ شيعه جي درخواست تي پاڻ هن کي اها زيارت تعليم فرمائي هئائون. ولايت ۽ معرفت امام جي سلسلي ۾، شيعن جي زنده جاويد يادگارن مان هڪ ڇوليون هڻندڙ درياءُ ان ۾ موجود آهي. مرحوم شيخ صدوق جهڙي بزرگ ”من لا يحضره الفقيہ“ ۽ ”عيون اخبار الرضا“ ۾، مرحوم شيخ طوسي قدس سره، ”تهذيب الاحڪام“ ۾ انهيءَ زيارت کي نقل ڪيو آهي ۽ هاڻي تائين هن جون مختلف شرحون لکجي چڪيون آهن.

2 ــ ٻيون مؤقف

هن مؤقف جي وضاحت لاءِ به اسان چند مثال نموني خاطر بيان ڪنداسين.

1 ــ شيعن جي حمايت ۽ پشت پناهي

هن سلسلي ۾ امام جي ڪوشش هيءَ هئي ته هو پنهنجي دوستن جي معنوي ۽ اقتصادي مشڪلات ۾ مدد ڪري. مختلف علائقن مان خمس، زڪوات ۽ خراج جي جيڪا رقم امام وٽ پهچندي هئي. امام اها ماڻهن کي ڏيئي ڇڏيندا هئا ته جيئن اهي ماڻهو اها رقم پنهنجي ضرورتن کي پوري ڪرڻ ۾ خرچ ڪن. اصحابن مان ٽن ماڻهن کي نَوي هزار دينار ڏيڻ جو واقعو، جيڪو اسان مٿي بيان ڪري آيا آهيون، سو انهي ڳالهه جو واضح ثبوت آهي.  ايتري گهڻي رقم ڏيڻ حيرت ۾ وجهندڙ ڪارنامو آهي، جو ابن شهر آشوب هن واقعي کي لکڻ بعد لکن ٿا ايتري گهڻي رقم خرچ ڪرڻ صرف بادشاهن جو ڪم آهي ۽ هن وقت تائين ٻڌو ڪو نه ويو آهي جو ڪنهن اهڙي بخشش ڪئي هجي.

هن روايت مان جيڪي ڳالهيون نظر اچن  ٿيون. اهي هن شڪ جو ازالو ڪن ٿيون ته امام وڏي رقم پنهنجي اصحابن کي صرف ذاتي خرچ لاءِ ڏني هجي. رقم جي گهڻائي ٻن ماڻهن کي بغير ڪنهن ضرورت ۽ التجا جي ڏيڻ، اسان جي دعويٰ جي شاهدي پيش ڪري سگهي ٿي.

2 ــ اصحابن کي حڪومت جي شيطاني ڦندي ۾ ڦاسڻ کان روڪڻ ۽ انهن کي هدايت ڪرڻ. پنهنجي ڀاءُ کي متوڪل جي بزمِ شراب کان روڪڻ امام جي مؤقف جو وڏو واضح دليل آهي.[16]

پنهنجي پيروڪارن سان مسلسل تحريري رابطو رکڻ ۽ کين ضروري هدايتون ڏيندو رهڻ، ان ڏس ۾ هتي هڪ مثال ڏيون ٿا.

محمد ابن فرج رخجي کي اچڻ واري هڪ خطري کان آگاهه ڪندي لکن ٿا ته ”يَامُحَمَدُ اِجمَع اَمرَکَوَقد حَذَرَکَ“ پنهنجي ڪمن کي ختم ڪر ۽ هوشيار ٿي. محمد فرمائي ٿو ته مان امام جو مطلب ڪو نه سمجهي سگهيس. ايتري تائين جو خليفي جا مقرر ڪيل ماڻهو پهچي ويا ۽ مون کي گرفتار ڪري گهڻا ايذاءَ ڏيڻ کان پوءِ قيد ۾ وجهي ڇڏيائون ۽ مان اٺ سال قيد ۾ رهيس. (27) جيڪڏهن ابن فرج، امام جو مطلب سمجهي وڃي ها ته شايد انهيءِ خطري مان بچي وڃي ها.

 

شهادت

تمام پريشانين ۽ زيادتين جي باوجود  به امام بني عباس جي ظالمن سان معمولي سمجهوتي ڪرڻ تي راضي نه هئا. هيءَ ڳالهه عقل مطابق آهي ته امام جي الاهي شخصيت ۽ ان جي اجتماعي حيثيت  ۽ خليفن سان ان جو ناڪاري رويو. انهن ماڻهن يعني عباسي خليفن لاءِ خوف ۽ هراس کان محفوظ نه هئا. ان کانسواءِ وٽن ٻيو ڪو به چارو  ڪو نه هو ته، هو نورِ خدا کي خاموش ڪري ڇڏين ۽ امام کي قتل ڪري ڇڏين. تنهن ڪري ۳ رجب  سن ۲۵۶ هه ۾ 42 سالن جي عمر ۾، معتز جي خلافت جي زماني ۾ امام کي زهر ڏنو ويو ۽ سامرا ۾ ئي امام کي پنهنجي گهر ۾ ئي لحد حوالي ڪيو ويو. (28)

 

 

حوالا

1 ــ بحار ج 50 ص 114، 115 / مناقب ج 4 ص 401 / اعلام الوريٰ ص 355 / ارشاد ص 327 / انوار البهيہ ص 244.

2 ــ اثبات الهداة ج 6 ص 209.

3 ــ بحار ج 50 ص 118

4 ــ الفصول المهمہ ص 283 ــ 282.

5 ــ ائمتنا ج 2 ص 218 / ائمتنا ــ ليکڪ “دخيل“ نقل ورتل اصول ڪافي تان / تذڪرة الخواص ص 322.

6 ــ نور الابصار ص 277 / ائمتنا ــ ليکڪ “دخيل“ ج ص 218.

7 ــ مناقب ج 4 ص 409.

8 ــ بحار ج 50 ص 129 / انوار البهيہ ص 247.

9 ــ بحار ج 50 ص 175 / ڪشف الغمہ ج 3 ص 165 / نورالابصار شبلنجي ص 182 ــ 181 / الفصول المهمہ ــ ص 279 ــ 278 / الصواعق المحرقہ ــ ص 207 ــ 206 / انوار البهيہ ص 256 ــ 255.

10 ــ اعلام الوريٰ ص 361 ــ 360 / مناقب ج 4 ص 407 / بحار ج 50 ص 137 / انوار البهيھ ص 247.

11 ــ جبر ۽ تفويض جي مسئلي بابت وڌيڪ معلومات لاءِ امام جو خط ۽ سندن مناظرو جيڪي ڪتاب ”تحفة العقول“ جي ص 256 ــ 257 تان ڏسي سگهجن ٿا.

12 ــ مقاتل الطالبين ص 384 ــ 382.

13 ــ مقاتل الطالبين ص 424 ــ 420 / ڪامل ابن اثير ج 7 ص 130 ــ 126.

14 ــ مقاتل الطالبين ص 406 / ڪامل ابن اثير ج 7 ص 130، 248، 407 / مروج الذهب ج 4 ص 68.

15 ــ مقاتل الطالبين ص 406 / مروج الذهب ج 4 ص 69.

16 ــ تاريخ الخلفاء ص 351 ــ 350.

17 ــ تاريخ الخلفاء ص 347 / تاريخ ابوالفداءِ جُز ٻيون ص 38.

18 ــ تاريخ الخلفاء ص 348 / تاريخ ابوالفداءِ ج پهريون جز ٻيون ص 41 ــ 40.

19 ــ المختصر في اخبار البشر (معروف تاريخ ابي الفداءِ) ج پهريون جز ٻيون ص 38.

20 ــ بحار ج 50 ص 201 ــ 200 / ارشاد مفيد ص 322 / تذڪرة الخواص ص 322.

21 ــ الفصول المهمہ ص 281 ــ 280 / ارشاد مفيد ص 334 ــ 333 / تذڪرة الخواص ص 362 / انوار البهيہ ص 259 / بحار ج 50 ص 200.

22 ــ مروج الذهب ج 4 ص 84 / بحار ج 50 ص 217 / تذڪرة الخواص ص 332.

23 ــ مناقب ج 4 ص 407 /بحار 50 ص 172.

24 ــ مناقب ج 4 ص 415 ــ 414

25 ــ مناقب ج 4 ص 405 ــ 403 / بحار ج 50 ص 172 ــ 164.

26 ــ تنقيح المقال ج پهريون 329.

27 ــ اعلام الوريٰ ص 358/ مناقب ج 4 ص 414 / بحار ج 50 ص 140.

28 ــ اعلام الوريٰ ص 355 / ارشاد مفيد ص 334 / مناقب ج 4 ص 401 / بحار ج 50 ص 114 ــ 117.

 



[1] ”صريا“ مديني کان ٽن ميلن جي فاصلي تي هڪ ڳوٺ آهي، هي ڳوٺ موسيٰ ابن جعفر ٻڌرايو هو، ڏسو مناقب ج 4 ص 382 بحار ــ ج 50 ص 115 تي هن ڳوٺ کي ”صربا“ به لکيو ويو آهي.

[2] شيعہ راوين جي اصطلاح ۾ ”ابوالحسن اول“ معني ستون امام ۽ “ابوالحسن ثاني“ معني اٺون امام آهي.

[3] اُمِي عَارِفَةُ بِحَقِي وَهيَ مِن اَهلِ الجَنَةِ لاَيقرِبُهَا شَيطَانُ مَارِدُ وَلاَ يَنَا لُهَا کَيدُ جَبَارُ عَنِيدُ وَهِي مَکلُوئةُ بِعَينِ اللهِ اَلَتِي لاَتَنَامُ وَلاَ تَخلُفُ عَن اُمِهَاتِ الصِدِيقِينَ وَ الصَالِحِينَ. (سفينة البحار ــ ج 2 ص 240 / انوار البهيہ ص 245)

[4] ۽ شايد ان دور ۾ بني عباس جي ڇهن خليفن تائين جلد جلد هڪ ٻئي پٺيان خلافت پهچڻ جي سببن مان هڪ وڏو سبب اهوئي مسئلو هو. ۽ خلافت جي عهدي تي ٻين جي ڀيٽ ۾ متوڪل جي وڌيڪ رهڻ جو سبب اهو هو ته هو هڪ حد تائين قدرت کي پنهنجي هٿن ۾ رکڻ ۽ انهن ماڻهن جي اسيري کان پاڻ کي نجات ڏيارڻ ۾ سوڀارو ٿيو.

[5]     اَلَيسَ مِنَ العَجَائِبِ اِنَ مِثلِي                                                                              يَــرَيٰ مَاقَــــلَ مُمتَنِعــــا عَــلَيـھِ

                              وَتُوخَذُ بِــاِسمِھِ الدُنيَا جَمِيعاً                                                                 وَمَا مِن ذَاکَ شَيسيءُ  فِي يَدَيھِ

                              اِلَــيـھِ يُـحـمَـلُ الَـمــوَالُ طُــراً                                                               وَيَمنَعُ بَعضَ مَــا يَجِسيءُ اِلَـيھِ

[6] خَلِيفَةُ فِي قَفَسِ بَينَ وَصِيفِ وَبَغَاءِ يَقُولُ مَاقَالاَ لَھُ کَمَا يَقُولُ البَغَاءُ.  (مروج الذهب ــ ج 4 ص 61)

  [7] بَــاللهِ اِن کَانَــتُ اُمَــيَــھُ قَــداَتَت                                                                             قَتَلَ بنَ بِنتِ نَبِيِهَا مَظلُوماً

                      فَــلَــقَــد اَتَاهُ بَنُواَبِــيــھِ بِــمـثلِــھِ                                                             هٰذالَعُمرِي قَبرُهُ مَــهـدُومــاً

                       اَسَفُوا عَليٰ اَن لاَيَکُونُو اشَارَکُوا                                                                          فِي قَتلِـھِ فَتَتَبِعُوهُ رَسِيــمــاً

[8] ابوالفداءِ پنهنجي تاريخ ۾ ابن سڪيت جوبيان هن ريت لکيو آهي، ”قنبر توکان ۽ تنهنجي ٻنهي پٽن کان وڌيڪ مون کي پيارو آهي.“

[9] امام کي سامرا آڻڻ واري تاريخ ۾ اختلاف آهي، مرحوم مفيد پنهنجي ڪتاب ”ارشاد“ ۾ امام ڏانهن متوڪل جي خط لکڻ جي تاريخ جمادالآخر سن ۲۴۳ هه  لکي آهي. ڏسو، ارشاد ص 333 ــ پر مناقب ــ ج 4 ص 401 تي ۽ ٻين ڪتابن  ۾ سامرا ۾ امام جي مُدت ويهه سال لکيل آهي.  جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته امام جي سامرا وڃڻ جي تاريخ اهائي ۲۳۴ هه آهي. شيخ مفيد واري ڏنل سال جي صحيح نه هجڻ لاءِ هڪ ٻيو نڪتواهو به آهي ته اهو ٿي نه ٿو سگهي ته ڪو متوڪل، امام جي فعاليت کان يارهن سالن غافل رهيو هجي ۽ ڪا پرواهه ئي نه هجيس.

[10] امام جو اهو سفر مرضي سان نه هو بلڪه زور زبردستي ڪري ڪيائون. ان جو دليل پاڻ سندن قول آهي، فرمايائون  ته ”مون کي مديني کان سامرا زبردستي آندو ويو آهي.“

[11] جيئن ته اهو گهر جتي امام هادي ۽ کانئن پوءِ امام حسن عسڪري3 کي نظربند ڪيو ويو هو. عباسي لشڪر گاهه وٽ هو، ان ڪري مذڪور محلي کي عسڪر محلو چوندا هئا. ان سبب اهي ٻئي امام ”عسڪرين“ جي نالي سان مشهور ٿيا.

[12] اِن کَانَ لَکَ فِي الحَرَمَينِ حَاجَة فَـــاَخرِج عَلِيَ بنِ مُحَمَدِ مِنهَا فَاِنَھُ قَد دَعَاالنَاسَ اِليٰ نَفسِھ وَاتَبَعَھُ خَلقُ کَثِيرُ.

                                                                                                                                                                 (بحار ــ ج 5 ص 209 / سيرة الآئمہ الاثنيٰ عشر ــ ج 2 ص 485)

[13] امام جيڪي شعر پڙهيا، تن مان ڪجهه هتي ڏيون ٿا.

 

[14] واقفي اهي آهن جن  موسيٰ ابن جعفر جي امامت کي مڃيو ۽ اڳتي نه وڌيا ۽ امام علي نقي جو امامت کي قبول نه ڪيائون. سندن عقيدو هو ته موسيٰ ابن جعفر جو انتقال نه ٿيو آهي. بلڪه هو نظرن کان غائب ٿي ويا ۽ هڪ ڏينهن ظهور ڪندا.

[15] ابن سڪيت جيتوڻيڪ دل سان شيعو هو پر ڇاڪاڻ ته هو متوڪل جي ٻارن کي پڙهائيندو به هو ۽ شايد هو پنهنجي عقيدي کي لڪائيندو به هو ۽ ان ڪري هن يحيٰ بن اڪثم کي ان ڳالهه تي آماده ڪيو ته هو امام کان سوال پُڇي.

[16] ان واقعي جو خلاصو هن ريت آهي ته جڏهن متوڪل امام هادي کي لهو ۽ لعب ۽ عيش ۽ عشرت جي محفلن ۾ آڻي نه سگهيو ته ڪن ماڻهن جي صلاح تي هن سندن ڀاءُ موسيٰ کي پنهنجي محفل ۾ دعوت ڏيڻ جو ارادو ڪيو. ۽ اهو ڏيکارڻ جي لاءِ ته امام رضا3 جو پوٽو (موسيٰ) سندس دسترخاني تي ويٺو آهي. امام هادي جي شخصيت ۽ حيثيت کي ٽِڪو لائڻ ٿي چاهيائين. موسيٰ سندس ڪانڍ تي سامرا پهتو. عيش عشرت جو سامان اڳ۾ ئي تيار ڪري رکيو ويو هو. جيڪي ماڻهو اڳواٽ ئي تيار ڪيا ويا هئا اهي سندن ڀليڪار لاءِ پهتا. امام به ساڻن گڏ اوڏانهن اسهيا. ۽ پهرين ملاقات ۾ پاڻ پنهنجي ڀاءُ کي متوڪل جي سٽيل خيانت آميز سٽ ۾ ڦاسندو ڏسي کين ان محفل ۾ شرڪت ڪرڻ کان جهليو. پر موسيٰ، امام جي نصيحت جو ڪو به اثر نه ورتو. امام جڏهن محسوس ڪيو ته پاڻ نهايت يقين سان چيائون: توکي متوڪل جي محفل ۾ شرڪت ڪرڻ جو وَجهه ئي نه ملندو. نيٺ اهو ئي ٿيو جيئن امام جن فرمايو هو.  (ارشاد مفيد ــ ص 332 ــ 331 / مناقب ــ ج 4 ص 41 ــ 419 / بحار ــ ج 50 ص 158.)

ڀلي ڪري آيا


اسان جا سوشل ميڊيا جا صفحه پسند ڪريو.
رابطو ڪريو

© سڀ حق ۽ واسطا صراط المستقيم وٽ محفوظ آهن