روزانه حديث:
حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام فرمايو حيا، ايمان جو حصو آهي ۽ ايمان (جو مقام) بهشت آهي، بي حيائي ظلم و جفا (جو مقام) جهنم آهي. (ڪتاب ميزان الحڪمت جلد 2 حديث نمبر 4562 )
نيوز ليٽر
اسان جو نيوز ليٽر حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اي ميل ايڊريس ڏيو.
اسلامي فلم سيڪشن

وجود خدا
what is hiv positive hiv aids test hiv positive symptoms


الله تعالى جو وجود.

الله تعالى جي وجود کي حواس خمسه ذريعي محسوس نه ٿو ڪري سگهجي، البت عقل سندس اثرات کي ڏسي الله تعالى جي وجود کي ثابت ڪري ٿو. اهڙي قسم جو هڪ عقلي دليل اسان هتي بيان ڪريون ٿا.

ڪائنات جو مشاهدو.

جڏهن اسان ڪائنات جو مشاهدو ڪندا سين ته نظر ايندو ته ان جي هر شيءِ مرڪب آهن، يعني ڪجھ جزن سان ملي ٺهن ٿا. ايستائين جو مادي جو انتهائي ننڍو ايٽم پڻ ڪجھ حصن تي مشتمل آهي.

عقلي قاعدو

انسان جو فطري عقل فيصلو ٿو ڪري ته :

مرڪب ازلي نٿو ٿي سگهي

مثال:

·        شربت، کنڊ ۽ پاڻيءَ جو مرڪب آهي، انڪري ازلي نٿو ٿي سگهي، ڇو ته اڳ ۾ انجا جزا هجن پوءِ اهي ملن ته شربت ٺهي.

·        پاڻي، آڪسيجن ۽ هائڊروجن جو مرڪب آهي، انڪري ازلي ناهي، ڇو ته اڳ ۾ انجا جزا هجن پوءِ اهي ملن ته پاڻي ٺهن.

·        قميص ڪپڙي جي ٽڪڙن جو مجموعو آهي، انڪري ازلي ناهي، ڇو ته اڳ ۾ ان جا جزا هجن پوءِ اهي ڳنڍجن ته قميص ٺهي.

جيڪڏهن ڪير  چوي ته شربت پاڻي ۽ قميص ازلي آهي ته ڪو به عقلمند ان کي قبول نه ڪندو.

هاڻي اسان ڪائناتي مشاهدي ۽ ان عقلي قاعدي کي ملايون ٿا:

 

مشاهدو:                             ڪائنات مرڪب آهي.

عقلي قاعدو:              مرڪب ازلي ناهي.

نتيجو:                     ڪائنات ازلي ناهي.

ان مان ثابت ٿيو ته ڪائنات نه هئي، پوءِ موجود ٿي آهي، يعني حادثآهي..........................(1)

مٿئين بحث مان اسان جنهن عقلي نتيجي تي پهتا آهيون انکي وري هڪ ٻئي يقيني عقلي قاعدي سان ملايون ٿا:

ٻيو عقلي قاعدو:

عقل فيصلو ڪري ٿو ته:

جيڪا شيءِ نه هجي ته اها وجود ۾ اچڻ لاءِ، وجود عطا ڪندڙ جي محتاج آهي.

ان قاعدي جي مختصر لفظن ۾ هن طرح بيان ڪري سگهون ٿا ته:

حادث، خالق جو محتاح آهي ..........................................(2)

 

ان عقلي قاعدي کي سمجھڻ لاءِ مثال؛

 

·        گھر مان نڪرندڙ دونهين کي ڏسي هر ڪو ماڻهون يقين سان چوندو ته گھر ۾ باه پئي ٻري.

·        رستي تي پيرن جا نشان ڏسي پڪ ٿيندي آهي ته هتان ڪير گذريو آهي..

·        هلندڙ ڪار ۽ سائيڪل ڏسي يقين ٿيندو آهي ته انهن کي ڪنهن نه ڪنهن ٺاهيو آهي.


جيڪڏهن ڪير چوي ته گهر مان دونهون باه کانسواءِ پيو نڪري، رستي تي پيرن جا نشان پاڻ ئي ٺهي ويا آهن ۽ ڪار ۽ سائيڪل جو ڪو به ٺاهيندڙ ناهي ته هر ڪو ان کي بي عقل چوندو.

 

الله تعالى جي وجود تي دليل.

اعتراض 1.

جيڪڏهن الله موجود آهي ته اسان کي ڏيکاريو، جيڪا شيءِ نظر نه اچي، ان کي اسان ڪيئن ڪڃون؟

جواب.

اسان پنهنجي زندگيءِ ۾ ڪيترن ئي اهڙين شين کي تسليم ڪندا آهيون، جيڪي حواس خمسه (ڏسڻ، ٻڌڻ، چکڻ،سنگھڻ ۽ ڇهڻ) ۾ نٿيون اچن، مثال طور؛ عقل، خوف،خوشي، غم ۽ نفرت وغيره.

          اهي شيون موجود آهن پر حواس خمسه ۾ نٿيون اچن، البت سندن اثرات کي ڏسي عقل سندن موجودگيءِ جي خبر ڏئي ٿو. اهڙي طرح الله تعالى به موجود آهي، پر حواس خمسه ۾ نٿو اچي، البت اثرات کي ڏسي، عقل سندس وجود کي ثابت ڪري ٿو.

اعتراض 2.

جيڪڏهن هر شيءِ، خالق جي محتاج آهي، ته پوءِ الله تعالى جو خالق ڪير آهي؟

جواب.

عقل اهو فيصلو نه ٿو ڪري ته هر شيءِ خالق جي محتاج آهي، بلڪ عقل چوي ٿو ته جيڪا شيءِ نه هجي پوءِ موجود ٿئي ته ان لاءِ خالق ضروري آهي. انڪري جيڪا شيءِ نه هجڻ مان موجود نه هجي، بلڪ هميشه موجود  هجي ته ان کي خالق جي ڪا ضرورت ناهي.

الله تعالى هڪ اهڙو موجود آهي، جنهن جو وجود هن جو پنهنجو آهي، ڪنهن ٻئي هن کي وجود نه ڏنو آهي، انڪري هميشه موجود آهي ۽ هن کي ڪنهن خالق جي ضرورت ناهي.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ڀلي ڪري آيا


اسان جا سوشل ميڊيا جا صفحه پسند ڪريو.
رابطو ڪريو

© سڀ حق ۽ واسطا صراط المستقيم وٽ محفوظ آهن